سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان سرشار

صفحو :7

جي رات کُٽي ها ته نئين باک ڦُٽي ها

جنهن جا مون لڌا خواب سا پرڀات نه ٿي آهه.

 

سائين جي سنوارين ڏي ڀلا خير ته آهي

عرصي کان رقيبن سان ملاقات نه ٿي آهه.

*

حقيقتون، حڪايتون، ڏسو ڏسو هي حالتون

رهو نه چپ، اٿو اٿو، ڪريو ڪريو شڪايتون.

 

اوهان جي ياد پاڻ سان کڻي اچي ٿي فرحتون

اوهان جي قرب جي خيال ساڻ آيون نڪهتون.

 

خزان جو دور ڪونه ٿئي، ڏکن جو زور ڪونه ٿئي

بهار ۾ قرار ٿئي، قرار منجهه قربتون.

 

هي ظلم زور بند ٿئي، حيات دلپسند ٿئي

نگاهه ڀي بلند ٿئي، ملن سڀن کي راحتون.

 

عيان آ رنگ رنگ مان، ڏسو نه ٿا ته پوءِ ڇا

بغاوتون ته ٿي ويون، اچن پيون قيامتون.

 

ملڻ ته آ محال پر، ملاپ ڀي سراب آ

اوهان جون مسڪراهٽون سراب جون سجاوٽون.

 

اداس شام ۾ اوهان جو عڪس آئينو ٿيو

جي محو ٿي ويون هيون، چٽيون ٿيون سي صورتون.

*

پرواهه نه آهي ڪنهن هستي جي، هي هستي ڪهڙي هستي آ

سوداءُ سِرن ۾ سُوريءَ جو، هي مستي ڇاجي مستي آ.

 

جيڪي به خَس و خاشاڪ اٿن، سَي بندَ اٿن سيلابن لاءِ

هت رهندڙ طوفان کان نه ڊڄن، هي وَستي ڪنهنجي وستي آ.

 

جو جُهوپو جهانگين جوڙيو هو، جنهن گهر لئه پاڻ پتوڙيو هو

ان گهر مان تَڙجي نڪرن ٿا، هي پستي ڪيڏي پستي آ.

 

هي پنهنجي حقن لاءِ مرن، سِر گهورين پنهنجي ماڳَ مٿان

ڏِس مانجهين مڻيادارن لئه ڪيڏي نه حياتي سَستي آ.

*

تنهنجو منهنجو ربط هو نازڪ شيشي جان

بي خبري ۾ ٺيس لڳڻ سان چُور ٿيو

 

ڪشتي جي ڪچائي جوئي ڏوهه نه هو

وِير سڻائي ٿي ته ڪنارو دور ٿيو.

 

مون سان ملندي تنهنجيون اکيون آليون ٿيون

پنهنجي پيار جو قصو ائين مشهور ٿيو.

 

منهنجو توسان هٻڪي هٻڪي ڳالهائڻ

تنهنجي مرڪ سان روشن دل جو طُور ٿيو.

 

بارش جي بوندن جي ماٺي موسيقي

دل جي ڪنن سان جنهن به ٻڌي مسحور ٿيو.

 

تنهائي جو زهر به قاتل زهر هيو

جنهن سان دل جو هر حصو ناسور ٿيو.

 

تنهنجو بشير به شاعر هو، خوددار هيو

بس هو پنهنجي قسمت کان مجبور ٿيو.

*

سچ ٿيڻيون سڀ ته محال هيون، ڪي ڳالهيون خواب و خيال هيون

ظاهر ۾ عجب اسرار هيون، اندر ۾ مگر هڪ خال هيون.

 

سڀ سهڻيون پنهنجي سَريرن ۾، مدهوش هيون سرشار هيون

پر منهنجي ڇهاءَ جي جادو سان، ڄڻ سرتاپا پامال هيون.

 

ماضي جي مزن جون چار گهڙيون، ڪم بخت اُهي ڪم عمر هيون

ڪيڏانهن الائي ويئون هلي، جي منهنجيون واقفِ حال هيون.

 

سُک هوئي ڪونه نصيبن ۾، بس ڏک ئي ڏک هو جيون ۾

جيئڻ جون مليون جي چار گهڙيون، بيڪار وَيون جنجال هيون.

*

مون کي خوابن ۾ اگر جلوه گهِ ناز ملي

زندگاني کي نرالو، نئون انداز ملي.

 

منهنجي شعرن ۾ سمايل آ سُرن جو ساگر

ڪاش اُنهن کي ڪو جادو ڀريو آواز ملي.

 

تنهنجي زلفن کي ڇُهي، هوش هوا جو به وَيو

شايد ان کي نه وري جرئتِ پرواز ملي.

 

حق چوڻ وارا ته هر دور ۾ هوندا آهن

ڪنهن کي ڪنهن کي ئي ٿو سقراط جو انداز ملي.

*

ياد توکي ڪئي زمانا ٿيا

تون نه وسرين گهڻا بهانا ٿيا.

 

اڄ عبادت جي وضع بدلي آ

منهنجا سجدا ئي آستانا ٿيا.

 

پرهه ڦٽندي ئي چنڊ ۽ تارا

تنهنجي ڳولها ۾ سڀ روانا ٿيا

 

مان تَهي دامن ۽ غريبِ عشق

دل جي دولت جا بس فسانا ٿيا.

 

هِت وڇوڙي ڏئي ڇڏيو ويراڳ

هُت وِداعي تي شادمانا ٿيا.

 

دل ته موجود هئي سرِمقتل

تنهنجا پنهنجا خطا نشانا ٿيا.

 

مصلحت مقصدِ حيات نه ٿي

زد ۾ طوفان جي آشيانا ٿيا.

*

سهڻي! تنهنجي سونهن آمايا، ساهڙ جهڙو روپ رچاءِ

ساهَڙَ کولي ساهڙ سامهون، پل پل ساهڙ کي سرچاءِ.

 

منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏيئي، اچ، منهنجي پير سان پير ملاءِ

پنهنجي ڇير کي ڇمڪائيندي اوري آءُ جمالو ڳاءِ.

 

ساٺ سَوڻ سينگار سمورا آهن ساجن! تنهنجي لاءِ

آءُ اڌوري آهيان تو بن، راڻا منهنجو روپ سجاٰءِ.

 

سنگ اچي مڌ مست هوا جي، رابيلن جي مالها پاءِ

نيڻ ڪٽاري لاءِ نشانو منهنجي دل آ، آءُ لڳاءِ.

 

ڪاش ٿيان مان ٽِڪَ منڊيءَ جي، مون کي تون آڱر ۾ پاءِ

مون کي ڇِنُ ڇَنن مان منهنجي، پنهنجي ويرهي منجهه وساءِ.

 

ڏونگر ڏور نه ڏاگهن ڏي ڏس، هوت پنهل آ تو وٽ ئي

سسئي! سيس نوائي پنهنجو، ور ور نانءَ اُهو ورجاءِ

 

موتين کان وڌ منهنجا مارُو، سون کان سرس آ ماڳ ملير

سون تي سيڻَ مٽيندس ڪئن مان، مورنه تون مون کي هِرکاءِ.

*

پيچ پنهل توسان ئي پاتم، توکي پنهنجو سڀ ڪجهه ڄاتم

تنهنجو اکين ۾ آکيرو آ، تنهنجي منهنجي جيءَ ۾ جاءِ.

 

هٺ هٺيلن جو هاڃو آ، نوڙت نوريءَ جو نرواڻ

ڪينجهر جي ڪنيا وانگي تون، پنهنجي پريتم کي پرڀاءِ.

 

تنهنجا زلف ٿيا زنجيرون، تنهنجي تارن ۾ تبرون

توسان ڪير مقابل ٿيندو، آءٌ، اچي تون آڻ مڃاءِ.

 

صبحن جي سنگيت جا سورج! او آسا جا مڌر آلاپ

رات وهامڻ واري آهي، هاڻي پنهنجو راس رچاءِ.

 

تنهنجي درشن لاءِ هي داسي، پُورن ۾ ڇو پوري ٿئي

آءُ نماڻيءَ جي نجهري تون، پنهنجين ئي گهورن سان گهاءِ.

 

پل پل تنهنجي لاءِ ترشنا، هردم تنهنجي تات تنوار

او اکڙين ۾ ويهڻ وارا، مون کي پنهنجي انگِ لڳاءِ.

 

سنگ- سهيلي، ٿي نه ڳهيلي، ڏس، تون منهنجو ڀيد نه کول

ٿي وينديس بدنام اجايو، مٺڙي منهنجو راز لڪاءِ.

*

صرف رئي جي ڪنڊ ڇڪي مون تنهنجا نيڻ- ڪٽورا ڇلڪيا

آءُ ڇڏيان، چهري جي گلابن جو پر تون ديدار ڪراءِ.

 

سوڪ ۾ سُڪندي سُڪندي ساجن! سِڪندي سِڪندي سال ٿيا

او ڍاٽين جا ڍول! اسان تي ميهر جو تون مِينهن وَساءِ.

 

ميري آ پوشاڪ پرين! پر ميرو ناهي منهنجو من

ڌيان ڌري ساڃهه جي جهروڪي مان تون اندر جهاتي پاءِ.

 

رئندي رئندي رات نه گذري، واجهائيندي ورهيه ٿيا

چنڊ جيان ڪڪرن مان نڪري، هڪڙو ڀيرو ليئو پاءِ.

 

منهنجو سک ڀي سنگت جو سک، ٻئي جو ڏک منهنجو ڏک آهه

آءُ اڪيلو ناهيان جڳ ۾، ڏاتر منهنجو ڏيهه وَساءِ.

 

بوءِ بغاوت جي آئي آ، سوچ ڪويءَ جي تي ڇانئي آ

ٻي ڪوتا کي پاسي رک تون، هاڻي گيت اهو ئي ڳاءِ.

*

سڪونِ قلب ميسر نه آ زماني ۾

حسد آ، بغض آ، لالچ آ دل جي خاني ۾.

 

خيال و خواب هيو منهنجي شعر جو پيڪر

اها ئي هڪڙي حقيقت هئي فساني ۾.

 

ڪکن پنن جو ٺهيل ناهه، لوهه جو آهي

لڳائي باهه ڀلي ڪوبه آشياني ۾.

 

اهو به همتِ مردان جو معجزو آهي

اڳوڻو زور نه آ تنهنجي تازياني ۾.

 

هزار دور ٿيا ختم، انقلاب آيا

ڪمي نه آئي آ قدرت جي ڪارخاني ۾.

 

بشير ختم ٿيو اڄ معاملو دل جو

تسلي آهي نه هن جي نئين بهاني ۾.

*

نه ڪوئي سنگي نه ڪوئي ساٿي ۽ انتها جي آ غم نصيبي

مثال ڏونگر جي ڏينهن ڏوريم ته سامهون آئي رات راوڻ.

 

نه تنهنجي ڪجلين اکين ۾ تجلي، نه تنهنجي قامت رهي قيامت

نئين وڇوڙي جي وقت منهنجي اکين ۾ ڀي ڪونه آهي سانوڻ.

 

اسان جي دل مشتِ خاڪ هوندي بچي آ حالات جي هوا کان

سهاري ڪنهن پيار جي هلي آ، وڄن جي وسڪار منجهه ڌانوڻ.

 

بشير هن سنگدل زماني ۾ آهي خطرو قدم قدم تي

مصيبتن کان ٿئين جي محفوظ پوءِ پيارن سان ڏانءِ ڏانوڻ.

*

 

او سرنهه جا پيلا گل

تون کيتن جي سُرهاڻ.

 

اکين جي آب- اُڇلّ

ڦهلي ته بڻي مهراڻ.

 

ڪئن مرڪ لڪائيندي

هي اکين جي آلاڻ.

 

دل! درد کان رهه هشيار

دشمن کي هيچ نه ڄاڻ.

 

چپ چاپ ڪري ٿي دل

دل وارن جي واکاڻ.

 

هي ماروئڙن جو سُور

آ سُورن جو سرواڻ.

 

ڦوٽهڙا ڦيري جا

تون شال جواني ماڻ.

 

سانباها سُوريءَ جا

آزاديءَ جا اهڃاڻ.

*

ٿئي درد جي ٿي عطا سدا شب ماه ۾

ڪٿي مرڪ ۾ آ مزو اهو جو آ آه ۾.

 

سرِ راهه منزلِ شوق جو ڪو نشان نه آ

نئون نقش ثبت ٿيو نه آهه نگاهه ۾.

 

نه بهار ۾ ڪو قرار آ مٺا تو بنا

نه ڪو ساءُ ٿو اچي ڪنهن به چير جي چاهه ۾.

 

سرِ خاڪ ذوق سفر جو ڪونه ڏِسي سگهيو

مليا منزلن جا نشان هر نئين راهه ۾.

 

اُهو نانءُ جنهن جي بني بشر کي خبر نه آ

اهو نانءُ آهه سدا بشير جي ساهه ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org