سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان سرشار

صفحو :5

منهنجي هر لڙڪ ۾ تصوير اوهان جي آهي

حسن جي نقش نگارن سان شناسائي ٿي.

 

طائرِ دل ٿيو سندم مائلِ پرواز بشير

جنهن گهڙي چنڊ ۽ تارن سان شناسائي ٿي.

*

خود بخود تنهنجو جواب ۽ تنهنجو حال ايندو رهي

هر گهڙي منهنجي زبان تي ڇو سوال ايندو رهي.

 

پنهنجي دنيا پاڻ ٺاهيم، ان کي خود دوزخ ڪيم

جنتِ گم گشته جو ڇو ٿو خيال ايندو رهي.

 

مون صليبِ درد تي پهچي پڪاريو هڪڙو نانءُ

آسمانن تي به ساڳيو نانءُ شال ايندو رهي

 

درد جي دولت کان جي محروم تن کي ڪهڙو فڪر

دردمندن کي ئي ٿو منهنجو خيال ايندو رهي.

 

مون به ڄاتي آ روش ديوانگي کان ٻي بشير

منهنجو ڇا، جي ان تي ڪنهن کي اشتعال ايندو رهي.

*

هر ڪوشش ٿي آ ناڪام

هاڻي ڪير جهليندو سام.

 

تنهنجي تبسم مکڙيون کوليون

هوليون غمن ملهايون جام.

 

تنهنجي ٻولي آهي سُريلي

جنهن کان پوءِ سنگيت حرام.

 

جنهن جي لئه ورتم بن واس

ڪونه ٿيو سو منهنجو رام.

 

راڌا راڌا آلاپي ٿو

مرلي منوهر راڌي شيام.

 

تنهنجو تصور چانڊوڪي آ

تنهنجي جدائي سرءُ جي شام.

 

پريت آ جڳ جي ريت، بشير

ناحق ٿيو آهي بدنام.

*

دل تنهنجي تمنا کان رهي آهي نه خالي

خوددار جو آهي ته ڪڏهن ٿي نه سوالي.

 

اشعار ۾ منهنجي نه ڪٿي ڀي آ ڪوئي بت

بس آهي حسنين جي رڳو حسن خيالي.

 

انسان جي افڪار جي اظهار تي بندش

حساس دلين لاءِ سزا آهي نرالي.

 

هن دور ۾ هر شخص آ مجبور ۽ محروم

ساٿي نه ڪوئي آهي نه وارث آ نه والي.

 

ڦٽڪن جو ڪوئي خوف نه پٿرن جي آ پرواهه

هن ديس جو هر شخص آ منصور، مثالي.

 

هڪ شخص جو هڪ دؤر هو چپ چاپ هليو ويو

بيدرد زماني جي ته اک ڀي نه ٿي آلي.

*

ساهه کان وَڌ جي سُر ٿيندو

سُر تي ڪير نه سِر ڏيندو.

 

مايوسي جي سج رات کان پوءِ

اميدن جو سج ايندو.

 

هو ڪيڏو به مٿي آهي

نيٺ ته هيٺ نهاريندو.

 

هُن جي نظرن ڦيرڻ سان

وقت به واڳون موڙيندو.

 

منهنجو پرين هوندو جيڪو

ساههَ ۾ ساهُه سمائيندو.

*

وطن جو عشق نئين سِر اُڀاري وينداسين

چمن جو گوشهءِ ويران سنواري وينداسين.

 

جي منزلون نه اسان کي مليون ته همسفرو

دلين ۾ عزمِ جوان کي جياري وينداسين.

 

مصيبتن جي حوالي رهي آ عمرِ عزيز

مصيبتن کي مگر نيٺ ماري وينداسين.

 

اميد آ ته بشير آس جي نئين ڪَشتي

ڏکن جي سمنڊ منجهان پار اُڪاري وينداسين.

*

اکڙين ۾ جهڙ ڦڙ ڇا جي آ

دل ڪهڙو درد پرايو آ.

 

ڪا ياد آئي يا جوت جلي

يا دل کي مون پرڀايو آ.

 

سُر سُرندو ايندو سُرندي ۾

مون اڳ ئي سيس نوايو آ

 

سئو تنهنجا، پنهنجا، ڏيهه جا ڏک

هڪ دل ۾ ڇا نه سمايو آ.

 

گجگوڙ ٿئي ڀل وڄ ڪڙڪي

مون آکيرو نه بڻايو آ.

 

جو هٻڪي بيٺو، رهجي ويو

اَگهيو آ سو جو آيو آ.

 

هن مجموعي جي شعرن ۾

هڪ دور جو درد سمايو آ.

 

ڇو پنهنجو هرهڪ گيت بشير

مون درد جي سُر ۾ ڳايو آ.

*

تنهنجو پاڇولو ڏسي توکي سڃاڻي ٿو سگهان

توکي پنهنجو پاڻ جي رستي به ڄاڻي ٿو سگهان.

 

زندگاني جي تقاضائن مطابق ٿو هلان

پنهنجي اندازِ نظر ۾ فرق آڻي ٿو سگهان.

 

تنهنجي منهن موڙڻ تي ڇڪجي آيو اکين ۾ وجود

اهڙو بي لذت مزو مان ڪونه ماڻهو ٿو سگهان.

 

تنهنجو منهنجو انگ هڪ آ، رنگ هڪ آ، سنگ هڪ

پاڻ کي تنهنجي وسيلي ڀي سڃاڻي ٿو سگهان.

*

لهر محدود آ بي جان سهاري تائين

آسرو ناهه ته پهچائي ڪناري تائين.

 

زندگي معنيٰ ته پنهنجي نه، ٻين لاءِ گذار

زندگي آهه نه محدود گذاري تائين.

 

وڄ ته تيار آ ديواني مٿان ڪڙڪڻ لاءِ

منتظر آهه سندءِ اک جي اشاري تائين.

 

بحر جي لهر کي سمجهو ته ڪنارو آهي

ڪوئي ايندو نه جو پهچائي ڪناري تائين.

 

مندَ مٽبي ۽ ڏمر ڏيهه تان لهندو آخر

دل نه لاهيو جو سرءُ ڀي آ سياري تائين.

*

ڇا ڇا نه زندگي ۾ ٿو صبح و مَسا ڦِري

حيرت جي ڳالهه ناهي تو ڪو بيوفا ڦِري.

 

ٻوسٽ به اهڙو آهي جو جيئڻ عذاب آ

اڄ شال منهنجي ديس جي آب و هوا ڦِري.

 

موسم ته صبح و شام جي گردش ۾ آ اسير

گردش ئي بند آهي ته موسم به ڇا ڦِري.

 

جنهن ساڻ ظلم زور جو هي دور ٿيو شروع

منهنجي اکين اڳيان ٿي اها انتها ڦِري.

 

ٿي هئي طويل راهه ته هن جو پتو نه هو

منزل قريب آهي تو ڇو رهنما ڦِري.

*

جنهن گهڙي اوچتو نگاهه ملي

دل هي سمجهيو ته تنهنجي چاهه ملي.

 

جستجو پنهنجي ٿي وئي بيڪار

نه مليو رهنما نه راهه ملي.

 

منهنجي شعرن جو قدر ڪونه ٿيو

بس رڳو سکڻي واهه واهه ملي.

 

جلوه حسن جي اشاري سان

عشق کي جرئتِ نگاهه ملي.

 

هي اسان جي سٻاجهي سهڻي سنڌ

بي پناهن کي جت پناهه ملي.

*

اکين ۾ ڪو اچي ويهي ته دل کي ڇا ڪرڻ گهرجي

وڻن جيڪي انهن معصوم ادائن تي مرڻ گهرجي.

 

اهو طوفان ڪڏهن ايندو، جڏهن ايندو ته ڇا ٿيندو

رئي جيڪا اڏامي تنهن مان اندازو ڪرڻ گهرجي.

 

نهاريان واٽ هاڻي ڇا، جو اچڻو هو نه آيو سو

جڏهن هُن جي سَري ويئي ته منهنجي ڀي سَرڻ گهرجي.

 

اڙيون اکيون اکين سان، دل جو اُن ۾ ڏوهه آ ڪهڙو

محبت جو مگر ڪنهن کي ته جرمانو ڀرڻ گهرجي.

 

سليقو دلنوازي جو اڃا توکي نه آيو آ

ڏکائي دل، پشيماني جو سعيو ڀي ڪرڻ گهرجي.

 

سبب طوفان جو ڳولهڻ بشير آهي ته لاحاصل

تباهي ڪيتري آئي، ڌيان اُن تي ڌرڻ گهرجي.

*

درد کي مون دوا ڪيو آهي

دل جو هر زخم گل ٿيو آهي.

 

جنهن کي سمجهو ٿا نور جو مرڪز

سج جو هڪڙو ترورو آهي.

 

سون گهوري ڇڏيان ٿو سيڻن تان

منهنجي دل جو هي فيصلو آهي.

 

ظلم جو تيز تر ٿيو طوفان

پنهنجو مضبوط حوصلو آهي.

 

منزِل شوق پرڀري ناهي

رهزنن کان هي ڏس مليو آهي.

 

جنهن کي سمجهان ٿو آءٌ ديسان دور

سو ته دل کان به ويجهڙو آهي.

 

تنهنجي هن پرهجوم محفل ۾

ڪوئي انسان هيکلو آهي.

 

عزتِ نفس کي رکڻ قائم

اهلِ دل جو ئي حوصلو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org