سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1/ 1997ع

باب: --

صفحو :2

خط

محترم ڀاءُ،

اسلام عليڪم: ادا ڪافي عرصو گل ڦل پڙهڻ کان پوءِ وري پڙهڻ لاءِ نه مليو، پر ٻيهر نومبر جو پرچو محنتي هاڪر پڃارام هوتواڻي وٽان مليو، گل ڦل جو چڱي نموني مطالعو ڪيم، محسوس ٿيو ته گل ڦل جو ساڳيو معيار قائم آهي. شاعري توڙي ڪهاڻيون بهترين هيون. ۽ ٻيا مستقل سلسلا پڻ بهترين هئا. مولا بخش ڪاڪا جو ٻارڙن لاءِ لکيل دلچسپ مضمون بيحد وڻيو، ڪهاڻين ۾ ”ماٽيلو وجود“ ”بابا طوطو آندو“ ۽ ”سبق“ سٺيون ڪهاڻيون هيون، شاعريءَ ۾ ارباب عادل چوهاڻ، مشتاق بخاري، ماڻڪ ملاح، چڱو پاڻ موکيو آهي. بهرحال اميد ته گل ڦل کي اڃان به سهڻو بڻائڻ لاءِ ٻالڪ ادب ليکڪن جا انٽرويو ۽ وڏن ليکڪن جون لکڻيون (جيڪي ٻارڙن لاءِ لکن ٿا) ڇپيندا ته وڌيڪ گل ڦُل ۾ خوبصورتي پيدا ٿيندي. ساٿ سلامت.

منظور ابڙو، ڪنڊيارو.

ادا سائين، جيئن ته مان گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، ۽ اوهان ڏانهن اڳ به ڪجهه خط موڪليا هئا، پر افسوس جو شايع نه ٿيا، ۽ هاڻي مان اوهان ڏانهن هي آخري خط لکان ٿو. جيڪڏهن شايع نه ڪندا ته پوءِ اسين گل ڦل پڙهڻ ئي ڇڏي ڏينداسين، ادا سائين نومبر جو پرچو مليو. تمام بهترين آهي، پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي خدا حافظ.

امير علي ناريجو، هاءِ اسڪول کهڙا.

جيئن ادا مان گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، ۽ هي مان چوٿون خط لکي رهيو آهيان. پر توهان شايع نه ٿا ڪريو، اميد ته هي خط شايع ڪندا، ۽ مايوسيءَ کان بچائيندا. ادا جيئن ته نومبر جو گل ڦل اسان جي هٿن ۾ آهي، ان ۾ ”سنت رسول ﷺ“ ”بابا طوطو آندو“ ”وڇوڙي جو آواز“، ”ماٽيلو وجود“ ”سبق“  ”کل ته سهي“ اهي تمام پسند آيا.

۽ اميد ٿي ڪجي ته هي منهنجو خط رديءَ جي ٽوڪريءَ کان بچائيندا- شڪريا ۽ منهنجي قلمي دوستي شايع ڪندا، توهان جو ننڍڙو ڀاءُ:

اياز احمد ڀٽو، مبارڪپور.

گذارش ته آئون هت ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ سان توهان جا پراڻا رسالا ڪيترائي پڙهيم، مگر ڏاڍو مزو آيو، سو اهو مون سوچيو ته کڻي خط لکان پر واجب ته نه آهي، مگر توهان خط شايع ڪيو ته زندگي لاءِ لکندو رهندس، ۽ توهان جو رسالو پڙهندو رهندس. خدا حافظ.

ڪيڊٽ صادق علي بلوچ، ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ.

جيئن ته مان اوهان ڏانهن پهريون ڀيرو خط لکي رهيو آهيان، اميد ته جاءِ ضرور ڏيندا. تنهن هوندي به جيڪو اڳي سو تڳي. ارچڪ مرچڪ ۾ اوهان جو ناول جيءُ کي لڳو. مون سوچيو ته اوهان ڏانهن خط لکان پر مصروفيت سبب نه لکي سگهيس. دعا آهي ته انشاءَ الله رسالو هر وقت ڪاميابيون ماڻيندو.

فقط: برڪت علي ڌاريجو، اٻاوڙو.

پيارا چاچا

جيئن ته آئون گل ڦل هميشه وٺي پڙهندو آهيان، جيئن ته آئون اسڪول مان موٽيس ته گل ڦل تي نظر پيم، گل ڦل کڻي هٿ ۾، کيسي مان 5 رپيا ڪڍيا، ۽ گل ڦل کي کولڻ سان اوهان جو ”حال احوال“ ۾ استاد ۽ شاگرد وارو واقعو پڙهڻ سان ڄڻ ته اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. ان کان سواءِ ”سنت رسول، خدا، ٻچا ۽ جانور، وقت جو شڪار، وڇوڙي جو آواز، منحوس منهن، خوش اخلاقي، ماڪ جا ڦڙا، ۽ کل ته سهي“ پڙهڻ کان پوءِ سڀ دل جا غم، درد، سور، ختم ٿي ويا ۽ شاعري ۾، پاڻي، اجرڪ، نظم ۽ حرڪتي ٻار تمام سٺي شاعري هئي، ۽ انٽرويو به تمام سٺا هئا ۽ آئون توهان ڏانهن ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان، اميد آهي ته ضرور جاءِ ڏيندا، اوهان جو ڀائيٽو:

آزاد حسن ڀٽي، جاتي.

چاچا:

جيئن ته نومبر جو پرچو تمام گهڻي دير سان مليو. تنهن ڪري مان اوهان سان گهڻو ناراض آهيان، خير نومبر جو پرچو تمام سٺو هيو، هن پرچي ۾، ”خدا ڇپر ڦاڙي ڏيندو آهي، ٻچا جانورن کي به مٺا هوندا، ماٽيلو وجود، ۽ ماڪ ڦڙن جو تاج“ تمام سٺيون ڪهاڻيون هيون. مان به هن ڀيري هڪ ڪهاڻي لکي موڪليان ٿو اميد اٿم ته ضرور شايع ڪندؤ، فقط اوهان جو ڀائيٽيو:

نانڪ داس، ڳوٺ داد لغاري.

 

پيارا چاچا:

منهنجو هي پهريون خط آهي، شايع ڪري منهنجي دل کي خوشي ڏيندا. نومبر جو پرچو منهنجي هٿ ۾ آهي، پڙهي دل کي ڏاڍي خوشي ٿي. ڏاڍيون ڪهاڻيون سٺيون هيون، ”وڇوڙي جو آواز، خدا، سبق، ماٽيلو وجود، وقت جو شڪاري.“ وغيره، هي منهنجو خط ضرور شايع ڪندا، شڪريه، اوهان جو ڀائيٽو:

غلام مصطفى زنگيجو، ڳوٺ جيئندو زنگيجو.

ادا،

جيئن ته مان گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، گل ڦل نومبر 1996ع ۾ ڪوپن نمبر6، ”نالا سڃاڻو“ مون کي تمام گهڻو پسند آيو، ۽ ان گل ڦل ۾ تمام سٺيون ڪهاڻيون، ”وڇوڙي جو آواز، خدا ڇپر ڦاڙي ڏيندو آهي، خوش اخلاقي، ماڪ جي ڦڙن جو تاج.“ کان اسين تمام گهڻو متاثر آهيون اسان جي دل چاهيو ته اسين توهان ڏانهن خط لکون. مهرباني ڪري ردي جي ٽوڪري کان بچائيندا. اوهانجو:

عبدالحڪيم ڇڄڙو، شاهه پنجو.

ادا،

احوال ته اوهان جو گل ڦل تمام تيزي سان شايع ٿي رهيو آهي، ۽ هر ننڍي وڏي کي سٺو لڳي ٿو منهنجي خط لکڻ جو مقصد! اوهان پنهنجي رسالي گل ڦل ۾ ”آرٽ“ جو سلسلو به رکو، جنهن ۾ اوهان کي ٻار سٺيون سٺيون تصويرون وغيره ٺاهي، اوهان ڏانهن پيش ڪن، جنهن به ٻار جي ڊرائينگ صحيح هجي تنهن کي اوهان گل ڦل جي اعزازي ڪاپي موڪليو.

انهيءَ ۾ اوهان جي رسالي جي فروخت به وڌندي ۽ وڏا توڙي ننڍا دلچسپي وٺندا. مهرباني.

زاهد حسين سريوال، ٽنڊو الهيار.

 

باقي خط لکندڙ دوستن جا نالا

1-  ذوالفقار علي خاصخيلي، ڳوٺ پيرو لاشاري، 2- عبدالحفيظ ملڪاڻي، ملڪاڻي شريف. 3- مدثر حسين خواجه، ڪڍڻ. 4- عبدالغفار مهر، رُڪ. 5- اصغر علي پتافي، داد لغاري، 6- برڪت علي ميمڻ، دادو. 7- وفا منير احمد ٿهيم، ڳوٺ ملڪ. 8- شمن علي چنه، نوابشاهه 9- سعيد احمد صديقي، گڏيجي. 10- عمران علي، ڪڍڻ شهر، 11- محمد امين جروار، ڳوٺ حاجي محمد صالح، 12- ڀڄن داس پارواڻي، عمرڊهو. 13- فياض احمد ميمڻ، گمبٽ. 15- مهتاب حسين سيال، نوابشاهه. 16- چانڊيو، لاڙڪاڻو. 17- عبدالسلام، ’عبد‘ ٿهيم، جاتي. 18- عبدالقدير اڍو، ڳوٺ وڏيرو قائم الدين.

نتيجو رنگ ڀريو 38

هنڀيري به ڪيترن ٻارن رنگ ڀري موڪليا. پهريون نمبر آيو مشتاق احمد، معرفت گهنشام داس جنرل اسٽور، وارهه، (هن ڀاءُ کي رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي.)

نتيجو نالا سڃاڻو -6

هن ڀيري هن سلسلي ۾ ڪيترن ئي ٻارن حصو ورتو. هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا. (ڪن ٻارن سادي پني تي جواب لکي موڪليا، جيڪي شامل نه ڪيا ويا آهن.) هيٺين دوستن کي رسالي جي اعزازي ڪاپيون موڪلبيون.

جواب: (1) محمد اسماعيل عرساڻي (2) محمد دائود بلوچ (3) نياريون وٿون، (4) الطاف عباسي.

1.      مقبول احمد کٽي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول چوهڙ جمالي، ضلعو ٺٽو

2.     محمد علي عمراڻي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول چوهڙ جمالي، ضلعو ٺٽو.

3.     مسعود علي ميمڻ، معرفت، رجب علي سولنگي مارڪيٽ روڊ، دادو.

4.     محمد نواز سولنگي، ڳوٺ حيات سهتو، پوسٽ بهارو مُلان وايا محرابپور جنڪشن.

5.     وفا منير احمد ٿهيم، پوسٽ ملڪ تعلقو مورو.

6.     سعود جروار، پوسٽ صاحب خان جروار تعلقو ٽنڊو الهيار.

7.     علي ڏنو سولنگي، ڪلاس اٺون، گورنمينٽ هاءِ اسڪول بهارو مُلان وايا محرابپور جنڪشن.

8.     محمد يوسف سولنگي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽڙي محمد ڪبير تعلقو ڪنڊيارو.

9.     شعبان اختر سولنگي گهر نمبر 48، هائوسنگ سوسائٽي دادو.

10. اظهار حسين ميمڻ، معرفت غفار ڪولڊ ڪارنر مارڪيٽ روڊ دادو.

11.  محمد اسماعيل عمراڻي، گورنمينٽ مسجد اسڪول، سن ضلع دادو.

12. سيد علي مردان شاهه راشدي، پير جو ڳوٺ نئون ديرو.

13. فرحان عباسي، معرفت، غفار ڪولڊ ڪارنر مڇي مارڪيٽ روڊ، دادو.

14. جميل مصطفى چنا، هاءِ اسڪول فريد آباد، ميهڙ.

15. سميع الله ميمڻ، محلو حاجي الهه بچايو ميمڻ، دادو.

16. غلام اڪبر ڪيريو، معرفت: سرور ڪيريو ماروي ڪتاب گهر، سڪرنڊ.

17. رحمت الله ميمڻ، محلو الهه بچايو ميمڻ، دادو.

18. محمد يامين لنڊ، علم و ادب دادو.

19. ڪاشف علي راٺوڙ، هاءِ اسڪول ملڪ تعلقو مورو.

20.                        برڪت علي ميمڻ، محلو حاجي الهه بچايو ميمڻ، دادو.

21. فراز رحمان لغاري، علم و ادب، دادو.

 

اچو ته مضمون لکون _ 1

ٻارن جي اسرار تي رنگ ڀريو سلسلو ختم ڪري، ”اچو ته مضمون لکون“ سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، هن سلسلي ۾ فل اسڪيپ جي ٽن پنن کان مٿي مضمون لکيل نه هجي. هن سلسلي ۾ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ ٻار حصو وٺي سگهن ٿا. مضمون موڪلڻ وقت ڪلاس ۽ اسڪول جو نالو ضرور لکيو وڃي. پهريون ۽ ٻيو نمبر مضمون شايع ڪيا ويندا، باقي مضمون لکندڙن ٻارن جا نالا شايع ڪبا.

عنوان:

(ويڊيو گيم جو تعليم تي اثر)

موڪليندڙ جو نالو ۽ائڊريس:

نالا سڃاڻو -8

هيٺ ڏنل نالن جا اکر، اڳتي پوئتي، ڏنل آهن، اوهان اکر ملائي صحيح نالا لکي موڪليو، جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا، انهن کي ’گل ڦل‘ رسالي جي اعزازي ڪاپي موڪلبي. (سادي پني تي جواب قابل قبول نه هوندو.)

1.      ب – ڪ – عه - م – ر - ل (سنڌ جي ٻاهين شخصيت جنهن سنڌ تي ڪتاب لکيا.

2.     ن، و، س ء، ا (فصل جو نالو)

3.     ي، س، س، ل، ر، و، ج، ا، چ، ي، و (عوامي شاعر)

4.     ڻ، ي، س، ج، م، م ، ا، ر، ل، ق، ح، ا، (علمي ادبي ۽ صحافي شخصيت)

موڪليندڙ جو پورو نالو ۽ ائڊريس:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com