سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گلدستهء قليچ

صفحو :7

 

ڪافي (30)

 

سُر پيلو: فاني دنيا

 

ٿل- ڪر ڌيان دنيا آهي فاني، ڪنهن سان نه نباهي جاني.

 

ٿيا سوين سڪندر دارا، جن چوڙيا تخت هزارا

وهه واهه وڄائي وارا، سڀ خان ڇڏي ويا خاني.

 

هت دولهه در يگانا، ٿيا خاڪ اندر پنهانان

ڪئين رستم شير شهانا،ڪئين يوسف ماهه ڪنعاني.

 

هت نبي ولي لک آيا، جي عرب عجم نت ڳايا

سي گهوٽ اجل سڀ گهايا، سي سورهيه سڀ سلطاني.

 

سا سرڪ چکائين ساقي، جنهن فائق ڪيا به فراقي

ٻي بات رهي نه باقي، ري نيڪيءَ ڪا نشاني.

 

ڪيئي ڪانه ”قليچ“ ڪمائي، سڀ سوديئي حرص هوائي

اها آندئي عمر اجائي، نادان ڪيئي ناداني.

 

*

 

ڪافي (31)

 

سُر ڀيروي: دل جو چور

 

ٿل- وئين رات دلبر دلڙي چورائي

ڏيان ٿو وڃي آئون عريضي لکائي

 

فرياد ڏيندس آئون فوجداري

ڪورٽ مان ٿيندئي وارنٽ جاري

ٿاڻي ۾ نيندِئي هٿڪڙيون پائي

 

گهلي آڻيندئي جيلئون سپاهي،

روئي اکيون ڏينديون توتي گواهي

جوڌؤن جگر ايندو رت وهائي

 

عشق وارن جا اظهار ٿيندا،

ڏيئي ثابتي توتي تهمت ڌريندا

ڏيندئي سزا نيٺ قلم لڳائي

 

نه ته ڪر اچي هاڻ پرچاءِ جاني،

ڏي دل وري سهڻا آڻي اماڻي

قربؤن ”قليچ“ جا ڦٽڙا ڇٽائي

 

*

 

 

بيت يا ڪافي (32)

 

سسئَيءَ جا ورلاپ

 

[1]

اديون اڃا ڪالهه، هيس هوت پنهونءَ سان

سرڪي پيتم سور جي، وٺي منجهه وصال

ڏيرن جي ڏکيءَ کي، نڪا سڌ سنڀال

ماري ويا مٺيءَ کي، وجهي جيءَ جنجال

هئي منهنجي حال، هوت وڃايم هنج مان

 

[2]

مادر هئا مهمان، ڪالهه مون وٽ سپرين

سهسين ڪيم تن لاءِ، صحبت جا سامان

وعدا ڏنئون وصل جا، اپر ڪيئون احسان

هتي مي مجاز جي، نهوڙيس ندان

اشارا عجيب جا، سمجهي سگهيس آئون نه

ڪل پئي مون ڪانه، هوت وڃايم هنج مان

 

[3]
ڪيڏانهن وڃان ماءَ، پسان ڪيئن پنهونءَ کي

حبيبن جي هجر ۾، سوريءَ چکيم ساءُ

امڙ اوري آءُ، هوت وڃايم هنج مان

 

[4]

وسي جي نه وسي، ڇا هي مون ڀنڀور ۾

هيڻي حبيبن ري، پٽيءَ ڪين پسي

اکين کي عجيب ري، راحت ڪانه رسي

پتو ڄام پنهونءَ جو، ڏونگر ڪونه ڏسي

ويو ڪير کسي، هوت منهنجي هنج مان

 

[5]

جت زوراور ذات، ماري ويا مسڪين کي

اُڏائي ويا اوچتو، آريءَ کي اڌ رات

ننڊ ۾ ندوريءَ کي، ماري ڪيائون مات

ووءِ ووءِ وائي وات، هوت وڃايم هنج مان

 

[6]

هوت وڃائي هنج مان، رلي ڦري روهه

پهچائي پنهونءَ وٽ، سائين تنهنجو توهه

ڪچو آئون ڪوٺيان، ڪيچ ڌڻين کي ڪوهه

ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، امر الاهي آيو

 

[7]

جڏهن هئا هاڻ، هوت منهنجيءَ هنج ۾

سوين قرب ڪٺيءَ سان، قريبن ڪيا

وعدن سان وصال جي، دل جا درد نيا

وري نيٺ ويا، ڏئي موت مٺيءَ کي


[8]

جڏهن هئا هاڻ، هوت منهنجي هنج ۾

گهوري ميس ڪينڪي، تڏهن تنهين ڪاڻ

سمجهيم ڪين سکن مان، اديون آئون اڻڄاڻ

ڀانيم نيندا ساڻ، پر ڇڏي ويا ڇوري ڪري

 

[9]

آءُ عزرائيل، ڀلي ڪري ڀائيا

تو لئي نهاريم گهڻو، ساري سڀ سبيل

هرگز توسان هلڻ ۾، هلايان نه حيل

ڪوڙا هت هئڻ جا، دوستن ري دليل

سائين رکندو سيل، نئي ته نبيرو ٿئي

 

[10]

آءُ وير وريام، ڀلي ائين ڀائيا

هلايم توڏي گهڻا، پرت جا پيغام

اچڻ جا عجيب سان، ڪيم اصل ۾ انجام

سائينءَ سندي نام، نئي ته نبيرو ٿئي

 

[11]

آءُ ولهن جا ويڄ، ڀلي آئين ڀائيا

نيڻ نهارين پرت مان، تولاءِ ڀنيءَ ڀيڄ

سڄڻ ڌاران سيج، ڪٺي ماڻي ڪين ڪي

 

[12]

اِجهي ڙي اِجهي، سڄر پير پنهونءَ جا

هتان نيو زور سان، جتن جانب کي

محبن ري مسڪين جو، هڏ نه ساهه سري

ڪهان ڪيچين ڏي، ڪري بس ڀنڀور کان

 

[13]

پون پلپل پور، ندوريءَ کي نينهن جا

صحبت سپرين جي، ڏنم سهسين سور

ڏوريان ڏوريان نه لهان، ڏونگر ٿيا ڏور

هاڻي ڪنهن دستور، ملان محبوبن کي

 

[14]

حسن هوت پنهون جو، جيڏيون ڏٺوَ جي

ڳوڙها ڳلن ڳاڙيو، حال منهنجي تي

ڪٺي ڪئن ڪري، لکيو لوڙڻ آئيو

 

[15]

ادا ڙي پانڌي، لي خبر ڪا ڪيچ ڏي

چئج هوت پنهونءَ کي، آئون تولاءِ در ماندي

رڙهندي وتان رند سان، آئون برهه باندي

هيڪر هيڪاندي، مولا شال مونکي ڪندو

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org