سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري، فيبروري 1977ع

باب: --

صفحو :9

روح رهاڻ!

·                   ملاح انعام علي عاجز- سنڌ يونيورسٽي

س: دنيا جي وڏي ۾ وڏي لئبريري ڪهڙي آهي ۽ ان ۾ گهڻا ڪتاب آهن.

ج: برٽش ميوزم، لنڊن ۾ آهي جنهن ۾ سٺ لک ڇپيل ڪتاب ۽ سٺ هزار هٿ جا لکيل ڪتاب موجود آهن.

·                   سروجڪماري، لاڙڪاڻو

س: گل ڦل کي شايع ٿئي ڪيترا سال ٿيا آهن ۽ ڪڏهن کان شايع ٿيو.

ج: 1959ع کان 1965ع تائين پهريون دور ۽ 1974ع کان اڄ تائين. هي يارهون سال آهي.

·                   غلام فاروق سندراڻي، ڪنڌڪوٽ

س: وائرليس ڪنهن ايجاد ڪئي آهي.

ج: مارڪوني.

·                   راڻو مل راهي، پيرو مل

س: دنيا جي سڀ کان پهرين ايجاد ڪهڙي آهي. ان جي سائنسدان جو نالو؟

ج: هٿيار حضرت آدم عليه السلام.

·                   حاجي عبدالغفور ”پرديسي“، سيوهڻ

س: هوائي جهاز ڪنهن جو ايجاد ڪيل آهي ۽ ڪهڙي سن ۾؟

ج: آرو يل ۽ ولبررائٽ ڀائرن 1903ع ۾.

·                   شوڪت علي ڀتو، ٽنڊومحمد خان

س: پاڪستان جي سڀ کان وڏي مسجد ڪهڙي آهي.

ج: بادشاهي مسجد، لاهور.

·                   يونس قمر شيخ، مٽياري

س: ڪائنات ڇا آهي؟

ج: جيڪي ڪجهه ڏسو ٿا.

·                   علي اصغر ميراڻي، ڳڙهي ياسين

س: ڪنڊن ۽ گل جي پاڻ ڪهڙي نسبت آهي؟

ج: جهڙي جسم ۽ روح جي آهي.

·                   مستجاب احمد سهتو، شڪارپور

س: اهو ڪهڙو مسلم سپه سالار هو جنهن ڪڏهن به ڪنهن جنگ ۾ شڪست نه کاڌي هئي.

ج: خالد بن وليد.

·                   پيار علي برهماڻي، نئون آباد

س: ريڊيو ڪنهن ايجاد ڪيو؟

ج: مارڪوني.

·                   سعيد احمد ميمڻ

س: ٽيلي ويزن ڪنهن ايجاد ڪئي، ۽ ڪڏهن ايجاد ٿي.

ج: جان لوئي بيرڊ، سال 1926ع ۾.

·                   محمد اڪرم بلوچ لاڙڪاڻه

س: سائيڪل ڪنهن ايجاد ڪئي ۽ ڪهڙي سن ۾ ايجاد ٿي؟

ج: ڪرڪ پيٽرڪ، 1839ع ۾.

·                   قربان علي پتافي، سکر

س: اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن جو هرهنڌ قدر آهي؟

ج: ناڻو.

·                   محمد بخش بلوچ. نئون ديرو

س: پاڪستان جو ترانو ڪنهن جو ڳايل آهي؟

ج: حفيظ جالنڌري جو.

·                   لطيف احمد پنجابي، ڪوٽ لعل بخش

س: اسان جي پاڪستان ۾ ڪيترا سمنڊ آهن ۽ ڪيترا درياءَ آهن.

ج: سمنڊ هڪ ۽ دريا ست.

·                   سليم اقبال ڀٽي، دڙو

س: عراق جي گاديءَ جو هنڌ ڪهڙو آهي؟

ج: بغداد.

 

انسان جي زندگي

 

انسان جي وڏي “ وڏي ملڪيت آهي زندگي. جا کيس فقط هڪ ڀيرو ماڻڻ لاءِ عطا ٿيل آهي. هن کي اها ائين گذارڻ گهرجي، جيئن ڪنهن به خود غرضي کان سواءِ ٻين جو ڏک محسوس ڪري ۽ مرڻ وقت به فخر سان چوي ته منهنجي سڄي زندگي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ وقف ٿيل هئي.

-  موڪليندڙ: سليم اقبال ڀٽي، دڙو.

کل ته سهي

·                   نامعلوم ادو

هڪ شاگرد امتحاني هال ۾ ويٺي پيپر ڏٺو ته مٿان بيٺل ماستر چيو ته پيپر ڇو نٿو ڪرين، ڇا پيپر ڏکيو آهي؟

شاگرد جواب ڏنس ته پيپر ڏکيو ته نه آهي، پر ڏسان ٿو ته هن سوال جو جواب منهن جي ڪهڙي کيسي ۾ آهي.

·       محمد رمضان چاڪي، ننگرپارڪر هڪ ماڻهو حلوائيءَ جي دڪان تي ويو ۽ مٺاين جي خوشبو وٺڻ لڳو. حلوائي چيس ته مٺائيءَ جي خوشبوءِ سنگهڻ جا پئسا ڏي. هن همراهه ڇا ڪيو جو کيسي ۾ پيل پئسن کي هٿ سان لوڏيو ته پئسن جي ڇڻڪڻ جو آواز ٿيو- پوءِ حلوائيءَ کي چيائين ته مون تنهنجي مٺائي سنگهي ۽ تو منهنجن پئسن جو ڇڻڪو ٻڌو- هاڻي حساب برابر آهي.

·       ايم- اسماعيل سومرو، داد لغاري ماءُ (پٽ کي) ابا، هي برفيءَ جي چڪي ڪٿي لڪائي رکان، جيئن ڪِيل يا ماڪوڙي نه کائيس؟

پٽ: اما، منهنجي وات ۾! ٻيو وري ڪٿي لڪائيندينءَ؟

·                   امجد حسين شيخ، مٽياري

استاد- (شاگرد کي) ٻڌاءِ ته سج پري آهي يا لاهور؟

شاگرد- (جلديءَ سان) لاهور. ڇاڪاڻ ته سج نظر اچي ٿو ۽ لاهور ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

·                   عبدالسلام انصاري، سڪرنڊ

ڪتب فروش: تون روزانو ڪتابن کي الٽ پلٽ ڪريو هليو وڃين، پر ڪڏهن ڪو ڪتاب ورتو به اٿئي؟ ايوب: جناب، ائون ته روز هڪ ڪتاب کڻي ويندو آهيان، پر اوهان کي ڪا خبر نٿي پوي ته آءٌ ڇا ڪريان.

·                   يونس قمر، شيخ

هڪ ماڻهو (مڇيءَ واري کي) ڇا، هيءَ مڇي تازي آهي؟

مڇي وارو: ها! بلڪل، اڃا ڇهه ڏينهن ته ٿيا آهن، مڇي پڪڙيندي.

·                   ابڙو حسن علي ناز، شهبيگ مري

ڊاڪٽر: (مريض کي) تنهنجو گلو خراب آهي، توکي دوائون لکي ٿو ڏيان، جيڪي ڏهين رپئي ملنديون.

مريض: سائين، ڪجهه گهٽ ڪريو ڇو جو مون کي نعرن هڻن لاءِ صرف ڇهه رپيا مليا هئا.

·                   اداسي الهه بچايو سومرو

نوڪر (مالڪ کي( سائين! مينهن اچي رهيو آهي.

مالڪ (جلدي سان ترسائينس، اچڻ نه ڏينس- هن وقت آئون مصروف آهيان.

·                   وريل داس تلريجا- ڪنڌڪوٽ

هڪ شخص (ٻئي کي) منهنجي زال کي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ جي خطرناڪ بيماري آهي.

ٻيو شخص: منهنجي زال کي به ساڳي بيماري آهي- هوءَ سمجهي ٿي ته مان ٻڌي رهيو آهيان.

·                   ياسمين شيخ، مٽياري

هڪ ماڻهو ريل ۾ چڙهيو ۽ پنهنجي سيٽ تي ويهڻ تي هو ته هن ڏٺو ته هڪ ماڻهو روئي رهيو آهي. هن کانئس همدرديءَ مان پڇيو ”ادا، توهان ڇو روئي رهيا آهيو؟“

ماڻهول ادا ڇا ٻڌايانءِ! منهنجي پٽ جو جو هارٽ فيل ٿي پيو آهي. ائين چئي هو وري روئڻ لڳو.

پهريون: ادا، توهين فڪر نه ڪريو ٻئي دفعي تنهنجو پٽ ضرور پاس ٿيندو.

·       حاجي عبدالغفور پرديسي، سيوهڻ هڪ شخص پنهنجي لونگيءَ سان جُتي صاف ڪري رهيو هو ته ڪنهن شخص چيس ته هيءَ ڪهڙي دانائي آهي جو لونگيءَ سان ٿو جتي صفا ڪرين!. ان شخص جواب ڏنو ته ميان، پنهنجي ڪمائيءَ مان ورتل شيءِ جو ڏاڍو قدر آهي. هيءَ جتي ٻارن جي پورهئي مان ورتي اٿم ۽ لونگي ته ابي ڏاڏي جي ورثي ۾ ملي اٿم.

·                   شاهنواز هوت بلوچ، جهڏو

هڪ ماڻهو هوائي جهاز ۾ سفر ڪري رهيو هو. هن پائلٽ کان پڇيو ”جهاز ۾ پيٽرول آهي يا ختم ٿي ويو، پائلٽ ڏسي کليو ۽ چيائين ”وڃي پنهنجي سيٽ تي ويهي رهه.“ ان ماڻهوءَ چيو ته متان پوءِ چئو ته جهاز ۾ پيٽرول ختم ٿي ويو آهي، ڌڪو لڳايو.

·                   سهيل طفيل شيخ، هالا

هڪ منڊي ماڻهوءَ جو نالو گِهُه هو. ان جي ماءُ انڌي هئي. اها روز پنڻ ويندي هئي. هڪ ڏينهن هوءَ پنڻ ويئي- هڪ سيڌي جي دڪان تان خيرات گهريائين. دڪان تان خيرات گهريائين. دڪان جي مالڪ کيس چمچو گهه جو ڀري ڏيئي چيو ”اي مائي خبر اٿئي، هي ڇا آهي.“

مائي چيو ”خبر ڪانهي، پر خوشبوءِ ته منهنجي پٽ جهڙي اٿس.“

هنن سان ملو

 

-909 نالو: حبدار علي ڪلهوڙو

وندر: تعليم سان چاهه، خطن جا جواب ڏيڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ پراونشلائيزڊ (ڊي سي) هاءِ اسڪول لاڙڪاڻه سنڌ.

-910 نالو: راجا جوهر لعل پرديسي

پڙهندڙ: ڏهون. عمر: 16 سال.

وندر: پڙهڻ سان چاهه ۽ قلمي دوستي رکڻ،

ائڊريس: ميونسپل هاءِ اسڪول جيڪب آباد.

-911 نالو: هريش ڪمار تبسم.

پڙهندڙ: ستون

عمر: 11 سال.

وندر: قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: ميونسپل هاءِ اسڪول جيڪب آباد.

-912 نالو: حبدار علي لاڙڪ

پڙهندڙ: ڏهون درجو.

شوق: گل ڦل رسالو پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ

عمر: 15 سال

ائڊريس: لاهور محله لاڙڪاڻو

-913 نالو: محرم الدين مغل

عمر: 13 سال

وندر: ڊرائنگ ڪڍڻ ۽ والي بال کيڏڻ

ائڊريس: معرفت مجاهد ٽيلرنگ هائوس مٺياڻي.

-914 نالو: محمد فيضل اوٺو

پڙهندڙ: ستون

عمر: 13 سال

ائڊريس: شيخ محله سيوهڻ شريف

-915 نالو: عبدالله اوٺو

پڙهندڙ ڪلاس: ڇهون

عمر: 13 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ رسالا گل ڦل ۽ ٻيا رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيوهڻ

-916 نالو: عاشق حسين مکڻ شورو

پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون

وندر: رسالا پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپوربٺورو.

-917 نالو: عبدالقادر احمد  ولد فتح الدين سومرو

پڙهندڙ: درجو چوٿون

عمر: 10 سال

وندر: ڪرڪيٽ مئچ ۽ گل ڦل جو شوقين

ائڊريس: معرفت گورنمينٽ پرائمري اسڪول مورو

-918 نالو: نثار احمد شيخ

پڙهندڙ: اٺون ڪلاس 12 سال

وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ ۽ رسالا پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيوهڻ

-919 نالو: عرفان علي عباسي

پڙهندڙ: درجو چوٿون

عمر: 10 سال

وندر: ڪٻڊي رند ۽ گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: معرفت عبدالحڪيم ڪريانه مرچنٽ شاهي بازار، مورو.

-920 نالو: محمد اسماعيل ولد علي محمد ميمڻ

عمر: 13 سال

پڙهندڙ: نائون

وندر: فوٽ بال کيڏڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: نزديڪ پوسٽ آفيس ڏيپلو.

-921 نالو: اياز علي شوڪت علي سهيڙ

پڙهندڙ درجو: چوٿون

عمر: 11 سال

وندر: ڪٻٽي راند ۽ گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول مورو

-922 نالو: اعجاز احمد ولد محمد هاشم ميمڻ

پڙهندڙ: درجو چوٿون

عمر: 9 سال

وندر: ڪٻٽي راند ۽ گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول مورو.

-923 نالو: محمد اسماعيل ڪورائي بلوچ

پڙهندڙ: درجو پنجون

پڙهندڙ: درجو پنجون

عمر: 12 سال

وندر: لاٽون، گل ڦل پڙهڻ جو شوقين

ائڊريس: معرفت گورنمينٽ پرائمري اسڪول مين روڊ مورو.

-924 نالو: منظور علي سومرو

پڙهندڙ: ڪلاس اٺون

عمر: 13 سال

وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيوهڻ

-925 نالو: عزيز الله ڪورائي

پڙهندڙ: پنجون

عمر: 13 سال

وندر: ڪرڪيٽ ۽ گل ڦل جو شوقين

ائڊريس: معرفت گورنمينٽ پرائمري اسڪول مورو

-926 نالو: منوهر-بي- ڍوليا، جروار

پڙهندڙ: درجو چوٿون

عمر: 12 سال

وندر: ڪتاب پڙهڻ

ائڊريس: معرفت مڪيش ڪلاٿ اسٽور پوسٽ جروار- ميرپور ماٿيلو ضلع سکر.

-927 نالو: محمد اسماعلي سومرو

عمر: 13 سال

پڙهندڙ: ستون

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ

ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول داد لغاري وايا ڏهرڪي ضلعو سکر.

-928 نالو: عرفان علي ولد محمد اسماعيل خواجه

پڙهندڙ ڪلاس: ستون ”بي“

عمر: 12 سال.

وندر: رسالا پڙهڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول بدين

-929 نالو: اياز احمد لانگاهه

پڙهندڙ: درجو ڇهون

عمر: 9 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪٻٽي راند

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول مورو، ضلع نوابشاهه.

-930 نالو علي اصغر ملاح-

عمر: 13 سال

ڪلاس: ستون

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ راند کيڏڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، نوشهروفيروز.

-931 نالو: امتياز حسين ڪورائي بلوچ

پڙهندر: درجو چوٿون

عمر: 8 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪٻٽي راند

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول، مورو

-932 نالو: راجا جي- ڪي بجاج

ڪلاس: اٺون

عمر: 14 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورماٿيلو.

-933 نالو: آفتاب احمد جوڻيجو

عمر: 14 سال

پڙهندڙ: ڪلاس نائون

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ راند ڪرڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڌامراه اسٽيشن ماهوٽا، ضلع لاڙڪاڻو.

-934 نالو: منظور احمد ڍلو

پڙهندڙ: درجو چوٿون

عمر: 9 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪٻٽي راند

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول مورو سنڌ.

-935 نالو: غلام الله ولد حاجي محمد مٺواڻي

ڪلاس: اٺون

عمر: 13 سال

وندر: گل ڦل جو مطالعو ڪرڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو.

936- نالو: غلام شبير ولد محمد رمضان هڪڙو

پڙهندڙ: چوٿين جماعت

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪٻٽي راند

ائڊريس: پوسٽ آفيس عرضي هڪڙو

-937 نالو: الهداد ولد الهڏنو هڪڙو

پڙهندڙ: چوٿين جماعت

عمر: 10 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪٻٽي راند

ائڊريس: پي-او عرضي هڪڙو.

938- نالو: محمد حسن ولد حاجي عبدالله سومرو

پڙهندڙ: ڏهون درجو

عمر: 16 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ نوٽڻي راند کيڏڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس اڏيرو لعل وليج، تعلقه هالا.

-939 نالو: محمد صالح، ولد ولي محمد ذات ڀٽي

پڙهندڙ: ستون

عمر: 16 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ والي بال

ائڊريس: پوسٽ آفيس اڏيرو لعل وليج تعلقه هالا.

-941 نالو: فيض محمد، ولد علي احمد ابڙو

پڙهندڙ: ڇهون ڪلاس

عمر: 10 ال

وندر: گل ڦل پڙهڻ، ڪٻٽي ۽ ڪرڪيٽ راند کيڏڻ

ائڊريس: واحد فيڪٽري محله سرائي پوسٽ آفيس هالا.

-942 نالو: غلام رسول پنهور

ڪلاس: اٺون سي

عمر: 12 سال

وندر: ٽڪليون گڏ ڪرڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد.

-943 نالو: وجئه ڪمار دادو

پڙهندڙ: ٽيون درجو

عمر: 9 سال

وندر: ماچيس گڏ ڪرڻ گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: معرفت گورڌن داس ڪلاٿ مرچنٽ شاهي بازار دادو.

-944 نالو: لطيف علي بلوچ

پڙهندڙ: درجو ڏهون

عمر: 18 سال

وندر: رسالا پڙهڻ اخبار پڙهڻ والي بال راند ڪرڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس پڪاچانگ ضلع خيرپورميرس.

-945 نالو: ڪرم پال ولد آڏورام

پڙهندڙ: درجو چوٿون

عمر: 9 سال

وندر: رسالا پڙهڻ خطن جا جواب ڏيڻ

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول حيات پتافي.

-946 نالو: نصرت حسين سيهڙ

پڙهندڙ: درجو نائون (بي)

عمر: 15 سال

وندر: رسالا پڙهڻ

ائڊريس: معرفت حاجي عبدالله سيهڙ بازار مورو

-947 نالو: علي شير ولد جان محمد جوڻيجو

پڙهندڙ: درجو ڇهون

عمر: 16 سال

وندر: رسالا پڙهڻ، قلمي دوستي ۽ والي بال رهڻ.

ائڊريس: معرفت هيڊ ماسٽر گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون آباد

-948 نالو: علي اصغر سولنگي

پڙهندڙ: درجو ستون

عمر: 15 سال

وندر: رسالا پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول داد لغاري. پوسٽ آفيس وايا ڏهرڪي ضلع سکر.

-949 نالو: محمد ايوب سولنگي

پڙهندڙ: درجو ستون

عمر: 10 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ

معرفت: گورنمينٽ مڊل اسڪول داد لغاري پوسٽ آفيس داد لغاري ضلعو سکر.

-950 نالو: محمد عمر ولد محمد ملوڪ مهر

پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون

عمر: 13 سال

وندر: رسالا پڙهڻ ڪپڙا بدلائڻ

ائڊريس: معرفت هيڊ ماستر پوسٽ آفيس نئون آباد ضلع سانگهڙ سنڌ.

-951 نالو: محمد سومر مهر ولد مير محمد مهر

پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون

عمر: 13 سال

وندر: رسالا پڙهڻ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: معرفت هيڊ ماستر صاحب هاءِ اسڪول نئون آباد ضلع سانگهڙ.

-952 نالو: اقبال احمد پنهور

پڙهندڙ: پنجون. اي.

عمر: 15 سال

وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ

ائڊريس: اسڪول محمد بخش پنهور.

-953 نالو: علي حيدر بلوچ

ڪلاس: پنجون

عمر: 11 سال

وندر: رسالا پڙهڻ

ائڊريس: ڪوارٽر نمبر سي 45- سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄام شورو.

-954 نالو: علي شير ولد جان محمد

پڙهندڙ ڪلاس: ڇهون

عمر: 14 سال

وندر: رسالا پڙهڻ ڪتاب پڙهڻ والي بال رهڻ

ائڊريس: معرفت هيڊ ماستر پوسٽ آفيس نئون آباد ضلع سانگهڙ.

-955: نالو: مير نواز عباسي

پڙهندڙ: ڪلاس نائون بي.

عمر: 14 سال

وندر: رسالا پڙهڻ

ائڊريس: معرفت عبدالحڪيم ڪريانه مرچنٽ شاهي بازار مورو.

-956 نالو: عبدالرشيد ولد سلطان مهر

پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون

عمر: 12 سال

وندر: رسالا پڙهڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: معرفت هيڊ ماستر پوسٽ آفيس نئون آباد ضلع سانگهڙ سنڌ.

-957 نالو: ڏيارام ولد ڏرتگهو مينگهواڙ

پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون

عمر: 14 سال

وندر: رسالا پڙهڻ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: معرفت هيڊ ماسٽر پوسٽ آفيس نئون آباد ضلع سانگهڙ سنڌ، تعلقو سنجهورو.

-958 نالو: علي محمد ولد نورالدين پير صاحب

پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون

عمر: 12 سال

وندر: رسالا پڙهڻ ڪتاب پڙهڻ رانديون ڪرڻ

ائڊريس: معرفت هيڊ ماستر پوسٽ آفيس نئون آباد.

-959 نالو: علي مراد ولد جوارو مهر

پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون

عمر: 13 سال

وندر: رسالا پڙهڻ، ڪتاب پڙهڻ ۽ راند روند ڪرڻ

ائڊريس: معرفت هيڊ ماستر پوسٽ آفيس نئون آباد ضلع سانگهڙ سنڌ تعلقو سنجهورو.

-960 نالو: هادي بخش کوسو

پڙهندڙ: درجو چوٿون

عمر: 11 سال

وندر: باغ ۽ ٻنيون گهمڻ

ائڊريس: ڳوٺ احمد خان کوسو، جهڏو.

-961 نالو: عاشق حسين

پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون

عمر: 12 سال

وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ ۽ غريبن جي خدمت ڪرڻ

ائڊريس: معرفت محمد يعقوب سومرو، پوسٽ آفيس داد لغاري، وايا ڏهرڪي ضلع سکر.

-962 نالو: محمد زمان ولد انور الدين جمالي

ڪلاس: ٽيون

عمر: 9 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ ٽڪليون گڏ ڪرڻ

ائڊريس: پوسٽ نبي بخش جمالي وايا نيو سعيدآباد، تعلقه هالا.

-963 نالو: بلال الدين مٺواڻي

ڪلاس: ستون

وندر: راند ڪرڻ ۽ پڙهڻ

عمر: 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ جابر هاءِ اسڪول ڏيپلو.

-964 نالو: الطاف احمد سومرو

ڪلاس: ستون

عمر: 14 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس داد لغاري وايا ڏهرڪي، ضلعو سکر.

-965 نالو: نور محمد ناز ڪنڀار

ڪلاس: ڇهون

عمر: 11 سال

وندر: ڪتاب پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپوربٺورو.

هنن سان ملو

هن ڪالم ۾ جن ٻارن وٽان اسان وٽ خط پهتا آهن، انهن مان جن تي به هيڊ ماستر صاحب جي صحيح ڪانه آهي، اهي شايع نه ٿي سگهندا. اها ڳالهه ٻارن کي چڱيءَ طرح ڌيان ۾ رکڻ کپي.      -ايڊيٽر

 

 

سلام ۽ سنيها

·     ڳوٺ کهڙن کان حسينه ناز شيخ لکي ٿي:

ادا انور، مان هي پهريون خط لکي رهي آهيان انشاءُالله قبول پوندو. مان گل ڦل جون ڪهاڻيون ڏاڍي چاهه سان پڙهندي آهيان. ڪن ۾ مزو هوندو آهي ڪن ۾ نه هوندو آهي. جيڪڏهن مان ڪجهه چتر موڪليان ته شايع ڪندا؟ پر مان هي ٻه فوٽو موڪلي رهي آهيان اهي شايع ڪيو ته پوءِ چتر ۽ ڪجهه ڪهاڻيون موڪليندس. توهان سٺيون سٺيون ڪهاڻيون پيش ڪري اسان جي همت افزائي ڪئي آهي. آخر ۾ گل ڦل کي وڌيڪ سٺي بنائڻ لاءِ مبارڪباد قبول ڪندا.

(ادي، گل ڦل ۾ هرڪنهن جي چاهت وارو مواد هوندو آهي ڪو ڪن کي وڻندو ته ڪو ڪن کي. اوهان جا موڪليل فوٽو واري سان شايع ڪبا. چترڪاريون ۽ ڪهاڻيون موڪليو سٺيون هونديون ته شايع ڪنداسون.)

·     ڳوٺ گجي کان دئلا بانو لکي ٿي:

·  ادا، ماهوار رسالو گل ڦل ڏاڍي شوق ۽ دلچسپي سان پڙهندي آهيان مان پهريون ڀيرو شريڪ ٿي رهي آهيان مهرباني ڪري شايع ڪندا. مان هر مهيني گل ڦل پڙهندي آهيان. ڀيڻ ثمينا جو انٽرويو ۽ ڀيڻ فيض بانو جو انٽرويو بيحد پسند آيا. ضدي زال، انسان ۽ طوطو آگسٽ جي مهيني ۾ مون ڪهاڻي لکي، ڪئيءَ جي شادي شهيد جي ماءُ، جهڙي صحبت تهڙو اثر، سيپٽمبر جي مهيني ۾ چنڊ شهزادي ڪاش! آءٌ پکي هچان، انڌي کي واٽ ڏيکاريندڙ ڪتا، آڪٽوبر جي مهيني ۾ اٺ ۽ ٻلي، نڀاڳو تحفو، دولت جا داڻا ۽ ايمانداري. نومبر ۾ هيءَ دنيا، همت، ڪڪڙ گابو گهيٽو ۽ اٺ، نيڪ حلال، الله پاڪ ڇا پيو ڪري ۽ ماءُ جي نصيحت بيحد پسند آيا. ادا مان به ڪهاڻي ڪنول پري موڪلي رهي آهيان شايع ڪندا.

(ادي، اوهان جا لک ٿورا جو اوهان رسالو غور سان پڙهو ٿيون. هي رسالو اوهان جي ئي ساٿ سان ترقي ڪندو. اوهان جي ڪهاڻي پڙهي، پوءِ ڪا راءِ ڏيئي سگهبي.)

·     لاڙڪاڻي کان سروجڪماري لکي ٿي:

ادا، مان ”گل ڦل“ رسالو هر مهيني چاهه سان پڙهندي آهيان، نومبر جو رسالو پڙهيم، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي- ڇو جو ٻين سان گڏ منهنجي آکاڻي به ان ۾ شايع ڪئي ويئي هئي. اوهان لکيو آهي ته سالنامي لاءِ مواد 30- نومبر کان اڳ موڪليو، پر ڇاڪاڻ جو اسان وٽ رسالو دير سان پهتو، ان ڪري سالنامي لاءِ هڪ نظم ”وڻ“ موڪلي رهي آهيان، سالنامي ۾ شايع ڪري شڪريه جو موقعو ڏيندا. ان کان سواءِ ٻه سوال موڪلي رهي آهيان، مهرباني ڪري ”روح رهاڻ“ ڪالم ۾ جواب ڏيندا. جيڪڏهن مان ”سندباد جهازيءَ جا ست سفر“ لکي موڪليان ته شايع ڪندا؟ گل ڦل لاءِ مان هيٺيون تجويزون موڪليان ٿي:

1-   ٻارن جا چتر ڏنا وڃن.

2- هر رسالي ۾ سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن تاريخي جاءِ ي ڳوٺ تي مضمون ۽ ان سان گڏ ان جاءِ يا ڳوٺ جون تصويرون ڏنيون وڃن.

3-  ”ٽٻڪا ملايو“ جي عنوان سان ڪالم ڏنو وڃي- جيئن اوهان جو امتحان ۾ هاٿيءَ جي تصوير تي ڏنو ويو هو.

مهرباني ڪري جواب ضرور ڏيندا.

(ادي، گل ڦل اوهان کي ڪيئن نه وڻندو؟ اوهان جو پنهنجو ئي ته آهي. سالنامي لاءِ اسان اڳي ئي ڪهاڻيون گهرايون هيون، شايد اوهان اهو ڪونه پڙهيو هو. سندباد جهازي جو هڪ سفر موڪليو، پڙهي پوءِ ئي ڪا راءِ ڏيئي سگهبي. اوهان جون تجويزون سٺيون اهن، انهن تي غور ڪيو پيو وڃي. اوهان جي پوري ائڊريس نه هجڻ ڪري، انعامي رسالو اوهان ڏانهن نه موڪلي سگهيا آهيون، جنهن ڪري پنهنجي ائڊريس جلدي موڪليو.)

·     شڪارپور کان گل افشان لکي ٿي:

ادا، انور هلائي صاحب! عرض ته مان هي پهريون خط لکي رهي آهيان، مون کي مايوس نه ڪندا. هن خط جو جواب ضرور ڏيندا. جيڪڏهن توهان خط جو جواب ضرور ڏيندا. جيڪڏهن توهان خط جو جواب ڏنو ته مان توهان جي شڪر گذار رهنديس.

رسالو گل ڦل مان هر مهيني گهرائيندي رهندي آهيان. هي رسالو مان ڏاڍي شوق سان پڙهندي آهيان. گل ڦل ۾ جيڪي به ڪهاڻيون اينديون رهيون آهن، اهي سڀ ڪهاڻيون حقيقت تي مبني آهن. مان پنهنجي پياري رسالي ۾ ڪهاڻيون پڙهي ڏاڍي خوش ٿيندي آهيان. مون کي به شوق ٿيو ته ڪجهه لکان. مان گل ڦل لاءِ ڪجهه موڪليان ته شايع ڪندؤ؟ مون کي يقين آهي ته توهان مون کي مايوس نه ڪندؤ.

مان گل ڦل لاءِ ”سهڻا سخن“ موڪلي رهي آهيان.

مون کي هي رسالو بيحد پسند آهي. توهان ائين نه سمجهو ته مان ڪا خوشامد ڪري رهي آهيان، پر نه! مان گل ڦل سان پيار ڪندي آهيان.

منهنجون لکڻيون ضرور شايع ڪندا.

(ننڍڙي ادي، پنهنجي شيءِ کي ڪير نه ڀائيندو. انڪري ئي اوهين به گل ڦل سان پيار ڪريو ٿيون. سهڻا سخن هن ئي پرچي ۾ شايع ڪري رهيا آهيون. اوهان جي خلوص لاءِ اسين ٿورائتا آهيون.)

·     مٽيارين کان ياسمين شمس الدين شيخ لکي ٿي:

ادا، جيئن ته هيءُ رسالو تمام گهڻو مقبول آهي، ان ڪري توهان کي عرض آهي ته جيترو ٿي سگهي هن کي اڃا به وڌيڪ دلچسپ ڪريو ۽ هر ٻار جون لکڻيون شامل ڪريو. توهان هڪ خانن جو سلسلو شروع ڪريو.

هن کان اڳ مون ٻه آکاڻيون لکي موڪليون هيون، پر انهن مان هڪ به شايع نه ٿي آهي، ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ توهان رڳو منهنجا لطيفا شايع ڪريو ٿا، آکاڻين ڪهڙو قصور ڪيو آهي! جواب ضرور ڏيندا.

(ادي، اسين گل ڦل کي دلچسپ بنائڻ ۾ وسان ڪونه ٿا گهٽايون. ٻارن جون سٺيون لکڻيون واري سان شايع ڪندا آهيون، اوهين به پنهنجي واري جو انتظار ڪريو. اوهان جا لطيفا سٺا اچن ٿا، ان ڪري انهن جو وارو جلد اچيو وڃي.)

·     ڳوٺ کهڙن کان نادر علي خواجه لکي ٿو:

ادا، گل ڦل رسالي ذريعي اوهان سنڌ کي وڏي سونهن بخشي آهي. هن مهيني مون کي اچي اخلاق انصاريءَ جو ”فن هڪ امر آهي“ ۽ ”قابل ڊاڪٽر“ افسر حسين شاهه جا پسند آيا ٻنهي کي مبارڪون ڏيندا. مون گهٽ ۾ گهٽ ڏهه خط لکيا آهن. مهرباني ڪري هن خط جو جواب ضرور ڏيندا.

(ادا، توهان جو ڪوبه جواب طالب خط اسان وٽ موجود ڪونهي. اخلاق انصاري ۽ افسر  حسين شاهه کي مبارڪون پهچايون ويون. هاڻي ته خوش ٿيا. خط به شايع ڪري رهيا آهيون.)

·     ٽنڊي جان محمد کان ڏيونداس ناز مارواڙي لکي ٿو:

ادا، آءٌ ”گل ڦل“ رسالو هر مهيني باقائدي پڙهندو آهيان. جيئن سج جا ڪرڻا، سڄي جهان کي روشن ڪن ٿا ائين ئي ”گل ڦل“ رسالو اسان جي جذباتن، خواهشن ۽ امنگن کي روشن ڪري ٿو. پوءِ اسان کي ڇو نه پيارو هوندو. اسان کي هن رسالي سان ايتري محبت آهي جيتري ماڪ جي ڦڙن کي گلن ڦلن ۽ پيارين مکڙين سان هوندي آهي. جيئن ماڪ جا ڦڙا گلن ڦلن ۽ پيارين مکڙين کي چمندا آهن، ائين ئي اسين پياري رسالي کي چمون ٿا ۽ کيس دل سان ڀانيون ٿا.

(ادا، اوهان جي جذبات جو اسين احترام ڪريون ٿا. اوهان جواب لاءِ بچايو ڇا آهي.)

·     ڳوٺ لونگ ڏيٿي کان غلام ياسين گل لکي ٿو.

ماهه نومبر جو رسالو پڙهيم حد کان بيحد پسند آيو. جنهن لاءِ تعريف جا الفاظ مون وٽ موجود ڪين آهي هن رسالي ۾ سڀ کان وڌيڪ سٺا ڪالم ”سلام ۽ سنيها“ ”هنن سان ملو“، ”سهڻا سخن“ ۽ اوهان جو امتحان وڌيڪ سٺا آهن. هي اسان سنڌڙيءَ جي گلڙن جو بهترين رسالو آهي. جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪري رهيو آهي. ان جا اسين نهايت ٿورائتا آهيون. هن رسالي ۾ جيڪو ڪالم ”روح رهاڻ“ آهي، ان ۾ هڪ سوال موڪلي رهيو آهيان اميد ته جواب موصول ٿيندو. ”روشن تارا“ ڪالم ۾ ڀيڻ فيض بانو مهر جو انٽرويو پڙهيوسين جيڪو ڏاڍو وڻيو. اياز گل جو لکيل ”سنڌڙيءَ جو سينگار“ شعر ڏاڍو وڻيو. جنهن لاءِ اسان جون کيس مبارڪون پهچائيندا.

وڌيڪ عرض هي آهي ته ”محب الله هڪڙي“ صاحب جن جي نالي شايع ٿيل ڪهاڻي ”ڪانءُ ۽ ڪوئل“ اٺين ڪلاس جي درسي ڪتاب ”مرقاة العربيه“ تان نقل ٿيل آهي.

رسالي جي دير سان شايع ٿيڻ جي شڪايت آهي جيڪو اسان جي هن رسالي جو سڀ کان وڏو عيب آهي. سياڻن جو قول آهي ته ٽائيم بادشاهن جو بادشاهه آهي.

(ادا، رسالي جي پسنديءَ لاءِ مهرباني. ايازگل کي اوهان جون مبارڪون پهچايون ويون. عربيءَ مان ترجمو ڪرڻ کي نقل ڪونه چئبو. اوهان جو سوال واري سان شايع ڪيو.)

·     باڊهه کان مبشر علي بلوچ لکي ٿو:

پيارا انور هالائي،

جيئن ته آءٌ هي ڀيري اوهان ڏانهن خط لکندو رهندو آهيان پر افسوس سان چوڻو پوي  ٿو ته مون کي شامل نٿو ڪيو وڃي. مون اوهان ڏانهن ڪيترو ئي مواد موڪليو آهي پر اهو رديءَ جي ٽوڪريءَ جي حوالي ڪيو ويو آهي. شايد ردي ٽوڪري منهنجي لاءِ ئي ٺاهي وئي آهي. آءٌ وري به هڪ سوال موڪلي رهيو آهيان اميد ته اشاعت لاءِ قبول پوندو. ادا، مان جيڪڏهن اسڪول جي هڪڙي سٺي شاگرد جو انٽرويو وٺي موڪليان ته شايع ڪندؤ. اميد ته منهنجي خط جو جواب ڏيندا، مهرباني. رسالي ۾ ”اوهان جو امتحان“ ڪالم سٺو آهي پر انهيءَ ۾ حساب سان گڏ اهو به ڄاڻايو وڃي ته انهي حساب جو نتيجو ڪهڙي مهيني ۾ شايع ڪيو ويندو.

(ادا، اسان کي به ڏک آهي جو اوهان پنهنجي واري جو انتظار نٿا ڪريو. گل ڦل اوهان جو پنهنجو رسالو آهي، انڪري ان سان ساٿ ڏيڻ به اوهان جو فرض آهي. اوهان سٺي شاگرد جو انٽرويو وٺي موڪلينداسين ضرور شايع ڪنداسين. اوهان جي امتحان واري ڪالم جو جواب دستور موجب هر ٻئي مهيني شايع ڪيو آهي.)

·     عمرڪوٽ کان رميش ڪمار بچاڻي لکي ٿو:

بزرگ ڀاءُ،

ماهه آڪٽوبر جو گل ڦل پڙهيم. ڏاڍو پسند آيو. پر افسوس جو پنهنجو نالو نه ڏسي غمگين ٿيس. دل ۾ چوان ته گل ڦل ڪيڏو نه پيارو آهي، پر منهنجي نالي کي ڇو نٿو پاڻ سان کڻي اچي.

ادو انور هالائي ڏسجي به ته بزرگ ماڻهو پيو، پوءِ منهنجو نالو ڇو نٿو شايع ٿئي. هيترا لطيفا، هيترا سارا سهڻا سخن ۽ هيترا سڄا روح رهاڻ لاءِ سوال ۽ ڪيترائي سنيها جيڪي آءٌ ادي ڏانهن موڪليان ٿو، سي ڪيڏانهن ٿا وڃن، پر ان خط ۾ سوالن وارو ڪوپن به موڪليندو آهيان، جنهن ۾ منهنجي ننڍڙن ڀائرن جا نالا لکيل هوندا آهن، سي ته ڇپجيو وڃن، پر منهنجو نالو ڇو نٿو شايع ٿئي.

خير، ادي جي مرضي. ادو وڏو آهي تنهنڪري ادو ڄاڻي ادي جو ڪم. مون کي ته گل ڦل ۽ ادي جي نالي سان محبت آهي. ادو جواب ڏي يا نه سندس مرضي.

حسب معمول هن مهيني به منهنجي ننڍي ڀاءُ جو نالو ڪوپن ۾ لکيو اٿم. نالو اوم پرڪاش اٿس ۽ پنهنجي پاران هڪ لطيفو، هڪ سوال ۽ هي خط موڪلي رهيو آهيان. جي پسند اچن ته شايع ڪجو جي نه اچن ته اڳين خطن سان گڏ رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلي ڦٽا ڪجو. وري ٻي مهيني ٻيو خط موڪليندس. ادل! جي اجازت ڏيو ته هڪ ڪهاڻي انگريزي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري موڪليان اڳئين مهيني مون پنهنجو فوٽو موڪليو هو سو به مهرباني ڪري شايع ڪندا.

ادل، مون وٽ هن سال جي جنوري، فيبروري ۽ مارچ مهينن جا گل ڦل نه آهن مهرباني ڪري جي توهان وٽ هجن ته ڏنل ائڊريس تي موڪلي ڏيندا ۽ ان جي قيمت جيڪا چوندا سا ڏيندس ۽ جي توهان وٽ نه آهن ته ٻي ڪنهن ڀائر کان گهرائي ڏيندا ته مهرباني ٿيندي.

ادا، روشن تارا، اوهان جو امتحان، روح رهاڻ، سهڻا سخن، کل ته سهي، هنن سان ملو ۽ سلام ۽ سنيها ڪالم بلڪل سٺا ڪالم آهن، انهن کي اصل بند نه ڪجو.

(ننڍڙا ادا، اوهان جون شڪايتون پڙهي اسان کي به ڏاڍو ڏک ٿيو. شايد اوهان جو مواد اڃا پنهنجي واري جو انتظار پيو ڪري يا اهو اهڙو سٺو نه آهي جو جلد شايع ٿي سگهي. اسين ته سڀني ٻارن سان پيار ڪريون ٿا، پوءِ ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته توهان کي وساري ڇڏيو. انگريزي ڪهاڻيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري موڪليو وڏيءَ خوشيءَ سان شايع ڪنداسين. جيڪي رسالا اوهان وٽ کٽل آهن، انهن لاءِ ”مئنيجر سنڌي ادبي بورڊ بوڪ اسٽال، سنڌ يونيورسٽي روڊ نيو ڪئمپس ڄام شورو سان لکپڙهه ڪريو ته معلومات ٿي ويندي. ڪوبه ڪالم بند ڪونه ٿا ڪريون اوهان تسليٰ ڪريو. هي خط شايع ڪري رهيا آهيون، هاڻي ته ناراض نه آهيو؟

گل ڦل جا سنڌ ۾ ايجنٽ

 

سنڌ جي الڳ الڳ شهرن ۾ هيٺئين موجب اسان جا ايجنٽ آهن. پڙهندڙن جي سهوليت لاءِ اسين انهن جا نالا شايع ڪري رهيا آهيون. جن به شهرن ۾ ايجنٽ ڪونه آهن، اهي پنهنجا آرڊر جلدي بوڪ ڪرائين. ايجنسي حاصل ڪرڻ لاءِ مئنيجر سنڌي ادبي بورڊ بوڪ اسٽال، اسٽيشن روڊ سنڌ يونيورسٽي نيوڪئمپس ڄامشورو سان لکپڙهه ڪريو.

حيدرآباد شهر: ادبيات اسپتال روڊ، عباسي بوڪ اسٽال لڳ ايلائيٽ سئنيما، جاويد بوڪ اسٽال گاڏي کاتو، ذوالفقار بوڪ اسٽال گاڏي کاتو، فردوس ۽ بوڪ اسٽال لڳ فردوس سئنيما، غني بوڪ اسٽال پٺاڻ ڪالوني ۽ ريلوي بوڪ اسٽال.

حيدرآباد ضلعو: ضمير احمد قاضي نيوز ايجنٽ مٽياري، نواز سمون نيوز ايجنٽ مٽياري، اسلامڪ نيوز ايجنسي هالا، محمدي بوڪ ڊيپو نيو سعيدآباد، عبدالقادر نظاماڻي نيوز ايجنٽ ٽنڊوقيصر، محمد زبير نيوز ايجنٽ ٽنڊوالهيار ۽ فيصل جنرل اسٽور ٽنڊو محمد خان.

ڪراچي: ڪيپيٽل ڪارنر صدر، ڪراچي.

لاڙڪاڻو شهر: عبدالحي ابڙو نيوز ايجنٽ، ادبي بوڪ اسٽال ريلوي روڊ، پاڪستان بوڪ اسٽال، نوراني بوڪ ڊيپو ۽ عليم بوڪ اسٽور ريشم گلي.

لاڙڪاڻو ضلعو: در محمد ٻرڙو نيوز ايجنٽ قمبر، آزاد نيوز ايجنسي رتوديرو، ڀڳوانداس نيوز ايجنٽ وارهه ۽ حزب الله نيوز ايجنٽ وارهه.

نوابشاهه ضلعو: سليمان برادرس نوابشاهه، عبدالفتاح ميمڻ نيوز ايجنٽ مورو، خاڪي جويو نيوز ايجنٽ سڪرنڊ، الاهي بخش ڀٽي نيوز ايجنٽ مٺياڻي، خدا بخش ڪلهوڙو نيوز ايجنٽ سٺ ميل نصرت، ڊاڪٽر محمد قاسم لانگاهه پڊعيدن ۽ شمس الدين نيوز ايجنٽ ٺارو شاهه.

سکر ضلعو: سکر بوڪ هائوس سکر، مڪتمہ جمهور سکر، سنڌ اسٽور پنو عاقل، محمد رفيق غوري نيوز ايجنٽ ڳڙهي ياسين، منوج بوڪ ڊيپو گهوٽڪي، هاسواڻي نيوز ايجنسي ڏهرڪي ۽ رميش بوڪ ڊيپو ميرپور ماٿيلو.

شڪارپور شهر: سنڌ ڪتاب گهر، نيشنل بوڪ ڊيپو، سنڌ بوڪ ڊيپو، مرتضيٰ ابڙو ۽ محمد بخش نيوز ايجنٽ.

ضلعو جيڪب آباد: عبدالله ائنڊ برادرس جيڪب آباد، فيض محمد بلوچ ڪنڌڪوٽ، سند ڪتاب گهر ڪنڌڪوٽ، امر جنرل اسٽور ڪشمور ۽ سنڌ نيوز ايجنسي ٺل.

دادو شهر: علم و ادب بوڪ اسٽال، ٻڌر مل بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور.

ضلعو دادو: عبدالقادر ٻگهيو خيرپورناٿن شاهه، نارائڻداس نيوز ايجنٽ راڌڻ ۽ حاجي عبدالغفور نيوز ايجنٽ سيوهڻ.

ضلعو ٺٽو: شمس بوڪ اسٽال ٺٽو غريب نواز بڪ اسٽال ٺٽو اسلامي بوڪ اسٽور ٺٽو، مشتاق نيوز ايجنسي دڙو، اعجاز ايجنسي ميرپور بٺورو ۽ احمد راهي نيوز ايجنٽ چوهڙ جمالي.

ضلعو بدين: غفور نيوز ايجنسي بدين ۽ ٽنڊوباگو ۽ محمد جمن چانڊيو نيوز ايجنٽ تلهار.

ضلعو ٿرپارڪار: سنڌ ڪتاب گهر ميرپورخاص، بابو سلطان نيوز ايجنٽ ميرپورخاص، شوقين نيوز ايجنٽ سامارو، عثمانيه بوڪ ڊيپو ڪنري، خالد اڪبر ٽالپر ٽنڊو جان محمد، شيخ محبوب علي بوڪ ڊيپو جهڏو، حافظ رحمت الله بوڪ سيلر جيمس آباد، خان محمد نيوز ايجنٽ عمرڪوٽ ۽ عبدالقادر ميمڻ نيوز ايجنٽ ڏيپلو.

ضلعو سانگهڙ: عبدالجبار حر مجاهد نيوز ايجنٽ سانگهڙ، مهراڻ بوڪ ڊيپو کپرو، بلوچ بوڪ اسٽال شاهپورچاڪر، خورشيد عالم لطيفي نيوز ايجنٽ شهدادپور، محمد رمضان قريشي نيوز ايجنٽ نئون آباد، آسو مل بوڪ اسٽال ٽنڊو آدم.

ضلعو خيرپور: شمشير برادرس خيرپور، نيشنل بوڪ اسٽال پنج گولا خيرپور، روشن علي ملڪ نيوز ايجنٽ گمبٽ، مڪتبہ عزيزيه کهڙا ۽ استاد خادم سنڌي اڳڙا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com