سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1/ 1997ع

باب: --

صفحو :5

هن جو پيءُ اڪرم سڄو ڏينهن زمين ۾ ڪم ڪري اسلم کي پڙهائيندو هو ۽ هن جي پيءُ اڪرم اهو سوچي ڇڏيو هو ته: اسلم کي پڙهائي ڊاڪٽر بنائيندس ۽ اسان وڃي شهر ۾ رهنداسين.

اسلم جو دوست آڪاش جيڪو اسلم کان هڪ پل به ڌار نه رهندو هو. هو ٻئي هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندا هئا، ۽ گڏ اسڪول ايندا ويندا هئا. هن ٻن دوستن جي دوستيءَ تي سڀ ناز ڪندا هئا.

هڪ ڏينهن آڪاش کي اوچتو بخار اچي ويو ۽ هو اسڪول نه ويو. اسلم کي جڏهن اِها خبر پئي ته آڪاش کي بخار آهي، هو اسڪول کان سڌو آڪاش جي گهر ويو ۽ آڪاش کان پڇيائين؟ تون ٺيڪ ته آهين يار!

ها يار، مان ته ٺيڪ آهيان، پر تون اڄ اسڪول کان سوير ڇو آئين؟ آڪاش وراڻيو.

اسلم، يار، تنهنجي طبيعت خراب ٿيڻ جو ٻڌم مان انهي مهل تو ڏي هليو آيس، يار، توکي ائين نه ڪرڻ کپي ها، تنهنجو پيءُ توکي ڊاڪٽر بنائڻ جا اکين ۾ خواب سجائي ويٺو آهي. ڇا تون پنهنجي پيءُ جي خوابن جي تعمير نه ڪندين؟ آڪاش وراڻيو.

اسلم، تون سچ ٿو چئين يار اڳتي لاءِ مان ائين هر گز نه ڪندس.

هاڻي اسلم باقاعدگي سان اسڪول وڃڻ لڳو، آهستي آهستي هن جي دوستي مشتاق سان ٿي، جيڪو تمام خراب ڇوڪرو هو. هوُ سڄو ڏينهن جوُا کيڏندو هو، ۽ سگريٽ به پيئندو هو.

آهستي آهستي اسلم به سگريٽ پيئڻ لڳو. ۽ اسڪول جي بهاني وڃي جوُارين سان جوُا کيڏندو هو. اسلم هاڻ اسڪول ويندو ئي ڪونه هو. آڪاش جڏهن اسڪول آيو ته ان کي خبر پئي ته اسلم تمام خراب ٿي ويو آهي. هن جي دوستي لوفرن،  جوُارين سان آهي.

آڪاش اسڪول کان ٿي سڌو اسلم جي گهر آيو، ۽ اسلم کي چيائين تون اسڪول ڇو نه ٿو اچين، سڄو ڏينهن مشتاق وارن سان جُوا کيڏندو آهين، ۽ تون وري سگريٽ به پيئندو آهين. ڇا توکي پنهنجو واعدو ياد ناهي؟ تون ڊاڪٽر ٿيندين.

توکي ڇا، تنهنجو ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته هتان هليو وڃ. اسلم وراڻيو، مگر تون هڪ ڏينهن ضرور پڇتائيندين، آڪاش وراڻيو.

هڪ ڏينهن اسلم وارا جوُا کيڏي رهيا هئا، اوچتو پوليس جي گاڏي آئي، اسلم ۽ ٻين سڀني جُوارين کي پڪڙيائين.

آڪاش کي جڏهن اِها خبر پئي ته اسلم کي پوليس پڪڙي وئي آهي، هو سڌو اسلم جي گهر ويو ۽ اسلم جي پيءُ (اڪرم) کي ساري ڳالهه ڪري ٻڌايائين.

اڪرم وڏيري وٽ ويو، جيڪو ڳوٺ جو رحمدل وڏيرو هو، اڪرم وڏيري کي سڀ حقيقت ڪئي، ۽ وڏيرو انهي مهل ٿاڻي تي اڪرم کي گڏ وٺي ويو ۽ اسلم کي پوليس کان آزاد ڪرايائين.

اسلم روئندو پيءُ جي پيرن تي ڪري پيو، بابا مون کي معاف ڪر. مون کان غلطي ٿي وئي، مان ضرور تنهنجي سپنن کي پورو ڪندس، آءٌ ڊاڪٽر ٿيندس.

اسلم ڏاڍو پڇتايو ۽ آڪاش کان گهر وڃي معافي ورتائين. هو هاڻي ٻئي دوست اسلم ۽ آڪاش گڏ اسڪول ايندا ويندا هئا.

طاهره بانو عباسي

 

ڏکويل ماڻهو

ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن زماني ۾ هڪ ماڻهو هو، جنهن جو نالو جانو هو. هن جي هڪ زال نوران به هئي. جانو جي شاديءَ کي ٻه ٽي سال مس گذريا هئا، پر هن کي ڪو اولاد نه ٿيو. هن ڪيترائي پنهنجي زال تي تعويذ ڪيا ۽ ڪيترن ئي فقيرن وٽ ويو. نيٺ ٻن ٽن مهينن گذرڻ کان پوءِ هن کي هڪ پٽ پيدا ٿيو. جانو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن پنهنجي پٽ ڄمڻ تي پنهنجي ڳوٺ ۾ جشن ڪيو. هن پنهنجي پٽ جو نالو گُلڻ رکيو. هن گلڻ جي پرورش ڏاڍي سهڻي نموني سان ڪئي ۽ جڏهن گُلڻ پنجن سالن جو ٿيو ته گُلڻ کي ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪيوويو، پر گلڻ اسڪول پڙهڻ بجاءِ ڳوٺ جي ٻارن سان راند روند ۾ لڳي ويندو هو، جڏهن اسڪول جي موڪل ٿيندي هئي، ته هو گهر اچي ٿيلهو رکي ۽ ٻاهر ڳوٺ جي ڇوڪرن سان راند ڪندو هو.

هڪ ڏينهن جڏهن سندس پيءُ کي استاد مليو ته هُن کي سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي، جنهن تي جانو گرم ٿي گهر آيو ۽ زال کي چيائين ته ”گُلڻ ڪٿي آهي. تو وارو پٽ اسڪول روزانو ڪونه ٿو وڃي!؟“

نوران: ”هو ته روزانو اسڪول ٿو وڃي، پر ماستر اسڪول ۾ اچن ئي ڪونه ٿا.“

جانو: ”تو ته گلڻ کي کاريو آهي، اچي ته سهي!“

نوران: ”الائي ڪيئن ٿو مارينس، توکي نه سڌو ڪيان.“ هيءَ زال مڙس اڃا تڪرار ئي ڪري رهيا هئا، ته اوچتو گلڻ به اچي ويو، گلڻ کي ڏسندي، جانوءَ سوال ڪيو: ”اڙي نالائق! اسڪول ڇو نٿو وڃين؟“

”بابا، پڙهائي ٿئي ئي ڪانه، اسڪول ڇا وڃي ڪندس.“

گُلڻ ٻوٿ بڇڙو ڪندي پيءُ کي جواب ڏنو. جانوءَ کي گلڻ کان اهڙي جواب جي اميد نه هئي ۽ پوءِ کيس چوڻ ئي ڇڏي ڏنائين ۽ نتيجو اهو نڪتو،  جو گلڻ جڏهن وڏو ٿيو، ته ڳوٺ جي لوفر ڇوڪرن جي صحبت ۾ ڦاسي، هڪ نامي گرامي چور بنجي ويو ۽ ان دوران جانو ويچارو به پٽ جي انهن براين کي ڏسندي، صدمي سبب گذاري ويو.

ٻارو، توهان هن ڪهاڻيءَ کي پڙهي، سبق پرائيندا، ته مائٽ ڪيڏو نه حساس طبيعت ٿئي ٿو، اولاد جي برائي کيس راس نٿي اچي ۽ هو صدما کڻي قبر ڀيڙو ٿيو وڃي.

اسد چاچڙ

اڌورا ارمان

ڪنهن ڳوٺ ۾ ولو نالي هڪ غريب هاري رهندو هو، سندس هڪ پٽ هو. جنهن جو نالو اعجاز هو، اعجاز جو پيءُ وڏيري سائين ڏني جي ڪڙمت ڪندو هو. ولو تمام غريب هو ۽ سندس پنهنجي پٽ کي پڙهائڻ لاءِ کيس ايترو خرچ پکو ڪونه هو. پنهنجو خرچ پئي ويچارو هارپ مان هلائيندو هو. پر سندس پٽ اعجاز کي پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو، هو واٽ تي اسڪول ويندڙ ٻارن ڏانهن ڏسندو هو ته دل ۾ جذبا اُڀرندا هئس ته ڪاش مون کي به بابا اسڪول ۾ پڙهائي ها. ۽ مان پڙهي ڊاڪٽر ٿيان ها، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪريان ها.

هن جو پيءُ به پوڙهو هو، تنهن ڪري هارپو به هاڻي ڪونه پيو ڪري سگهي ۽ ڪمزور به ٿي چُڪو هو.

هڪ ڏينهن وڏيرو سائين پنهنجي ڪمدار کان احوال پيو وٺي ته ڏي خبر، جُمن ڀلا ڳوٺ وارين زمينن جو ڇا حال آهي. ڪجهه پيداوار به ڏين ٿيون يا بس؟ ۽ هاري به محنت ڪن ٿا يا نه؟

سائين سڀ هاري محنتي آهن. پر هڪڙو ته چنڊو محنت ئي ڪونه ٿو ڪري. نڀاڳو ڪو ڪم ئي ڪونه ٿو ڪري، جمن خان اُهو آهي. ڪهڙو، جيڪو سائين ڏني خان سان ٿو پاند اٽڪائي.

”اهو اٿوَ سائين وَلو پوڙهو.“

”وٺي اچو اڙي انهيءَ کي.“ ته ڏسان. وڏيري جا ماڻهو وَلو ويچاري کي گهران زبردستي وٺي آيا. وڏيرو ولو کي چوڻ لڳو: ”اڙي اسان جي ٽڪڙن تي پلڻ وارا زمين تي محنت به نٿو ڪرين ۽ وري پٺهين اعجاز به چوي ٿو ته مون کي پڙهائي.“

وڏيرا سائين، مان ڪمزور آهيان، پوءِ به جيڪو ٿئي ٿو ته محنت ڪريان ٿو، باقي مان غريب آهيان پُٽ کي وري ڪٿان پڙهائيندس.

”اڙي ٻڌ، اَڄُ کان پوءِ هن ڳوٺ ۾ توکي نه ڏسان.“

رحم وڏيرا رحم مان مسڪين جو ته گذارو زمين تي آهي، مان ڪيڏانهن ويندس، اهڙو ظلم نه ڪيو!

هڪ دفعو ڇڏيو مان پُٽ کي به زمين ۾ ڪم ڪرائيندس.

هاڻي اجايو بڪواس نه ڪر مان چوانءِ ٿو هتان هليو وڃ. صبح ٿيڻ کان پوءِ توکي هتي نه ڏسان نه ته.....

وَلو ويچارو، ظالم ۽ جابر، جي ڳوٺ مان رات جو ڀڳل ٽٽل سامان کڻي اعجاز سميت هلڻ لڳو. ٿوري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اعجاز پيءُ کان پڇيو ته ”ابا اسان ڪيڏانهن هلي رهيا آهيون.“ ته وَلو جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، ۽ چوڻ لڳو ته، ”ٻچا اسان کان ظالم وڏيري زمين کسي ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. ابا هاڻي پاڻ ڪٿي رهنداسين؟“

”پٽ جيڪو خُدا کي منظور هوندو.“

هي ٻئي مظلوم ڳوٺ واري بس اسٽاپ تي بيٺا هئا. آخري بس به اچڻ واري هئي، انتظار ڪندي ڪندي نيٺ بس به اچي وئي ۽ هي بس ۾ چڙهي شهر روانا ٿي ويا. اعجاز پيءُ کان پڇڻ لڳو ته، ”بابا اسان شهر هلون ٿا پيا تون مون کي اُتي شهر واري اسڪول ۾ داخل ڪرائيندين نه؟“

هن پٽ کي ڪوبه جواب نه ڏنو، شهر پهچڻ وقت هي بس کان هيٺ لٿا ۽ سفر تحت هنن کي ڪجهه ٿڪاوٽ محسوس ٿي، هي ٻئي فٽ پاٿ تي چادر وڇائي سُمهي پيا. ۽ هي ننڊ ۾ محو ٿي ويا.

رات ڪافي گذري چڪي هئي، پرهه ڦٽڻ واري هُئي، پکي پکڻ ڌڻي جي عبادت ۾ مشغول هُئا،  هي اڃان ننڊ مان اُٿيا ئي مس جو سامهون ايندڙ ٽرڪ جو ايڪسل ٽٽي پوڻ سبب ٽرڪ ڊرائيور جي ڪنٽرول کان ٻاهر هيڏي هوڏي ٿڙندي پئي آئي. ڪلٽيون کائيندي، اچي هنن مظلومن جي مٿان ڪِري، ۽ زوردار ڌڪ لڳڻ سبب ولو ويچارو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو ۽ اعجاز ڦٽجي پيو، ايتري ۾ ڪو  رحمدل انسان اعجاز کي اسپتال ڏانهن کڻي ويو ۽ هو لاچار به ٿي ويو، هڪ ڄنگهه ختم ٿي ويس، ويتر سندس پيءُ جو به غم هو، ڪجهه چاڪ ٿيڻ سان ئي معذوري سبب گداگري ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجو پيٽ پالڻ لڳو.

 

گل ڦل قلمي دوستي

*  نالو: پرڪاش ڪمار، ڪلاس: نائون، ڊي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 24 سال

ائڊريس: معرفت ڏيچند مل بوٽ هائوس، صمد مارڪيٽ، عمرڪوٽ.

*  نالو: احسان علي ڪاڃون، ڪلاس: انٽر

وندر: شاعري ڪرڻ، عمر 19 سال

ائڊريس 12 ميل جوڻيجو فارم کپرو روڊ ميرپورخاص.

*  نالو: محمد ياسين ڪنڀر، ڪلاس: نائون اي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ“ عمر 15 سال

ائڊريس: معرفت ارشد اينڊ راشد ڪنڀار، ڪريانه مرچنٽ دڙو وايا ڍورو نارو.

*  نالو: احسان الله ملڪ، ڪلاس: ڏهون اي

وندر: ڪهاڻيون لکڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت، عبدالرحمان ڪريانه اسٽور مين روڊ ڪنڌڪوٽ.

نالو: احمد علي شر، ڪلاس: ڏهون سي

وندر: مهمان نوازي ڪرڻ، عمر 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏهرڪي

*  نالو: محمد بچل سومرو، ڪلاس فرسٽ ايئر

وندر : ڊرائينگ ڪرڻ، عمر 16 سال

ائڊريس: پراڻو صدر، هوش محمد شيدي اسٽريٽ شڪارپور.

*  نالو: عبدالوحيد ساگر، ڪلاس: يارهون

وندر: ادب سان چاهه، عمر: 17 سال

ائڊريس: مشتاق سوئيٽ مارٽ، پوسٽ آفيس ميان جو ڳوٺ ضلع شڪارپور.

*  نالو: منور علي خاصخيلي، ڪلاس: ڏهون ڊي

وندر: ادب سان چاهه، عمر : 15 سال

ائڊريس: عظيم ڪالوني سڪرنڊ روڊ نوابشاهه.

*  نالو: قمر الدين ناريجو، ڪلاس: اٺون بي

وندر: قرآن شريف پڙهڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول کهڙا تعلقو گمبٽ

*  نالو: ڀڳوان داس، ڪلاس نائون (بي)

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر 15 سال

ائڊريس: گهنشام داس ڪريانه اسٽور يارو لُنڊ وايا ميرپور ماٿيلو.

*  نالو: سنتوش ڪمار هريجن، ڪلاس: پنجون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ عمر: 10سال

ائڊريس: معرفت ڊاڪٽر لڇمڻ داس، عمرڪوٽ

*  نالو: عبدالحفيظ ملڪاڻي، ڪلاس: نائون،اي

وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس ملڪاڻي ضلعو ميرپور ماٿيلو.

*  نالو: سيد عمران علي، ڪلاس: اٺون، بي

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر 13 سال

ائڊريس: معرفت: سيد مظهر عباس، پوسٽ ڪڍڻ ضلعو بدين.

*  نالو: امير بخش شيدي، ڪلاس: اٺون بي

وندر: گُل ڦل پڙهڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول ضلعو ٺٽو.

*  نالو غلام مصطفى ميمڻ، ڪلاس: نائون بي

وندر: معلوماتي ڪتاب پڙهڻ، عمر 14 سال

ائڊريس: معرفت وسيم ميڊيڪل اسٽور ويجهو تعلقه اسپتال ميرپور بٺورو.

*  نالو: روشن علي قاضي، ڪلاس : اٺون اي

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر 14 سال

ائڊريس: قاضي ڪلينڪ يارو لُنڊ وايه ميرپورماٿيلو.

*  نالو: علي گُل مڱڻيجو، ڪلاس: اٺون اي

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: مڱڻيجا هائوس، صديقي ڪالوني وارهه.

*  نالو: علي ڏنو سولنگي، ڪلاس: اٺون اي

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: معرفت ناز سولنگي پوسٽ آفيس، بهارو مُلان محراب پور.

*  نالو: عبدالجبار ڇڄڻ، ڪلاس: نائون سي

وندر: علم سان پيار، عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت حسيني سائيڪل ورڪس، ميرپورماٿيلو.

*  نالو: عبدالرشيد ڪنڀار، ڪلاس: ڏهون سي

وندر: ڪهاڻيون پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول عمرڪوٽ.

*  نالو: نصرالله مهر، ڪلاس: نائون

وندر: قلمي دوستي رکڻ،عمر 15 سال

ائڊريس: ڳوٺ رڪ شريف وايه لکي ضلعو شڪارپور.

*  نالو: سروڻ ڪمار، ڪلاس: ڏهون سي

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول عمرڪوٽ.

*  نالو: سنيل ڪمار راجاڻي، ڪلاس: ڏهون سي

وندر: شاعري ڪرڻ، عمر: 15 سال

ائڊريس: معرفت چاند ميڊيڪل اسٽور سٽي روڊ پير جو ڳوٺ.

*  نالو: محمد عمر احمداڻي، ڪلاس: ڇهون

وندر: ريڊيو ٻڌڻ، عمر: 9 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنگريو، ضلعو بدين.

*  نالو: عبدالمجيد ميمڻ، ڪلاس: ستون

وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 12 سال

ائڊريس: وڏيرو الهه بچايو ميمڻ محلو دادو.

*  نالو گلزار احمد قمبراڻي، ڪلاس: ڏهون ڊي،

وندر: ڪراٽي سکڻ، عمر 13 سال

ائڊريس: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول بدين.

*  نالو: نثار احمد چانڊيو، ڪلاس: اٺون اي

وندر: والي بال کيڏڻ، عمر: 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ قاضي عارف هاءِ اسڪول ميهڙ.

*  نالو: عبدالقدير اُڍو، ڪلاس: ستون اي

وندر: والي بال کيڏڻ، عمر: 13 سال

ائڊريس: معرفت حاجي غلام فريد اُڍو ٽيلر ماسٽر پوسٽ پريالوءِ تعلقو ڪنگري.

*  نالو: اظهر علي ڏهر، ڪلاس: انٽر پري انجنيئرنگ

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر 17 سال

ائڊريس: اشوڪ ڪمار جنرل اسٽور گهوٽڪي.

*  نالو: شمن علي چنا، ڪلاس: انٽر پري ميڊيڪل

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 18 سال

ائڊريس: هائوس نمبر 138 گوليمار ڪيمپ نمبر2، نوابشاهه.

*  نالو: علي احمد چانڊيو، ڪلاس: ڏهون ڊي

وندر: بجلي جو ڪم سکڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: ڳوٺ سيد پور پوسٽ آفيس فريد آباد، ميهڙ.

*  نالو دادن خان شر، ڪلاس: ڏهون اي،

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت غلام قمبر شر پوسٽ آفيس پڊ عيدن.

*  نالو: راجش ڪمار، ڪلاس: ڇهون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 10 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول وارهه.

*  نالو: خادم حسين مشوري، ڪلاس: پنجون

وندر: پڙهڻ سان چاهه، عمر: 10 سال

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول، هٽڙي ضلعو حيدرآباد.

*  نالو: الاهي بخش منگي، ڪلاس: فرسٽ ايئر

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت اشوڪ جنرل اسٽور عمر ڊهو سرحد ضلعو گهوٽڪي.

*  نالو: شاهنواز علي پَل ڪلاس: ڏهون سي

وندر: ورزش ڪرڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: ٽئين گلي قاضي احمد روڊ گوليمار، نوابشاهه.

*  نالو محمد ابراهيم جتوئي، ڪلاس: ڇهون بي

وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 12 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول چوهڙ جمالي.

*  نالو: مشتاق ڪورائي، ڪلاس: ڇهون سي

وندر: علم حاصل ڪرڻ، عمر: 14 سال

ائڊريس: معرفت المرتضى آٽوز سڪرنڊ.

*  نالو: ديانند مارواڙي، ڪلاس: پنجون

وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 12 سال

ائڊريس: پوسٽ آفيس ٻيرڙي ضلعو گهوٽڪي.

*  نالو: اصغر علي سنڌي، ڪلاس: ڏهون

وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 16 سال

ائڊريس: معرفت ڊاڪٽر عبدالقدير راجپوت نزد پوليس ٿاڻوُ، جهڏو.

کل ته سهي

*  پٽ، (پيءَ کي چيو) بابا، مان توهان کي پنجاهه روپين جي بچت ڪري ڏيان ته،

”پيءُ: پٽ اهو ڪيئن؟“

پٽ: ”بابا، توهان چيو هو ته هن سال پاس ٿيندين ته پنجاهه روپيا انعام ڏيندوسانءِ.“

پيءُ ”ها پٽ چيو هوم.“

پٽ: ”بابا مان فيل ٿيو آهيان، اهي پنجاهه روپيا اوهان جا بچي پيا.“

خاوند بخش سنديلو ڳوٺ چوهڙ جمالي.

*  هڪ همراهه ميوزڪ سينٽر تي ويو، اتي ڪيسٽون ڏسي، هڪ ڪيسٽ هٿ ۾ کڻي وڃڻ لڳو. دڪاندار چيس، ڀائو بنا پئسن جي ڪيسٽ کنيون پيا وڃو.“ همراهه چيو: ”منهنجي اها ڪيسٽ چوري ٿي وئي هئي، ۽ سڃاتي اٿم، ساڳيو نمبر آهي، انهيءَ ڪري کنيو پيو وڃان.

شهزادو پنهور، اُٻاوڙو.

*  پيءُ (پٽ کي چيو) گهڻا بيدا نه کاءُ گرم آهن.

پٽ چيو: ”بابا فرج ۾ رکيل بيدا کائيندو آهيان، اهي ته ٿڌا هوندا.

محمد سانوڻ راڄڙ، ٽنڊو مٺا خان.

*  هڪ عورت بيدن واري دڪان تي وئي، ۽ پڇيائين، بيدا گهڻي ڊزن آهن.

دڪاندار چيو: ”ثابت بيدا ٽيهه رپيا ڊزن ۽ ڀڳل بيدا 15 رپيا ڊزن.“

عورت چيو: ”چڱو، هي ثابت آنا ڀڃي ڇٻي ۾ وجهه ۽ 15 رپيا وٺ.“

نادر علي دَلُ، شڪارپور.

*  استاد (هڪ شاگرد کي چيو) ”پٽ، اردو ڪتاب کول ۽ غالب جا خط پڙهه.“

شاگرد چيو: ”سائين ڪونه پڙهندس.“

”استاد ڇو پٽ؟“

شاگرد: ”سائين بابا چوندو آهي ته پراوا خط پڙهڻ ڏوهه آهي.“

اعجازعلي ڪنڀر، ڪوٽ غلام محمد

*  هڪ شاگرد: استاد کي درخواست ڏني ته منهنجي ڏاڏي جي شادي آهي، چار ڏينهن موڪل ڏيندا.

استاد: درخواست ڏي ڏسي چيو: ”هن عمر ۾ شادي.“

شاگرد تڪڙ ۾ چيو: ”سائين ڏاڏا ته بابا کي به بابا چوندو آهي.“

استاد: ”اهو ڪيئن“

شاگرد: ”ڏاڏا جي پيءُ جو نالو، بابا تي رکيل آهي.“

انور علي لوهار، لاڙڪاڻو.

*  بس ۾ رش هئي، ماڻهو بس ۾ اندر به بيٺا هئا، ڪنڊيڪٽر هڪ همراهه کان ڀاڙو گهريو، هن پاسي واري کيسي ۾ هٿ وجهي پئسا ڪڍيا ته، ڪيٽوءَ جو پاڪيٽ نڪري آيو، همراهه، ڪنڊيڪٽر کي چيو ته: ”ار، ڪو لليچو پئسن وارو پرس ڪڍي سگريٽ جو پاڪيٽ کيسي ۾ وجهي ويو آهي.“ ڀرسان بيٺل همراهه چيو: ”ڀائو اهو ته منهنجي کيسي مان ڪڍيو اٿئي.“ همراهه پوءِ منهنجو کيسو، همراهه چيس تنهنجي قميص ۾.“

رستم علي کوسو، ميهڙ

*  استاد (شاگرد کي) سن باٿ ڇاکي چئبو آهي.

شاگرد: سائين، سن معنى پٽ ۽ باٿ معنى وهنجڻ جي جاءِ.

اميد علي سومرو، دادو.

*  هڪ ڇوڪرو، گهر ۾ هر هر چئي رهيو هو: ”اسان ته جاڻا ئي بلو دي گهر.....“ اهو ٻڌي، سندس ماءَ چيس: ”ڇورا موچڙا نه کائين، پرائي گهر نه ويندو ڪر.“

عثمان علي ميمڻ، دڙو

*  هڪ بيوقوف، ڪوٽ جي مٿان ڪوٽ پايو شهر ۾ پئي هليو، ايتري ۾ هڪ مائٽ مليس، ان چيس: ”هي ڇا ڪيو اٿئي؟“

چيائين: ”چريا سيءُ آهي، اوور ڪوٽ پاتو اٿم.“

رجب علي مهيسر، قمبر.

*  هڪ ٻهراڙي جو همراهه: هوٽل تي آيو، بيري کي چيائين، چانهه پيار بيري پڇيس: ”سائين، ڌوڌ پتي يا سادي.“

ٻهراڙي جي همراهه کلندي چيس: ”اهي توهان شهري چريا آهيو، جو ڏڌ چانهه ۾ وجهي پيئو ٿا، مون کي ته کير پتي چانهه آڻي ڏي.“

علي شير لُنڊ، ڍورو نارو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com