سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1/ 1997ع

باب: --

صفحو :4

اڪبر کليو، ”ڏسون ٿا ته درٻاري هن جي باري ۾ ڇا ٿا چون“ هن چيو. جيئن هو انهيءَ ڪمري ۾ داخل ٿيا، جنهن ۾ درٻاري گڏ ٿيندا هئا، اڪبر پڇيو، ”جيڪڏهن ڪو منهنجون مڇون ڇڪي، ته توهان مان هن کي ڪهڙي سزا ڏيان؟“

هرهڪ درٻاريءَ پاڻ کي ٻئي کان وڌيڪ بادشاهه جو وفادار ثابت ڪرڻ ٿي چاهيو.

”هن کي ڦاهيءَ چاڙهيو“، هڪڙي چيو.

”هن جي سسي لهرايو.“ ٻئي چيو.

”اسان بدمعاش کي اندر گهرائي ٿا اڪبر بيربل کي چيو جيڪو هن جي ڳولها ۾ ويو.

هو ڪجهه منٽن کان پوءِ ننڍڙي ڇوڪري کي هن جي هٿ کان جهلي واپس آيو. جڏهن هو ڪمري جي دروازي وٽ پهتا، هن بيربل جو هٿ ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي پيءُ ڏانهن ڀڳو. هن جي هنج ۾ چڙهي ويٺو ۽ ٻيهر هن جون مڇون ڇڪيائين.

 ”هن کي ڪجهه مٺايون ڏيو.“ هر هڪ گڏجي رڙ ڪئي.

 عطاءَ الله ڀٽو

روشن اکيون

پيارا ٻارو! اکيون اسان لاءِ الله تعالى طرفان عطا ڪيل انمول تحفو آهن. جنهن انسان کي ڏسڻ جي صلاحيت نه هوندي آهي، اهو ڪنهن به شيءِ جي شڪل نه ٿو سڃاڻي سگهي، ايتري حد تائين جو هو، پنهنجي والدين جي به شڪل سڃاڻڻ کان محروم رهي ٿو.

پيارا ٻارو! اسان تي الله تعالى جو وڏو ڪرم آهي، جنهن اسان کي ڏسڻ لاءِ ٻه اکيون ڏنيون. اسين پنهنجي روشن اکين وسيلي، آسمان، زمين، درياءَ، پهاڙ وغيره سڀ ڪجهه ڏسي سگهون ٿا، پڙهي سگهون ٿا، لکي سگهون ٿا، هر شيءِ جي شڪل سڃاڻي سگهون ٿا ته اها گول آهي، چؤڪنڊي آهي، ٽڪنڊي آهي، ڪاري آهي يا سفيد آهي، ٿلهي آهي يا سنهي آهي، ڊگهي آهي يا ننڍي آهي يا ڪهڙي به نموني جي آهي.

پيارا ٻارو! اسان جو اهو فرض آهي ته الله تعالى طرفان عطا ڪيل ٻن اکين جي تمام گهڻي حفاظت ڪريون ته جيئن هميشه روشن رهن.

اکين جي حفاظت لاءِ ضروري آهي ته اسين هميشه هيٺين ڳالهين تي لڳاتار عمل ڪريون.

1-   صبح سان سوير اٿڻ شرط ئي وضوءَ مهل پنهنجين اکين کي خوب ڌوئيون.

2- اسڪول کان واپس اچڻ بعد پنهنجي منهن کي ڌوئيون ۽ اکين کي تمام گهڻي صاف پاڻي سان بار بار ڌوئيون.

3- جيڪڏهن اکيون ٿڪل محسوس ٿين ته هڪ صاف ٿانوَ ۾ صاف پاڻي وجهي پنهنجو منهن ان ۾ ٻوڙي اکين کي بند ڪيو ۽ کوليو ته توهان جون اکيون صاف ۽ ٿڌيون ٿي وينديون.

4- جيڪڏهن توهان جي اک ۾ ڪو ڪک وغيره پئجي وڃي ته ان کي ڪڏهن به نه مهٽيو بلڪه پنهنجي دوست، استاد يا امڙ کي چئو ته جيئن هو توهان جي اک کي کولي ڪنهن صاف ڪپڙي سان صاف ڪري.

5-  جيڪڏهن اوهان کي سخت گرمي ۽ تيز اس ۾ ٻاهر نڪرڻو هجي ته رنگين شيشن وارو چشمو استعمال ڪريو.

6-  اک تمام نازڪ شيءِ آهي ان کي دونهين کان بچايو ۽ سج طرف به ڪڏهن نه ڏسو.

7-  گهٽ روشني ۾ نه پڙهو، ان سان نظر ڪمزور ٿي ٿئي.

8- وڻن جي هيٺيان ڀڄڻ کان پهرين اهو ضرور ڏسو ته وڻ جون شاخون گهڻيون هيٺ ته نه آهن، ڇو ته اهي اوهان جي اکين ۾ پنهنجي نقصان پهچائي سگهن ٿيون. پيارا ٻارو! جيڪڏهن اوهان اسڪول جي ڪلاس ۾ ويهي بليڪ بورڊ تي لکيل ڪابه شي پڙهي سگهو ٿا ته سمجهو ته اوهان جي نظر صحيح آهي، جيڪڏهن نه ٿا پڙهي سگهو ته پنهنجي بابا کي ٻڌايو ته اهو اوهان جي اکين جي چڪاس ڪرائي، اوهان کي چشمو وٺي ڏي، ته جيئن پڙهي لکي ۽ پري پري تائين ڏسي سگهو، ٺيڪ!

مير آصف پنهور

ٻار ۽ گهر

ڪنهن عالمي مفڪر جو قول آهي ته ”ٻار جي پهرين درسگاهه ٻار جي ماءُ جي گود آهي، يعني ٻار جو پهريون مڪتب سندس گهر آهي. جتان ٻار پنهنجي بنيادي سکيا تعليم و تربيت، اٿڻ، ويهڻ، کائڻ، پيئڻ، ۽ ڳالهائڻ وغيره سکي ٿو، يعني اهو آهي ٻار جي سڌرڻ، سنوارڻ جو بنياد.“

چوندا آهن ته عمارت به اها مضبوط چئجي ٿي، جنهن جو بنياد  پڪو هوندو آهي. پر جي بنياد ڪچو هوندو ۽ مٿي پوري عمارت پڪي اڏبي ته اها بلڪل ناقص آهي، ان تي ڪوبه اعتبار نه آهي، ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿي. اها ڪاغذ جي ٻيڙي برابر آهي، جنهن کي ڪابه عمر نه آهي، افاديت نه آهي، مطلب اهو وڃي نڪتو ته ٻار جي سڌرڻ جو دارو مدار به گهر جي ماحول تي آهي، گهرو ماحول جيترو به مهذب هوندو اترو ئي ٻار به مهذب ٿيندو ۽ ان گهر جي ڀاتين ۾ وري مکيه ڪردار وري والدين جو آهي، ڇو ته والدين ٻار لاءِ آئيني جي مثل آهن، ٻار جو ڪچڙو نازڪ نفيس ذهن  هڪ ڪئميرا مثل آهي، جيڪا جهڙي به شڪل هوندي، ان جو اهڙو ئي عڪس ڇڪيندي.

والدين ۾ وري ماءُ جو ڪردار وڏي اهميت رکي ٿو، ڇو ته ماءُ ٻار جي پهرين استاد به آهي، ۽ استاد به ٻار جو آئينو آهي. ان مان ٻار پنهنجي عادتن ۾، خصلتن ۾، سڌارو يا بگاڙ آڻي سگهي ٿو. ٻار جنهن سان هي دنيا حسين نظر ٿي اچي، نه ته هي دنيا ٻارن کان سواءِ ويران رڻ پٽ برابر آهي، انهيءَ باغ مثل آهي، جنهن ۾ سڪل وڻ هجڻ پر ڪوبه گل ٻوٽو سر سبز وغيره نه هجي. ٻار گهر جي رونق ۾ به اضافو آڻي ٿو گهر کي جنت بنائي ڇڏي ٿو، ڪو گهر ڀلي ڇو نه سنگ مرمر جو ست ماڙ ٺهيل هجي، پر ان ۾ ٻار نه هجي، ته اهو گهر به ويران مندر جيان لڳندو. ٻار مکڙين جيان مهڪندڙ، مسڪرائيندڙ چهرا مايوس ۽ اداس دلين آڏو به جڏهن ايندا آهن ته اهي اداس دليون مکڙين جيان ٽڙي پونديون آهن. اداسين ۽ مايوسين جا ڪڪر دور ٿي ويندا آهن، انسان ڪيڏو به ٿڪل هجي، پر جڏهن گهر پهچندو آهي ننڍڙا ٻار بابا ڪري، جڏهن ميرن ڪپڙن هٿڙن سان به چمبڙندا آهن ته ان ماڻهوءَ کي ڪا ڪاوڙ نه لڳندي آهي. پر ان جو ٿڪ ئي لهي ويندو آهي. ان جي دل ۾ خوشين جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳندو آهي. انڪري چيو اٿن ته ٻار گهر جي سونهن آهي. جيئن باغ جي سونهن گلاب ۽ موتئي جي مهڪندڙ مکڙين سان آهي، نه ته باغ ڪجهه به نه آهي، پر شرط اهو آهي ته ان ٻار جي صحيح تعليم و تربيت ۽ نشو نما ڪئي وڃي، ان لاءِ ماءُ ئي صحيح ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ڇو ته ڪنهن دانشور جو قول آهي ته، ”اوهان مون کي سٺيون مائون ڏيو، مان اوهان کي سٺي قوم ڏيندس.“

مطلب اهو ٿيوته سٺي قوم لاءِ ماءُ جي تهذيب سڌريل تعليم يافته هجڻ ضروري آهي، ٻار کي مستقبل جو معمار آئيندي جو ابو به چيو ويو آهي. اهو ئي اڄ ٻار آهي، جيڪو ايندڙ وقت ۾ هن ملڪ جون واڳون سنڀاليندو، ملڪ جو صدر ۽ وزيراعظم ٿيندو، ملڪ جو سائنسدان ۽ فلاسافر وغيره ٿيندو.

نسيم حبيب کوسو

هڪ خواب هڪ حقيقت

سانوڻ مون کي بلڪل پسند نه هيو. سندس اجاين ڳالهين جي ڪري آئون کائنس تنگ هُيس. جنهن جي ڪري منهنجي دل ۾ به سانوڻ لاءِ نفرت ڊوڙ پاتي. کيس ڏسي منهنجي دل خود بخود سڙندي هئي. نفرت جي لهر ايتري تيز ٿي ويندي هئي، جو کيس ڪُٽڻ لاءِ ڏند ڪرٽيندو هئس.....

پر هو به پنهنجن ڳالهين کان باز نه ايندو هو. بار بار ساڳي ڳالهه ورجائيندو هو.... جنهن جي ڪري منهنجي دل اڃا به وڌيڪ کيس ڪٽڻ لاءِ چوندي هئي....

رسيس جو وقت هيو، مان خاموش خاموش ڪلاس ۾ ويٺو هيس ته سانوڻ ڪلاس ۾ داخل ٿيو.

”اسلام عليڪم .....“ سانوڻ ايندي چيو، مون به ”واعليڪم سلام“ چئي جواب ڏنو. ”آصف؟ اڄ شام سج لٿي جي نماز کان پوءِ شهباز پارڪ ۾ ”نماز ۽ اڄ جو شاگرد“ جي عنوان سان ٻارڙن جو هڪ ننڍڙو پروگرام ٿيندو، ڪوشش ڪري تون به ان ۾ شريڪ ٿجانءِ....“ هُن وري اها ڳالهه چئي ڇڏي، جنهن ڪري منهنجي دل کيس ڪُٽڻ لاءِ چوندي هئي.....

مون بار بار کيس اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ اهڙيون دعوتون ڏيڻ کان کيس روڪيو هيو، پر هو آهي جو مڙي ئي نه ٿو.... اڄ دل جي باهه اجهامڻ لاءِ اڳتي وڌيس ۽ اڳتي وڌندي سندس ڳلن تي ٻه ٽي ٿڦون وهائي ڪڍيم....

”مون توکي اڳ به چيو هو ته منهنجي سامهون اهڙيون ڳالهيون نه ڪندو ڪر....“ اهو چئي آئون ڪاوڙ مان ڪلاس مان نڪري هليو ويس..... ۽ رسيس بند ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. جيئن ئي رسيس بند ٿي ته خاموش اچي ڪلاس ۾ ويهي رهيم.... اهو سائين نورل جو اسلاميات وارو پيرڊ  هيو، سائين نورل حسب معمول هڪ ٿلهو ڏنڊو کنيو، ڪلاس ۾ داخل ٿيو ۽ عجيب عجيب نظرن سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪجهه منٽن کان پوءِ سائين نورل پنهنجو اهو ٿلهو ڏنڊو پنهنجي سامهون پيل ٽيبل تي زور سان هڻي اسان کي خاموش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. هر ڪنهن جون خاموش نظرون سائين نورل کي گهوري رهيون هيون. سائين هٿ جي اشاري سان مون کي بيهڻ جو حڪم ڏنو. بيهندي ئي منهنجي دل جو گهنڊ موڪل واري گهنڊ کان به تيز وڄڻ شروع ٿي ويو.... جنهن جي ڌڪ ڌڪ جي ڪري منهنجو جسم ڏڪي رهيو هيو.

”ڇو اڙي آصف! تو سانوڻ کي مار ڏني....“ سائين وڏي داٻي مان چيو. اهو ٻڌي آئون خاموش بيهي رهيم. هڪ ڀيرو دل چيو ته کيس سڄي حقيقت ٻڌايان وري ٻيهر خيال آيو ته نماز نه پڙهڻ ۽ اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت نه ڪرڻ ڪري سائين اڃا به وڌيڪ مار ڏيندو. مون کي خاموش ڏسي سائين نورل جي ڪاوڙ جو درجو وڌي ويو. بس پوءِ ڇا ٿا سمجهو ڪلاس ۾ منهنجون رڙيون ۽ سائين نورل جو ڏنڊو.....

اهو واقعو به مون لاءِ ناقابل برداشت هيو، مون سانوڻ کي وڌيڪ ڪُٽڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو ۽ بس پوءِ موقعي جي تلاش ۾ رهڻ لڳس.... جيئن ئي موڪل جو گهنڊ وڳو ته مان پنهنجا ڪتاب کنيو سڀني کان اڳ ۾ ئي گيٽ تي بيهي رهيس ته جيئن ئي سانوڻ نڪري ته آئون کائنس بدلو وٺان....

شايد منهنجي ارادي جي سانوڻ کي اڳ ۾ ئي خبر پئجي چُڪي هئي، جو هو آخر ۾ استادن سان گڏ اچي رهيو هو....

آئون پنهنجو ارادو پنهنجي دل ۾ ئي ۾ دفن ڪري گهر ڏانهن روانو ٿيس. ماني کائڻ کان پوءِ ئي اوچتو مون کي خيال آيو ته، اڄ خميس جو ڏينهن آهي، ڇو نه ڳوٺ وڃان ۽ جمعي واري ڏينهن نانا، ناني ۽ پنهنجي دوست سوڍل سان گذاريان، ڏاڍو مزو ايندو....

ٺيڪ ان وقت مون گهڙيال ڏانهن نهاريو، اڍائي ٿي رهيا هئا. جڏهن ته بس کي چئين بجي وڃڻو هو..... ان لاءِ مون ڪجهه دير آرام ڪرڻ جو سوچيو، ”پر نه نه ..... جيڪڏهن مان ننڊ ڪندس ته شايد چئين بجي اٿي نه سگهان، اهو سوچي مان هڪ ڪهاڻي جو ڪتاب کڻي هنڌ تي ليٽي پڙهڻ لڳس.... ائين ٽائيم گذريو، آئون ٺيڪ چئين وڳي بس اسٽينڊ تي پهتس.

بس ۾ ڪافي رش هئي، بس هيٺان مٿان بلڪل ڀريل هئي..... پر تنهن هوندي به بس پنهنجي رفتار سان ڳوٺ وڃي رهي هئي.....

پر هي.... هي ڇا..... اوچتو هڪ وڏو ٺڪاءُ ٿيو ۽ سڀ يا الله، يا الله خير ڪجو چوندا بس مان لهڻ لڳا... جيئن ته مان بس جي در وٽ ويٺو هيس، سو تڪڙو هيٺ لٿم.... معلوم ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي ته بس جو ٽائر ٺڪاءُ سان ڦاٽي پيو..... جڏهن ته ڊرائيور وٽ اسپيئر ۾ ٻيو ڪوبه ٽائر موجود نه هيو، سو ڊرائيور مجبوراً اڳتي وڃڻ کان انڪار ڪيو..... ”هاڻ آئون ڇا ڪيان...؟“

پريشانيءَ وچان مون دل ۾ سوچيو، پر پوءِ بغير ڪنهن فيصلي جي آئون اڪيلو ۽ پيادل ڳوٺ ڏانهن وڃڻ لڳس، مشڪل اها، هئي ته ڳوٺ کان ٿورو اورتي هڪ واهه جي ڀرسان قبرستان هو. جتان مون کي ڪراس ڪرڻو هو..... آئون آهستي آهستي وڃڻ لڳس. جيئن جيئن اهو قبرستان ويجهو اچي رهيو هو، پريشاني ۽ خوف وچان جان ۽ دل ڏڪي رهي هئي، ۽ سج به لهي چڪو هيو.....

قبرستان منهنجي بلڪل سامهون هو..... خوف ۽ جسم جي ڏڪڻ جي ڪري پيرن اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪيو.... نيٺ ڪجهه منٽن کان پوءِ مان الله تي ڀروسو رکي اڳتي وڌڻ لڳس.... خوف جي ڪري جان ڏڪي رهي هئي، سو اڳتي وڃي هڪ وڻ سان ٽڪرائجي ڪريس.... مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن ڌڪو ڏئي مون کي ڪيرايو هجي.... اوچتو قبرستان جي وچ مان ٻه عجيب ماڻهو وڏن وارن ۽ وڏن ننهن سان هٿ ۾ تلوار نما شيءِ کنيو مون ڏانهن وڌي رهيا هئا.... ”ڇڏيو... مون کي.... ڇڏيو مون کي....“ مان رڙيون ڪرڻ لڳس.

”نه تون ڏوهي آهين.... توکي بلڪل معاف نه ڪيو ويندو..... ڇو ته تون دوزخي آهين.... توکي هڪ ٻرندڙ باهه ۾ وڌو ويندو....“

”پر منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي.....؟“

مون سوال ڪندي کائن پڇيو.

”تنهنجو ڏوهه ..... آها ها..... (انهن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو.) تو سانوڻ نالي هڪ ڇوڪري کي ماريو، ڇو ته هو توکي صرف نماز ۽ ديني ڪمن لاءِ دعوت ڏيندو هو.... ان کان علاوه تون ڊش پڻ شوق سان ڏسندو آهين....“ انهن پنهنجي عجيب لهجي ۾ جواب ڏنو.

”پليز مون کي معاف ڪيو.... مون کي مهلت ڏني وڃي ته جيئن مان نماز پڙهان....“ مون کين التجا ڪندي چيو.

”نه مهلت هڪ دفعو ڏني ويندي آهي، جنهن کي تو بُرن ڪمن ۾ وڃايو....“ ائين چئي هو ٻئي مون کي ٽنگو ٽالي ڪري کڻڻ لڳا... مان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون..... ”ڇڏيو مون کي.... پليز ڇڏيو مون کي.“

”ڇا ٿيو آهي آصف پٽ!.....“ منهنجي ماءُ مون کي ڌنڌوڙيندي چيو.

”امان...... خه ..... خه...... خواب....“

مون اکيون مهٽيندي چيو.

ان بعد امان مرڪندي ڪمري مان هلي وئي.... ۽ مان اهو سوچڻ لڳس ته اهو سڀ ڪجهه ٿيو ڪيئن.... مون کي ياد آيو. ڪتاب پڙهندي پڙهندي شايد منهنجي اک لڳي وئي....

مون گهڙيال ڏانهن نهاريو. چار ته ڇا (5) ٿي رهيا  هئا. .... مان هڪ نئين اُميد سان اُٿي ٽپهري جي نماز لاءِ اڳتي قدم وڌايم..... سچ پچ مون کي دلي طرح سان بلڪل سڪون اچي رهيو هيو.....

پرڪاش بوزدار

آءٌ ڊاڪٽر ٿيندس!

اسلم ستين ڪلاس ۾ سڀني شاگردن کان هوشيار هوندو هو. ۽ هو هر سال امتحان ۾ پهريون نمبر ايندو هو.

هُن جي هوشياري ۽ چالاڪي کان استاد به متاثر هئا. ۽ استاد اسلم کي ڏاڍو چاهيندا ۽ پيار ڪندا هئا. اسلم تمام غريب هوندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com