سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلاسيڪي شاعري

صفحو :3

خواجه محمد زمان

خواجه محمد زمان لنواري وارو: [ولادت 1125هه مطابق 1713ع- وفات 1188 هه مطابق 1774ع] سنڌ جي ناميارن بزرگن مان هڪ هئو. ڄمندي ڄام هو. سڄو وقت الله جي عبادت ڪرڻ ۽ ماڻهن کي فيض ڏيڻ ۾ گذاريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سندس زبان تان پاڻ مرادو بيت جاري ٿي ويندا هئا. سندس بيتن جي عربي ۾ تشريح مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي منڱريي ڪئي هئي. وري انهيءَ تشريح جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪيو. انهن بيتن ۾ حقيقت ۽ معرفت جا بي بها موتي ملن ٿا. ڀٽائي صاحب جو ساڻس ويجهو تعلق هو.

 

بيت

سڄڻ ڏٺو جن تن ڏسڻ غير گناهه

جنين لڌي راهه ويهڻ تنين وهه ٿيو.

_____

لڳو واءُ وصال جنين ساعت هيڪڙي

تن سا لڌي لعل جنهن ئي جڳ خلقيو.

_____

عارف ۽ عشاق پسڻ گهرن پرينءَ جو

جنت جا مشتاق اڃا اوراهان ٿيا.

_____

تانسين تون نه فقير جانسين سانگ سِسيءَ جو

ماڻئو تن ملير جن جُسو مال مباح ڪيو.

_____

نڪي اوڏو اک کي نڪي نظران ڏور

وڃان ائين وهلور جيئن ڏٺوئي اڻ ڏيٺ ۾

_____

ڇڏيان هي جهان هو پڻ گهوري گهوريان

پلڪ پريان ساڻ جي مون سري جيڏيون

_____

سڪ روحاني سامئين جسمي جاهلن

ٻگهن مڇي من پارس پسن ڪين ڪي

_____

پلپل پئي پچار ملڪ ۾ ميثاق جي

ڪک پن ڪن اقرار اسين ٻانها تون ڌڻي

_____

پريان جي پچار ۾ اچي جن آرام

دنيا تن کي دام پڇن موسم موت جي

_____

اکر پڙهه عشق جو ڪنز قدوري ڇڏ

چڙهه تنين جي مڏ جي ستي ڏين شراب جي

_____

ستي ان شراب جن سَرِي سي سون ٿيا

سمهڻ تن ثواب ڪتڻ تن کي ڪيميا

_____

صوفين صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو

تڏهن تن ٿيو جيئري پسڻ پرينءَ جو

 

***

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ولد شاهه حبيب ڀٽائي متعلوي:

(ولادت 1102 هه مطابق 1689ع- وفات 1165هه مطابق 1752ع) سنڌي زبان جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. ننڍپڻ کان وٺي فقيريءَ ڏانهن لاڙو هئس. سير سفر جو ڪوڏيو هو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڏٺائين. فقيرن ۽ سنياسين سان گڏجي پري پري ويو. راڳ سان ڏاڍو شوق هئس. پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ هالا حويلي مان لڏي اچي ڀِٽ وسايائين. ان ڪري کيس ڀٽائي ۽ سندس وسايل ڀٽ کي ”ڀٽ شاهه“ چيو وڃي ٿو. سنڌ جا ماڻهو شاهه صاحب جي ڪلام کي وڏيءَ سڪ سان پڙهن ۽ ڳائن ٿا. سندس ڪلام ڪيترائي دفعا ڇپيو آهي، جنهن کي عام طرح سان شاهه جو رسالو ڪوٺيو ويندو آهي. ان جا ترجما دنيا جي وڏين وڏين ٻولين فارسي، عربي، انگريزي ۽ جرمن وغيره ۾ به ٿيا آهن.

بيت

 

اول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي

قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم

والي واحد وحده رازق رب رحيم

سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم

ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جهان جون

_____

وحده لاشريڪ لہ اي هيڪڙائي حق

ٻيائي کي ٻک جن وڌو سي ورسا

_____

سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان ڌڙ ڍونڍيان سر ناهِ

هٿ ڪارايون آڱريون ويا ڪپجي ڪانهن

وحدت جي وهانء جي ويا سي وڍيا

_____

پاڻهئي پسي پاڻ کي پاڻهئي محبوب

پاڻهئي خلقي خوب پاڻهئي طالب تن جو

_____

سو هي سو هو سو اجل سو الله

سو پرين سو پساهه سو ويري سو واهرو

_____

ملهه مهانگو قطرو سڪڻ شهادت

اسان عبادت نظر ناز پرينءَ جو

_____

سوري سڏ ٿيو ڪا هلندي جيڏيون

وڃڻ تن پيو نالو نينهن ڳنهن جي

_____

حبيبن هيڪار منجهان مهر سڏ ڪيو

سو مون سڀ ڄمار اورڻ اهوئي ٿيو

_____

ويهڻ ويڄڻ وٽ جي سکين ته سَگهو ٿئين

اڳئين عادت مَٽ ته اگها عاجز نه ٿئين

_____

پريان سندي پار جي مڙئي مٺائي

ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيت ڪري

_____

ڪوڙئين ڪتابن ۾ حرف مڙيوئي هيڪ

جي تو نظر نيڪ ته بسم الله ئي بس ٿئي

_____

هو چَوني تون مَ چئو واتان ورائي

اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي

پاند ۾ پائي ويو ڪيني وارو ڪينڪي

_____

ڪيئن ماڻيندا من ۾ خودي ۽ خدا

ٻن ترارين جاءِ ناهي هڪ مياڻ ۾

_____

هن تاري هن هيٺ هت منهنجا سپرين

سڄڻ ماکيءَ ميٺ ڪؤڙا ٿين نه جڏهين

_____

جان جان پسين پاڻ تان تان ناهه نماز

سڀ وڃائي ساز تهان پوءِ تڪير چئو

_____

سڪ ناهي سٿري کڻ پروڙي پير

ڪسڻ ڌاران ڪير ڪري سڪ سڪڻ جي

_____

اول آخر آهه هلڻ منهنجو هوت ڏي

پورهيو سندو پورهيتن والي ڪي مَ وڃاءِ

سو مون ٿورو لاءِ جئن جيئري ملان جت کي

_____

پڪا رڇ ڪنڀار جا پڪي نِهائين

مون تئائين ڀيلو ڀاڱي آئيو

_____

اکيون تان عيد ڪانهي عيد اکين ريءَ

خوشي ۽ خريد ويئي ويچارن وسري

_____

جڏهن ستيون جي پٿر پير ڊگها ڪري

تڏهن تنين کي ساٿ ستيئي ڇڏيو

_____

ماڻڪ مٽ سندوم اونداهي ۾ سوجهرو

حشر ويل حساب ۾ ڇڏي نه ويندوم

ساريو سڏ ڪندوم ڪوهيارو ڪيچ ڏڻي

_____

گهوڙن ۽ گهوٽن جيئن ٿورا ڏينهڙا

ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا

_____

ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري

سلطاني سهاڳ ننڊن ڪندي نه ٿئي

_____

ڦِريا پسي ڦيڻ کرين کير نه چکيو

دنيا ڪارڻ دين وڃائي ولها ٿيا

_____

اچي عزرائيل ستي جاڳائي سسُئي

ٿي ڊوڙائي دليل ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو

_____

ڪڏهن پئجي ڪن ٿي ڪڏهن ٿجي وات

ڪڏهن ٿجي ڪات ڪڏهن ٿجي ٻڪرو

_____

پڇن سي پسن جڏهن تڏهن پرينءَ کي

ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا

_____

ڪو جو لڳس ڪان ڪيچين جي قرب جو

ٿي نماڻي نيشان ڇڏي سانگو ساهه جو

_____

سَرَ جي تان  سُور ساماڻي تان سک ويا

اهي ٻيئي پُور نماڻيءَ نصيب ٿيا

_____

الا ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن

مون سين مون پرين ڀورائي ڀال ڪيا

_____

نهائين کان نينهُن سک منهنجا سپرين

سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري

_____

ستر ڪر ستار آئون اُگهاڙي آهيان

ڍڪئين ڍڪڻهار ڏيئي پاند پناهه جو

 

ڪافي

تنهنجي تند تنوار يار مون من موهيو

ملهي آئين مڱڻا گجي ۾ گرنار

سرجي صدا ڇڏتون ڏيائين ڏيج اپار

دان ڏيائين دُهرا هزارين هزار

الا! ”عبداللطيف “ چئي پسان پرين پار

 

ڪافي

لوئيءَ ۾ لائون  مون مارُوءَ سين لڌيون

1       سون برابر سڳڙا ٻانهن ٻڌائون

سو ڪيئن پٽ پهريان سومرا عمر جو آئون

2      کاڄ کٿيرن سڦرو سڱر ۽ سائون

سا ڪيئن کائي کارڪون جنهن کي ڏؤنرا ڏيج ڏنائون

3      کهه مانڌاڻو مکڻي قوت جنين جو سائون

عمر تي جور ڪري جيلاهه راڄ اڳاهون

ڪافي

ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين هي ٻاروچل ٻانهي

1       جانب جهڙو جڳ ۾ ناهي ڪو ثاني

2      پنهل نيو پاڻ سين پورهيت پرٽياڻي

3      پورهيو ڪنديس پر جو ڀرينديس پاڻي

4      هوت مَ ڇڏيو هيڪلي ڀرينديس پاڻي

5       الا”عبداللطيف“ چئي ايندم آرياڻي

 

ڪافي

ٻانهي آهيان گولي شال نه نينهن نبيري

گولي آهيان ٻانهي جت زورآور جاني

1       حشر ڪري هليا سڃ ڀنڀور وبراني

دانهن لڳي ويئي ديري

2      قرب ڏيئي ڪهي هليا ماري هليا مستاني

چرڪ ڏيئي دل چيري

3      اديون عبداللطيف چئي ڏکي جئن جي ياراني

جان جلائن جيئري

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org