سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلاسيڪي شاعري

صفحو :4

 

روحل فقير

 

روُح الله (روحل ) فقير ولد شاهو خان زنگيجو: (ولادت سنه 34 يا 1733ع وفات 1804ع) پنهنجي زماني جو هڪ اهل دل درويش ۽ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس اصل ڳوٺ عمر ڪوٽ جي ڀرسان هڪ ڀٽ تي هو. ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ توشاخاني جو ناظر هو. شاهي درٻار ۾ سازشون ڏسي دنيا تان دل کڄي ويس ۽ نوڪري ڇڏي جهوڪ ميرانپور ۾ وڃي مخدوم عزت الله جو مريد ٿيو. مير سهراب خان کيس ڪوٽلي جي ڳوٺ ۾ رهايو، جتي ڪجهه وقت رهي موجوده ڪنڊڙيءَ جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺو. اتي ئي وفات ڪيائين. روحل فقير وڏو عالم هو. سندس ڪلام ۾ قلب جي صفائي، اخلاق جي عظمت ۽ حقيقي محبت جي ترجماني ملي ٿي. سندس تصنيفن مان سنڌي، سرائڪيءَ ۾ بيت ۽ ڪافيون موجود آهن. پاڻ هندي زبان ۾ به شعر چيو اٿس

 

بيت

 

جي صحيح سڃاڻي پاڻ اٿئي قيمت سندو قطرو

ڪوري ڪڍ قلوب مان مدائي جو ماڻ

پري نهارڻ پرِکي سندو ڄٽن ڄاڻ

نه ته سائين توسين ساڻ راتيان ڏينهن روحل چوي

_____

پڙهڻ پرجهڻ پاڻ ۾ وڏو فرق ڦير

ڪاڏي منهن محبوب جو ڪاڏي اکر اير

ساڻ سهاڻي سچ جي ڇا موافق ٿيندو مير

جن صحيح سڃاتو پير روحل رات نه تن کي

_____

نه مون جن نه ڪن اچي عشق اٿاريو اوچتو

روحل چوي روح ۾ محبت محبوبن

سيئي سڄڻ آئيا تات جنين جي تن

جيءَ جڙ لڳي جن سي سائين ميڙيا سپرين

_____

پنهنجون اکيون پاڻ ۾ جوڙي رکيون جن

سي سوُ ڀيرا ساعت ۾ ٿا پلپل پرين پسن

تن تحصيلون تمام ڪيون محبت جنين جي من

روحل مٿئون تن لٿا حرف حساب جا

_____

نو نشانيون نور جون عاشقن آهين

هڪڙو ويهن واٽن تي ٻيو کائڻ نه کائين

ٽيون سر سڀ ڪنهن اڳيان ٿا نميو نوائين

چوٿون ٻڌي ڪنن سان وري نه ورجائين

پنجون پهه پرين سان ٿا پڪو پچائين

ڇهون ڪڇن ڪين ڪي ٿا ناتو نباهين

ستون سڪ سڄڻن جي ٿا لنؤ لنؤ لڳائين

اٺون ڳالهه عجيب جي ٿا واري ورجائين

نائون ننڊ نيڻن کي ٿا جودئون جاڳائين

تڏهن سيبائين روحل روساڻي درٻار ۾

_____

نڪا سڪ سمهڻ ۾ نڪو جاڳڻ ۾ جَس

نڪي خير کلڻ ۾ نڪي روئڻ ۾ رس

ذاتي ذڪر رباني اهو به اوري ڏس

من جو مرشد پس ته روحل ملين روح الله سان

_____

ٽٻي ڏيئي پاڻ ۾ پسان جان پيهي

نڪو ملڪ نڪا خلق نڪي آ سيئي

اسين ڳوليون جن کي سي پڻ اسيئي

ٻي وائي ويئي روحل هونگ پرينءَ جي هڪڙي

_____

جي ڀانئين جوڳي ٿيان ڇڏ جيئڻ هي جنجال

ڪارڻ قوت قرار جي هٿئون ڏيئن حال

راتيان ڏينهان روح ۾ خام ڳڻين ٿو خيال

اڄ سڀاڻي ڪنڌ تي ڪڙڪي ايندئي ڪال

هي مڏيون هي مال ڪم نه ايندئي ڪڏهين

 

ڪافي

 

سڄڻ مون پاڻ پرکيو رهيو اندر روح

رهيو اندر روح سنئيان سنجهه صبوح

اڇو ڪنديس آن جيان تاري مٿان توهه

منهنجو من مٺي پيو ڇڏي کارا کوهه

وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي پريان جي پاٻوهه

سينگارينديس سنگ جان ڏيئي روغن روح

روحل رتو رنگ ۾ ويٺو ڪري وروهه

 

ڪافي

 

پوءِ پروڙيم پنڌوو جيجان جوڳيئڙن جو

نڪي ڊاهي  هليا نڪي جوڙيائون هنڌ وؤ

نڪي وڄائن مرليون نڪي چوريائون چنگ وؤ

نڪي ڌوتائون ڌوتيون نڪي ڌوتائون لنگ وؤ

نانگا نڪتا ننگ مئون تن نانگن ڪهـڙو ننگ وؤ

لڳو لاهوتين جو روحل توکي رنگ وؤ

 

ڪافي

سانول تنهنجي سڪ ڏاڍي شهر ڀنڀور ۾

ڳجهيون ڳالهڙيون شهر ڀنڀور جون لوڪئون ڪري لِڪ لِڪ

راتيان ڏينهان روح ۾ چولي ڪيو چِڪ چِڪ

سر ڏئي سرڪي سي پين وٽي ءَ ۾ پِڪ پِڪ

روحل روح الله سان وڃي ٿيو هڪ هڪ

 

 

سچل سرمت

حافظ  ميان عبدالوهاب عرف سچل سرمست ولد ميان صلاح الدين فاروقي درازي: (ولادت 1739ع- وفات 1826ع) درازي درويشن ۾ سچل سائين هڪ وڏو ولي ۽ باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. هو پنهنجي  وقت جو وڏو عالم ۽ فيض وارو فقير هو. پنهنجي چاچي ۽ مرشد ميان عبدالحق جو خليفو هو ۽ درگاهه جو سارو ڪاروبار سندس ذمي هوندو هو. سنڌي، سرائڪي، ريختي ۽ فارسي کان سواءِ به ٻين زبانن ۾ سندس گهڻيون ئي تصنيفون موجود آهن. سچل سائين جو ڪلام رندي ۽ بيباڪي جو آئينو آهي.

 

بيت

 

اول گمراهي آهه زباني راهه ۾

تهان پوءِ همراهي آهي، هدايت جي

_____

جي مڃن ٿا آدمي سي نه مڃان مان

”سچو“ آهيان آءُ جو ٻانهو ٻئي جو نه ٿيان

_____

حدين وڃي هرڪو لاحد وڃي پير

”سچو“ سو فقير جو حد لاحد لنگهي وڃي

_____

جهڙو ڀانيم پاڻ کي تهڙو آهيان آءُ

باقي رهيو نانءُ ”سچو“ مون صاحب جو

_____

مون ۾ آهين تون تو ۾ آهيان مان

بجلي بادل سان آهي جيئن سپرين

_____

قوس قزح ڪمان ابرو عجيبن جا

ضرب ظلم جي زور سان اڇلن اَلامان

سل هڻن ٿا سيني ۾ پنبڻين جا پيڪان

نيزا نينهن نشان ”سچل“ سر سهائيا

_____

مور نه محبت کان مڙان هتي اچي هاڻ

ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ ڳئون چاريندس ڳوٺ جون

_____

ڪجا ڪج محراب منهن تي محبوبن جا

ڏنگا ونگا واهه واهه مصحف جا اعراب

سٽون سيپارن جون پڙهڻ ٿيون ثواب

برهه سندا باب ”سچل“ سڀ ختم ڪيا

_____

چالي چشم چٽڪ ماريو محبوبن جي

قاتل فوج حسن جي آئي ڪاهون ڪاهه ڪٽڪ

اچي وڌائون اوچتو سيني سيف سٽڪ

عاشق ٽپي آئيا اٽڪ جي اٽڪ

اچي پيا وچ ۾ ٻٽڪو ڪري ٻٽڪ

جهٽ پٽ ۾ جهٽڪ سر ڏنائون سٽ ۾

_____

ڇٻيلن ڇلا مُو پکيڙيا منهن تي

نيم شبي مهتاب جان منهن ٻرن مشعلا

تاريڪي ۾ تيجارا تِکا تجلا

عاشق اُت اجهلا سر ڏين ٿا سٽ ۾

_____

مُو پکيڙيا منهن تي ڇٻيلن ڇلا

سنبل ڄڻ ڪي سلا صبح ڪڍيا ساجهري

_____

قطرا آب عرق سونهن سڄڻ منهن تي

جرڪن جهلڪن ٿا ائين جيئن پني ماڪ مرڪ

داڻا ڪن درڪ دل ۾ درديلن جي

_____

ابرو ڪنڍ قريب جا وار ڪنڍا ڪارا

اکيون ڪنڍيون عجيب جون ماڻڪ موچارا

محرابي مرغول ڪنڍا پيشاني پارا

مٺا موچارا سدا منهنجا سپرين

_____

ڪوئي خيال نه هوم هيس هيڪاندي مارئي

تان هي قدر پيوم جان جو وڇڙيس ويڙهه کان

_____

جارئون لکيم جو ڪاغذ قريبن ڏي

حقيقت جا حال جي واچڻ ويٺو ڪو

پڙهندي پنو سو تنهن کي آنديون آئيون

_____

مصحف پاڪ چوان منهڙو محبوبن جو

آيتون منجهه عشق جون مطالع ڪيان

قاري اچي ڪو پڙهي هجي هيءَ روان

حرف سڀ سنوان ڏنگو ڏسان ڪونه ڪو

_____

تون به ڄاين وارو آءُ ڀي ڪنهن ڄائي

عمر اچائي تو ناحق نياڻين ساڻ کنئي

_____

ڀينر ڪيئن ڀنو هيءُ جو نامو نينهن جو

خط خمار ڏنو جيڪس پڙهندي پرينءَ کي

_____

اڃا عبارت لکڻ لڳس پرينءَ ڏي

رئندي ڀريون رت اوتڻ ٻيئي اکيون

_____

پني ۾ پيغام لکي مڪائين سڄڻين

سي نه سمجهن عام جي آهن منجهه اشارتين

_____

اُلو هيڙي عشق جو ساٿي سان نيو

کامي پاڻ پيو هو خوني خط پرين جو

_____

مُنجهان ڪيئن لکي ڪتابت قريب ڏي

ساٿي واٽ سکي ٻڌائي نه ٻين کي

_____

ٻهه ٻهه ڪندا آئيا ٻيهر بڪروال

ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ کان ويا ٽهي مال

آهن ۾ اچي پئي چونگن سندي چال

مندائتي منڊل ڪيا جَرَ اُٺا جال

پلر سان پسي پيا پنهوارن پلال

جهري پيون جهوپيون جهانگيئڙن اجهال

ننگو ڪج نه نڌر کي نماڻن ننگٻال

جن جا ههڙا حال تن پرور پٽ رکيج تون

_____

هڪ وسڻ ٻيو وڄڻ ٽيون لهي پيو سيءُ

جهوري وڌئين جهوپيون ڇن وڌائين ڇيءُ

رنن جو رڻن ۾ والي وسيلو ٿيءُ

حال جنين جو هيءِ تن پرور رک پناهه ۾

زاغ نه ٿي زبون وئون اڏامي اوڏهين

نه ته خاصو پوندئي خون ڳچي پوندئي ڪانگڙا

_____

اڄ پڻ پورپ پار ڏي ڪڪر ڪڪوريا

سارنگ سُر سُرائتا ساجهري سوريا

سرمنڊل ۽ سارنگيون چنگ چڱا چوريا

اُڀ اُتي اوريا طبل تارون تيج سان

_____

اڄ پڻ پورپ پار ڏي ڪڪرن ڪڍيا ڪوڙهه

صبح ويل سويل جو سارنگ لاتي سوڙهه

وڄن واڄا واهه ڪيا مينگهه ٻڌا اڄ موڙ

لوڪان لاٿي لوڙ مولا پنهنجي مهر سان

_____

هڪ جوءِ ٻي جُوءِ ڇڏن ڪين جوان

اهي ڀي انسان جي ننگن تان نثار ٿيا

_____

سوڍا هن سڙيءَ جو لهي وڃ سماءُ

ويرين وڌو وچ ۾ آهي وير وڌاءُ

مون تي لڳندو ڪو نه ڪو پيارا پاڻيءَ پاءُ

هيڪر هيڏي آءُ ته پيرولي پڌر ٿئي

_____

حرف حلال هيڪڙو ٻيا حرف سڀ حرام

عاشقن انجلم اِهو آهي عجيب سان

 

ڪافي

 

اديون اُهي اڄ آيا جن ڪاريم الله الله

سيئي گڏيا سپرئين ڏينهن گهڻا جن لايا

ويٺا ويڙهي وچ ۾ جن لاءِ پنڌ پڇايا

ڏينهان راتيان ڏک جا مون ٿي مينهن وسايا

جن جي ڪارڻ جيڏيون ڪوڙ ئين مون ڪانگ اڏيا

هيڏي هوڏي ڏس نه ”سچو“ تون سيني وچ سمايا

 

ڪافي

 

مون ۾ عيب اپار سڄڻ تنهنجي ٻانهڙي آهيان

ٻانهن جي آءُ ٻانهي آهيان ساري سڀ ڄمار

هئان هميشہ هوت سان ميان شال نه ٿيان ڌار

اوڇڻ ڪنديس اکيون پٿر ڪنديس وار

ساهه ”سچو“ جو سوگهو ڪيڙئي رکي يارانو يار

 

ڪافي

مون سان تو ڪيون ڪيون سهڻا اهي ڳالهيون ڳالهيون

سي نه وڃن وسري ڀلوميان، چڱيون اوهان جي چيون چيون

اوهان ٻاجهون اکڙين، نينهن وهايون نيون نيون

لڪون ڪيونسين لوڪ کنئون، پڌر اچي اهي پيون پيون

ڳجهيون سي ڳالهيون يار ”سچو“ کئون، ڪين وسري سي ويون ويون

 

ڪافي

سانول ڪنهين سانگ سان اڱڻ اسان جي ايندين

اهو اٿئون آسرو بديون تان بخشندين

ڪنهن ڏينهن هن ڏکي ءَ کي دوست دلاسو ڏيندين

پرين نيندين پاڻ سان ڇپر تان نه ڇڏيندين

ٿوري گهڻي ڏينهڙئين گولي سان گڏيندين

پکا پکن سامهون اوري آڻي اڏيندين

سو ڏينهن ٿيندو ڪهڙو ”سچو“ ڪري سڏيندين

 

ڪافي

پنهنجي ذات لڪائي، ڪيئن ٻي ذات سڏايان

ظاهر ڪريان ذات کي تان هي بت ڀڃايان

منصوريءَ جي موج ۾ ٿو اناالحق الايان

واديءَ ۾ محبت جي ٿو سرگهوري گهمايان

اعليٰ اعظم شان جي نوبت نينهن وڄايان

ظاهر باطن هڪڙو آءُ نان حڪم هلايان

”سچو“ سارو سچ ٿيو هي حڪمت چلايان

 

ڪافي

محبوب ڳولي ڏس من ۾ الا، من ۾ تون ڏس دل ۾ تون

واهه ڪاريگر بازي بڻائي ”ڪُن فيڪون“ جي ڪن ۾ الا

بيفائدو بازار گهمي ٿو گل ڦل باغ بدن ۾ الا

چوري چوري سير ڪرين ٿو تنهنجو چاهه چمن ۾ الا

”سچل“ سائين صحيح ڪري ڄاتم يار گڏيو ڪک پن ۾ الا

 

ڪافي

اصل اسان جو آهي ننگ ٻاروچل توتي

ڇڏڻ مناسب ناهي ننگ ٻاروچل توتي

ذرڙو جنهن کي ذوق تنهنجي جو، ڇپر تنهن کي ڇاهي

جاڏي گهمائين تاڏي گهمون ٿا، ڏور وڌي تو ڏاهي

جيهو تيهو يار اوهان جو، ڇڏڻ مناسب ناهي

ٿرن برن ۾ يار ٿڪي کي، رسو ڪوهيارل ڪاهي

ساهه ”سچو“ جو در تنهنجي تي، هڏ نه آسرو لاهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org