سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:18 

صبر ۽ وفا جو سفير:

مخدوم محمد امين ’فهيم‘

 

اعجاز علي خواجه

اهو 1960ع واري ڏهاڪي جو آخري سال هو جڏهن سنڌ جي ٻن نازڪ ۽ نفيس، خوش گفتار ۽ خوش پوشاڪ، وات ۾ سوٽو چمچو کڻي جنم وٺندڙ لاڙڪاڻي جي نامياري خاندان جي سياسي اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽي جي موڀي پُٽ  ذوالفقار علي ڀٽي ۽ مخدوم نوح سرور جي گادي نشين، نَوَ لکي گودڙيءَ جي وارث، هالن واري جڳ مشهور ۽ من موهيندڙ، علم، ڏات، ڏاهپ، شعور، سمجهه ۽ ساڃاهه سان ڀريل پنهنجي طبعيت ۽ مزاج ۾ منفرد ۽ يڪتا شخصيت مخدوم محمد زمان طالب المولى جي گاديءَ ڌڻي مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي لنڊن ۾ ملاقات ٿي.

هونءَ  ته ٻنهي خاندانن جا پاڻ ۾ پراڻا سياسيءَ ذاتي تعلقات هئا. وڏو مخدوم سائين ۽ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ورهين جا ورهيه ايوب خان واري دور ۾ هڪ پارٽيءَ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ گڏ ميمبر به رهي چُڪا هُئا. هاڻي ڀٽو صاحب نئين سياسي تنظيم پيپلز پارٽي جوڙڻ ۽ آمريت جي خلاف جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو هو. سندس خواهش هئي ته هالن وارا مخدوم به اُن پارٽيءَ ۾ شامل ٿين. هن اهڙو اظهار نوجوان امين ’فهيم‘ سان ڪيو جيڪو اڳ ۾ ئي سندس شخصيت کان متاثر هو. تنهن هڪدم حامي ڀري ته واپس ملڪ وڃي وڏن مخدوم سائين جن کي عرض ڪري آماده ڪندس.

پوءِ اڃان گهڻو وقت ئي ڪونه گذريو هو ته سال 1970ع جي شروع ۾ هالا شهر ۾ پيپلز پارٽيءَ جو تاريخي ملڪ گير ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ يڪراءِ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي پارٽيءَ جو چيئرمين ۽ مخدوم محمد زمان سائين کي سينيئر  وائيس چيئرمين چونڊيو ويو. اهو ڪنويشن پارٽيءَ جي قيام ۾ اهم حيثيت ٿو رکي.

اهڙي نموني سان مخدوم گهراڻي جو پيپلز پارٽيءَ سان  اڻٿڪ ۽ اڻ کٽ سلسلو جاري ٿيو. نيٺ آمريت گوڏا کوڙيا، سياست ۽ جمهوريت، جدوجهد ۽ قربانين رنگ لاتو. ملڪ ۾ بالغ راءِ رهي جي بنياد ٿي عام چونڊ جو اعلان ٿيو. مخدوم سائين ته هالن واري قومي تڪ تان چونڊ وڙهي. پر ڀُٽي صاحب لاڙڪاڻي، بدين ۽ ٺٽي وارن تڪن تان فارم داخل ڪرايا. جيتوڻيڪ ٺٽي واري سيٽ جهوني سياستدان حاجي صادق علي ميمڻ کي ڏني ويئي پر حاجي صاحب سياسي حالتن جو اندازو ڪري رات پهر ۾ ٺٽي کان لاڙڪاڻي وڃي ڀٽي صاحب کان فارم تي صحيح ڪرائي پاڻ وري سجاول- ٺٽي واري صوبائي تڪ تان چونڊ وڙهيو. ائين ڀٽي صاحب ڪاميابي ماڻي، بدين مان مير حاجي علي احمد خان ٽنڊي مير محمود واري کي ٽڪيٽ ڏني، باقي ٺٽي واري سيٽ لاءِ ته اُن وقت سنڌ جا گهڻا خاندان اميدوار هئا پر مخدوم صاحبن جو پاسو ڳرو هو سو سيٽ ملي نوجوان امين ’فهيم‘ سائين کي.

اُن وقت امين سائين سان ٺٽي جي ماڻهن جي واقفيت ۽ تعارف ٿيو. ماکيءَ جهڙو مٺڙو، رک رکاءُ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ، ٿور ڳالهائو، نفيس ۽ شفيق، ٻاجهارو، نوڙت ۽  نياز جو بادشاهه، سموري سنڌ مان درگاهه جا مريد ۽ خليفا ٺٽي اچي پهتا. ڪي ڪهڙي تعلقي ۾ ته ڪي وري ڪهڙي علائقي ۾، ڄام صادق علي خان چيف ايجنٽ هو.  سڄي ضلعي ۾ دورا پيو ڪندو هو. چيف خليفو حاجي فتح الدين شاهه، حاجي عثمان چانيهو، فقير غلام حسين ورياهه، فقير شريف ورياهه، ننڍڙو جوان فقير عبدالله ورياهه، عمر ڪوٽ جا عبدالقدوس راڄڙ ۽ ٻيا. حاجي جان محمد هنڱورو ۽ ٻيا کوڙ سارا وڏا وڏا ماڻهو، وڏيون وڏيون جيپون ۽ ڪارون ساڻ، جيڪا اليڪشن اڳ ۾ ٿِي هُئي سا ڦٽل ۽ پراڻيون جيپون صفا کٽارا گاڏيون هيون. ڪئمپن کي دال ماني ۽ چانهه ملي. هاڻي جو مخدوم سائين جا مريد ۽ خليفا وريا تن سان بورچي به ساڻ ته ٽپڙ، برتن، راشن هر شئي موجود هئي. ڪڪڙ، پلاءُ، مڇيون ۽ بريانيون هر ڪئمپ تي واه واه لڳي ويئي. اسان ڪارڪنن کي گاڏين ۾ اڳيان وهاريائون ۽ پاڻ وري پوئتي ويٺا. نوٽن جو مينهن وسائڻ لاءِ هردم تيار. اسان کي چون ته بابا حڪم ڪريو. ڇا گهرجي. ايڏو مرشد گهراڻي سان پيار ۽ خلوص.

امين سائين کي سامهون قاضي امام علي وڪيل اميدوار هو جنهن کي پير صاحب پاڳاري جي آشيرواد حاصل هُئي. اُن لاءِ پير صاحب هڪ ٻه دفعا پاڻ به ٺٽي جو چڪر هنيو هو. هڪ دفعو بٺوري اسان جي ڳوٺ ۾ قاضي صاحب سان گڏ مرحوم سائين عبدالفتاح عبد وڪيل وٽ به اسان جي پاڙي ۾ ۽ رئيس جمال خان لغاري وٽ به آيو هو، اڪيلو ئي اڪيلو. سجاول ويو ته مظفر شاهه بخاري کي کڻندو، بٺوري آيو ته مون کي پاڻ سان گڏ ويهاريندو، جاتي ويو ته عبدالستار لوهار، ٺٽي ويو ته مرحوم محمد خان سومرو ۽ حاجي صادق علي ميمڻ. ائين چرچا ڀوڳ ۽ حجتون ڪندو سفر ڪندو هو. گاڏيءَ ۾ کوڙ پئسا پيا هوندا هئا زوريءَ  پيو آڇيندو هو ته خرچ لاءِ کپن ته بي حجاب ٿي کڻو. مرحوم جمال خان اُن وقت پيپلزپارٽي جو وڏو مخالف هو، اوڏانهن به هليو جو هو سندس ذاتي دوست ۽ حجتي يار هو. ائين قاضي امام عليءَ کي به پيو جُٺ ڪندو هو ته تنهنجي ڪو ڦٽي جو مخدوم جي سامهون اچي بيٺو آهين. ڪجهه ته شر ۾ ڪرين ها.

ائين کلندي ڪڏندي مخدوم امين سائين ٺٽي ضلعي مان قومي اسيمبليءَ جا ميمبر ٿي ويا. ائين وفا ۽ صبر جي هڪ نئين ڪهاڻيءَ جنم ورتو. 1970ع کان 2015ع تائين لڳ ڀڳ اڌ صديءَ تائين اهو سفر جاري رهيو. خوشين ۽ غمن جو هيءُ سفر، ڪڏهن اقتدار ته ڪڏهن اختلاف، مارشل لائون، قيد، ڦٽڪا، سزائون ۽ ڦاسيون، گهٽيءَ گهٽي ۾ لانگ بوٽن جي لتاڙ، تحريڪون، جدوجهد، جيل، هٿڪڙيون ۽ ٿاڻا، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاسيءَ کان پوءِ جتي چڱا ڀلا مڙس ماڻهو، نواب ۽ سردار، رئيس ۽ پير منهن موڙي ويا اُتي مخدومن جو گهراڻو پوري وفا ۽ خلوص سان ثابت قدم رهيو. صبر ۽ وفا جو هيءُ سلسلو شهيد بينظير ڀُٽي جي سموري سياسي سفر سان گڏ جاري رهيو. جيل هجن يا جلا وطني، ڪيس هجن يا غمن جا پهاڙ پر  مخدوم سائين گڏوگڏ هلندا رهيا ڪڏهن به مڙي پوئتي ڪونه ڏٺائون. ائين مخدوم صاحب وڏن جي چولي مٽائڻ کان پوءِ امين ’فهيم‘ عرف ڏاڏا سائين نه رڳو سروري جماعت ۽ خاندان  جا ڳرا بار کنيا پر پيپلز پارٽيءَ جي مالڪيءَ جي به وڏي ذميواري سندن ڪلهن تي اچي ويئي. محترمه جي جلاوطني اُتان واپسي، بم ڌماڪن ۽ سندس شهادت تائين امين سائين ساڻس گڏ ئي رهيو.

ائين 2008ع کان پوءِ پيپلزپارٽي کي مرڪز ۽ صوبي ۾ ڪاميابي حاصل ٿي. پر مخدوم صاحب لاءِ ڄڻ ته هڪ نئون ڪرب ۽ ذهني عذاب وارو دور شروع ٿي ويو. اقتدار جي راند ۾ رويا تبديل ٿي ويا. ترجيحات بدلجي ويون. اڳيان پوئتي ۽ پويان اڳتي ٿي ويا. وري به صبر ۽ وفا  جو هڪ نئون امتحان وارومرحلو شروع ٿي ويو. بي رُخيون، نظر اندازيون، بي قدر دانيءَ وارو ماحول. نادان دوستن رشتن ۽ رستن ۾  ڏار وجهڻ شروع ڪيا. سياسي سماجي حلقن ۾ اُڻ تڻ ۽ مانڌاڻ متل هو. ميڊيا به ڳالهه مان ڳالهه ڳولهڻ ۽ ڦهلائڻ لڳي. صبر، سانت، سهپ ۽ وفا جي ديوار کي هٿوڙا لڳڻ شروع ٿي ويا. اندر ته جُهري رهيو هو پر ديوار مضبوط هُئي.

ڪجهه گذري آ ڪجهه گذري ويندي ’فهيم‘،

پر صبر جي دامن کي ڪڏهن به داغدار نه ڪبو.

(مخدوم امين ’فهيم‘)

وفا ۽ صبر ته قائم رهيا پر جسم جُهري پيو. اندر جو ايمان ٿي ويو. مخدوم گهراڻي جي هِن روشن چراغ جي روشني موڪلائڻ لڳي. ڌرتي، وطن، ڳوٺ ۽ مارن جي سِڪ کيس موٽائي ملير تي وٺي آئي. هُن کي خبر هُئي ته سندس زندگيءَ  جي شام ٿي رهي آهي. جيڪا هن پنهنجي محبوبن سان گڏ گهارڻ ٿي چاهي پنهنجي دلبر ديس ۾. سندس موڀي ۽ سلڇڻو شهزادو مخدوم جميل الزمان سائين جيڪو هاڻي سندس جاءِ تي درگاهه نوح سرور جو گادي نشين آهي سو به محبوب ۽ شفيق، سٻاجهي شخصيت جو ڌڻي آهي. انتهائي نفيس خوش گفتار، خوش مزاج، اهلِ علم، اديب ۽ نوجوان دانشور آهي، دنيا جي گهڻين ئي ٻولين تي عبور اٿس، سندس 19 ڪتاب هيل تائين ڇپجي چُڪا آهن.

سياست، روحانيت ۽ سماجيات جي سموري رمزن کان واقف الحال آهن. ملنسار ۽ محبتي طبعيت جا مالڪ آهن، سندس گفتگو ۽ خوش اخلاقيءَ جو انداز خانداني ورثو آهي. جيتوڻيڪ هو ويندڙ شخصيت جو پنهنجو ملهه، مقام قد ۽ بت هوندو آهي. جيئن وڏا مخدوم سائين طالب المولى ۽ مخدوم امين ’فهيم‘ سائين.

پر لطيف سائين چواڻي: اڃان به آهن ڪل جڳ ۾ ڪي ڪاپڙي، سو جميل سائين ۾ اُهي لياقتون ۽ صلاحيتون موجود آهن. جو مخدوم گهراڻي جي سموري مشن روحاني   توڙي سياسي کي اڳتي وڌائڻ جو شعور رکن ٿا. کين پنهنجن مائٽن جون به دعائون آهن ۽ اسين عقيدت مند، محبتي، مريد، خادم، جماعت سموري به سندن حياتي، صحت ۽ ڪاميابيءَ لاءِ دعاڳو آهيون. (آمين)

 آخر ۾ عقيدت طور مخدوم امين سائين جي  ياد ۾ لطيف سرڪار جو هيءُ شعر عرض رکان ٿو سندن صبر ۽ وفائن جي عقيدت ۾:

سورن سانڍياس پورن پالي آهيان،

سکن جي سَيدُ چئي، پکي نه پياس

جيڪس آئون هُياس گُري گوندر ول جي.

(شاههرحه)  

- - - - -

يا مون کي علمبردار نه ڪر، يا منهنجو ڪو خالي وار نه ڪر،
هي عرض آ توکي منهنجا خدا ڪنهن غير اڳيان لاچار نه ڪر.

 

محبوب مٺا سر پنهنجو تريءَ تي پاڻ وڍي ٿو پيش ڪيان،
تون مون کي ڪهڻ جي ڪوشش ۾ تڪليف نه وٺ ۽ وار نه ڪر.

 

مان تنهنجو آهيان ۽ تنهنجو ٿي، هي ڏينهن حياتيءَ جا ڪٽبا،
تون مفت عدو جي چورڻ تي بيزار نٿي، تڪرار نه ڪر.

 

مي، عشقَ پياري اهڙي جو مدهوش رهان ٿو مان هر دم،
مدهوشيءَ ئي مون کي لطف ڏنو، اي واعظ ڇڏ بيدار نه ڪر.

 

تنهنجي راه ۾ نيڻ وڇايان ۽ سر ساهه ڏيان مان نذرانو،
اچ منهنجي اڱڻ تي پير ڀري اي يار سڄڻ! انڪار نه ڪر.

 

سڀ سور ۽ صدما اي سهڻا! مون سر تي تو لئه خوب سٺا،
تون خوش ٿي ره اي ماه لقا، ڪو پنهنجي دل تي بار نه ڪر.

 

تون پاڻ نڀائيندو اچجان هو پنهنجي رضا جو مالڪ آه،
تون هار ۽ جيت جو ان سان ڪڏهن وهنوار نه ڪر واپار نه ڪر.

 

هت ڇا جو فهيم‘ اڄ فڪر ڪبو لاڳاپا ڇڏي تون ڪاهي پؤ،
هن عشق جي دريا منجهه گهڙي ڪو عار نه ڪر انڪار نه ڪر.

 

(مخدوم امين فهيم)

 

جمهوريت سياست جي امين،

مخدوم امين فهيم جو وڇوڙو

 

وحيد جمال

 

سنڌ ۽ پاڪستان جي هر دل عزيز شخصيت، سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پيپلز پارٽي جو صدر مخدوم محمد امين فهيم 76 سالن جي عمر ۾ بلڊ ڪينسر سبب ڪراچي جي هڪ مقامي اسپتال ۾ ڪالهه صبح صادق مهل هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، هُو ڊگهي عرصي کان بيمار رهيو، ۽ تازو ئي لنڊن جي سپتال کان ڪراچي منتقل ٿيو هو، کيس هالا ۾ سندس اباڻي درگاهه ۾ پنهنجي پيءُ سروري جماعت جي روحاني پيشوا طالب المولى جي پاسي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، مخدوم امين فهيم جو وڇوڙو ملڪ اندر روشن خيال ۽ جمهوريت پسند ڌرين لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، جڏهن به ملڪ اندر جمهوريت مٿان وار ٿيو ته تڏهن ان جي حفاظت لاءِ اٿيل هٿن ۾ سڀني کان اڳيان امين فهيم نظر آيو، توڙي جو کيس ٽوڙڻ ۽ خريد ڪرڻ جون به ڪوششون ٿيون پر پوءِ به نه هي جهڪيو ۽ نه ئي وڪيو، سندس پنهنجا لفظ آهن ته هن جمهوريت سان عشق جي حد تائين محبت ڪئي هئي، اهڙي دعوى نه صرف شاعري ۾ نظر اچي ٿي پر عملي زندگي ۾ به هن آخري دم تائين اهو ثابت ڪري ڏيکاريو، اردو ۾ سندس هڪ شعر آهي:

”محبت میں سیاست کا چلن چھوڑ دیا،گر عشق نہ کرتی تو حکومت کرتی

جمهوريت سان دغا ڪرڻ جي عيوض کيس اقتدار جي به آڇ ٿي. چاهي ها ته پنهنجي، جي آئيندي ۽ جمهوريت جي ڪک ۾ خنجر هڻي پئي سگهيو. هڪ طرف کيس آمرن طرفان اقتدار جون آڇون پئي ٿيون ته ٻئي طرف پنهنجي ئي پارٽي ۾ کيس نظرانداز به ڪيو ويندو رهيو، ان باوجود به هن بروٽس  بڻجڻ بجاءِ پنهنجو معاملو تاريخ جي حوالي ڪري ڇڏيو، ۽ آخري دم تائين پنهنجي پارٽي، عوام ۽ جمهوريت سان وفادار رهندي دم ڌڻي حوالي ڪيائين، سندس وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي.

مخدوم امين فهيم تازو ئي لنڊن جي اسپتال مان ڪراچي واپس آيو هو جتي هو هڪ اسپتال ۾ زير علاج هو، ڪراچي پهچڻ واري خبر کان پوءِ پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن سندس عيادت لاءِ ايندا رهيا، گذريل ڏينهنِ ۾ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ساڻس اسپتال ۾ ملاقات ڪئي، پاڪستان پيپلز پارٽي سان وابستگي مخدوم امين فهيم کي سياسي ميراث ۾ ملي هئي. سندس پيءُ مخدوم محمد زمان طالب المولى پارٽيءَ جي بانين مان هو. مخدوم امين فهيم پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر نائب چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جو صدر به هو.

مخدوم امين فهيم 1970ع ۾ عملي طور سياست ۾ پير پاتو، سندس شمار پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر ليڊر شپ ۾ ٿيندو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترم بينظير ڀٽو جو انتهائي ويجهو ۽ اعتماد وارو ساٿي هو، محترمه بينظير ڀٽو سياسي معاملن ۾ گهڻي قدر مشاورت ساڻس ئي ڪندي هئي. 2007ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ محسوس ڪيو ويو ته امين فهيم کي سياسي لحاظ کان ڀت سان لڳايو ويو آهي، هو 2008ع واري چونڊن ۾ مٽياري، حيدرآباد جي تڪ اين اي 218 مان ايم اين اي چونڊجي آيو، ۽ ان وقت وزيراعظم جي لاءِ مضبوط اميدوار سمجهيو پئي ويو پر پارٽي سندس نانءُ رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته بعد ۾ کيس واپار واري وفاقي وزارت ڏني وئي، ان کان اڳ امين فهيم پيپلز پارٽي جي حڪومتي دورن ۾ مختلف قلمدانن لاءِ وفاقي وزير طور خدمتون سرانجام ڏنيون. محترمه بينظير ڀٽو جي 1988ع کان 1990ع تائين پهرين حڪومتي دور ۾ مواصلات ۽ 1994ع کان 1996ع تائين ٻئي دور حڪومت ۾ هائوسنگ ۽ پبلڪ ورڪس کاتن جو وفاقي وزير رهيو. مخدوم صاحب رواداري ۽ وفاداريءَ جو هڪ اعلى مثال هو، سندس شمار پاڪستان جي انهن سينيئر ترين سياستدانن ۾ ٿيندو هو جن جمهوريت جي استحڪام لاءِ هر دور ۾ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. مخدوم امين فهيم ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس سياسي عمل قطب نما آهي، سندس ڊگهي سياسي سفر ۾ ڪيترائي ڀيرا مشڪلاتون ۽ تڪليفون به پيش آيون.

مخدوم امين فهيم پنهنجي سياسي سفر ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي جڏهن به ڏکي گهڙي آئي تڏهن مخدوم صاحب پهرين صف ۾ بيٺل رهيو، کيس جمهوريت دشمن قوتن ۽ آمر ڊڪٽيٽرن ڪيترائي ڀيرا اعلى اقتدار جي آڇ به ڪئي تڏهن به هن جمهوريت دشمن قوتن سان هڪ نه ٿيو جمهوريت جي استحڪام لاءِ هر عهدي کي ٺڪرائي ڇڏيائين، نه صرف آمرن جي معاملي ۾ هن پاڻ مڃايو، پر پنهنجي پارٽيءَ جي اندروني سازشن جو به کيس منهن ڏسڻو پيو، سمورين مشڪلاتن ۽ تڪليفن باوجود پيپلز پارٽيءَ سان آخري دم تائين وفاداري جو مثال قائم ڪيائين نه صرف پنهنجن سان پر مخالف سياسي قوتن سان به عمل اپنائيندي مثبت سياسي عمل جو ڪردار ادا ڪيو. مخدوم امين فهيم نهايت شريف نفس شفقت محبت ۽ احترام جو قائم رهيو، جنهن جي ڪري سندس سياسي مخالف به سندس اهڙي عمل کان متاثر هئا ۽ ان جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا. مخدوم صاحب هر سطح تي عوام جي ڏک غم ۾  برابر جو شريڪ رهيو، نه صرف صوبي سنڌ، پر سڄي ملڪ جي عوام جي پسنديده شخصيتن ۾ کيس وڏي مڃتا مليل هئي، هن هميشه عوام جي مسئلن کي ويجهي کان محسوس ڪيو ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ هر سطح تي ڀرپور ڪوششون ڪيون، هن بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي جنهن جي ڪري غريب عوام جي دلين ۾ رهيو. سندس خدمتون ناقابلِ فراموش آهن، سندس شخصيت گلاب جي گل جهڙي هئي جيڪو ڪنڊن ۾ رهندي به ماڻهن جي خوشين ۽ غم ۾ نمايان نظر ايندو آهي، کيس ڪنهن به ڪاوڙ ۾ نه ڏٺو، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ملڪ اندر خراب سسٽم جي ڪري کيس به ڪيترن ئي ڪيسن کي منهن ڏيڻو پيو، جن سان سندس ظاهر طور ڪو تعلق به نه هو، پيپلز پارٽيءَ جي ڪنهن به ڏکي گهڙي ۾ نه صرف پاڻ اڳيان رهيو، پر ثابت قدم رهندي پيپلز پارٽيءَ جي موقف جي حمايت ۾ رهيو، هن ڏکين وقتن ۾ به ٻاهر ملڪن ۾ هليو وڃڻ بجاءِ پنهنجي ئي ملڪ اندر رهي سياسي جنگ جاري رکي۔ اڄ سندس وڇوڙي تي هر جمهوريت ۽ عوام دوست شخص جون اکيون آليون آهن.

 

اُڃين، سانجهڙين ۾ نظارا رڙن ٿا

(وقت جو امين ۽ فهيم)

 

نظام الدين ڪاڪا

 

سائين قبلا مخدوم امين فهيم جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سياست ۽ شاعري کين ورثي ۾ ملي. پاڻ پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ جي زماني کان وٺي سنڌ جي سروري جماعت جي نَوَ لکي گودڙي غوث الحق مخدوم نوحؒ جي خاندان جا روح روان هئا. مخدوم امين فهيم صوفياڻي رنگ ۾ ته رچيل هئا، پر فڪري طرح هڪ محبِ وطن سنڌي ۽ انسان دوست شخصيت هئا. مزاج ۽ طبعيت ۾ انتهائي نرم نازڪ، سلجهيل، سچار، لاطمع ۽ بي نياز… سونهن ۽ سنگيت جا ڪوڏيا هئا. شڪل ۽ صورت ۾ گلاب جي گل جيان ٻهڪندڙ ۽ ٺاهوڪي وضع قطع، من ۾ پيار پائڻ جي ازلي اُڃ رکندا هئا. عزيزن ۽ قريبن، يارن، دوستن، غريبن ۽ بي پهچ مسڪينن لاءِ نيڻ وڇائيندڙ، ڪنهن کي ڏکيو ڏٺائون ته واريءَ جي ڀت جيان ڀُري پوندا هئا. ماڻهپي جا مڙئي گڻ منجهن موجود هئا. قبلا امين فهيم نه رڳو هڪ سٺا انسان هئا، پر هڪ حساس ذهن رکندڙ تخليقڪار به هئا جن ڪئين شعر سرجيا، کين رب پاڪ ڪمال جو ذهن ڏنو هو، ماڻهوءَ اندر جهاتيون پائڻ واريون سندن اکيون به ڏاڍيون تکيون ۽ اونهيون هونديون هيون. هونئن هن ڌرتيءَ تي ماڻهن جي ڪمي ڪانهي، مٿس پنجن اربن کان به وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا، پر انهن ۾ سٺا ۽ سچا ڪي ٿورڙا آهن. قبلا سائين مخدوم محمد امين فهيم ٿڌي ڇانوَ وانگي سڄي حياتي، سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سروري جماعت لاءِ بڙ جي ڇانوَ وانگر رهيا آهن. ماڻهو ته تڏهن ئي اشرف المخلوقات تسليم ٿيندو جڏهن خدا جي خلقيل ٻيءَ سموري مخلوق کان اعليٰ ۽ افضل هوندو. انهيءَ ڳالهه جو دارومدار سندس مزاج تي آهي. قبلا سائين جن وقت جي مزاج کي ۽ ماڻهوءَ جي درد کي هڪ ئي نظر سان سمجهي سگهڻ جي سگهه رکندا هئا. اکين جي پينگهن ۾ لڏندڙ قبلا سائين جي دلربائي کي ڀلا اهي بيخبر ڪيئن ٿا سمجهي سگهن جن ڪڏهن سياري جي رات ۾ ٽمڪندڙ ستارن جو روح ئي ناهي محسوس ڪيو. قبلا سائين ماڻهن سان محبتون دل کولي ڪيون، ۽ قبلا سائينءَ کي به محبتون ٻانهون کولي مليون. سائينءَ سنڌ کي پنهنجي ساهه ۾ سمائي ڇڏيو هو جنهنڪري جسماني دوريءَ هوندي به هُو ماروئڙن جي من ۾ سدائين زندهه رهندا.

پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي چيئرمن ۽ درگاهه سرور نوح ؒ جا ارڙهان سجاده نشين، سروري جماعت جا روحاني پيشوا 4- آگسٽ 1939ع تي مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جن جي گهر هالا ۾ جنم ورتو. مخدوم امين فهيم پرائمري، مئٽرڪ، انٽر تائين تعليم هالا ۾ حاصل ڪئي ۽ 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سياست ۾ گريجوئيشن ڪئي.

سائين امين فهيم 4 شاديون ڪيون، کين 7 پٽ ۽ 4 نياڻين جو اولاد ٿيو. مخدوم جميل الزمان، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم عقيل الزمان، مخدوم نعمت الله، مخدوم حبيب الله، مخدوم نجيب الزمان ۽ مخدوم سنڌ يار سندن فرزند آهن. پاڻ 1970ع کان 2013ع تائين مسلسل 8 ڀيرا اليڪشن وڙهي ۽ ڪڏهن به نه هارايو. 1977ع، 1988ع، 1990ع، 1997ع، 2002ع ۽ 2008ع ۾ هالا ۽ مٽياري جي تڪن تان ڪامياب ٿيندا رهيا. پاڻ هائوسنگ، مواصلات، واپار ۽ ٻين وزارتن جا وفاقي وزير به رهيا. جڏهن ته جنرل ضياء جي دور ۾ ايم.آر.ڊي تحريڪ ۽ جيل ڀريو تحريڪ ۾ سندن نمايان ڪردار رهيو ۽ سروري جماعت جي 5000 ماڻهن گرفتاريون ڏئي ڪاري قانون جي خلاف جدوجهد ڪئي. پاڻ شاعر ۽ اديب به هئا سندن ٻه ڪتاب ڇپيل آهن، هڪ شاعريءَ جو مجموعو ’پيغام‘ سنڌي ادبي بورڊ 1990ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو. سندس شاعراڻي تخليق، ڪومل جذبا ۽ احساس، تشبيهون، منظر نگاري مان سندن ڏات جي اڏام کي پرکي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو. سندس شاعريءَ جا گيت ۽ غزل مختلف فنڪارن جي آواز ۾ نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس تغزل، فني خيال کان معمونيت ۽ عشائيت تي مشتمل آهي. سندس هڪ نظم (اي وطن جانشين) 1963ع ۾ آل سنڌ مشاعري ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو. سندن نئين سال بابت چيل هڪ شعر آهي ته:

نوان ڏينهن راتيون نيون روشنائيون،

نوان شعر ڪافيون نوان بيت وايون.

نوان باغ بنگلا هي بستيون ۽ جايون،

نئين سال ۾ سڀ نيون بڻجي آيون.

پرين هو پراڻيون ڇڏي ڏي جدايون،

نئين سال ۾ اچ نوان نينهن لايون.

*

سندس همنشين شاعرن ۾ انور هالائي، احسن الهاشمي، محبوب سروري، حسين بخش خادم، ولي سروري، محمد هاشم ساحل لاکو، مصري ڪاڪا ۽ هالا ۾ اسان جو رنگ رتل پيچرن وارو پيارو شاعر سوز هالائي به هوندو هو. هُو چوندو هو ته شاعري منهنجي پهرين محبت آهي ۽ مولانا رومي، شاهه ڀٽائي ۽ سچل جو مداح آهيان. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”امين“، ”فهيم“ هئا. امين فهيم جو نالو سندس چاچي مخدوم غلام حيدر صديقي رکيو، کين سروري جماعت جا ماڻهو ”ڏاڏا“ سائين ڪري سڏيندا هئا. 21- نومبر 2015ع تي جڏهن قبلا سائين امين فهيم اسان کان جدا ٿيو ته صبح جو اداس سورج نمودار ٿيو ۽ شام مايوسيون کڻي لٿي هئي ۽ اڃين سانجهڙين ۾ نظارا روئي پيا. سندس عمر 76 ورهيه هئي، سندن آخري رسمن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جا سڀ مرڪزي اڳواڻ شريڪ هئا. سائين جن کي مخدوم سرور نوحؒ جي درگاهه جي اندر سائين طالب الموليٰ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.

سندس هڪ شعر آهي ته:

وڃي ويهي رهين مون کان ڏاڍو پري،

تنهنجي ويئي سري منهنجي ڪين سري،

تون ”امين“ ٿي اچ انصاف ڪري،

ڀلا توکي ڪيئن مان وسارينديس.

ڌڻي در دعا آهي ته الله سائين قبلا سائينءَ کي جنت الفردوس عطا فرمائي....

بهار گذري هلي وئي آ،

گلن جا گجرا سڪي ويا هن،

الائي ڪاٿي وئي خوشي آ!

عجب صحرا اندر ۾ آهي،

سدا جون اوتون انيڪ جوتون،

سڏين ٿيون توکي وري به آ! وري به آ.

 

هڪ بااصول ماڻهوءَ جي موڪلاڻي

 

اصغر علي خان جوڻيجو

 

پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو صدر، سروري جماعت جو روحاني پيشوا، نفيس جذبن جو شاعر ۽ مهربان شخصيت مخدوم امين ’فهيم‘ اڄ اسان سڀني کي هميشه جو وڇوڙو ڏئي هن فاني جهان کي الوداع ڪري ويو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نگريءَ جي واسي مخدوم امين فهيم پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات 1970ع واري ڏهاڪي کان ڪئي. هُو انهن ماڻهن مان هڪ هو، جن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سان گڏ ڪم ڪيو. اهو اعزاز تمام ٿورن ماڻهن وٽ هوندو. پاڻ پيپلزپارٽيءَ کان ئي سياست جي شروعات ڪئي ۽ ساهه جو سڳو ٽُٽڻ تائين پيپلز پارٽي سان سلهاڙيل رهيا. ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق ۽ پرويز مشرف کين پارٽيءَ سان وفاداريون بدلائڻ جي عيوض ٻه ڀيرا وزيراعظم بنائڻ جي آڇ ڪئي، پر مخدوم امين فهيم سندن آڇن کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ پارٽيءَ سان وفادار رهيو. سندن وفات سان پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، جنهن کي ڀرجڻ ۾ شايد وڏو وقت لڳندو. اڄوڪو ڏينهن پيپلزپارٽي لاءِ وڏي ڏک ۽ صدمي وارو ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته پارٽي هڪ بردبار، مدبر ۽ ڏاهي سياستدان کان محروم ٿي وئي آهي.

مخدوم صاحب سڄي زندگي غير تڪراري رهيا. سندن زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا لاها چاڙها ۽ مشڪلاتون آيون، پر انهن هميشه بردباري ۽ ڏاهپ سان سمورن مسئلن کي منهن ڏنو، پنهنجي زندگيءَ ۾ هُو 8 ڀيرا پارليامينٽيرين رهيا، کين ڪڏهن به ڪنهن چونڊ ۾ نه هارايو، پاڻ ٻه ڀيرا وفاقي وزير به رهيا. مخدوم صاحب ۽ منهنجي ڏاڏا مرحوم شاهنواز علي جوڻيجي جا پاڻ ۾ ويجها ناتا هئا. سندن دوستي اڻٽُٽ هئي. ڏاڏا کان پوءِ منهنجو والد محمد خان جوڻيجو ۽ چاچا روشن الدين جوڻيجو سندن هميشه ٻانهن ٻيلي رهيا، هر ڏک سک ۾ ساڻن گڏ رهيا ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين اهو ساٿ سلامت رهيو ۽ جيستائين اهي ۽ اسان زندهه آهيون، سندن خاندان سان روح جو اهو رشتو قائم ۽ دائم رهندو. هُو ڏاڏا جي بهترين دوستن مان هو، سندن دوستيءَ جي گهرائپ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو جو منهنجو ڏاڏا رات جو جلدي سمهڻ وارن ماڻهن مان هو، پر جيڪڏهن رات جي وقت ڪراچيءَ کان ڳوٺ لاءِ روانو ٿيندو هو ته ڳوٺ اچڻ بدران سڌو هالا پهچندو هو ۽ مخدوم صاحب سان سڄي رات ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ فجر مهل ڳوٺ پهچندو هو.

مخدوم امين فهيم پنهنجن سمورن معاملن بابت ڏاڏا سان صلاح مشورا ڪندو هو. اهي پاڻ ۾ ايترو ويجها ۽ گهاٽا دوست هئا جو مخدوم صاحب سياسي توڙي خانداني فيصلا ڪرڻ کان اڳ ۾ انهن معاملن بابت ڏاڏا شاهنواز علي جوڻيجي سان صلاح مشورو ڪندو هو. ايتريقدر جو گهريلو رشتن بابت به ڏاڏا کان راءِ ضرور وٺندو هو. جيئن ته سڄي سنڌ بلڪه سڄي ملڪ جي ماڻهن جي تڪرارن جا فيصلا ماڻهو منهنجي ڏاڏا وٽ ڪرائڻ ايندا هئا. ڏاڏا ڪيترائي فيصلا مخدوم هائوس هالا تي به ڪيا، جيئن هاڻي منهنجو والد محمد خان جوڻيجو ڪندو آهي.

مخدوم امين فهيم اهو واحد سياستدان هو جنهن کي ڪڏهن به ڪنهن اليڪشن ۾ ورڪ ڪرڻ جي ضرورت نه پئي، تنهن هوندي به ڏاڏا مرحوم سندس اليڪشن ورڪ ڪندو هو. مخدوم صاحب ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جنگ ڪري رهيو هو ۽ ان سلسلي ۾ جڏهن هُو علاج خاطر لنڊن ويو هو تڏهن به منهنجو چاچو روشن الدين جوڻيجو ساڻس گڏ هو. مخدوم صاحب جي ٻاجهاري ۽ شفيق شخصيت جي ڪري ئي ماڻهو کين پيار ڪندا هئا ۽ هر وقت مٿن پنهنجي جان قربانُ ڪرڻ لاءِ به تيار رهندا هئا. مون کي به سندن ويجهي رهڻ جو اعزاز حاصل رهيو ۽ کانئن گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو. پاڻ، اسان کي پنهنجي اولاد جيان ڀائيندو هو ۽ هميشه اهو درس ڏنائون ته توهان کي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي لالچون ۽ آڇون ملنديون، پر توهان هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏجو؛ ڇو ته جيڪي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندا آهن، فتح هميشه انهن جي ئي ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ حق ۽ سچ وارو رستو ڏکيو ۽ اڙانگو ضرور آهي، پر منزل تي ضرور پهچائيندو آهي ۽ اڄ جڏهن هُو اسان سڀني کي ڇڏي راهه رباني وٺي هليو ويو آهي ته هڪ هڪ ٿي ڪري ساڻس گذاريل گهڙيون ۽ سندن نصيحتون اکين جي اڳيان اچي رهيون آهن ۽ روح تڙپي اٿيو آهي. مخدوم صاحب جمهوريت جي خاطر وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ ڪشالا ڪڍيا.

اسين جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي،

ته ماڻيندا منزل  پنهنجا  ڍول  ڍاٽي.

هُو جمهوريت جي بحالي وارين سمورين تحريڪن ۾ هميشه اڳين صفن ۾ رهيو. آمرن ۽ ڊڪٽيٽرن کيس وفاداريون مٽائڻ لاءِ هميشه ڌمڪيون ۽ آڇون ڏنيون پر هن ڪنهن به ڌمڪيءَ کي ليکي ۾ نه آندو ۽ نه ئي وري ڪا آڇ سندس قدمن کي لوڏي سگهي. هُو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو سچو ۽ وفادار ساٿي هو. دعا آهي ته الله پاڪ کين جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا فرمائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org