سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري، فيبروري 1977ع

باب: --

صفحو :7

اوهان جو امتحان

ماهه نومبر ۾ ڏنل امتحان جو جواب آهي: 5220 رپيا. صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

مٺيءَ کان: ڀرت ڪمار بي- ڪيلا. ڳوٺ حيات پتافيءَ کان: اوم پرڪاش شداڻي، نرنچن لعل ماکيجا، عبدالعزيز کوکر، منيداد تلريجا، اشوڪ  ڪمار ڪڪريجا، اسوڪ ڪمار ڇاٻڙيا ۽ گهمڻ داس ڪڪريجا. دڙي کان. شبير سائين، محمد قاسم سومرو، عبدالمجيد سومرو، رجب علي سومرو ۽ ايم- حنيف سومرو. پنگرئي کان: عبدالرزاق خاصخيلي، پريم پرڪاش ۽ ايس-اي-آر. ڳوٺ خانپور مهر کان: قادر داد خان مهر ۽ جڳت رام. پني عاقل کان: نعيم احمد ناز شيخ، رفيق احمد شيخ ۽ طارق احمد. ڳوٺ داد لغاريءَ کان: محمد خان لغاري، محمد اسماعيل سومرو، الطاف احمد سومرو ۽ رياض احمد پتافي. ميرپوربٺوري کان: محمد سليم کتري. نيوسعيدآباد کان: امتياز حسين راهي، محمد افضل ميمڻ ۽ اعجاز احمد ميمڻ. ڳوٺ گل محمد چانڊئي کان: جماعت علي چانڊيو ۽ عبدالفتاح چانڊيو. ڳوٺ جروار کان: منوهر ڍوليا، اجيت سنگهه ڍوليا، هريداس لنڊ، راجڪمار واڌواڻي، علي اسدالله ملاڻو، مڪند ڪمار جيسراڻي، هريداس لنڊ، راجڪمار واڌوواڻي“ علي اسدالله ملاڻو، مڪند ڪمار جيسراڻي، هوندراج جيسراڻي ۽ ڪشور لعل نانڪرام پنجابي. خداآباد کان: صلاح الدين قريشي، شجاع الدين قريشي ۽ محمد نواز چانڊيو. جهول کان: قيصر علي چانگ. ڳوٺ لعل بخش مهيسر کان: انور علي لاشاري. قمبر کان: مظلوم منظور علي شيخ ۽ عبدالفتاح ڪلال. شادي پليءَ کان: علي اڪبر پنهور. سيوهڻ کان: محمد فيصل اوٺو، غلام مصطفيٰ مسڪين اوٺو، حاجي عبدالله اوٺو ۽ محمد ايوب اوٺو. نئين آباد کان: راجو مل ڏونگراڻي، علي محمد مهر، علي حسن مهر، عبدالستار مهر ۽ محمد قاسم چانڊيو. مٺياڻيءَ کان: نصرالله مستوئي، غلام مصطفيٰ بلوچ؛ غلام مرتضيٰ مشوري، رشيد احمد ڀرٽ، غلام حسين مشوري، قاضي قربان سهتو، عبدالستار مشوري ۽ غلام فاروق. خيرپور ميرس کان: سرمد تنوير عباسي، بشير احمد شيخ. لارڪاڻي کان: ذوالفقار علي راڄپر، اختر حسين ابڙو، ارشد ابراهيم صديقي، عاشق علي گوپانگ، رياض احمد سانگي، سهيل احمد سانگي، رميش ڪمار، لياقت لي، تنوير احمد عباسي ۽ گدا حسين. بدين کان: محمد ايوب پسيو. کپري کان: رضوان سعيد قاضي ۽ فرحان سعيد قاضي. ڳوٺ درويش نائچ کان: احمد حسين بخاري. ڳوٺ ٺِرهي کان: ذبيح الله شيخ. ڳوٺ خانواهڻ کان: عاجز احمد بخش سومرو. عمرڪوٽ کان: محبوب علي ”محبوب“، رميش ڪمار بچاڻي، تاراچند بچاڻي. ڳوٺ شير محمد سولنگي کان: بخشل لغاري. ڳڙهي ياسين کان: ذوالفقار علي ميراڻي، الهه بخش سومرو ۽ عبدالغني ميراڻي. ٽنڊي جان محمد کان: انور الدين ڏيپلائي، ديوانداس ناز مارواڻي، محمد شريف جروار، مسعود اختر، پرڀو لعل، تاراچند ناز ۽ ليکراج مل مالهي. راڌڻ کان: طارق امين لاکير ۽ بشير احمد خان سنجراڻي. ڳوٺ لونگ ڏيٿي کان: عاجز عبدالقيوم ڏيٿو ۽ عرس خان ڏيٿو. حيدرآباد کان: انيلا ڪماري، اجيت ڪمار، يونس قمر شيخ ۽ اعظم پرويز ميمڻ. نئين ديري کان: احمد بخش عباسي ۽ مشتاق احمد منگي. بادهه کان: مبشر علي ڪولاچي، بشير احمد پٺاڻ، عبدالله جهيتال ۽ شام ڪمار. ڪنڌڪوٽ کان: رميش ڪمار آر آزاد اندر لعل لنڊ ۽ رام ڪمار ٺهراڻي. گجي کان: زمان علي جوکيو ۽ عبدالحليم جوکيو. دادوءَ کان:  محمد نواز جمالي منظور علي تنيو ۽ سيد صالح محمد شاهه جيلاني. ”هالا کان: ظهور احمد ميمڻ، شڪيل احمد انصاري، سيف الله ڀٽو، قاضي محمد انصاري، محمد اسلم ابڙو، فيض محمد ابڙو، فياض احمد ابڙو، الهه بچايو انصاري، سيما شاهين ۽ پروين فيروز ميمڻ. شاهه پور جهانيان: عاجز اسلم لغاري، الهجڙيو لغاري، علي اصغر لغاري ۽ نظر محمد لغاري. ڳوٺ اڳڙن کان: مجيب الرحمان ٽالپر. وارهه کان: ڀڳوانداس، جيئل داس، عبدالحميد بروهي، عبدالقادر بروهي ۽ عبدالمجيد ٻهگيو. ميرپورخاص کان: فيض عالم پنهور. ٺل کان: خاوند بخش ڀٽي. ساماري کان: محمد قبول، مولچند پرڪاش، ڀاءُ مل ۽ جيرام مهراج. ميرپور پراڻي کان: امر پنهور، عبدالوحيد پنهور ۽ شفيع محمد پنهور. ٽنڊي باگي کان: امتياز احمد سمون. جهڏي کان: فهيم الاهي ميمڻ، شاهنواز هوت بلوچ، جاويد اقبال مٺواڻي، روميلا فرحين مٺواڻي ۽ احمد علي ڀٽي. ڳوٺ احمد خان کوسي کان: علي گوهر کوسو ۽ زاهد کوسو. اسلام ڪوٽ کان: ايم-سلطان علي نواز، ڌنش ڪمار راٺوڙ، آنند ڪمار، اشوڪ ڪمار، رام ريگستاني، پرڪاش، ڏيالداس، اوڌو داس، ۽ ايشور لعل. ڳاڙهي موريءَ کان: الهه رکيو سومرو. پيٽاري کان: محمد صالح مٺواڻي ۽ رياض احمد مٺواڻي. ٽنڊي ڄام کان: سعيده خانم آکاڻي، محمد يونس لغاري ۽ مس زاهده پروين ميمڻ. ڳوٺ ڀليڏني ڪاڪا کان: امام بخش ڪاڪا ۽ مولابخش ڪاڪا. ڳوٺ ڪونڪي کان: گل حسن ڪلمتي بلوچ. ڳوٺ ملڪ ضلع نوابشاهه کان: انيلا کيڙو. ڳوٺ اڏيري لعل وليج کان: غلام مصطفيٰ ورياه، علي محمد ورياه، محمد اسماعيل ورياه ۽ محمد عثمان ورياه. ڪنريءَ کان: علي محمد ميمڻ. ڳوٺ ڪنڊياري سانگهڙ کان: نارائڻ داس. کاهيءَ کان: هوتچند کتري. اڏيري لعل اسٽيسن کان: حفيظالله ابڙو. گهوٽڪيءَ کان: دلدار حسين ڀٽو. (نامعلوم شهر کان): خوبچند راجپال، ڀيسم ڪمار، محمد علي اصغر مٺواڻي ۽ محمد صالح ڀٽي. ڳوٺ سڄڻ سانگيءَ کان: جميل احمد سانگي. ڳوٺ ڀائي خان لاشاريءَ کان: عبدالقادر لاشاري. ٿاڻي بولا خان کان: ارجن مل ڪوهستاني، هري مل ڪوهستاني ۽ پيتو مل ڪوهستاني. ڳوٺ رڪن ٻرڙا ضلع سانگهڙ کان: محمد حافظ خان هنڱورو. ڳوٺ سٺ ميل نصرت کان: شبير حسين سر بلوچ. ڊگهڙيءَ کان: محمد ميمڻ. ٻيلي سجاول کان: گل حسن ميمڻ. ڪشمور کان: سندر داس اداسي. ڳوٺ واهڻ گل محمد کان: غلام سرور کهڙو. ٽنڊي آدم کان: غازي خان چانگ. داٻيچيءَ کان: عزيزالله پنهور. ڳوٺ ڇتي مارواڻي کان: عطا محمد ٽالپر. ڳوٺ ٺٽ ڳوراهي کان: واحد بخش سومرو. ڍوري ناري کان: عبدالحميد. ڳوٺ سمي شريف کان: نواب علي کولر. ڳوٺ بنگل ديري کان: عبدالماجد ڀٽو. ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙيءَ کان: شولال هريجن ۽ اشفاق احمد ڀرڳڙي. راڻيپور کان: الهه آندل سولنگي ۽ محمد محبوب الرحمان احمداڻي. ڳوٺ پير محمد ميتلي قمبر کان: وحيد الرحمان ميتلو. ڳوٺ بگهاڙ موريءَ کان: قمرالدين عباسي. نوشهري فيروز کان: عبدالغفور سومرو. ڳوٺ پير ڏني هنڱوري کان: محمد حافظ هنڱورو. ڳوٺ طاهر هنڱوري کان غلام هنڱورو. سڪرنڊ کان قاضي عبدالسلام انصاري. هالا پراڻا کان: الهه بچايو ميمڻ. ڳوٺ ڪاڪيپوٽن کان: ظهيرالدين ڪاڪيپوٽو. ڳوٺ ٻانڌيءَ کان: مدد علي جمالي. ڪوٽڏيجيءَ کان: عبدالحفيظ کوسو. ميرپورماٿيلي کان: اشوڪ ڪمار جيسراني، مهتاب احمد کوکر فهيم، حسين احمد کوکر، عبدالرزاق سومرو، اوم پرڪاش 7 حبيب الرحمان ميمڻ. ڪراچيءَ کان: گانگجي ۽ گل حسن ڪلتي بلوچ. نوابشاهه کان: الاهي بخش ڀٽي، الهورايو ڀٽي، منوهر لالا تنواڻي، مختيار احمد من قريشي، محمد عالم کوکر، لعل چند تنواڻي ۽ ممتاز احمد گل قريشي. ڳوٺ کهڙن کان: اقبال احمد شيخ، غلام شبير خليق مڱريو ۽ غلام اڪبر ميمڻ. موري کان؛ پرويز احمد ميهڙ، فضل الرحمان قاضي مرحوم، محمد مسعود احمد سومرو ۽ شمشاد احمد سومرو. شڪارپور کان: عمران عطا سومرو، نظر محمد سومرو، شيخ وسيم گل، غلام ظفر سومرو، صدرالدين اداس، نصير احمد سومرو، عظمت الله سنجراڻي، عبدالڪريم سومرو، ظهور احمد هڪڙو، اعجاز احمد منگسي ۽ فاروق اصغر سومرو. ڳوٺ مير يار محمد خان ٽالپر کان: اعجاز احمد ٽالپر ۽ الهه بچايو چانڊيو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري کان: سلمه ناز پنهور، ممتاز علي پنهور، اعجاز علي پنهور ۽ اعجاز احمد راڄپر. ڏيپلي کان: سريش ڪمار موراڻي، رميش ڪمار شرما، عطاءُالرحمان ميمڻ، بلال الدين مٺواڻي، عبدالقادر آزاد، منظور قادر ميمڻ، عباس احمد بجير، آفتاب احمد بجير، فضل الاهي جانواني، ميمڻ محمد عمر اسد، غلام الله مٺواڻي، عبدالرحمان ڪلر ڏيپلائي، علي محمد ڪاپٽ قادواڻي، حاجي محمد بجير، شهزادو اقبال ۽ الهورايو ميمڻ، جيڪب آباد کان: ڀوڄراج راجاڻي، گريل لعل پرديسي، شيام لال، دولت رام، ستياپال، نندپال ۽ ڏيچند.

 

امتحان نمبر-21

 =   x 2  -  7

مٿئين حساب جو صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا اپريل 1977ع جي گل ڦل ۾ شايع ڪيا ويندا. جواب موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 26 مارچ 1977ع آهي. جواب سان گڏ، هن رسالي ۾ ڌار ڏنل ڪوپن نمبر-21 ڀري موڪلڻ ضروري آهي. هڪ ڪوپن رڳو هڪ ڄڻو ڪم آڻي سگهي ٿو. هڪ ئي لفافي ۾ ڪيترا به ڪوپن گڏي موڪلي سگهجن ٿا. پنهنجا نالا، مختصر ۽ صحيح لکو.

سنڌي ٻار

آهه اڳواڻ جو سنسار جو، مَٽ نه ڪو سنڌي ٻار جو.

پينگهي ۾ جو سور پرائي، بُکيو آ سو پيار جو.

مَٽ نه ڪو سنڌي ٻار جو.

سوڍو سامايو آ، ڏيندو جواب هر وار جو.

مَٽ نه ڪو سنڌي ٻار جو.

هام ڀل هوت هڻن، جوڙ نه ڪو جوڌي جيءَ جيار جو.

مَٽ نه ڪو سنڌي ٻار جو.

آيو آيو ”عدنان“ آيو، ڪيرائيندو ڪوٽ ڪوڙ جو.

مَٽ نه ڪو سنڌي ٻار جو.

- عدنان.

تاراچند ”ناز“ ٽنڊو جان محمد

سونهن ۽ سرهاڻ جي سر زمين- سئٽزرلئنڊ

هونءَ ته گهڻو ڪري هر ملڪ کي قدرت طرفان فطري سونهن ۽ سوڀيا عطا ٿيل آهي، سڄيءَ دنيا ۾ سئٽزرلئنڊ جهڙو سهڻو، سرهو ۽ سکيو ملڪ ٻيو ڪوبه ڪونهي. هن ملڪ کي سڀني قومن جا ماڻهو پيار وچان ”يورپ جو باغ“ سڏيندا آهن، ڇو ته هتي روءِ زمين جي سمورن من موهيندڙ ۽ سندر قدرتي نظارن جو ڄڻ روح موجود آهي!

هيءُ ملڪ چئني طرفن کان آلپائين جبلن سان گهيريل آهي، جن جون چُهچ سايون ماٿريون ائين ڏسبيون آهن، ڄڻ ته سڄي زمين تي ساوار غاليچا وڇايل آهن. هن ملڪ جا شهر شفاف ڍنڍن ۽ ندين جي بنهه ڪپرن تي اڏيل آهن، جن ۾ جابجا باغ باغيچا نظر ايندا آهن. سڄو ملڪ هڪ وڏو خوش منظر باغيچو آهي، جنهن جي نيڻن ٺار نظارن کي پَسڻ ۽ قسمين قسمين گلن جي سُڳنڌ مان واسجڻ لاءِ، هر سال هڪ اندازي موجب ويهه لک ماڻهو، ٻارن ٻچن سان، ڏورانهن ملڪن مان مسافريون ڪري پهچندا آهن.

قدرتي سونهن ۽ سرهاڻ، هن ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جي من ۽ مزاج ۾ پڻ نفاست ۽ شرافت ڀري ڇڏي آهي. صفائي، محنت ۽ سچائي سندن روح ۾ رچيل آهن. سڀ ماڻهو پنهنجي ملڪ پنهنجي شهر، پنهنجي پاڙي ۽ پنهنجي گهر کي صاف سُٿري رکڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندا آهن. هن ملڪ جي ننڍڙن گلن جهڙن ڪومل ۽ معصوم ٻارن کي اسڪولن ۾ پنهنجي گهر ۽ شهر کي صاف ۽ سهڻي رکڻ لاءِ خاص تربيت ڏني ويندي اهي. اهو ڪم سندن پڙهڻ واري ڪورس جو لازمي حصو آهي. ”سچائي، صفائيءَ جو نيڪ اولاد آهي!“ هن سُندر ۽ سرهي سرزمين جا رهاڪو اهڙا ته ايماندار آهن، جو ملڪ ۾ چوريءَ جو نالو نشان ئي ڪونهي. ٻي ڪا مناسب جاءِ نظر نه اچي، ته اوهين پنهنجو ٽوپلو، ڪوٽ وغيره، رستي تي ڀر واري بجلي جي ٿنڀي تي ٽنگي، ڀل ڪيتريءَ به دير لاءِ پري هليا وڃو- ڪوبه اُن کي نه کڻندو! هيءُ ۽ اخلاق جا ٻيا اهڙا سڀ گُڻ هن ملڪ جي ماڻهن جي سرشت ۾ سمايل آهن. ماڻهو نهايت فراخدل روشن ضمير ۽ اعليٰ ظرف آهن، جنهنڪري رنگ، نسل ذات پات، مذهب ۽ اميري- غريبيءَ جي فرق کي خيال ۾ ئي ڪونه آڻين.

سئٽزرلئنڊ جي بهترين ملڪي انتظام کي بيان ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙو مال ئي ڪافي ٿيندو: جيڪڏهن زيورچ شهر ۾ صبح جو ڇهين بجي ٽپال جي دٻي ۾ خط وجهبو ته اُهو ستين بجي، يعني فقط هڪ ڪلاڪ اندر، واسطيدار ماڻهوءَ کي ملي ويندو. دراصل، هن ملڪ جا ماڻهو پنهنجو سمورو روزمره جو ڪاروبار وقت جي پابنديءَ سان هلائين ٿا.

هن ملڪ ۾ ڪا معدني کاڻ ڪانهي ۽ پوکي واهيءَ مان به ايتري اُپت ڪانه ٿئي، جو ماڻهو اُن تي سڄو مدار رکي گذارو ڪن. پر محنتي ۽ ڏاهن ماڻهن پنهنجي ملڪ کي ههڙو سکيو ستابو بنائي ڇڏيو آهي، سو ٻين ملڪن مان سير تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهن جي رهائش، خوراڪ ۽ خريداريءَ وسيلي خاصي ڪمائي ڪريو وٺن. هو دنيا ۾ ”بهترين هوٽلن وارا“ مشهور آهن. صلاحيتمند، سمجهو، ذهين ۽ اورچ هجڻ سبب سندن زندگيءَ جو معيار دنيا جي ڪنهن به سڌريل ملڪ جي آسودن ماڻهن کان ڪنهن پر گهٽ نه آهي.

هن ملڪ ۾ ٺهيل واچن کي دنيا جي سڀني ملڪن ۾ وڏي شهرت ۽ ساک حاصل اهي. هر ملڪ جا ماڻهو انهن کي وڏي شوق سان خريد ڪري پائيندا آهن. ڇو ته ”سئيزميڊ“ نالو ئي پائداريءَ جي ضمانت تسليم ڪيو ويو آهي.

هن ملڪ جي مکيه ضرورت آهي ”ڊيئري قادرم“ کير مان چاڪليٽ ۽ ڀانت ڀانت جون شيون ٺاهيندا آهن. جيڪي يورپ جي ملڪن ۾ مشهور آهن کير جو گهڻو حصو مشينن ذريعي سُڪائي، دٻن ۾ بند ڪري، ٻاهرين ملڪن ڏي موڪليندا آهن. آلپائين جبلن جا چراگاهه عام ملڪيت آهن، جن ۾ هرڪو مالوند پنهنجو مال بنا روڪ ٽوڪ جي چاريندو آهي.

اوهان کي اهو معلوم ڪري عجب لڳندو ته ”سئٽزرلئنڊ“ دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي، جنهن وٽ باقاعده پگهاردار لشڪر مقرر ٿيل ڪونهي. هن ملڪ جا ماڻهو فوجي ڇانوڻين رکڻ جي سراسر خلاف آهن. سمورا رهاڪو تربيت يافته سپاهي آهن، جن کي شهري بچاءِ جي طريقن جي پوري ڄاڻ آهي. هر ماڻهو وٽ بندوق، ڪارتوس ۽ فوجي وردي گهر ۾ رکي آهي. دنيا جي ٻين سڀني ملڪن جي اُپت جو وڏو حصو (سراسري طرح اڌو اڌ ۽ ڪن ملڪن ۾ اُن کان به وڌيڪ) سندن فوج تي خرچ ٿئي ٿو.

سئٽزرلئنڊ جي حڪومت، لشڪر نه رکڻ ڪري، انهيءَ خرچ کان بچي پيئي آهي. ظاهر آهي ته هن ملڪ جي سموري بجيٽ عوام جي سُکي زندگي جي نيڪ مقصد تي صرف ٿئي ٿي.

سئٽزرلئنڊ کي شروع کان وٺي، جنگ کان سخت نفرت رهي آهي. هلندڙ صديءَ ۾ ٻن مهاڀاري لڙاين وقت جڏهن يورپ جي تقريباً سڀني طاقتور ملڪن ۽ آمريڪا پاڻ کي جنگين جي باهه ۾ ڌوڪي وڌو، تڏهن ”يورپ جو باغ“- سئٽزرلئنڊ انهن ڪوسين لهرن کان پوريءَ طرح محفوظ رهيو. ساڳيءَ طرح هن ملڪ، ٻين ملڪن تي قبضي ڪرڻ يا سندن ڪن ڀاڱن کي ڦٻائڻ وارين بُرين نيتن کي ڪڏهن به پنهنجي دل ۾ جاءِ نه ڏني آهي. انهن عظيم آدرشن ۽ امن پسند پاليسين جي ڪري دنيا جا سڌاريل ملڪ، سئٽزرلئنڊ کي عزت ۽ آبروءَ جي نظر سان ڏسندا آهن. هتان جي ماڻهن کي پيدائسِ طور تي امن سان پيار رهيو آهي، تنهنڪري سندن سڄو خيال پنهنجي مادر وطن کي آسودي بنائڻ واري مقصد تي صرف ٿئي ٿو.

هيءُ ملڪ، جنگ کان پري رهي رڳو پنهنجي ئي خوشحاليءَ لاءِ مگن نه رهيو آهي، پر ان سان گڏ هن کي دنيا جي سڀني قومن جي بهبودي ۽ سلامتي عزيز رهي آهي. ان مقصد لاءِ هن ملڪ جيڪي عملي قدم کنيا آهن، تن هن کي ”هر ڪنهن جي خير جي طالب“ جي حيثيت  بخشي، هاڪارو بنايو آهي. دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن جي نمائندن جون تاريخي ڪانفرنسون هميسه هن ملڪ ۾ ٿينديون رهيون آهن. ”اقوام متحده“ جي صدر دفتر قائم ڪرڻ لاءِ، 1922ع ۾، هن ملڪ، پنهنجي شهر جنيوا ۾ زمين پيش ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. ان کان پوءِ ڪي ئي ”امن ڪانفرنسون“ ۽ اقوام متحده جي زيردست ادارن جا اهم اجلاس جنيوا ۾ منعقد ٿيا آهن، جو جڳ مشهور شهر ۽ بين الاقوامي هوائي اڏو آهي. انهن اجلاسن جا عالمي امن ۽ سياست تي نهايت خوشگوار اثر پيا آحن. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪڇ رڻ واريءَ جنگ کان پوءِ، ٻنهي ملڪن جي نمائندن درميان صلح جي ڳالهين هلائڻ لاءِ جيڪا ڪانفرنس منعقد ٿي ان جو اهتمام جنيوا ۾ ڪيو ويو.

1971ع واري پاڪ- ڀارت جنگ کان پوءِ جڏهن انهن جا سفارتي تعلقات ختم ٿي ويا، تڏهن ٻنهي ملڪن ۾ هڪ ٻئي جيمفادن جي نظرداريءَ جوڪم هن ملڪ پاڻ تي هموار ڪيو. هن اهو ڪم ٻنهي ملڪن درميان سفارتي تعلقات جي بحاليءَ تائين خوش اسلوبيءَ سان انجام ڏنو. گهري ويچار ڪرڻ سان اهو معلوم ٿيندو ته سئٽزرلئنڊ جي ماڻهن جي امن پسندي ۽ انسان دوستيءَ وارن جذبن جو بنياد ان حقيقت تي رکيل آهي، جو اهي پنهنجن ابن- ڏاڏن جي ڌرتيءَ سان بيحد محبت ڪن ٿا.

هن ملڪ جي ايراضي 15944 چورس ميل آهي، جنهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي آبادي هڪ ڪروڙ کن آهي. هن ملڪ ۾ چئن قسمن جون قومون رهن ٿيون، جن کي پنهنجيون پنهنجيون مادري زبانون (جرمن، فرانسيسي، اٽالين ۽ گريڪ) آهن. هتان جا ماڻهو مذهب جي لحاظ کان پڻ الڳ الڳ عقيدن جا پوئلڳ آهن، پر بُردباري، رواداري ۽ برداشت ڪرڻ واري جذبي سبب هڪٻئي جي حقن جو گهڻو احترام ڪندا آهن. هن ملڪ جي سڪي جو نالو ”فرانڪ“ آهي. گاديءَ جو هنڌ برن آهي ۽ زيورچ ۽ جنيوا ٻه وڏا ۽ مشهور شهر آهن.

هن سهڻي ۽ سرهي ملڪ جي محنتي ۽ سچار ماڻهو برف جي بوندن، قدرتي نظارن ۽ رنگبرنگي گلن سان بيحد پيار ڪندا آهن. جهڙا آهن پاڻ اورچ ۽ صاف دل، تهڙوئي آهي سندن بهشت جهڙو وطن. اسان سڀني کي کپي ته سئٽزرلئنڊ جي ماڻهن جو احوال معلوم ڪري کانئن سبق حاصل ڪريون. پنهنجي من کي اوجر ڏيون ۽ پنهنجي پياري ملڪ کي سهڻو، سرهو ۽ شاداب بنايون.

ترتيب: نياز پنهور

سهڻا سخن

·                   سومرو نورالدين ”شاد“ شڪارپور.

1-                 بزلد انسان، موت کان اڳ ڪيترائي دفعا مرندو آهي، پر بهادر انسان صرف هڪ ئي دفعو مرندو آهي.

2-                اجاين ڳالهين ڪرڻ کان خاموشي اختيار ڪرڻ بهتر آهي.

·                   شاهد ”ناز“ ميمڻ، حيدرآباد.

1-                 سڀ کان سٺو انسان اهو آهي، جنهن جو اخلاق سڀ کان بلند يا مٿاهون هجي.

2-                ظالمن کي معاف ڪرڻ، مظلومن تي ظلم آهي.

·                   ميولداس ٽي- ڪڪريجا حيات پتافي.

1-                 سوچي سمجهي ڪم ڪرڻ واري جي هميشه ڪاميابي آهي.

2-                نيڪي ڪرڻ سڀ کان وڏو ثواب آهي.

·                   کيم چند شرما شيدائي.

1-                 ياد رکو، ترقي جي راهه ۾ ڪنڊا وڇايل آهن، نه ڪه گل.

2-                مصيبت کان ڀڄڻ، مصيبت جو علاج ناهي، پر ان سان مقابلو ڪرڻ مرد جو مَرڪ آهي.

3-                پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ سياڻو سمجهندڙ ئي وڏو مورک آهي.

4-                ٻين کي ايتور ستاءِ، جيترو تون ٻين جو ستائڻ سهي سگهين.

·                   ميمڻ زاهد حسين اسد، ڏيپلو.

1-                 خدا کان سواءِ ڪنهن ۾ به اميد نه رکو ۽ پنهنجن گناهن کان سواءِ ڪنهن کان به نه ڊڄو.

2-                جو شخص پاڻ برائي ڪري ٿو، ان کي ٻئي برائي ڪندڙ کي چوڻ جو ڪوبه حق نه آهي.

3-                سڀ کان سٺو گراهه اهو آهي، جيڪو محنت سان حاصل ٿيو هجي.

·                   اعجاز علي ٽالپر، مير يار محمد ٽالپر.

1-                 بيڪار ورهيه کان ڪارائتي گهڙي بهتر آهي.

2-                علم هڪ روشن ڏيئو آهي، جو جهالت جي اوندهه ختم ڪري ٿو.

·                   عاشق علي گوپانگ، لاڙڪاڻو.

1-                 حق تي هلڻ وارن جا پير، شيطان جي سيني تي هوندا آهن.

2-                ان خوشيءَ کان پري رهه، جيڪا سڀاڻي غم بڻجي ڏک ڏي.

·                   الهداد بروهي، رتوديرو.

1-                 زمين تي آڪڙ ڪري نه هلندو ڪر، جو آڪڙجي هلڻ سان زمين کي ڦاڙي نه سگهندين.

2-                سٺو ۽ عمدو لباس پائڻ سان ڪهڙو به ماڻهو تهذيب يافته چوائڻ جو شرف حاصل ڪري سگهي ٿو.

3-                جيڪي محنت ڪن ٿا، انهن جو رتبو بادشاهن کان به وڌيڪ آهي.

4-                علم دلين کي ائين زنده رکندو آهي جيئن برسات زمين کي.

5-                 ماضيءَ جي ياد يا مستقبل جي خوابن ۾ رهڻ کان بهتر آهي ته حال جي تعمير ڪجي.

·                   عبدالمجيد ڀٽو، ٺٽو.

1-      بهترين ڪمائي مزدور جي آهي، بشرطيڪ هو پنهنجي مالڪ جو ڪم خيرخواهي ۽ خلوص سان سرانجام ڏي.

·                   گل افشان، شڪارپور.

1-                 انسان اهو چڱو، جنهن کي پنهنجي عزت سان گڏ، ٻئي جي عزت جو به خيال هجي.

2-                اي منهنجا رب! انهن (ماءُ- پيءُ) تي اهڙيءَ طرح ٻاجهه ڪر، جهڙيءَ طرح هو مون تي ٻاجهه ڪن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com