سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان سرشار

صفحو :2

وقت آ ڏاڍو ڏکيو منهنجي مٺي!

رات جو آرام ڏاڍو مشڪل آ

ڏينهن گهارڻ مسئلو

هڪ گهڙيءَ جو سک به ڪنهن کي حاصل آ؟

ڪيتري پنهنجي ڪٺن آ زندگي

توکي ڄاڻ آهي يا نه؟

تون محبت ۾ مگن آهين رڳو

زندگي جي مسئلن تي خنده زن آهين رڳو

توکي ڪهڙو فڪر دنيا ڇو ڀلا

منهنجي ٻانهن ۾ ڪرين آرام ٿي

رات ڪئن گذري

ٿيو ڪئن صبح

۽ ڪئن شام ٿي

تو کي ڪاڻ آهي يا نه؟

 

منهنجي نظرن ۾ تون آهين خود به هڪڙو مسئلو

تنهنجي خواهش آ ته مان تو وٽ هجان

تنهنجي دل جي ديس ۾ ديرو ڪيان

تنهنجي چپڙن تان وٺان چورائي مرڪ

تنهنجو نيڻن- رس پيان

تنهنجي چهري جي اداسي کي چمان

وقت آ ڏاڍو ڏکيو منهنجي مٺي

تو کان

تنهنجي پريت کان

اڳتي وڌي وڃڻو آ هاڻي لازمي

 

ڌر تتيءَ جو جيڪي محنت ٿا ڪرين

جن سان پنهنجي ديس جا

سڀ ڪارخانا ٿا هلن

۽ هزارين ”تاج“ ٿا تخليق ٿين

جن جهان کي سونهن بخشي آهه

تن سان ملڻو آ

اڳتي ڪجهه وڌڻو آ هاڻي لازمي

 

ڳاهه جهولن ۾ به جت ٿو ڳاهجي

جت ٿو پيدا ٿئي اناج

جنهن تي انساني حياتي جو مدار

جنهن سان رونق زندگي جي

گلستان ۾ ٿو اچي جنهن سان بهار

ڇو نه اهڙي هنڌ هلجي

پورهيتن کي چاهجي؟

جن جياپي کي جياريو آهه تن سان ملڻو آهه

اڳتي ڪجهه وڌڻو آ هاڻي لازمي

 

جن کي حاصل ٿئي هميشه جي حيات

جي ڏکين جا سور ٿا محسوس ڪن

جي حياتي جا هجن فنڪار

يا جيڪي ڪلا- پريمي هجن

زندگي سان، حسن سان، اميد سان

واسطو رکندا هجن

جن جي فن ۾ جنگ کان، تخريب کان، ڦرمار کان

صاف نفرت ٿي بکي

جن حياتي کي سنواريو آهه تن سان ملڻو آهه

اڳتي ڪجهه وڌڻو آ هاڻي لازمي

وقت آ ڏاڍو ڏکيو منهنجي مٺي

توکي مونکي اڄ ئي ڪرڻي آ شروع

هڪ نڪوري زندگي

برکات رت ۾ بند گلاب

صبح دم

منهنجي ڇماڇم

توکي جاڳائي نه ٿي

تون ته آهين محوِ خواب

ورنه ڪهڙي بوند منهنجي آهه

جا

ڳائي نه ٿي

مان ته بيحد چاهه سان

آيس ڇهي

تنهنجو بدن

مون تي سانڍيو ساهه سان

تنهنجو ڇهاءُ

جنهن ڪيو چوڏس اُهاءُ

ڪاش! تنهنجي مڌ ڀري خوشبو

ٿئي ها موجزن

جسم ۾ منهنجي وري

ڪاش! اي مکڙي! کُلين ها

پنهنجو ڀي ٿئي ها ملڻ

هاڻ تنهنجي بي نيازي کي ڏسي

وِڄ

۽ نيرو اُڀ

۽ طوفان

منهنجا دشمن ٿا پيا

آءُ هن وستيءَ کان دُور

تنهنجي گلشن کان پري

ڪافي پري

شايد وَسان

ڪنهن اهڙي صحرا تي وَسان

جيڪو هجي مون لئه

ازل کان

منتظر

ڪاش! اي مکڙي! کُلين ها

پنهنجو ڀي ٿئي ها ملڻ.

رات کان پوءِ پرڀات آ

آءٌ ڳولهي رهيو هوس صبح اِميد

آسري ۾ هيس باک جي

 

مون کي اڳتي وڌڻ جو ڪو سامان نه هو

منهنجي دردن جو درمان نه هو

۽ مٿان شهر جي، قهر جي زندگي

مون اڪيلي مسافر جو ڪوئي نگهبان نه هو

 

دل کي هڪڙي تسلي ڏنم

”ڏينهن ئي شينهن آ

مون کي ڇا لاءِ ٿو خوف ٿئي

ڪجهه ته ورندو

ڪوئي ساٿ ڏيندو ضرور.“

 

ڏينهن گذريو اچي شام ٿي

مون کان ڪوئي پڇڻ ڪونه آيو ته ڇا حال آ

اجنبي شهر ۾ پنڌ هلندو رهڻ هڪڙو جنجال آ

ڪوئي ساٿي نه آ

ڇا هتي دوستن جو وڏو ڪمال آ؟

 

روشني کي وري مات ٿي

۽ وري رات ٿي.

آسمان تي ستارن جي جهالر کُلي

ڪن ستارن جي اکٻوٽ منهنجي ارادن تي چٿرون ڪيون

مون به پختي ارادي جي قنديل سان

پنهنجي اندر کي روشن ڪيو

هاڻ اوندهه جي ويرين سان هر راهه ۾ ساٿ آ

ڏيڻي هر حال ۾ رات کي مات آ

جو اَوَس رات کان پوءِ پرڀات آ.

نرواڻ

جيون- مڌ جي وڻ جي هيٺان

نرم رسيلي ڇانوَ هئي

سنسان سمي جي سندرتا

برها- بن ۾

ڪن پورن جي ڪن سورن جي سرواڻ هئي

خود مون کي ڪهڙي ڄاڻ هئي

ايڪانت به شانت نه آڻيندي

منهنجي من ۾

 

مايا ڀي من کي موهيو هو

ڪجهه عرصي لاءِ مون ان جي لاءِ به پنهنجو پاڻ کي کوهيو هو

ڪن چنڊ ستارن منهنجي جهولي جرڪائي

ڪن آشائن ۽ امنگن جي

ڪن رابيلن ۽ رنگن جي

هردي ۾ هولي ورکائي

ان وقت سمي جي ڌارا کي

مون ڀاڪر پائڻ چاهيو هو

۽ ان کي روڪڻ جي ڌُن ۾

مون پاڻ وڃائڻ چاهيو هو

پر وقت جي وهندڙ ويرن کي

ڪوئي به ورائي ڪونه سگهيو

اندر جي پراڻي پيڙا کي

ڪوئي به ڇٽائي ڪونه سگهيو.

 

پوءِ پنڌ ڪيم

ڪن گياني ڌياني گڻ وارن جي ڳولها ۾

ڪي ورت رکيم

ڪجهه دان ڏنم

هرهڪ خواهش کي ختم ڪيم

۽ پنهنجي خيالي خوفن جي ڪوٽن کي ڪيرايم

۽ پنهنجو پاڻ کي

منزل کي

جيون جي حاصل کي

من جي اندر

جهاتي پائي

ڳوليم

ته ڏٺم

اُت

آزادي!

خواب جي پورا نه ٿيا

 

آسمان سورج جو پيلو بال اڇلايو فضا ۾

شهر جون سنسان سڻڪون ٿيون سجاڳ

موٽرن جو ۽ مشينن جو شروع

ٿي ويو رينگٽ ۽ راڳ

پيهه پيادن جي وڌي

ڪنهن گهٽيءَ مان هڪڙي سائيڪل تي ويٺل

مرڪندڙ، معصوم دوست

سائيڪل تي پوئتان ويٺل سريلو گيت جهونگارڻ لڳو

۽ اڳيان ويٺل اچانڪ سائيڪل کي موڙيو

هڪڙي موٽر انتهائي تيز آئي

هڪ ڌماڪو ٿيو

پوئتان هڪ تيز ايندڙ ”وئن“ کي مشڪل سان روڪيو ڊرائيور

وئن مان ڪن اجنبي چهرن پريشان ٿي ڏٺو

سڻڪ ٿي، ڦاٽي پيل، وکريل ڪتابن کي

۽ ٻن معصوم خوابن کي.

اسٽل لائيف

 

سانجهي ويلي

گاڏر چاري جي چوڌاري

سينو ساهيل کيت

رستي جي هڪ پاسي ٽئنڪ

بيٺل آ ڏاڍي ڏاڏر سان

ان جي آڏو ڳڀرو ڳيرا

ٿيا مٽيءَ جو مانُ

مٽيءَ گاڏڙ رت جي ڌارا

رنگ ڀري ٿي

نيري اُڀ ۾

ريٽو رنگ شفق جو

ڄڻ پهراڻ شهيدن جو.

E.S.P[1]

منهنجو علم ته محدود

محسوسات مگر بيحد آ

ان جو ڪوئي ديس نه آهي

ڪائي نه ان جي سرحد آ

مون ۾ ئي هر ديس سمايو

مان ئي هرهڪ سرحد آهيان

مون وٽ آ هڪ خاص حواس

جيڪو جاڳي ٿو جاڳائي

منهنجي اندر ڌيان جي پياس

ڌيان ڌريان ٿو، آءٌ ڏسان ٿو

مستقبل تائين پهچان ٿو

اوري آ ته ٻڌايان توکي

تنهنجي مسقبل جو حال.

 

ڪچو کڻندين پاڻ سين

گهڙندين منجهه درياهه

پڇتائيندين، گهٻرائيندين، غوطا کائيندين

پسندين لهرين لک لباس

پوءِ دهشت درياهه جي

ايندي تو کي راس

لال مڙيئي لهرون ٿينديون

ڪاري رات وهامي ويندي

نيڻن کي تون پير ڪري ويندين ۽ چوندين

”منهنجي سهڻي منهنجي سنڌ

منهنجي قربانين جي حاصل

هاڻي تون بس منهنجي آهين

منهنجي رهندينءَ، هاڻي سدا گڏ

منهنجي سهڻي

منهنجي سنڌ.“

نظم

هڪ نظم

هر دل آهي

ناڪامي کان چُور اڇا محرومي سان ڀرپور اڃا

 

گهائل آهي

گوريءَ جي گُهورن سان، سهسين سورن سان ڀرپور اڃا

 

مائل آهي

موج هوا جان، ديده تر کان آهي پر مستور اڃا

 

منزل آهي

چشمِ تصور ۾ ئي سهي، آهي ته سهي، گو دُور اڇا

 

شامل آهي

منهنجي صدا ۾، تنهنجي ادا ۾ پيغامِ منصور اڃا

خوابن جي خوشبو

 

آليون اکيون منهنجيون سکيون نير وهائن نار لڳائن

برساتي بوندن جي سُر ۾ تازو برها گيت ٻڌائن

 

ڪنهن کي ساري هنجون هاري پل پل سئو سئو سور پرائن

مڙني ماڳن هردم جاڳن ڪنهن جي ياد کي ٿيون جاڳائن

 

برکا رت جي چانڊوڪي ۾ هڪڙي روشن سهڻي صورت

دل جي اونداهي دنيا تي ڇرڪي ڇرڪي وار ڪيو هو

 

گهٻرائي هئي شرمائي هئي مرڪي هئي من موهڻي مورت

ڌيمي ڌيمي لهجي ۾ هن الفت جو اظهار ڪيو هو

 

شب جي لب تان شانت جو پهرو کن ۾ ختم ٿيو هو اي دل

پريت جي رستي کي ڳل لائي مرڪي روح جي روشن منزل

 

ڪشتي کي آواز ڏنو هو عرصي بعد سڪايل ساحل

مهڪي مهڪي ٻهڪي ٻهڪي ماٺيڻي مهتابي محفل

 

رات جي راڻيءَ ڇيڄ وڌا ٿي پائي چانڊوڪي جي پائل

پل جو پل ۾ ٿي ويو گويا هر لمحو صدين جو حاصل

 

پر هي ڇا ٿيو؟ ڏسندي ڏسندي چوڏس گهگهه انڌيرو ڇانيو

چنڊ جي هڪ هڪ ڪرڻي لئه ٿي نيڻن جي چاتر واجهايو

 

پريت جي مٺڙن مٺڙن گيتن کي سازن ۾ ڪنهن دفنايو؟

دل جي امنگن جهونگاريو پئي تن کي ڪنهن خاموش ڪرايو؟

 

رات جي ان مخمور فضا مان پيار ڀريو آواز نه آيو

پيار جي سندر سپني مان ڪنهن دل کي ڌونڌاڙي جاڳايو

 

تنهنجي تصور جي لذت هئي جنهن هي سڀ محسوس ڪرايو

يا خوابن جي خوشبو هئي جنهن مون سان ههڙو ويل وهايو؟

دجله جي ڪناري

 

ڪنارِ آبِ روان روشني جي جهرمر هئي

اداس دل کي انهي وقت آئي ڪائي ياد

 

اکين جي آڏو هيو روشني جو رنگ محل

جهانِ دل هو مگر ڪنهن جي درد سان آباد

 

هزارين ميل هئي منهنجي دل جي مالڪ دُور

لڳي پئي دجله به غمگين اداس هو بغداد

 

اَبُونَواس جون رنگينيون ۽- تنهائي

مون چاهيو ختم ڪرڻ جنهن کي گرم ڪافي سان

 

مدد جي لاءِ اچي ويئي گويا بارش ڀي

ملاپ بوند ۽ بجلي جو- دلنشين منظر

 

هزارين عڪس ها دجله جي آب ۾ لرزان

گهڙيءَ جي لاءِ ٿيس محو ان نظاري ۾

 

مگر خيال ستايو اتان جي باري ۾

غمِ حبيب تي غالب ٿيو غمِ دوران

 

 

اکين جي آڏو عرب قوم جي ٿي حالتِ زار

فلڪ به ان تي هو چن اشڪبار ۽ غمگين

 

خبر نه آهي ته دجله جي آبياري سان

عراق ٿيندو الائي نه ٿيندو مردم خيز

 

عوام ڪيسين انڌيرن ۾ ڀٽڪندو رهندو

هواءِ علم و ترقي ڪڏهن ته ٿيندي تيز.

پيار

پيار جي چوطرف گو اڃا رات آ

پيارکان پر پري ڪانه پرڀات آ

 

پيار اندر جي پيڙا جو نالو ٻيو

پيار تنهنجي ڏنل درد جي رات آ

 

پيار جنهن کي مليو خوش نصيب آ اهو

پيار ۾ ڪيترن کي ملي مات آ

 

پيار جنهن هڪ پلڪ ڏيئي ورتو کسي

پيار ان بيوفا شخص جي ڏات آ

 

پيار آ روشني درد جي رات ۾

پيار دل جي بيابان ۾ برسات آ

 

پيار پنهنجي امنگن جو آ کيرٿر

پيار ئي جيءَ وارن جي جذبات آ

 

پيار منڇر تي آ ميربحرن جو گهر

پيار مڪليءَ مٿان چنڊ جي رات آ

 

پيار آهي موهن جي دڙي جو نشان

پيار هالار کان هيٺ برسات آ

 

پيار صوفي جو سالڪ جو مسلڪ سدا

پيار درويش جي تند جي تات آ

 

پيار ئي زندگي پيار ئي بندگي

پيار دراصل وجههِ عبادات آ

 

پيار شهباز آ پيار آ ڀٽ ڌڻي

پيار سامي جي سچل جي سوغات آ

 

پيار سوداءُ آ سنڌ واسين جو دوست

پيار کان وڌ نه ڪا وائي ٻي وات آ

 

پيار لغام اسان جو زماني جي لاءِ

پيار انسانيت کي ڏنل ڏات آ.

اکيون

منهنجي بي چاهت حياتي ۾ اهي دلبر ٿيون

ڪسمپرسي جي انڌيري راهه ۾ رهبر ٿيون

 

تنهنجي مکڙي تنهنجي اکڙين کي ڏسڻ کان ڀي وَيون

پوءِ ڇاجي لئه اکيون پوءِ ڇو نه هي پٿر ٿيون

 

پورجي ويئون جڏهن اوندهه ۾ هي ٽٻڪا بڻيون

۽ وسڻ جي وقت بي انداز هڪ ساگر ٿيون

 

تنهنجي هوندي تنهنجي نيڻن ۾ هي جائيتيون هيون

تنهنجي منهن ڦيري وڃڻ کان پوءِ هي بي گهر ٿيون

 

يا هِري ويئون اڪيلو خوش رهڻ تي، يا وَري

تنهنجي هوندي ڀي سرِ محفل اداس اڪثر ٿيون

 

جنهن نظاري ۾ جهلڪ تنهنجي نظر آئي نه پئي

ان کان منهن موڙي ڇڏڻ جي واسطي خود سر ٿيون

 

دل جي ڪيفيت مطابق هي به ڦرنديون پئي رهيون

يا گلستان يا بيابان يا ته بحروبر ٿيون

 

منهنجي ذوقِ حسن جا گل جت ويا ڪومائجي

ات ئي بي انداز جذبن لاءِ هي محور ٿيون

 

جن ۾ تنهنجي حسن جي پاڪيزگي هر دم رهي

منهنجي اکين کان اهي بيشڪ گهڻيون بهتر ٿيون.

ڪنوار

تون هڪ پل ۾ شرمائين ٿي

ٻئي پل ۾ نير وهائين ٿي

سڀني کان دُور هلي ويندينءَ

تون جن کي دل سان ڀانئين ٿي

 

ماضي جي يادين کي پوئي

جي هارَ ڳچيءَ ۾ پائين ٿي

سي سڀ ئي سک جا هار هئا

جن کي تون اڄ دهرائين ٿي

 

جذبن جي جُهولي ۾ جُهولي

تون جوڀن- رس ڇلڪائين ٿي

گهر وارن کي روئاڙين ٿي

سرتين جي دل کي گهائين ٿي

گهر گهوٽ جي دل ۾ ٺاهڻ لاءِ

سپنن جي سيج سجائين ٿي

 

بي چين، اداس، دکي دل کي

سمجهائين ٿي سرچائين ٿي

ڪنهن سندر سندر جيون جا

اکڙين ۾ خواب سجائين ٿي

 

شل تنهنجا خواب ٿين پورا

ورنه بيدرد زماني ۾

هستي جي هن ويراني ۾

هر ٺوس حقيقت جي بن ۾

هر دامن ۾ هر جيون ۾

ٻرندا ٿا رهن غم جا کورا

شل تنهنجا خواب ٿين پورا

لفظ جي ادا نه ٿيا

رات هڪ پُر سرور محفل ۾

رنگ ۽ نور جي هئي بارش

چنڊ تارا زمين تي آيا

جن نمائش جا پئي ڪيا سعيا

ڪيئي حورون جو بي حجاب هيون

ته ادائون به بي حساب هيون

مهڪ- گويا گلن جي ورکا هئي

ٽهڪ- گويا بهار برکا هئي

 

مان به هڪ ڪنڊ ۾ هيس بيٺل

اوچتو هوءَ سامهون آئي

پهرين مرڪي ۽ پوءِ شرمائي

(ڪيترا سال ٿي ويا هوندا

جو اکين هن جو رخ چميو هوندو)

 

هن مٿي جو کنيو نگاهن کي

تيز تر منهنجي دل جي ڌڙڪن ٿي

جلد ئي ٿي وئي مگر مڌم

هوءَ منهنجي نه هئي پرائي هئي

 

هن جي لعلين لبن کي لرزش ٿي

ڄڻ ته هن ڪجهه چوڻ پئي چاهيو

پوءِ ڪجهه سوچي ٿي وئي خاموش

هوءَ بڻجي وئي سراپا لفظ

حافظ شيرازي جي مزار تي


[1] Extra Sensory Perception

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org