سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري، فيبروري 1977ع

باب: --

صفحو :6

هن مهل تائين ساري سنڌ ۾ باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه دائود پوٽي ۽ شهيد عبدالرزاق جون ورسيون پڻ ملهايون ويون آهن. سنڌ جي سائين شاهه لطيف جون به تمام گهڻيون ورسيون ملهايون ويون آهن ۽ شاهه جي ڏنل پيغام ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي“ کي آڏو رکي اڳتي وڌن پيا. پنهنجي ماڳ ماڻڻ لاءِ سندن هر وک، ٻي وک کان وڏي آهي. انهن ٻارڙن جي واکاڻ ڪندي، سنڌ جي مشهور شاعر جناب ”امداد حسينيءَ“ چيو:

”هڪ ورهيه اچي پنو،

اک ڇنڀ ۾

گلن جهڙا ٻارڙا

ڦلن وانگر مرڪندا

هڪ ورهيه جو پنڌ

هڪ وک ۾ لتاڙي آيا.“

رپورٽ: اخلاق انصاري.

ابڙو طارق نقيس

روشن تارا

همايون گل

 

همايون گل  ۽  ابڙو طارق نفيس

هُونءَ ته مان کيس چڱي طرح سڃاڻان پر تقرير ڪندي کيس پهريون ڀيرو هڪ تقريب ۾ ڏٺو هيم. پورو پُنو قد، صحت مند جسم، نڪ جي چوٽي تي نظر جي عينڪ جي شيشن پٺيان جرڪندڙ اکيون ڄڻ ته ٻه ٽانڊاڻا جن ۾ ذهانت جي چمڪ اُتم، هُو مُرڪي مُرڪي ۽ هٿن کي مخصوص انداز سان هوا ۾ ڦيرائي گهيرائي پنهنجو مقصد بيان ڪري رهيو هو. سندس لفطن ۾ آبشار جهڙي وهڪ ۽ سندس آواز ۾ پهرين ڪرڻن جهڙي تازگي هُئي. جي ها دوستو، انهن سڀني خصوصيتن جو حامل همايون گُل آهي- همايون کي هر اُهو ٻار ضرور سڃاڻندو جنهن جي گهر ۾ ريڊيو ۽ ٽي.وي موجود آهي. توهان ٽي.وي. ڊرامن ۾ مٿي بيان ڪيل خصوصيتن جي مالڪ کي ضرور ڏٺو هوندو. ريڊيو پاڪستان تان هر آچر تي پيش ٿيندڙ پروگرام (ٻارڙن جي ٻاري) ۾ پڻ سندس تازگي بخشيندڙ آواز ٻڌندا هوندؤ.

هڪ ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ جڏهن مون همايون جي فني صلاحيتن تي سوچيو ته مون کي همايون گل بيحد مٿاهون فنڪار محسوس ٿيو ۽ انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي، منهنجي دل ۾ هڪ خواهش جنم ورتو ته ڇونه همايون کان انٽرويو وٺجي، جنهن کي گل ڦل جا پڙهندڙ ٻارڙا پڙهي ڪو سبق پرائين. اها ڳڻ ڳڻي مون همايون جي ڳولا شروع ڪئي- سندس گهر ڪيترائي ڀيرا ويس، پر هو نه مليو. ڪڏهن ٽي وي تي ته ڪڏهن ريڊيو جي ريهرسل تي- انهن ئي ڳڻتين ۾ هڪ ڀيري شام جو بس ۾ سوار ٿيس ته منهنجو وجود عجب جي انگاس ۾ لٽڪي پيو- همايون به ساڳي ئي بس ۾ سوار هو- جيڪو ڳولڻ سان نٿي لڌو، سو اڻ ڳوليو هٿ اچي ويو. بنا ڪنهن دير جي وڃي ساڻس مليس، سندس هٿ ۾ ڪي ڪارڊ هئا، پڇيم ”هي ڇا اٿئي؟“ ڪارڊن ڏانهن  ڏسي مون کي ڏٺائين ۽ پوءِ چيائين ”هي ته آهن آغا سليم جي ڊرامي جا ڪارڊ، پر توهان هڪدم سوال ڇا لاءِ شروع ڪيا آهن؟.“ موقعو غنيمت سمجهي چيم ”مان توهان کان انٽرويو وٺڻ ٿو چاهيان.“ هو حيران ٿي ويو، پر پوءِ ٽهڪ ڏئي چيائين ”هن وقت! بس ۾!؟“ چيم ”ڀلا ٽائيم ڏي؟“ بنا ڪنهن ڪوڙي رک رکاءُ جي ڏاڍي نماڻائيءَ سان چيائين ”حاضر، سڀاڻي مان توهان جي گهر تي پوري ڏهين وڳي حاضر ٿي ويندس.“ هن وقت صبح جا ساڍا نو ٿيا آهن. همايون جي اچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ کن آهي، ان کان پهرين جو همايون اچي ۽ مان توهان کي ساڻس ڪچهري ڪرايان، بهتر ٿيندو ته توهان سان سندس تعارف به ڪرائي ڇڏيان- همايون گل مئٽرڪ سينٽ ميري بونا وينچر مان پاس ڪئي آهي، هن وقت مسلم ڪاليج ۾ فرسٽ يئر سائنس جو شاگرد آهي. سندس عمر هن وقت 16 سال آهي، شام جو ڪڏهن ڪڏهن هاڪي جي رانديگرن جي جيڪٽ پايون ڪُلهي تي هاڪي کي ڦيرائيندو ميدان تان موٽندي يا ويندي نظر ايندو- همايون کي سُٺي لباس پائڻ جو بيحد شوق آهي، ۽ نج سنڌي ڳالهائڻ جو پُڻ- هڪڙو منٽ ترسجو، دروازو ٿو کڙڪي شايد همايون گُل اچي ويو آهي، ڏسو منهنجو انديشو صحيح نڪتو نه؟ همايون اچي ويو. ها ته همايون، مون کانئس پهريون سوال پڇيو: توهان هڪ ئي وقت بهترين مقرر، اداڪار، ۽ صداڪار آهيو، ٻڌائي سگهندو ’ته انهن ٽنهي مان توهان کي ڏکيو فن ڪهڙو محسوس ٿيندو آهي؟ ڪجهه دير ٽٻي ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ وراڻيائين، آهن ته اهي ٽيئي فن پنهنجي جاءِ مشڪل- اداڪاري ۾ آواز ۽ منهن جي تاثر سان پنهنجو مقصد بيان ڪيو ويندو آهي، ۽ صداڪاري ۾ رڳو آواز جي لاهي چارهي سان- لفظن جي حقيقي پيڙا ٻڌندڙن تائين رسائي ويندي آهي، پر منهنجي خيال ۾ ڏکيو فن تقرير ڪرڻ آهي، ڇو ته تقرير ڪرڻ لاءِ خود اعتمادي ۽ حاضر دماغي نهايت ضروري آهي، اسٽيج تي هزارن ماڻهن اڳيان جيڪو ڪجهه زبان مان نڪتو سو واپس وري نٿو سگهي. پر ريڊيو يا ٽي- وي تي ته ائين نه آهي نه! اُت جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وئي. اُن کي ختم ڪري ٻيهر صحيح ڪري سگهجي ٿو!- پڇيو مانس مون ٻڌو آهي ته فن قرباني گهرندو آهي ڇا واقعي؟- وراڻيائين: ها- ڏات لاءِ پيڙا ڀوڳڻي ئي پوندي آهي- بشرطيڪه اهو شخص پنهنجي ذات سان سچو هجي- مون کي هڪ هڪ ڊرامي لاءِ هفتا هفتا، اسڪول گسائڻو پوندو آهي رات ڏينهن ريهرسل ڪرڻي پوندي ڪڏهن ته ٻه ٻه ويلا ماني به نه ملندي آهي!- پڇيم توهان ٽي- وي جي ڪيترن ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪا آهيو. اُنهن مان ڪهڙان ڊرامن ۾ توهان کي پنهنجي اداڪاري پسند آهي؟ کن لاءِ خلا ۾ گهوريائين ۽ پوءِ وراڻيائين: ادا، اٽڪل پندرنهن سورنهن ڊرامن ۾ مختلف ڪردار ادا ڪري چڪو آهيان، پر مون کي پنهنجي اداڪاري ٻن ڊرامن ۾ پسند آئي جيڪي علي بابا جا لکيل آهن، هڪڙو- ”دُنگي منجهه دريا“ ۽ ٻيو ”لهرون لس ليٽ.“

دُنگي منجهه درياءِ، ان ڊرامي تي مون کي ياد آيو ۽ جيڪي ٽي وي ۽ اخبار پڙهندا ۽ ڏسندا هوندا، تن کي ڀلي ڀت ڄاڻ هوندي ته، علي بابا جي انهيءَ ڊرامي تاشقند جي عوامي ميلي ۾ ٻيو نمبر انعام حاصل ڪيو هو، ۽ جن اهو ڊرامو ڏٺو هوندو تن همايون گُل جي ڪردار ساماڻي کي نه وساريو هوندو. پڇيم: روشن تارا ٽي- وي تان پيش ٿيندڙ پروگرام بند ٿي ويو آهي.

توهان جو ڪهڙو خيال آهي، ٻيهر شروع ڪيو وڃي يا نه؟

اکين ۾ اکيون اٽڪائي ٿورو مرڪي چيائين: يار سچ ڳالهه پڇو ته روشن تارا پروگرامبند ٿيڻ ۾ وڏو هٿ آهي ئي سنڌي ٻارڙن جو؛ جڏهن اهو پروگرام شروع ڪيو ويو هيو ته پهريائين ماهتاب چنا سان مان به روشن تارا ۾ شريڪ ٿيندو هئس. چيايائين، مان توهان کي هڪ ڳالهه ٻڌايان ته اسان سنڌي ٻارڙن کي حيدرآباد مان ايلاز ڪري کين روشن تارا ۾ حصو وٺرائيندا هياسين، تڏهن به اڌ کان وڌيڪ ٻار غير سنڌي هوندا هيا جيڪي روشن تارا ۾ شريڪ ٿيندا هيا. باقي ڪراچي جي مقامي سنڌي ٻارڙن لاءِ ڇا عرض ڪريان! کين شروعات ۾ ئي اُردو پڙهائي ٿي وڃي، تنهنڪري اهي ٻارڙا پوري طرح سنڌي ڳالهائڻ کان قاصر آهن، جڏهن پروگرام روشن تارا جاري هيو، تڏهن ٻارڙن ڪوبه شوق نه ڏيکاريو ۽ هاڻي اخبارن ۽ رسالن ۾ واويلا وتن مچائيندا، ڇا اهو ٺيڪ آهي!-؟ همايون جواب ڏئي زمين ۾ گهورڻ لڳو، تڏهن کانئس پڇيم: اسان جا سنڌي ٻارڙا ڇا، دنيا جي ٻين ٻارڙن کان ڪنهن طرح سان گهٽ آهن؟ همايون منهنجو سوال ٻڌي ڪجهه دير مون کي ڏسندو رهيو، ۽ پوءِ چيائين سچ چوان يا ڪوڙ؟

مون سندس اندر جي پيڙا کي پرکي ورتو، چيم: همايون سچ ٻڌاءِ، اسان جا ٻار هاڻي وڌيڪ ڪوڙ ٻڌڻ پسند نه ڪندا. تڏهن چيائين: ها، گهٽ آهن، اسان جن ٻارڙن ۾ جيڪڏهن صلاحيتون آهن به ته انهن کي ڪم نه ٿا آڻين. اسان جا ٻار رڳو سوچڻ جي حد تائين ذهين آهن، باقي عملي ڪم کان بس! چيائين هن وقت مان سنڌي ٻارن جي اڪثريت جي باري ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي. پڇيومانس: اسان جن ڪيترن ڀائرن کي ريڊيو يا ٽي- وي تي اچڻ جو بيحد شوق آهي، اهڙن دوستن کي ڪابه صلاح ڏيڻ چاهيو ته؟ وراڻيائين: مون پهريان به عرض ڪيو ته اسان جن ٻارڻ ۾ صلاحيتون به آهن، شوق به آهي پر اهو شوق فقط شوق جي حد تائين. ريديو وارن کي ته نون آوازن جي بيحد ضرورت آهي. همايون پنهنجي لاءِ ٻڌايو ته هن وقت سندس آواز ريڊيو تان پيش ٿيندڙ پروگرام (ٻارڙن جي ٻاري) لاءِ ٺيڪ نه آهي، ڇو ته منهنجي آواز ۾ هاڻي اُها ٻاراڻي معصوميت نه رهي اهي، چيائين پر مان ڪنهن سنڌي ٻارڙي جي اوسيئڙي ۾ آهيان جيڪو اچي مون کان پنهنجو حق وٺي. اسان جا ٻار ريڊيو جي ريجنل مئنيجر ڏانهن درخواستون لکن به ٿاپر جڏهن کين آواز جي انٽرويو لاءِ گهرايو ٿو وڃي ته نه ٿا اچن، مان کين صلاح ڏيندس ته ائين نه ڪن. جيڪڏهن ڪنهن ٻار ۾ صلاحيتون موجود آهن ته کيس هڪدم کنيو ويندو ۽ ساڳي طرح ٽي- وي تي به ٻارڙن جي بيحد گهرج آهي.

پڇيم: توهان جي زندگي جي ڪا مزيدار ڳالهه؟

ڪجهه دير سوچيندو رهيو پوءِ ٽهڪ ڏيئي چيائين، ها! هونءَ ته ٽي- وي ڊرامي جي هر شوٽنگ ۾ ڪانه ڪا مزيدار ڳالهه ٿيندي آهي پر سڀ کان مزيدار واقعو، علي باب جي لکيل ڊرامي ”دنگي منجهه دريا“ ۾ ٿيو. ڳالهه هينئن آهي جو ان ڊرامي جي شوتنگ اسان ڪوٽڙي بئراج تي ڪرڻ آيا هئاسين. ڊرامي جي آخري منظر جي فلمبندي پئي ٿي، مان ٻيڙي ۾ بيٺو هيم. ٻيڙي تيز تيز لوڏا کائي رهي هئي ڇو ته اهو منظر طوفان جو هئو. ان ٻيڙي ۾ هڪ ڪيمره مين کان سواءِ هڪ لائيٽ مين به هيو، جنهن جي هٿ ۾ تيز روشني واري لائيٽ به هئي. هو اها روشني بار بار منهنجي منهن تي هڻي رهيو هو. اڳي ئي عينڪ لٿل، ويتر جو هر هر روشني اکين ۾ پئي لڳي، سو پريشاني پئي ٿي. مون لائيٽ مين کي جهليو ته هو بار بار منهنجي منهن تي لائيٽ نه هڻي. پر هو به هيو مذاق جي موڊ ۾، سو ٻڌي ئي نه. مون به مذاق ئي مذاق ۾ کيس کڻي ڌڪو ڏنو. ته مڙس لائيٽ سوڌو ڌو وڃي درياهه ۾ ڪريو، پوءِ ته شوٽنگ بند ڪري کس ڪڍڻ لڳا. همايون پنهنجي خطرناڪ مذاق ٻڌائي بس ڪئي ته مون به کانئس هڪ سنجيدو سوال پڇيو: توهان ڪجهه وقت اڳي گلن جهڙا ٻارڙا سنگت جا جنرل سيڪريٽري هئا پر پوءِ ان تان استعفا ڏيڻ جو ڪارڻ؟

وراڻيائين: هڪ نه پر ڪيترائي ڀيرا پڇيم: ڇو؟

وراڻيائين: بس ائين کڻي سمجهو ته هرهڪ ٿي چاهيو ته سندس نالو سرفهرست هجي پر عملي ڪم کان جواب آهي. هر ڪنهن پنهنجو ۽ پنهنجي دوستن جو مفاد ٿي چاهيو. ائين کڻي سمجهيو ته سنگت خواهه رسالي تي به ڪن خاص ماڻهن جو قبضو ٿي ويو جا ڳالهه مون کي نه وڻي. پڇيم: صدارتي ايوارڊ سنڌي ٻارڙن کي به ڏنا وڃن، توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟

چيائين: ٻه سال کن ٿيندا ته صدارتي ايوارڊ ڏيڻ بند ڪيا ويا آهن، ڪنهن کي به نٿا ڏنا وڃن؛ پر جڏهن به ڏٺا وڃن ته اسان کي به ڏنا وڃن، اسان به صدارتي ايوارڊ جا اوترائي لائق آهيو جيترا ڪي ٻيا.

پڇيم: توهان سنڌي ادب ضرور پڙهندا هوندا. سنڌي اديبن مان توهان کي ڪهڙا پسند آهن؟

چيائين: وڏن شاعرن مان، امداد حسيني، استاد بخاري، تنوير عباسي، وڏن ڪهاڻيڪارن مان جمال ابڙو، نسيم کرل، امر جليل ۽ عبدالقادر جوڻيجو، ۽ ننڍن شاعرن مان ادل سومرو، اياز گل، ۽ ننڍن ڪهاڻيڪارن مان ادل سومرو، اخلاق انصاري، ۽ طارق نفيس. چيم- آرٽسٽ؟ چيائين آرٽسٽن مان ع-ق شيخ، فتاح ظفر ڪاظمي، دارا ابڙو، گل محمد کتري، ۽ طارق نفيس. ۽ پوءِ مون کي ڏسندي چيائين توهان ڪوبه هڪ رستو وٺو نه! يا... سندس ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيم انٽرويو مان توهان کان ٿو وٺان، سو ٽهڪ ڏيئي کلي پيو.

پڇيو مانس: توهان به ته هڪ ئي وقت اداڪار، صداڪار ۽ مقرر آهيو، ڇا مستقبل ۾ ڪو هڪ رستو نه وٺندؤ؟ ٺهه پهه وراڻيائين: نه، مان مستقبل ۾ رڳو ڊاڪٽر بڻجڻ ٿو چاهيان!

مون کانئس آخري سوال پڇيو: گل ڦل جي پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

وراڻيائين: دوستو! پنهنجو پاڻ سان سڄا رهو، ڇو ته اسان سنڌ جي مستقبل جا معمار آهيون ۽ اسان ئي پنهنجي ڌرتي جي تهذيب جا وارث آهيون.

وقت تيزيءَ سان گُذري رهيو آهي- وقت تيزيءَ سان گُذرندو رهندو، سڀاڻي جو ڪم اڄ ڪري ڇڏيو. سڀاڻي ڪجهه به نه آهي. جو به آهي- اڄ ئي آهي. منزل تي پهچڻ کان پوءِ ٻي ماڳ جي ڳولا ڪيو- وڌو اڳتي- اڃا اڳتي!!! همايون پيغام ڏيئي چپ ٿي ويو. مون کي لڳو، ڄڻ بلندي تان ڪرندڙ آبشار ماٺو ٿي ويو! بس رڳو سندس پڙلاءُ ڪمري جي ديوان سان ٽڪرائي گم ٿي ويو، مون سندس جرڪندڙ اکين منجهه ڏٺو. جيڪي تڪي رهيون هيون. ان اڻ ڄاتل ماڳ کي جيڪو اڳتي آهي تمام اڳتي.......!

ڪوڙو قسم

توهان مان ڪيترا ٻار ڳالهه ڳالهه تي خدا جو قسم- رسول جو قسم، قرآن جو قسم، ڀٽ ڌڻي جو قسم ڄاڻي واڻي کڻندا رهن ٿا. انهن جي قسم کڻڻ سان چڻ توهان انهن کي پنهنجي هر ڳالهه جو شاهد رکو ٿا. قسم تڏهن کڻو جڏهن انهيءَ جي ضرورت هجي ۽ دنيا توهان جي انهيءَ ساک تي اعتبار ڪري سگهي.

موڪليندڙ محمد رمضان قريشي نئون آباد

نياز پنهور

1976 منهنجي نظر ۾

اڄوڪي دؤر ۾ سنڌ اندر سنڌي ٻاراڻو ادب تمام گهٽ ڇپجي ٿو، ان جي ڀيٽ ۾ وڏن جو ادبي ذخيرو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. سنڌي ٻاراڻي ادب کي ترقي ڏيارڻ جو ڪنهن کي به ڪو احساس نه ٿو ٿئي. جيڪي اڄ جا ننڍڙا ٻار آهن، انهن جي ذهني اوسر لاءِ هر ڪنهن کي سوچڻ گهرجي. انهن جي ذهني اوسر تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن انهن لاءِ اخلاقي ۽ ادبي ڪتاب چڱي تعداد ۾ ميسر هجن، جيئن انهن مان هو ڪجهه پرائي سگهن. ٻين ٻولين ۾ ٻارڙن لاءِ ڳڻپ کان ٻاهر رسالا ۽ ڪتاب ڇپجن ٿا، ۽ اسين سنڌي ٻار ئي بدنصيب آهيون، جو اسان لاءِ مهيني ۾ صرف ٻه ماهوار رسالا شايع ٿين ٿا. هڪ سنڌي ادبي بورڊ پاران ماهوار ”گل ڦل“ ۽ ٻيو ”گلن جهڙا ٻارڙا“. ان کانسواءِ، ڪجهه پبليڪيشنون ٺهيون، جن ڪجهه پرچا ڇپرايا، پر پوءِ اهي ختم ٿي ويون. انهيءَ جو واحد ڪارڻ اهو هو جو کين ڪابه مدد ڪانه ملي ۽ کين سرڪاري يا نيم سرڪاري اشتهارن کان محروم رکيو ويو. گل ڦل ۽ گلن جهڙا ٻارڙا ئي ٻه رسالا اڃا تائين نڪرندا اچن. انهن ٻنهي رسالن سنڌي ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ خاطرخواه ڪوششون ورتيون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com