سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلاسيڪي شاعري

صفحو :2

 

ميان لطف الله قادري

ميان لطف الله قادري ( ولادت :1020هه مطابق 1611ع وفات، 1090هه مطابق 1679ع) اگهم ڪوٽ جو ويٺل هو، تعليم به اتي ورتائين. وڏو عالم ۽ صوفي ۽ پنهنجي وقت جو وڏو شاعر هو. حق ۽ سچائي جي تلاش سندس شاعري جو  موضوع آهي. سندس تصنيفن مان سنڌي رسالو  ”تحفة السالڪين “ ۽ ” منهاج المعرفت “ مشهور آهن.

بيت

 

پيهي ويا پاتار ۾ منجهان منجهه ٿيون

جتي تانگهه نه تڪيو پير تتهين  پيون

_______

تنهن اونهائي انت ناهه ڪو سير جو سندون

آهي پنڌ اهون جنهن پر پروجهڻ ناهه ڪا

_____

مئي متي مهراڻ ۾ هي جي پاڻ وجهن

نه سي اوري نه پري اوءِ اندر وهه وڃن

تن منجها منجهه تڪيا اوءِ منجهان منجهه رهن

سي پيٺا تت وڃن ناهه نهايت جنهن جي

_____

ساهه ۾ سارين سپرين پساهه ۾ پسن

هردم حضور جن کي سي ڪيئن رڃ رهن

اوءِ وري ڪن نه آسرو تاڻئو توڙ وڃن

وادي تهن رهن ڳجهائين ڳجهه جا

_____

جي ذات گڏي ذات کي ته لهي نه سگهي ڪو

سي ئي پاڻ کوهرين سوئي سمنڊين هوءِ

سوئي وهي واهڙين سوئي دريائين پوءِ

آهي مڙوئي هيڪڙو جي پروڙي ڪوءِ

_____

نه ڪو عرش نه ڪرسي نڪو ڏينهن نه رات

نه ڪو اسم نه جسم ڪو نه ڪا طلب نه تات

نه ڪو قال نه قيل ڪي نه ڪا وائي وات

سڀ هيڪڙي ذات ٻيائي ٻڙو ناه ڪو

_____

پاڻهي پاڻ رهيو سو وئا سڀئي شڪ

نه ماڻهون نه مرون ڪي نڪي رهئا ملڪ

ڦوٽا سڀ ڦسي وئا ٿي وچان لِڪ

سو سيڪڙو سا سڪ ڳالهه مڙوئي هيڪڙي

_____

جا تو دوئي ڀانئي اي مڙوئي مطلق

سي پسن ڪين پرينءَ ري حاصل جنين حق

جنين سمجهيو ايءُ سبق تن ڪين ڏٺو ڪي ٻئو

_____

سوئي پانڌي پنڌ سو سائي راهه سو رند

سو ئي مڪان مڪين سو سوئي حضور سو هنڌ

سوئي بحر بر سو سو ئي شهر سو سنڌ

سوئي ساٿي سونهون سو سوئي اُچيندڙ پنڌ

جنين آ اُڪنڊ تن پاڻهئي پروڙئو

_____

سوئي عاشق عشق سوئي عارف عرفان

سوئي ساهه سرير جو سوئي رب رحمان

سوئي حاڪم حڪومت سا سوئي سو سلطان

سوئي ماڳ مڪان پيهي پروڙج ڳالهڙي

_____

حسن حبيبن جو پسين جي هيڪار

ته توکي سڀ ڄمار وڃي اڃ ورهن جي.

_____

سڪ تنهنجي سپرين ڪيئن لهندي مون

هينئڙي اندر تون جي جاڳان جي سمهان

_____

ڪين جنين جو تڪيو حجت جنين حرام

سي سامي گڏئا سبحان کي ڇني سڱ تمام

ان آديسين سين غلام پاڻهي پرچو پاڻهي

_____

حقيقت ۾ حل ٿئا ڪهن ڪون ڪلام

پيتائون پُر ڪري سندو وحدت جام

اچي رهيو روح ۾ تن آديسين علام

تهان پوءِ تمام ان تڪيا تاري ڇڏئا

_____

سنجهي سُڪا ٽڪرا پرهه پاروٿو ڀت

او لُوٺائي سبحان جي سونهن وڃايائون ست

سندو آديسين انت الله ريءَ ڪير لهي

 

شاهه عنايت رضوي

شاهه عنايت رضوي نصرپوري: [ولادت 1030 هه ڌاري وفات 1120 هه کان 1125 هه ڌاري] شاهه خيرالدين پراڻي سکر واري جو مريد هو. هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي. بيت ۽ وائي جو وڏو شاعر هئو. سندس ڪلام ۾ سڪ سوز ۽ معرفت جو ذڪر آهي. هو شاهه عبدالطيف ڀٽائي کان عمر ۾ وڏو هو ۽ ٻنهي بزرگن جو هڪ ٻئي سان ويجهو تعلق هو.

 

بيت

 

سائر لهريون ريج وڻ جيئن سي پکين پک

وڏا وڻ ويڙهين ۾ ڪير ڳڻيندو ڪک

اونهو ڏيهه عظيم جو پيم تان نه پرک

تهان مٿي لک آءُ ڀال ڀلي جا ڀانئيان

_____

مڇڻ روئين رت پاڻي ڳاڙم پڌرو

اولي اورَ عنائت چئي سڪڻ اي شرط

وحدت گڏئو وت مڇڻ خبر ٿئي کرن کي

_____

پيالي پرينءَ جي مون کي پُر ڪيو

ساقي ان شراب مان ڀري ڏي ٻيو

گهمان مست ٿيو اڳيان در دوست جي

_____

تارا اوتارا ونيون وڇاڻو پرينءَ جو

سي ئي اڱڻ آئيا جي جيءَ جا جيارا

پسي پيارا اکين آسون پنيون

_____

ڪتيون رتيون پاڻ ۾ منجهن ناهه کپت

سئو سڀئي سيد چئي تنين ڪنان مت

ڳوڙهيون ڳوڙهي ڀت هميشہ هيڪانديون

_____

نو نو نير نهرا پيرين پينڌ پنجاهه

آڪڙئو اڪن تي ڏئي ليوئي لاهه

جنهن کي سنئين ناهه صلاح سوهاڙيو تون هٿ ڏئين

_____

اٺ اڻاسو ٿو گهمي تو ٿوهي ۾ ٿاڻو

جت سجهي ٿو جوءِ ۾ جنهن جو گهمي ٿو گهاڻو

تاڙ هڻندئي تڪڙي ڪندئي سرواڻ سياڻو

منزل اتي مهري تون ميا ڇڏ ماڻو

آڏوئي عنائت چئي ٿيندين نماڻو

جو لس چنئي لاڻو سان ويل ويندئي وسري

_____

ڪاتب ٿا لکن متان ڪا خطا ڀرين

ننڍي وڏي ڳالهڙي جوڙيو جمع ڪن

تون پاڙيسي تن جي حرف نه ڇڏن هيڪڙو

_____

مس گهڻي ڪر ڪاغذ گهڻو لکڻ لک هزار

آءُ ڪيئن آڇيان عام کي پرين تنهنجا پار

تنهنجي تهان ڌار آءُ ڪتابن ڪن ڏيان

_____

سڏي پاڻ سڄو ڪري عشق نه ڪري اڌ

ايءَ تان سائر سڌ ڪئي جا قوال سين

_____

ويهي وجهه مَ وير هل ته هيڪاندي ٿئين

دل ۾ دور مَ آڻ تون سندو ڦرڻ ڦير،

پر جي لهين نه پير ته به راحت آهي رڙهڻ ۾

_____

چرخو ائين چور جيئن ڀون ڀڻڪو نه سڻي

آڌي جو عنائت چئي اٿي آتڻ اور

تهان پوءِ تور ته تنهنجو سٽ برابر سون ٿئي.

 

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org