سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

باب: 1

صفحو :1

مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون

حميد سنڌي

ڇپائيندڙ پاران

 

                ”ڪهاڻي“ ادب جي هڪ پائيدار صنف آهي. هن صنف کي لکڻ  ۾ جيترو سولو سمجهيو ويندو آهي، حقيقت ۾ اوتري ئي دشوار آهي. ڇو ته ڪهاڻيءَ جا پنهنجا خاص ”لوازمات“ ٿين ٿا، جن تي ڪهاڻيءَ جي عمارت اڏي ويندي آهي. ڪهاڻي لکڻ هڪ فن آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري سموري روئداد، فرضي ڪردارن سان رومانوي انداز ۾ بيان ڪئي ويندي آهي.

                ”مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون“  ۾ شامل ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ جي  برک ڪهاڻيڪارن جون لکيل ڪهاڻيون آهن، جيڪي زندگيءَ جي ڳوڙهن ۽ تُز مسئلن تي نهايت ويجهڙائيءَ سان نظر رکندي سرجيل هي ڪهاڻيون خاص طور تي  ان دور ۾ لکيون ويون، جنهن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي نساهو ڪرڻ ۾ ڪجهه مهربانن پنهنجون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون هيون. جن ڏينهن ۾ ٻوليءَ جا مخالف سنڌي ٻوليءَ ۽  ادب خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي بيٺا هئا، تن  ڏينهن ۾ سنڌي اديبن پنهنجو مثبت ڪردار نڀائيندي پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي خوب خدمت ڪئي. جيتوڻيڪ انهيءَ تخليقي مسافريءَ دوران مختلف نقطئه نظر جي اديبن وچ ۾ وڏا وڏا ادبي مقابلا ۽ مجادلا ٿيندا  هئا. پر اسان جا اديب  اهڙن علمي بحثن مان  نتيجا ڪڍي، انهن کي پنهنجين لکڻين جو موضوع بڻائيندا هئا.

                ان پس منظر ۾ 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ چونڊ ڪهاڻين کي ڇپائڻ جي هڪ رٿا منظور ڪئي. ڪهاڻين سهيڙڻ جي ذميواري نامياري اديب جناب حميد سنڌيءَ کي سونپي وئي، جنهن صاحب مهراڻ ۾ ڇپيل معتبر ڪهاڻين مان 35  چونڊ ڪهاڻيون ڪڍي بورڊ جي حوالي ڪيون، جن کي گڏي ”مهراڻ جون چونڊ ڪهاڻيون“  جي عنوان سان ڇپائي پڌرو  ڪيو ويو. ڪتاب ڇپجڻ وقت ئي هٿئون هٿ وڪامجي ويو. مئنيجر بڪ اسٽال جي بار بار درخواست تي هن ڀيري ڪتاب جو ٻيو ڇاپو شايع ڪندي نهايت خوشي  محسوس ڪري رهيا آهيون. مون کي اميد آهي ته جهڙيءَ ريت هن مجموعي جو پهريون ڇاپو جلد وڪامجي ويو هو، اهڙيءَ ريت هن ڀيري به مانوارن پڙهندڙن وٽان ساڳي ئي موٽ ملندي.

 

ڄام شورو، سنڌ                                                                 انعام الله شيخ

خميس 20 جمادي الثاني 1428هه سيڪريٽري

بمطابق 28 جولاءِ 2005ع                                 سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com