سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1/ 1997ع

باب: --

صفحو :3

هُن دنيا جي گهر ۽ ڪمري کي سينگارڻ لاءِ اسان کي پنج وقت نماز پڙهڻ گهرجي ۽ ٻيا نيڪ عمل ڪرڻ گهرجن، جيئن الله تعالى اسان کان خوش ٿي، ان ۾ آسائش ۽ آرام جو سامان ڏي ۽ اسان اتي سک سان گذاريون.

پوءِ اصغر پنهنجي ڏاڏيءَ اڳيان عهد ڪيو ته هو پنج وقت نماز پڙهندو ۽ نيڪ عمل ڪندو ۽ هُن دنيا واري گهر (آخرت) ۽ ڪمري (قبر) کي سينگاريندو، جيڪو اسان سڀني جو اصل گهر ۽ اصل ڪمرو آهي.

پيارا ٻارؤ! اڄ توهان به عهد ڪيو ته توهان به پنج وقت نماز پڙهندؤ ۽ نيڪ عمل ڪندؤ ۽ پنهنجي اصل گهر ۽ اصل ڪمري کي سينگاريندؤ.

ڊاڪٽر منير احمد چنه

سچ، سونهن ۽ خوشبو

جڏهن جڏهن به ڪائنات جي حقيقت ۽ زندگيءَ جا جذبا ڪوڙ جي انڌيري ۾ ڪاري رات جيان مڌم پئجي ويندا آهن، تڏهن سچ، سونهن ۽ خوشبوءِ جي روشني بڻجي ٻهڪي پوندو آهي. دراصل سچ سونهن ۽ خوشبوءِ ٻار جي معصوم جذبن ۾ سمايل هوندا آهن. انهن اهڙن ئي جذبن کي آزمائڻ لاءِ، اسان کي ٻالپڻ واري دورکي ڏسڻو ۽ پڙهڻو پوندو.

اسڪول ۾ ٻار اڄ به وڃن ٿا، ۽ اسڪول اسان به ويندا هئاسين، اسان ڳوٺن ۾، اسڪول ويندي، پوپٽ کي گلن جي ڇاتيءَ تي جهومندو ڏسي، اسان جي دل به جهومي اٿندي هئي، ۽ ڪجهه سوچڻ کان بنا، پوپٽ جي ڪڍ لڳي پوندا هئاسين ۽ پوءِ پوپٽ کي پڪڙيندي پڪڙيندي، اسان اڪثر اسڪول دير سان پهچندا هئاسين، ليڪن اسان، روز روز ڪوڙ جي ٺاهيل بهانن تي، ڀروسو ڪين ڪندا هئاسين ۽ هميشه سچ ڳالهائيندا هئاسين، ۽ان جي ثبوت لاءِ، سائينءَ کي پنهنجا هٿ ڏيکاريندا هئاسين، جنهن تي پوپٽ پنهنجا رنگ ڇڏي ويندو هو. سائين، اسان جا رنگين هٿ ڏسي، ورائي، اسان جي منهن تي ڦيرائيندو هو ۽ پوءِ اسان جو منهن به رنگ برنگي ٿي ويندو هو ۽ پوءِ سڀ ٻار کلندا هئا. تڏهن استاد چوندو هو، ته توهان جو سچ به انهي پوپٽ جي رنگن وانگر رنگ برنگي نظر ايندو آهي.

اڄ منهنجو اٺين درجي جو نتيجو اچڻ وارو هو، صبح جو اسڪول ويندي، گهر جي ٻليءَ کي کير پياريم، غريب ٻڍڙي گُلرَ کي، حرڪتي ٻارن کان بچايم، پوپٽ کي پڪڙڻ جي ڪوشش نه ڪيم، پر هڪ گل پٽيم، ۽ گل کي سنگهندو، اسڪول ڏانهن وڃي رهيو هوس، ته هڪ فقير مون کي سوال ڪيو ۽ صدا هنئي، ”ته آهي ڪو الله جو ٻانهو جيڪو، مون کي بس اسٽاپ تائين، هٿ ڏئي وٺي هلي.“

فقير ويچارو هيو نابين، ليڪن اسڪول وڃڻ ۾ دير به ٿئي پئي ۽ ٻيو ته اڄ رزلٽ به اچڻ واري هئي، پر فقير جي صدا کٽي وئي ۽ مان هن کي، هٿ ڏئي بس اسٽاپ تائين وٺي آيس. آخر ۾، اهو پٽيل گل به فقير کي ڏنم ۽ فقير کي چيم ته بابا، جيستائين بس اچي، تيستائين هن جي خوشبوءِ وٺندو رهج، پٽ گل تيستائين وڻندو آهي، جيستائين خوشبو ڏيندو رهي ٿو ۽ انسان تيستائين خوشبوءِ ڏيندو رهندو آهي. جيستائين سچ ڳالهائيندو رهندو آهي، انهي ڪري گل جيان تون پنهنجي خوشبوءِ به سچ ڳالهائي ٻهڪائيندو رهجانءِ. سچ ڪهڙي به صورت ۾ سوڀارو رهندو آهي.

امتحانن جي ڏينهن ۾، ۽ رزلٽ اچڻ جي ڏينهن ۾، اڪثر شاگرد، نيڪي ڪرڻ ۽ ثواب کٽڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. رزلٽ آئي ۽ مان پاس ٿي ويس.

ڳوٺن ۾ رات جو منظر به عجيب ٿيندو آهي، سج لهڻ ساڻ ئي، ماڻهو وڃي پنهنجي گهر ڀيڙا ٿيندا آهن. پهريائين ته خوب ڪچهريون ٿينديون هيون، پر هينئر ڌاڙيلن، غريبن ۽ مسڪينن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، رات جو ڪنهن ٿنڀي تي لڳايل سرڪاري بلب جي روشني، ڏاڍي پراسرار لڳندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪٿان ڪنهن ڪتي جي ڀوُنڪ جو پڙاڏو، ڄڻ زندگيءَ جي وجود جو احساس ڏياريندو آهي.

اڄ رات، جڏهن مان سمهڻ لاءِ پنهنجي کٽ ڏانهن وڌيم ته، منهنجي کٽ ۽ بسترو هيو ئي ڪونه، يڪدم امان کان پڇيم، تنهن تي امان چيو، ته پڻهين شهر ڏانهن ويو آهي، ۽ اڄ رات ڪونه ايندو، انهيءَ ڪري، تنهنجي کٽ، هوڏانهن در جي ڀرسان وڌي اٿم، تنهن تي منهنجي ڀيڻ يڪدم چيو ته، هونءَ ته تون ڏاڍيون ڊاڙون ۽ ٻٽاڪون هڻندو آهين، جاسوسي ڪهاڻيون پڙهي، اسان تي به روب ڄمائيندو آهين، ۽ هر دفعي بابا کي جاسوسي ڪتاب وٺڻ لاءِ چوندو آهين، اڄ تنهنجي جاسوسي جي خبر پوندي.

تڏهن مون دل ۾ سوچيو، ”اهو ته مان ائين ئي ٻٽاڪون هڻندو هيم ۽ هنن وري سچ سمجهي، مون کي وڏو ڪي جاسوس سمجهيو اٿن، بهرحال هاڻي منهن ڏبو.

رات جو امان، منهنجي ڀرسان، بابا واري لٺ رکي، ڄڻ سچ پچ مونکي وڏو بهادر سمجهي پئي ۽ پوءِ وري ننڍڙي پيتي کڻي آئي، جنهن ۾ سون جا زيور ۽ ڪافي پئسا هئا، ۽ امان، ان کي، منهنجي کٽ هيٺان زمين ۾ پوري رکيو. ايتري ۾ منهنجي ڀيڻ بيٽ کڻي اچي منهنجي مٿي کان رکي وري امان الماڙيءَ جي چاٻي به ڏني ۽ چيو ته هن کي ويهاڻي هيٺان ڪري رک. تڏهن مان سوچيم ته منهنجي ٻٽاڪن اڄ مون کي مارائي ڇڏيو، بهرحال، ويندي رات گذري، پر گهر جو وڏو ٿيڻ ته ڏاڍو ڏکيو آهي.

رات جو جڏهن سڀ اسين گهر ننڊ ۾ ستا پيا هئاسين ته اوچتو ٺڪاءُ ۽ رڙين تي منهنجي اک کلي پئي، ڇا ڏسان ته ٻه ڄڻا، بندوقن سان، امان جي مٿان بيٺا آهن، ۽ امان کان الماڙيءَ جون چاٻيون گهري رهيا آهن، امان کي ڌڪ هڻندو ڏسي، مون کان رهيو نه ٿيو ۽ مان يڪدم، هنن کي چاٻي ڪڍي ڏنم، ۽ پوءِ انهن مان هڪ ڄڻو الماڙيءَ ڏانهن وڌيو ۽ الماڙيءَ ۾ پيل ڪپڙن کي هيڏي هوڏي ڪرڻ کان پوءِ، وري مون ڏانهن آيا ۽ مون کي بندوق سان ڌڪ هڻندي پڇيائون ته سونا زيور ۽ ٻيا ڏوڪڙ ڪٿي آهن، تڏهن ڀلا اهڙي وقت ۾، مون کي ڪهڙي چالاڪي سمجهه ۾ ايندي ۽ مان هنن سان سچ ڳالهايو ۽ چيو ته پيتي هتي زمين ۾ پوريل آهي ۽ پوءِ زمين کوٽي، هو پيتي ڪڍي کڻي هليا ويا.

تڏهن، امان، مون کي ڏاڍا دڙڪا ڏنا ۽ پوءِ هوءَ روئيندي رهي ۽ چوندي رهي ته، اسان جي سڄي ڄمار جي محنت هو کڻي ويا ۽ مون کي چوندي رهي ته توکي ڪهڙي ضرورت هئي، هنن کي سچ ٻڌائڻ جي، چئين ها ته اسان وٽ ڪجهه به ڪونهي.

مان امان جا دڙڪا ٻڌندو رهيس ۽ امان کي پرچائيندور رهيس. شال خدا ڪري ڪنهن جي به گهر ۾ چور نه گهڙن، ڏاڍو ڏکايل منظر هوندو آهي، سڄي عمر جي ڪمائي هڪ پل ۾ ڦرجيو وڃي، تڏهن مون سوچيو ته: ”ڇا، استاد جي ٻڌايل سچ بابت ۽ ۽ فقير جي ٻڌايل سچ بابت قول ته سچ، سونهن ۽ خوشبو بڻجي ٻهڪندو رهندو آهي، پر هتي هاڻي ته، اسان جي گهر ۾ سچ اونداهي ڪري ويو آهي.

ايتري ۾ پاڙي ۽ ڳوٺ وارا سجاڳ ٿي اسان جي گهر ڏانهن آيا ۽ اسان سان همدردي ڪندا رهيا.

صبح ٿيو، مان سوچيو ته، ڇو نه حد جي ٿاڻي ۾ رپورٽ لکرائي اچان، پر سڀ ڳوٺاڻا چون ته هاڻي ڪجهه به نه ٿيندو، ڀلا ڪو ويل مال واپس وريو آهي ڇا، پر تنهن هوندي به مون سوچيو ته رپورٽ ضرور لکرائڻ گهرجي.

جڏهن مان، ٿاڻي تي پهتس ۽ وڏي صوبيدار جي ڪمري ۾ داخل ٿي رپورٽ لکرائڻ لاءِ عرض ڪيم، ته هن مون کان تفصيل پڇي، جڏهن، مان هنن کي مڪمل ڳالهه ٻڌائي، پوري ڪئي، تڏهن صوبيدار پنهنجي الماڙيءَ مان، پيٽي کڻي اچي منهنجي اڳيان رکي، جنهن کي مون کڻي ڇاتيءَ سان لڳايو ۽ مان ڏاڍو خوش ٿيم، تڏهن انسپيڪٽر مون کي چيو ته رات، هي چور پڪڙيا آهن، جن جي اسان کي ڪافي ڏينهن کان تلاش هئي، ليڪن رات خبر نه آهي، ڪيئن هي اسان کي گشت دوران هٿ اچي ويا، هاڻي توکي شاهديءَ لاءِ عدالت ۾ به حاضر ٿيڻو پوندو، تڏهن مون وراڻيو ته صاحب، سچ جي شاهدي لاءِ چاهي قتل به ڇو نه ڪيو وڃي، تڏهن به مان سچ ڳالهائڻ کان ڪين مڙندس، سچ جي هڪ ڏينهن واري زندگي ڪوڙ جي هزار ڏينهن واري زندگيءَ کان بهتر آهي، اڄ ئي ته مون کي سچ جي حقيقت سمجهه ۾ اچي وئي آهي.

جڏهن، پئسا واپس کڻي ڳوٺ پهتس ته ڳوٺاڻا وائڙا ٿي ويا. تڏهن امان جو چهرو به ٻهڪي رهيو هو ۽ منهنجو به منهن پوپٽ جي رنگن وانگر رنگ برنگي لڳي رهيو هو. سڀ ڳوٺاڻا سچ جي سوڀ تي خوش ٿي رهيا هئا، ۽ سچ، سونهن ۽ خوشبوءِ بڻجي مهڪي رهيو هو.

علي محمد ”درد“ سولنگي

ڌرتي

پنهنجي ڌرتي سهڻي ڌرتي،

دلڪش ۽ من مهڻي ڌرتي

پنهنجي ڌرتي سائي ساري،

چئني پاسي آهي، بهاري،

ڪچو، پڪو ۽ لاڙُ، اُر، ٿرُ،

ڪاڇي جو آ دلڪش منظر

ٻيُرَ، نِمُن، سرينهن جون ڇائون،

ولين جون هن کي ته دُعائون.

ديس دنيا ۾ کوڙ ٻيا پَرَ،

ڪين سي هن جي ڀينڊ برابر،

پنهنجي ڌرتي، سڀ کان نياري،

آهي اسان کي جان کان پياري.

پنهنجي ڌرتيءَ جو هر ماڻهو،

آهي ڄڻ ته مکڻ جو چاڻو.

شال رهي هيءَ ڌرتي دائمُ،

قيامت تائين رهي شل قائمُ.

مدد علي هيسباڻي

ادڙا

گلن ڦلن جهڙا ننڍڙا ادڙا،

گل گلاب جهڙا تنهنجا لبڙا.

وار تنهنجا بخمل جهڙا،

چاهين توکي جوان ٻڍڙا،

ڪومل ڪچڙا تنهنجا گلڙا،

تن کي چمن ننڍڙا وڏڙا.

سهرا چون تنهنجا ادڙيون،

خوش ڏسن توکي اکڙيون،

ٻاتيون تنهنجون ٻوليون مٺڙيون،

اکيون تنهنجون جيئن ڏيئڙا.

خوشيءِ سان توکي ڀينرون کڻن،

چيچ مان وٺي هوريان هلن،

سڀ ٿا پوءِ توکي ڏسندا رهن،

منهن ملوڪ پير پدم پتڪڙا

ماءُ پيءُ لاءِ ”مدد“ مٺڙا،

ننڍڙا هجن توڙي وڏڙا،

ڪارا ڪوجها توڙي سنهڙا،

خوش رهن شل سڀ جا ٻچڙا.

امتياز سومرو

کنڊو ۽ مان

 

ان ڏينهن هن کي بازار ۾ ڏٺم، کيس پهرين نظر ۾ ئي سڃاڻي ورتم. هو کنڊو هو، کيس جنهن حالت ۾ ڏٺم پنهنجي اکين تي پاڻ کي اعتبارڪونه آيو، هو ٽن ڦيٿن واري سائيڪل تي هو. هڪ هٿ ۾ ان ٽن ڦيٿن واري سائيڪل جو هينڊل هوس ۽ ٻئي سان سائيڪل جي پينڊل کي آهستي آهستي ڦيرائي ٽن ڦيٿن واري سائيڪل کي اڳتي پئي ڌڪيائين. جهول ۾ هڪ جستي وٽو پيو هوس. سندس ويهڻ جي انداز مان اندازو لڳايم، ته کيس ٽنگون ڪونهن، سندس حال تي مون بي رحم کي رحم اچڻ لڳو. جڏهن بازار مان نڪري روڊ تي پهتو، ۽ پنهنجي ٽن ڦيٿن واري سائيڪل سان روڊ کي لتاڙيندو اڳتي وڌڻ لڳو ته اڳتي وڌي کيس سڏ ڪيم ”کنڊا!“ مون تي نظر پيس ته سائيڪل بيهاري ڇڏيائين. شايد سڃاڻي ورتو هئائين. سندس ڀرسان وڃي بيٺس چيائين. ”چئن سالن ۾ بلب مان روپ بدلائي ڪارٽون ٿي پيو آهين.“ کيس جواب نه ڏنم کلڻ جي ڪوشش ڪيم کِلي نه سگهيم، جنهن حال ۾ ملياسين مون کي بلڪل اندازو نه هيو ته ڪو مون کي ڏسڻ سان ئي سڃاڻي وٺندو، شايد ان ڪري سڃاتائين. جو مون به کيس سڃاتو هو. ٿوري دير خاموش رهياسين، پوءِ مون ڳالهايو. هٿ جي اشاري سان پڇيم. ”هي ڇا ڪيو اٿئي؟ منهنجو مطلب آهي تنهنجون ٽنگون.....!“ جملو پورو ڪونه ڪري سگهيم. مون کي جواب ڏيڻ بدران پڇيائين. ”ماضي ياد اٿئي. چار سال اڳ وارو.“ چيم، ”اهو ماضي وسرڻ جو نه آهي، ان ماضي اسان کي برباد ڪري ڇڏيو. ان ماضي اسان جا والدين، اسان جي تعليم، اسان جا گهر، اسان جو سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيو.“

کنڊو ٿوري دير خاموش رهيو، ڄڻ ڪجهه سوچيندو هجي، پوءِ ڳالهايائين چيائين. ”اسان پنهنجي برباديءَ جو سبب پاڻ ئي هوندا آهيون، ان ۾ اسان جي زماني جو ڪهڙو ڏوهه! اها ٻي ڳالهه آهي ته برباد ماضي هميشه ياد رهندو آهي، پر قصور ياد ايندڙ جو نه، قصور اسان جي ياد جو هوندو آهي اسان جي ذهنن جو هوندو آهي.“ مون کي هميشه وانگر ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. خاموش ٿياسين ته ماضيءَ ياد آيو.

مان ۽ منهنجو دوست کنڊو چار سال اڳ ڏهين درجي ۾ پڙهندا هئاسين، اسان جي پاڻ ۾ تمام سٺي سنگت هئي. گهر به پاڙي ۾ هڪ ٻئي جي ڀرسان هئا. هونءَ کنڊي جو اصلي نالو جنيد احمد آهي، پر جڏهن اسان ڇهين درجي ۾ هئاسين، تڏهن کنڊي وارن جو گاسليٽ جو دڪان هوندو هو ۽ جنيد جو هڪ ڏند به ڀڄي پيو هو، هو صبح جو اسڪول ايندو هو ۽ شام جو پنهنجي پيءُ کي ساهي ڏيڻ لاءِ پنهنجي گاسليٽ واري دڪان تي ويهندو هو. هڪ ڏينهن سائين سودائي شام جو کيس گاسليٽ واري دڪان تي ويهندي ڏٺو هو، ۽ پوءِ صبح جو اسڪول ۾ اچڻ سان ئي پهريائين جنيد احمد کي هٿ سان اشارو ڪندي چيو هئائين. ”کنڊا گاسليٽي اڄ سڀني کان اڳ ۾ سبق تون ٻڌاءِ.“ ان ڳالهه تي اسان سڀ شاگرد ڏاڍو حيران ٿيا هئاسين ۽ پوءِ جڏهن جنيد احمد سبق ٻڌائڻ لاءِ اٿيو. تڏهن اسين سڀ شاگرد سندس نالي تي ڏاڍو کليا هئاسين، ان ڏينهن کان پوءِ جنيد احمد کنڊو گاسليٽيءَ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. اهڙي طرح مون به هڪ ڀيري ٺوڙهه ڪرائي هئي ۽ اسڪول ۾ پهچڻ شرط ئي سائين سودائي مون کي بلب (زيرو وارو) جي لقب سان نوازي ڇڏيو، هونءَ منهنجو اصلي نالو عامي آهي، بلڪل ائين ئي جيئن منهنجو ۽ جنيد جو نالو بدلايو هئائين، سائين سودائي اهڙي طرح ڪافي شاگردن جي نالن ۾ خوشگوار اضافو ڪيو هو. سائين سودائي ڏاڍو دلبر ماڻهو هو، شاگرد کي مار گهٽ ۽ سمجهاڻي وڌيڪ ڏيندو هو، چوندو هو ته ”گهڻي مار ۽ گهڻو پيار ٻئي ٻارن کي خاريندا آهن.“ سائين سودائين جيڪڏهن ٿوري مار ڏيندو هو ته ان جي بدلي ۾ کوڙ سارو پيار!

سائين سودائي اڪيلو سر هو. کيس نه ڪوئي اڳيان هو نه پويان اڪثر پنهنجي پگهار مان غريب شاگردن جي فيس ۽ ڪتاب وٺي ڏيندو هو. اسان ٻنهي مان کنڊو پڙهڻ ۾ چڱيرڙو هو. اسان ٻنهي ۾ هڪ ته نه پڙهڻ ۽ ٻيو وڊيوگيم کيڏڻ جي خراب عادت هئي، جنهن جو احساس ان ڏينهن ٿيو هو، جنهن ڏينهن دربدر ٿيا هئاسين.

هڪ ڏينهن سائين سودائي اسان کي وڊيو گيم کيڏندي ڏٺو هو، ان مهل ڪجهه ڪونه چيو هئائين، پر ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ چڱي سمجهاڻي ڏني هئائين.“ توهان کي پڙهڻ ڪم ايندو پٽ!، توهان کي تعليم ڪم ايندي، توهان کي وڊيو گيم مان ڪوبه فائدو نه ملندو. توهان کي وڊيو گيم سان دل لڳائڻ بدران ڪتاب ئي وفادار دوست ۽ سچا ساٿي هوندا آهن. هلندي هلندي ڪابه شيءِ دوکو ڏيئي سگهي ٿي. پر ڪتاب اها واحد شيءِ آهي، جيڪا ڪڏهن به دوکو نه ڏيندي آهي. جيڪڏهن توهان تعليم کي اڳتي وڌائيندؤ ته تعليم توهان کي بلندين تائين پهچائي ڇڏيندي.“ جهٽ خاموش رهي وري ڳالهايائين، چيائين توهان ٻنهي جو ذهن تمام سٺو آهي. (ان مهل دل ۾ چيو هيم، واهه سائين واهه!) توهان محنت ڪريو زندگيءَ ۾ فقط ٻه رستا هوندا آهن، هڪ سٺو ۽ ٻيو خراب، اسان وٽ ائين آهي جو سٺي رستي تي هلڻ لاءِ ڪوبه جوان تيار نه هوندو آهي ۽ خراب رستو اختيار ڪرڻ وارا تمام گهڻا! خراب يا سٺو رستو اختيار ڪرڻ پنهنجي ئي هٿ وس هوندو آهي.“

سائين سودائي جو لهجو ڏاڍو ماٺيڻو هو. سندس ڳالهيون ٻڌڻ ۾ ڏاڍو مزو پئي آيو، پر سمجهه ۾ ٻڙي!... سائين سودائيءَ جون ڳالهيون ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪري اسان پنهنجي ڪم کي جاري رکيوسين. ۽ پوءِ ڌُڪا، ٻُڪا هڻي، ڪڏهن پاس ڪڏهن فيل ٿيندا الائي ڪيئن ڏهين تائين پهتاسين، تن ڏينهن ۾ ڏهين درجي ۾ داخلا جا پهريان ڏينهن هئا، هڪ ڏينهن اسان ٻنهي وٽ پئسا ڪونه هئا. کنڊو گاسليٽي منهنجي صلاح تي پنهنجي گاسليٽ واري دڪان تان پئسا چورائي آيو. مان به ان وقت گهر آيم. منجهند جو وقت هو بابا به ننڊ پيو هو. سندس کيسي کي پنهنجو کيسو سمجهي بنا ڪنهن ڀَؤ جي هٿ هنيم، ڪجهه پئسا نڪتا ته سهي، پر بابا جاڳي پيو.

ننڊ جي خمارن ۾ ڪاوڙ مان ڪجهه ڳالهائين ۽ پوءِ ٻه ٽي ٿڦڙون هڻي ڇڏيائين، ۽ ٻاهر ورانڊي ۾ سمهڻ بدران هليو ويو، مون کان پئسا وٺڻ وسري ويس، پُٺاڙا مهٽيندو ٻاهر آيس، کنڊو منهنجي انتظار ۾ بيٺو هو، پڇيائين. ”خير ته آهي؟“ چيم، ”بابا ننڊ جي خمار ۾ هو ته هي حال ٿيو آهي. جاڳندو ته لڳيم ٿو ساهه ڪڍي ڇڏيندو.“ ان ڏينهن خوب راند کيڏي هئي سون، ان ڏينهن کان وٺي مار جي ڊپ کان گهر ڪونه ويا هئاسين. ٻئي شهر هليا وياسين. ان شهر ۾ اسان صرف ٻه ٽي ڏينهن گڏ هئاسين، پوءِ ميلي ۾ هڪ ٻئي کان ڌار ٿي وياسين (ميلو الائي ڪهڙي پير جو هو). هو الائي ڪٿ ۽ آءُ الائي ڪٿ! مون کيس ڳولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪونه مليو. ان ڏينهن اوچتو ڏٺم ته ڏاڍو حيران ٿيم، مون کي خاموش ڏسي پڇيائين،

”ڇا پيو سوچين عامي، عرف زيرو بلب!؟“

هلڪو ڇرڪ نڪري ويو. حال طرف ايندي چيم، ”ڪجهه نه! ائين ئي!“

پڇيائين، ”پنهنجي بابا ۽ امان جي ڪا خبر پيئي ڪٿي آهن؟“

چيم ”ڏاڍو ڳوليو اٿن، چئن سالن ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي. الائي ڪٿي ۽ الائي ڪهڙي حال ۾ هوندا.“

هو خاموش رهيو.

کانئس پڇيم، ”۽ تنهنجا امان ۽ بابا؟“

چيائين، ”الائي!“

”توکان اڳوڻي پڇيم، جواب نه ڏنئي؟“

”ڇا پڇئي؟“

”تنهنجون ٽنگون!؟“

چيائين – ”ميلي ۾ توکان ڌار ٿي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هت هليو آيو هيم، هڪ ڪار جي هيٺان اچي ويو هيم.“

سندس لهجي ۾ ڏاڍو ڏک هوس، مون کي به ڏاڍو ڏک ٿيو. ٿوري دير خاموش رهي پوءِ ڳالهايم، چئن سالن ۾ تمام گهڻو پڇتايو آهي اسان والدين کي ڏکايو ۽ کين وڃائي ڇڏيو، تعليم وڃائي.“

”حاصل کي لاحاصل بڻائي، انسان فقط پڇتائي ئي سگهندو آهي.“ کنڊي ڏک سان ٽمٽار لهجي ۾ چيو. مون کي سائين سودائي ياد آيو. چيم، ”سائين سودائي جهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين.“

کنڊي وراڻيو، ايڏو دربدر ٿيڻ کان پوءِ هرڪو سائين سودائي جيان  ٿي پوندو آهي.“ جهٽ ڏسي وري ڳالهايائين ”ياد اٿئي هڪ دفعي سائينءَ وڊيو گيم وٽ ڏٺو هو ۽ پوءِ چيو هئائين. ”پٽ پڙهو، تعليم کي اڳتي وڌايو تعليم کي اڳتي وڌائيندؤ ته تعليم توهان کي بلندين تي پهچائي ڇڏيندي.“ واقعي سائين سودائيءَ سچ چيو هو ته سڀ ڪجهه تعليم سان آهي. اسان تعليم کي نه وڌايو ان ڪري پوئتي رهجي وياسين.“

چيم، ”ائين نه ڪيون ها ته جيڪر پيءُ ماءُ جي پيار لاءِ ته ترسؤن ها، بي گهر ڪونه ٿيون ها. تعليم کان آجا نه هجون ها.“ ڪجهه دير وري خاموش رهياسين پوءِ خاموشيءِ کي ٽوڙيندي چيم، ”ڪٿي رهندو آهين؟“

ٽن ڦيٿن واري سائيڪل جي هينڊل تان هٿ کي آڱر سان اشارو ڪندي چيائين، ”سامهون اسٽيشن جي پرئين پاسي.“ پڇيائين، ”۽ تون.“ چيم، ”مان سڄو ڏينهن گهمندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن مزدوري ڪندو آهيان ۽ رات جو مان ڦٽ پاٿ تي ۽ ڦوٽ پاٿ مون تي مهربان ٿيندي آهي.“

پنهنجي ٽن ڦيٿن واري سائيڪل کي چوريندي چيائين، ”اچ ته هلون.“

”ڪيڏانهن؟“ ذري گهٽ حيران ٿيندي پڇيم.

چيائين، ”حيران ڇو ٿو ٿين، اسٽيشن جي پرين پاسي پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ ٻيو ڪاڏي.“ کيس ڪوبه جواب نه ڏنم ۽ نه ئي کنڊي ڳالهايو، خاموش خاموش اڳتي وڌڻ لڳاسين....!!!

حفيظ الرحمان سولنگي

مزاحيه خبرون

السلام عليڪم!

هي ريڊيو ڪوڙستان آهي، اڄ جي تاريخ وفات ڪري وئي آهي، انڪري منهنجي گهڙيءَ جو ٽائيم به تاريخ جو جنازو پڙهڻ ويو آهي. هاڻي مسٽر مس کان خبرون ٻڌندا:

اڄ صبح ٿاڻي ۾ سپاهي، صوبيدار ۽ ايس پيءَ جو پاڻ ۾ جهڳڙو ٿي پيو، جهڳڙي جو سبب پاروٿي مڱن جي دال هئي، جيڪي هو قيدين کان کسي آيا هئا، شور ٻڌي سنڌ جا سپاهي ڀڄندا آيا، پر ان وقت گهڻي دير ٿي چڪي هئي. صوبيدار ۽ ايس پي وڙهندي پاروٿي مڱن جي دال ۾ ڪري مري چڪا هئا. باقي سپاهي جيڪو دال ۾ غوطا کائي رهيو هو. ان کي زنده ڪڍيو ويو، لاش مشن جي ذريعي ڪڍيا ويا.

ڪلهه سڄي دنيا جي مڙدن بک هڙتال ڪئي، سڀئي مڙدا قبرن مان اٿي شهر جي گهٽين ۽ روڊن تي گهمندا رهيا، ان ڪري ڪلهه ٽريفڪ، ريلوي لائن ۽ دڪان بلڪل بند هئا، مردن وزيراعظم کي چيو ته اسان قبرن ۾ ويهي ويهي بور ٿي ويا آهيون ۽ دنيا جي خبر ئي نه ٿي پئي ته دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. انهن پنهنجون چار خواهشون وزيراعظم کي لکي ڏنيون جيڪي هي آهن.

1-   اسان کي ٽي وي ۽ وي سي آر ڏني وڃي، ته جيئن قبرن ۾ هلائي ڏسون.

2-  هر قبر اَسي فوٽ ڪئي وڃي، ڇو ته گرمي تمام گهڻي ٿي پئي آهي.

3-  مڙدن جي لاءِ جدا سئنيما هائوس کوليو وڃي، ته جيئن اسين پاڪستاني فلمون ڏسي سگهون.

4-  هر قبر ۾ روزانو اخبار پڄائي وڃي وزيراعظم مڙدن جا مطالبا منظور ڪري ڇڏيا آهن.

رانديون:

جيئن ته ڪلهه پاڪستان جو سريلنڪا سان فائينل مقابلو هو.

جنهن ۾ سريلنڪا جي کلاڙي رانه ٽنگا هڪ ڇڪو هڻي بال کي گم ڪري وڌو، گهڻي ڳولا کان پوءِ بال نه ملڻ ڪري وسيم اڪرم سريلنڪا تي چوري جو الزام هنيو، پوليس ۾ رپورٽ داخل ڪرائي، پوليس جي خوف کان سريلنڪا جا کلاڙي هي دنيا ڇڏي ڀڄي ويا آهن.

موسم:

جيئن ته سج۽ چنڊ جي پاڻ ۾ محبت ٿي وئي آهي، ان ڪري هو ڪلهه رات ماڻهن کي سمهندي ڏسي پاڻ ملڻ آيا، ڇو ته انهن کي خبر هئي ته دنيا ٻن دلين کي ملڻ نه ڏيندي آهي، شديد انڌاريءَ جي ڪري سج ۽ چنڊ پاڻ ۾ ٽڪرائجي تباهه ٿي ويا، ان ڪري هاڻي ڏينهن ٿيڻ جوسوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.

هاڻي مسٽر مس کي اجازت ڏيندا.

خدا حافظ.

قربان جعفري                                             قسط: 10

 

بادشاهه جو پٽ

هڪڙي بهار جي صبح جو، بيربل بادشاهه سان ملڻ لاءِ محل ڏانهن پنڌ پيو. جيئن هو پهتو ته بادشاهه جو ننڍڙو پٽ پنهنجي رانديڪن سان ڪمري ۾ ڊوڙندو آيو. هو پنهنجي پيءُ کي اڪيلو ڏسي ايترو خوش ٿيو جو ٽپ ڏئي هن جي هنج تي چڙهي ويٺو. هن جون مڇون ڇڪيائين، سيٽي وڄايائين ۽ پنهنجي دهل کي سٽڻ لڳو، اهڙي پنهنجن منٽن کان پوءِ اڪبر اهو وڌيڪ سهي نه سگهيو. ”بيربل“ هن پختگيءَ سان چيو، ”دهل کڻي وڃ. ٻار روئڻ ۾ ڇٽڪيو. بيربل دهل ٻيهر واپس کڻي آيو.

”بادشاهه سلامت“ بيربل مشڪندي چيو. ”توهان کي ياد آهي ته مان هڪڙي ڀيري توهان کي چيو هو ته هڪڙو ٻار دنيا جو طاقتور ترين شخص آهي؟“

”ها“، اڪبر چيو. ”تو چيو هو ته هو مون کان به وڌيڪ طاقتور آهي. پر اڃان تائين مون وٽ ڪو ثبوت ڪين آهي.“

”هي ثبوت آهي،“ بيربل جواب ڏنو. ڪنهن کي همت ڪين آهي جو توهان کي للڪاري يا اوهان جي اکين ۾ نهاري سگهي. هي ٻار توهان جي هنج ۾ چڙهي ويٺو، توهان جون مڇون ڇڪيائين، ۽ دهل جي باري ۾ پنهنجي ڳالهه مڃرايائين، پر تڏهن هن کي سزا نٿا ڏئي سگهو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com