سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان سرشار

صفحو :6

دل جي ڌڙڪن ٿي ويئي آهي تيز

تنهنجي آمد جو آسرو آهي

 

بي حجابانه دل ۾ آءٌ هلي

بعد مدت جي در کُليو آهي.

 

تون جو آئين ته راهه روشن ٿي

پهتو منزل تي قافلو آهي.

 

تنهنجو چهرو هجي يا چانڊوڪي

منهنجي اندر جو اولڙو آهي.

 

ڇو نگاهون ملي جهڪي ويئون

نيٺ ڪوئي ته سلسلو آهي.

 

وقت جي بيهجي وئي رفتار

بعد مدت جي هو مليو آهي.

 

دل جي کڙڪيءَ مان ڇو ليئا پايو

ٻاهر اندر جو سوجهرو آهي.

 

ڪيئن توسان لڳي اسان جي دل

تنهنجو انداز اوپرو آهي.

 

 

روشني روشني ٿيو ماحول

رخ تان پردو سُري ويو آهي.

 

تون اجايو جلين پئي گوري

منهنجو ساجن ته سانورو آهي.

 

روپ جي رڻ ۾ پُرفضا پاسو

تنهنجي زلفن جو ڇانورو آهي.

 

باغيانه مزاج جو هو بشير

پوءِ ڇو چپ هو ٿي ويو آهي.

*

هن درد جي موسم ۾ خوشي ڪيئن ملهايان

آ سخت ڪٺن وقت ٿيان ڪيئن غزل خوان.

 

هر مُرڪ جي پردي ۾ سوين لڙڪ لڪن ٿا

خاموشي جي هر تهه ۾ سمايل آ ڪو طوفان.

 

ڇا هڪڙي تَهي دست کي ڏي ٻيو ڪو تَهي دست

تون رات جدائي جي مان تاريڪ بيابان.

 

ڪئن آخري شعلي کي اجهامڻ کان رکي باز

سوچي ٿي ته روئڻ ٿي لڳي شمع فروزان.

 

ڪا ياد نه آ دل ۾ نه اک ۾ آ ڪوئي لڙڪ

اهڙو به ڪٿي هوندو نه ڪو بي سرَو سامان.

 

اکين جي افق تي آ شفق تنهنجي وڃڻ وقت

دل ڀي آ پريشان ته دنيا ڀي آ ويران.

 

هڪوار ڀلي دل کي جلي خاڪ ٿيڻ ڏيو

پوءِ ڏسجو ته ڪئن خاڪ مان اُڀري ٿو گلستان.

*

جيون ڀر ۾ هڪڙي ئي سوغات ملي

ڏاهن کي بس ڏيهه جي ڏک جي ڏات ملي.

 

ٿي ويا زبان جا توڻي سڀ دروازا بند

مايوسي کي ماٺيڻن کان مات ملي.

 

ڦيرو ايندو ڦيرو آ فطرت جو اصول

هرهڪ رُت ۾ ساڳي وائي وات ملي.

 

تنهنجي چهري جو سورج ڀي ڪني ڪڍي

اوندهه واسين کي آخر پرڀات ملي.

 

منهنجي اکين ڀي نيٺ وسڻ جا ويس ڪيا

تنهنجي ياد جو تحفو هي برسات ملي.

 

ڏينهن جو ڏسُ هو ڏونگر جي هُن پار بشير

پار پياسين مس ته انڌيري رات ملي.

*

حقيقت هميشه فقط تون هئين

ٻيا سڀ حقيقت جا پاڇا هئا.

 

ڏسڻ جو هيو تاب مون کي ئي ڪونه

نظارا الائي ته ڇا ڇا هئا.

 

فريبي هئا منزلن جا نشان

ترقي جا ڏاڪا تراڇا هئا.

 

اجالن جي اوندهه ۾ ٿاٻا مليا

جي هوندا به ڪي آسرا ڇا هئا.

*

تون هزارن ۾ هڪ شاهڪارن ۾ هڪ

آءٌ حيرت زده چاهه وارن ۾ هڪ.

 

نيٺ اميد جو آخري گل ٽڙيو

شبنمي صبح ۾ ۽ بهارن ۾ هڪ.

 

ياد جنهن جي دکي دل جو درمان آ

اهڙو مون کي مليو غمگسارن ۾ هڪ.

 

علم جي روشني، علم جي روشني

بس اهو آ سهارو سهارن ۾ هڪ.

 

ويئي سڀ کي ملي تنهنجي پلڪن جي ڇانوَ

آءٌ رهجي ويس بيقرارن ۾ هڪ.

 

جنهن کي ڏسندي ئي نظرون نِڇاور ٿين

اهڙو ڀي هو نظارو نظارن ۾ هڪ.

 

درد جي رات ۾، تو سندي تات ۾

ڪونه هو جو نه هو اشڪبارن ۾ هڪ.

 

پنهنجي ساٿين هٿان مارجي ويو بشير

ڪوئي غدار هو رازدارن ۾ هڪ.

*

توکان پاسو به ڪيان، تو سان محبت به ڪيان،

توکي پنهنجو به چوان تنهنجي شڪايت به ڪيان.

 

آءٌ مدهوش رهان، تنهنجي عبادت به ڪيان،

جيڪو ايمان بچي تَنهنجي حفاظت به ڪيان.

 

پنهنجي سوداءَ جي تبديل علامت به ڪيان،

ڇو نه سنگيت جو سُر وقفِ بغاوت به ڪيان.

 

زخم جيڪي به زماني کان مليا، اکين تي

لذتِ درد کي مان روح جي راحت به ڪيان.

 

زخمي احساس ٿيو آهي ته ڪنهن مقصد لاءِ

پنهنجي افساني کي هڪ زندهه حقيقت به ڪيان.

 

ڪير ٿو ڪنهن کي پڇي، ڪنهن کي به ڪنهن جو غم ناهه

پنهنجو ڏک پاڻ سهڻ لاءِ ڪا صورت به ڪيان.

 

تنهنجو ضد سمنڊ آ، مان آهيان اَنا جو درياءُ

نيٺ توسان ئي ملان، پوءِ شڪايت به ڪيان.

 

رڳو زرد زرد بسنت آ، رڳو زخم زخم بهار آ

ويو کسجي منهنجو سڪونِ دل، نه ئي تون ملين نه قرار آ.

 

وئي ٿي اداس نظر نظر، ڪيوسي تلاش نگر نگر

نه هُو خلوتون نه هُو جلوتون، نه هُو دَور آ نه ديار آ.

 

غمِ زندگي جو اسير مان، غمِ يار ڄڻ ته هيو ئي ڪونه

هي متاع دل جي بچي وئي، پسِ ڪاروان غبار آ.

 

مليون جيڪي مون کي هُو ساعتون، هُو قيامتون ۽ هُو قامتون

ٿيون خواب، اڄ نه امنگ آ، نه امنگ تي ڪو نکار آ.

*

ڪَچَ جي ڪايا کي بدلي ٿو

هِيرن جو هيراڪ اجايو.

 

مان شهري ڪئن بر ۾ رهندس

ٿر ۾ منهنجو ٿاڪ اجايو.

 

هت سڀ گونگا ٻوڙا آهن

آهي منهنجو واڪ اجايو.

 

ڪو ساراهڻ وارو ناهي

بڻجان ٿو بيباڪ اجايو.

 

هڙ ۾ هڪ به هريڙ نه آهي

دل ٿي آ رولاڪ اجايو.

 

هُن کي ڪا پرواهه نه آهي

اکيون ٿيون نمناڪ اجايو.

 

هِت هر چهري تي رونق آ

تون آهين غمناڪ اجايو.

 

پاپ جي نگري ۾ هرڪو آ

پنهنجي ليکي پاڪ اجايو.

*

مون لاءِ تنهنجي دل ۾ محبت نه ٿي نه ٿي

ڪجهه اجنبي جي ٿئين ته صفا اجنبي نه ٿي.

 

هٿ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي هلي آ ته پار پئون

ڪر اعتبار مون تي اجايو چري نه ٿي.

 

هڪوار تو کِليو ته سوين گل ٽڙي پيا

تعبير منهنجي خواب جي اهڙي وري نه ٿي.

 

غم آ خوشي جي سونهن مگر انتها ڏسو

جنهن ۾ هجي نه غم ڪوئي، اهڙي گهڙي نه ٿي.

 

اميد جا ڏيئا به ٻري ويا وِسامجي

منهنجي ديارِ دل ۾ ذرو روشني نه ٿي.

 

گذري سموري عمر عذابن ۾ ئي بشير

شرمنده موت کان به مگر زندگي نه ٿي.

*

تون گردشِ حالات کان گهٻراءِ نه اي دل

دنيا ۾ محبت جي ڪڏهن مات نه ٿي آهه.

 

دل درد کان ٿي ٺوٺ ۽ آگم آ اکين منجهه

مدت کان بيابان ۾ برسات نه ٿي آهه.

 

منزل آ پري، راهه به پُرخار، مگر ڪاهه

ڪجهه روشني آهي جو اڃا رات نه ٿي آهه.

 

سُورن جو ڪوئي انت نه پُورن جو ڪوئي ڇيهه

اهڙي ته ڪڏهن گردشِ حالات نه ٿي آهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org