سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:21 

مخدوم امين ’فهيم‘ جو لاڏاڻو:

سنڌ لاءِ هڪ وڏو الميو!

 

غلام حسين لغاري

سنڌ جي علم، ادب ۽ سياست جو هڪ وڏو نالو ۽ (نَوَ لکي گودڙي) سروري جماعت جو روحاني پيشوا سائين مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جو لاڏاڻو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪنهن وڏي المئي کان گهٽ ناهي ۽ اڄ هر اک آلي آهي. سندس وفات تي نه صرف هالا ۽ مٽياري جا سمورا شهر پر پوري سنڌ اندر جتي جتي به مخدوم صاحب جا مريد ۽ معتقد رهن ٿا، اتي سوڳ واري حالت برپا آهي، ڪاروباري هنڌ مڪمل طور سوڳ ۾ ته بند رهيا، پر هزارن جي انگ ۾ سندس مريد ۽ معتقد ته پنهنجي جاءِ تي، پر سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پوءِ اهي پيپلز پارٽي جا هئا يا ڪنهن ٻي سياسي ڌر جا هزارن جي انگ ۾ هالا پهتل نظر آيا، جن ۾ پيپلز پارٽي جو چيئرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني، سنڌ ڪابينا جا وزير، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻيا شامل هئا. جيڪي سندس ڪلهي ڪانڌي بڻيا ۽ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن مخدوم صاحب جو مڙهه ڪراچيءَ کان هالا پهتو ۽ وري سندس والد مخدوم محمد زمان طالب مولى جي پيراندي ۾ کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو پئي ويو ته عجيب ڏکويل منظر ڏسڻ ۾ آيا ۽ هر ماڻهو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ آتو هو. اها اک خالي نه هئي جيڪا آلي هئي. وزير اعظم ميان محمد نواز شريف، پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سميت ملڪ جي اهم شخصيتن نه صرف سندس وفات تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪيو، پر سندس سياسي خدمتن خاص طور آمريت خلاف ڪيل جاکوڙ تي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي آهي. سائين مخدوم محمد امين ’فهيم‘ پهريان لنڊن ۾ بعد ۾ دبئي مان ڪينسر جو علاج ڪرائڻ کان پوءِ ڪجهه هفتا اڳ ڪراچي پهتو هو جتي هڪ خانگي اسپتال ۾ هن ڪالهه صبح جو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو هو.

سائين مخدوم محمد امين ’فهيم‘ صاحب پنهنجي والد مرحوم مخدوم طالب مولى جي وفات کان پوءِ بحيثيت سروري جماعت جي روحاني پيشوا جي حيثيت ۾ نه صرف جماعت کي متحد رکيو، پر هڪ سياسي  اڳواڻ طور پنهنجي پارٽيءَ جي وڏي خدمت به ڪئي. توڙي جو کيس آمراڻه دور ۾ وڏيون وڏيون آڇون ٿيون جن ۾ 2002ع جي عام چونڊن کان پوءِ وزيراعظم بنائڻ جي آڇ به شامل هئي، پر هن پارٽي، ملڪ ۽ قوم جي خاطري اهڙي آڇ کي ٿڏي جمهوريت جي بحالي لاءِ وک وڌائي جيڪا اڄ به ساراهي وڃي ٿي. پيپلز پارٽيءَ جي باني ۽ پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو خاتمو ٿيڻ ۽ بعد ۾ ڦاهي چاڙهڻ کان پوءِ جڏهن پيپلز پارٽي جا مک اڳواڻ پارٽي جو ساٿ ڇڏي آمرن جا پوئلڳ بڻجي چڪا هئا ته مرحوم مخدوم محمد امين ’فهيم‘ سنڌ جو واحد اڳواڻ هو، جنهن آمر ضياءُالحق جي دور ۾ هن ملڪ جي سمورن سياستدانن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ بيمثال ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ضياءُالحق کي ملڪ مان مارشل لا ختم ڪري ۽ غير جماعتي بنيادن تحت عام چونڊون ڪرائڻيون پيون، جن کي به هن رد ڪري ڇڏيو ۽ پيپلز پارٽي اهڙين چونڊن جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو هو. آمريت خلاف سياسي جدوجهد ۾ مخدوم صاحب ۽ سندس سروري جماعت جي مريدن ۽ معتقدن جهڙي نموني ويڙهه ڪئي، تنهن کي ڪير به وساري نٿو سگهي.

1973ع ۾ جڏهن پاڻ عوامي سياست ۾ داخل ٿيو ۽ پارٽي چيئرمين شهيد ذوالفقار علي جي خواهش تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ وزارت ماڻي ته انهي وقت کان وٺي هُو پارٽيءَ جو هڪ وفادار ڪارڪن رهيو ۽ شهيد جي ڀر ۾ رهي، هن عوامي سياست جا انداز سکيا ۽ وسيع تجربو حاصل ڪيو ۽ اهوئي سبب آهي جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه به مرحوم کي پنهنجي اعتماد وارن سياسي ساٿين مان هڪ سمجهيو ۽ پارٽي توڙي ملڪي اهم فيصلن ۾ هن کي شريڪ ڪندي رهي. مخدوم صاحب پيپلز پارٽيءَ جو واحد اڳواڻ هو جيڪو 1973ع کان پوءِ 2013ع تائين اٽڪل 9 ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ۽ ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ اهم وزارتون  ماڻيون ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪافي مقبول ترين اڳواڻ واري حيثيت ماڻي، پر هڪ ڳالهه کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت کان پوءِ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو ۽ کيس پارٽيءَ اندر اها اهميت ۽ حيثيت ملي نه سگهي، جيڪا کيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽي صاحبه جي دور ۾ حاصل رهندي هئي، جنهن جي ڪافي ڀيرا ميڊيا تي اچي به شڪايت ڪري چڪو هو، پر پوءِ به هن آخري دم تائين بحيثيت پارٽيءَ جو وائيس چيئرمين رهيو ۽ پارٽيءَ سان پنهنجيون وفاداريون خوش اسلوبيءَ سان نڀائي ويو، جنهن جو اعتراف ڪرڻ گهرجي.

بهرحال اسان سڀني جي دعا آهي ته پروردگار مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي مغفرت ڪري ۽ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي، (آمين)...

مخدوم امين ’فهيم‘ جو وڇوڙو

۽ سنڌ ۾ پيدا ٿيل وڏو خال

 

معصوم مصطفيٰ ڪنڀر

 

1939ع ۾ هالا شهر ۾ مخدوم طالب المولى جي گهر ۾ اک کوليندڙ مخدوم امين ’فهيم‘ جنهن پنهنجي شروعاتي تعليم هالا مان حاصل ڪئي ۽ 1961ع ۾ پنهنجي سائنس جي ڊگري پاس ڪيائين، مخدوم امين فهيم 1970ع کان پنهنجي سياسي سفر جي شروعات، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان ڪئي ۽ پهريون ڀيرو ٺٽي ضلعي جي تڪ تان ايم اين اي چونڊيو ويو ۽ 8 ڀيرا اسيمبلي جو ميمبر رهيو. مخدوم امين ’فهيم‘ ڪڏهن به اليڪشن نه هارائي.

مخدوم امين ’فهيم‘ جي سروري جماعت جنهن جا 9 لک کان وڌيڪ مريد پڻ موجود آهن، مخدوم امين ’فهيم‘ شاعر پڻ هو ۽ موسيقيءَ سان ڏاڍو چاهه هو، سندن اڄ به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ آل انڊيا ريڊيو تي مختلف فنڪارن جي آواز ۾ شاعري پيش ڪئي ويندي آهي، مخدوم امين ’فهيم‘
جيڪو هڪ روحاني پيشوا هو، مخدوم امين فهيم 21- جون 1957ع تي پهرين شادي ڪئي. مخدوم امين ’فهيم‘ جنهن ذوالفقار علي ڀٽي سان گڏ سياست ڪئي، جنهن پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ قربانيون ڏنيون، ۽ ضياءالحق توڙي مشرف جي دور ۾ پيپلز پارٽيءَ جو وڏو ساٿ ڏنو ۽ پيپلز پارٽيءَ سان پنهنجو ناتو نه ٽوڙيو. مخدوم امين ’فهيم‘ کي 2002ع ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو وزيراعظم ٿيڻ جي پڻ آڇ ڪئي جيڪا پڻ ٿڏي ڇڏي هئي. مخدوم امين جيڪو نيڪ دل انسان هو، جيڪو مخالفن سان نرم لهجي ۾ ڳالهائيندو هو، پاڻ زبان مان ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف غلط لفظ استعمال نه ڪيائين، ۽ سدائين صبر ۾ رهيو، ڪڏهن به پنهنجي دل جي درد کي زبان تي نه آندائين. مخدوم صاحب کي محترمه بينظير ڀُٽي جو پڻ اعتماد حاصل هو، محترمه بينظير پڻ مخدوم صاحب کي سُهڻن لفظن سان ڀيٽا ڏيندي چيو ته مخدوم امين ’فهيم‘ جيڪو نرم دل انسان آهي ۽ هر ڳالهه کي برداشت ڪرڻ وارو انسان آهي ۽ ٿڌي طبعيت جو ماڻهو آهي جنهن هميشه پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي.

مخدوم صاحب ادبي طور تي پڻ سڃاتو وڃي ٿو. مخدوم صاحب جي نالي سان ٻه مجموعا پڻ ڇپيل آهن، مخدوم صاحب جي زندگي تمام روحانيت واري گذري ۽ پنهنجن مريدن کي هميشه پيار، محبت، ٻڌي ۽ ڀائپيءَ جو پيغام ڏنو. مخدوم صاحب جا مريد پڻ وڏي چاهه سان سندن رهائش گاهه هالا شريف ۾ ديدار لاءِ حاضر ٿيندا هئا، مخدوم صاحب ڪڏهن به جهيڙي جهٽي واري سياست تي يقين نه رکيو ۽ هر سياسي ماڻهو سان وابستي هئڻ ڪري هر ڪو دل سان چاهيندو هو، ۽ مخدوم صاحب جا هر سياسي مخالف پارٽي وارن سان به تمام ويجها لاڳاپا رهيا آهن، خاص ڪري حُر جماعت جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳاري سان تمام گهڻي حُجت هوندي هئس ۽ ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻئي سان ملاقات به ٿيندي رهندي هئي ۽ ڪافي ڀيرا سانگهڙ به اچڻ ٿيو هو جتي فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر پير صدرالدين شاهه راشديءَ سان گڏجي شڪار پڻ ڪيائين، مخدوم صاحب جو ٻين مخالف سياسي اڳوڻن سان ذاتي وابستگي هئڻ ڪري کين ڪيترائي ڀيرا تنقيد پڻ ڪئي وئي ۽ پيپلز پارٽي ڇڏڻ جا افواهه پڻ ڇڏيا ويا هئا پر مخدوم صاحب انهن افواهن کي رد ڪري چيو ته جيستائين سري ۾ ساهه آهي پيپلز پارٽيءَ سان تعلق نه ٽوڙيندس.

زندگيءَ جي راهه ۾ هلندي هلندي مخدوم امين ’فهيم‘ صاحب اوچتو بيماريءَ جي بستري ڀيڙو ٿي ويو ۽ ڪينسر جهڙي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا ٿي ويو، علاج لاءِ لنڊن پڻ موڪليو ويو ۽ ڪافي مهينا لنڊن جي اسپتال ۾ علاج هيٺ پڻ رهيو پر طبعيت ۾ سڌارو نه آيو ۽ پوءِ لنڊن کان دبئي ڏانهن پڻ علاج لاءِ موڪليو ويو، اُتي ڪافي آپريشن ڪيا ويا پوءِ طبعيت ڪجهه سڌرڻ لڳي ۽ تنهن کان پوءِ مخدوم صاحب جي مرضيءَ مطابق گذريل مهيني 26 آڪٽوبر تي ڪراچيءَ آندو ۽ ڪراچي ۾ هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ  رکيو ويو جتي کين مختلف سياسي  اڳواڻ عيادت پڻ ڪئي ۽ صحتيابيءَ لاءِ دعائون ڪيون ويون، ۽ نيٺ ساهه جي سڳي مخدوم امين ’فهيم‘ جو ساٿ نه ڏنو ۽ ڪالهه صبح سوير زندگيءَ جي جنگ هارائي، اسان سڀني سنڌ واسين کان جُدا ٿي ويو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو.

مخدوم صاحب جو وڇوڙو يقيناً سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ وڏو خال ڇڏيندو جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو، سنڌ جي تاريخ ۾ مخدوم امين فهيم جي قربانين کي ياد رکيو ويندو. ڌڻي در دُعا آهي ته الله پاڪ مخدوم امين فهيم  کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي ۽ سندس ڇڏيل مشن تي هلڻ جي توفيق ڏي، آمين.

 ڪافي

منهنجي ته دل جو آهين دلدار سهڻا سائين،

جلدي ڪراءِ پنهنجو ديدار سهڻا سائين.

 

هر دم روئان هيڪاندو هڪ ويل ناهيان واندو،

تولاءِ مران ٿو ماندو منٺار سهڻا سائين.

 

ڪفني ڳچي ۾ پايان در در صدا لڳايان،

تنهنجو فقط سڏايان پينار سهڻا سائين.

 

راهِ وفا تان ويندڙ اي يار دل لٽيندڙ،

مل تون ڇني ڇڏيندڙ هڪوار سهڻا سائين.

 

مون کان نه پل پري ٿي دل درد ۾ ڳري ٿي،

ساعت نه ڪا سري ٿي تو ڌار سهڻا سائين.

 

ديدار لاءِ دلبر آهيان اداس هر هر،

منهنڙو ته پنهنجو هيڪر ڏيکار سهڻا سائين.

 

هر دم هڻان صدائون ڪر بخش سڀ خطائون،

آهيان ”امين“ آئون نيڪار سهڻا سائين.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘

19نومبر 1953ع

هالا

’امين‘ توکي سلامت خدا رکي هردم

 

رضا محمد ميمڻ

 

فقط هڪڙي فهيم آهي اوهان جي پيار جو حامي،

اوهان جهڙو نه ٻيو جنهن کي نظر آيو زماني ۾.

صبح جو جيئن ئي جاڳ ٿي، ته الائي ڪيئن خبر آئي جو فون جي گهنٽي تي دهشت طاري ٿي وئي ۽ پوءِ معلوم ٿيو ته قبله سائين مخدوم امين فهيم جن جو انتقال ٿي ويو آهي. خبر ٻڌڻ شرط اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ پوءِ الاهي يادگيريون ۽ ساروڻيون ذهن کي قيد ڪري ويون.

اسين هالا وارا پيار مان مخدوم امينفهيم جن کي ”ڏاڏا سائين“ ۽ ”سروري جماعت“ کي صابرين گادي چوندا آهيون. ها بلڪل اهو سچ ۽ حقيقت آهي ”ڏاڏا سائين“ جهڙو ڪو ٻيو وري ”ڏاڏا سائين“ پيدا نه ٿيندو، هر وقت وفا جو علمبردار، امن پسند طاقت هوندي به بخش ڪري ڇڏڻ وارو، هر وقت مُرڪيل چهرو ۽ سنجيده شخصيت، فقط ۽ فقط امين جي ئي هئي. هُو نالي جيان پنهنجي شخصيت ۾ ”امين“ به هو ته وري  ”فهيم“ به هو.

خزان ۾ خوش ٿي بهارن جو انتظار ڪبو،

نه فرطِ کان گريبان کي تار تار ڪبو،

ٻه ڏينهن گذري ويا ٻه ڏينهن گذري ويندا ”فهيم“

ڪڏهن نه صبر جي دامن کي داغدار ڪبو.

سون ورني سنڌ جي سرور نگر ”هالا“ جنهن کي شهر غزل ۽ شاعرن اديبن جو شهر به چيو ويندو آهي سو سائين طالب المولى ۽ ”امين فهيم“ جو شهر آهي... مخدوم امين محمد ”ثالث“ پکن ڌڻيءَ جي نسبت سان کيس ”ڏاڏا سائين“. سڏيو ويندو آهي. شروعاتي تعليم هالا مان ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان جڏهن ته عربي ۽ فارسي تعليم خانگي طرح حاصل ڪيائون. 1953ع ۾ ”امين“ ۽ پوءِ ”فهيم“ جي تخلص سان شاعري ڪيائون سندن شاعريءَ جو مجموعو ”پيغام“ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آهي ڪتاب جي صفحه 20 تي پاڻ لکن ٿا ته آءٌ پهريون ”امين“ تخلص طور استعمال ڪندو هئس ليڪن بعد ۾ ”سائين وڏن“، ”فهيم“
تخلص طور فرمايو اُن کان پوءِ امين فهيم ادبي نالو ٿيو.

پاڻ بدڪاريءَ کان بچ، صاحب ڪردار ٿي،

يار جي در تي فهيم رهڻو ٿئي پينار ٿئي.

4- آگسٽ 1939ع  هالا ۾ جنم وٺندڙ مخدوم امين فهيم سڄي زندگي سياسي ليول تي پيپلز پارٽيءَ سان رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو سان آخري دم تائين باوفا رهيو، آمرن طرفان مليل آڇون ٿڏي ڇڏڻ وارو ”ڏاڏا سائين“ سختي جا ڏينهن قبوليا، پر وفا جو الم هٿ مان نه ڇڏيو، سندس چواڻي ته:

غمن ۾ کلندو رهيس پر خوشين رئاري ڇڏيو،

هميشه آهي بهارن وڏو فريب ڏنو.

پاڻ ڪڏهن به ڪا انتقامي ڪاروائي نه ڪئي، مخالفن کي به عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، پاڻ 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو طرفان خالي ڪيل ٺٽي واري تڪ تي پهريون ڀيرو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيا ۽ پوءِ ست ڀيرا ميمبر قومي اسيمبلي ٿيا ۽ سدائين ناقابل شڪست رهيا. شروع ۾ پاڻ ٽائون ڪاميٽي هالا جا چيئرمين ۽ ڊويزنل ڪائونسل حيدرآباد جا ميمبر پڻ هئا. 1985ع ۾ ضياءَ جي غير جماعتي چونڊن جو بائيڪاٽ پڻ ڪيائون. پاڻ وفاقي وزير پڻ رهيا. پاڻ شهيد  محترمه بينظير ڀٽو جي اهم ۽ ويساهه جوڳن وفادار شخصيتن جو امام هو. پاڻ پارٽيءَ جي مفادن خاطر هر محاذ تي صف اول ۾ رهيا. سچائيءَ ۽ وفا جي سياست ڏاهپ ديانتداريءَ ۽ عوام دوستي واري ڪردار هئڻ سبب سندن مقام هر جاءِ تي مٿانهون رهيو.

بي قدر انسان کان پاسو ڪرڻ آهي چڱو،

قرب وارن جي اڳيان سرڙو سٽڻ آهي چڱو.

دل وٺڻ يا ڏيڻ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي ”امين“،

هن جهان فاني جو لاڳاپو ڇنڻ آهي چڱو.

اڄ جڏهن اسان ۾ شاعر امين فهيم‘. سياستدان امين ”فهيم“ امن جو پيار جو وفا جو سچائيءَ جو درس ڏيندڙ ”امين فهيم“ موجود نه آهي، پر سندس شخصيت ۽ ڪردار ۽ سهڻا اخلاق اسان لاءِ هڪ سچائيءَ سان زندگي گذارڻ جو سامان ضرور آهن.

سوئي منزل تي رسيو جنهن يا رهبر ڪيو ”فهيم“

ٻيا اجايا ٿي ڀڳا ڪي هِن طرف ڪي هُن طرف

 

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي

لاڏاڻي بعدپيدا ٿيل خال

 

مير نادر علي ابڙو

 

مخدوم امين فهيم  جو لاڏاڻو ملڪي سياسي تاريخ لاءِ جتي تمام وڏو خال آهي ته اتي سندن علمي ۽ ادبي خدمتون به فراموش نٿيون ڪري سگهجن. پاڻ هڪ ئي وقت تمام وڏو سياستدان هو ته اُن کان به وڏو اديب ۽ شاعر هو. هنن ۾ الله پاڪ جيڪي خاصيتون پيدا ڪيون هيون سي خاصيتون تمام ٿورڙن ماڻهن جي کاتي ۾ اينديون  آهن. سندن شخصيت بي داغ ۽ وفا جي علمبردار هئي ۽ تمام عمر وفا ۾ گذاري ڇڏي. مخدوم خاندان جون خدمتون هميشه سنڌ جي ماڻهن لاءِ مثالي بڻيل رهيون آهن. اهو سلسلو سرور نوحرحه جي گاديءَ کان هلندو ٿو اچي ۽ اڃا تائين قائم دائم آهي. هن رشتي کي مخدوم امين فهيم وڌيڪ مضبوط بڻايو هو ۽ پاڻ ميدان ۾ جتي ڪٿي محبتن جو پيغام ڏنو هو. پاڻ سروري جماعت جو جتي روحاني پيشوا هو ته اتي منجهن روحاني خاصيتون به بيمثال هيون، جتي هي ٻين لاءِ دعائون گهرندو هو ته اتي پاڻ لاءِ به دعائون گهرائيندو هو. پاڻ پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر وائس چيئرمن هو.

مخدوم امين فهيم جي ولادت 4- آگسٽ 1939ع تي هالا ۾ ٿي، سندن نالو محمد امين رکيو ويو جڏهن ته مخدوم امين (ثالث) پکن ڌڻي جي نسبت سان هُو ڏاڏا سائين به سڏبو هو، اڃان ٻن سالن جو هو ته سندن ماءُ وفات ڪري وئي، بعد ۾ سندن والد مخدوم طالب المولا خاندان کان ٻاهر ٻي شادي ڪئي، جنهن مان کيس پنج پٽ ٿيا جن ۾ اڳوڻو ايم.اين.اي مخدوم خليق الزمان، مخدوم نويد الزمان، مخدوم شفيق الزمان، حيدرآباد جي اڳوڻو ضلعه ناظم مخدوم رفيق الزمان ۽ اڳوڻو ايم.پي.اي مخدوم سعيد الزمان آهن.

مخدوم امين فهيم شروعاتي تعليم هالا مان حاصل ڪئي، بعد ۾ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ سروي اسلامي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جتي بي.اي پاس ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر ڪيائين ۽ پوءِ قانون جو امتحان پاس ڪيائين. بزم طالب المولى سنڌ جو صدر به رهيو، ٽائون ڪميٽي هالا جو چيئرمين ڊويزنل ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر رهيو. مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي لاڏاڻي بعد سروري جماعت  جو روحاني پيشوا مقرر ٿيو ۽ پاڻ 18 گادي نشين هو بهترين اديب ۽ شاعر پڻ هو، سندن شاعري تمام گهڻي مشهور هئي. سروري جماعت کي 300 سال اڳ 9 لک گودڙي جو لقب مليل آهي سندن جا مريد هندستان ۽ پاڪستان ۾ موجود آهن ۽ سندن 22 خليفا، هند ۽ سنڌ راجستان سميت خدمتون سرانجام ڏين ٿا.

مخدوم امين فهيم جي شاعري ۽ سندن شعري مجموعي پيغام کي تمام وڏي پذيرائي ملي. پاڻ شعر و شاعري 1953ع کان شروع ڪئي، جيڪو فن هن پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب المولى کان سکيو ۽ پنهنجو تخلص امين رکيائين. ان کان پوءِ فهيم جو تخلص، سندن والد مخدوم طالب المولى ڏنو، جنهن کي هُو پنهنجي عمر جي آخري وقت تائين استعمال ڪندو رهيو. سندن شاعري جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن، جن مان پيغام کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. اردو ٻوليءَ ۾ به تمام وڏا ڪلام لکيائين. هالا جي ادبي ماحول ۾ وڏي هلچل آندائين، سندن جوانيءَ جي دور ۾ ڪجهه وقت لاءِ شاعري ڪرڻ ۾ وقفو به رهيو، جنهن لاءِ سندن ذاتي مصروفيتون رهيون. کين موسيقيءَ سان به دلچسپي هئي. پاڻ فارسي، عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب پڻ لکيا، پاڻ يار ويس ۽ طبعيتن سادو هوندو هو. هڪ بردبار سان وڏي دل رکندڙ سياستدان هو ۽ سندن هميشه دانشوراڻي سوچ رهي، سندن لاءِ اها ڳالهه چئي ويندي هئي ته هُن ۾ برداشت تمام گهڻي هوندي هئي جنهنڪري کين صابرين چيو ويندو هو، هُو ناراض ماڻهن سان به پيار سان ڳالهائيندو هو. پنهنجي سياسي زندگي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي شروع ڪئي، پهريون ڀيرو 1970ع واري چونڊن ۾ ٺٽي مان ايم.اين.اي چونڊيو ويو. ان کان پوءِ 1977ع ان 1988ع، 1990ع، 1997ع، 2002ع ۽ 2008ع جي چونڊ ۾ هالا مٽياري تڪ تان ايم.اين.اي چونڊيو.

ضياء جي آمريت دور ۾ پارٽي فيصلي تحت هُو 1985ع ۾ عام چونڊن ۾ نه بيٺو. هن سياسي سفر جو آغاز، 1970ع ڌاري پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿيڻ سان ڪيو ڪجهه وقت سنڌ جي گورنر جي صلاحڪار پڻ رهيو پوءِ مرڪز ۾ بطور وزير مملڪت فائز ٿيو. 1977ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ غلام مصطفى جتوئي جي ڪابينا ۾ روينيو ۽ آبادڪاري جو وزير ٿيو. 1983ع ۾ ايم.آر.ڊي تحريڪ دوران پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر رهيو. 1990ع ۽ 1993ع، 1997ع واري عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، وري 2008ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. مرحوم پيپلز پارٽي جو صدر ۽ پيپلز پارٽيءَ جو سينيئر وائيس چيئرمين پڻ رهيو. پاڻ ملڪ جو واحد  سياستدان هو، جنهن کي فهم، فراست، شائستگي ۽ جمهوري قدرن جو امين هجڻ ڪري حڪومت مخالف ڌر سميت سموري پارٽين ۾ هڪ جهڙي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ضياءالحق جي دور کان وٺي کيس وزيراعظم جي عهدي جي آڇ ٿي، پر هُو پارٽي سان وفادار رهيو، سنڌ جي سياسي ۽ غير سياسي وڏيرن سان سندس ياري ڪنهن کان لڪيل نه هئي. پارٽي جي منع باوجود ڄام صادق علي، پير پاڳاري، شاهنواز جوڻيجي سان ناتا نه ٽوڙيا. 1969ع ۾ لنڊن جي اندر مخدوم امين فهيم جي ملاقات، پيپلز پارٽيءَ جي باني ۽ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي، جنهن بعد هن پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. سندن والد مخدوم طالب المولى پارٽيءَ جو سينيئر وائيس چيئرمين پڻ رهيو.

امين فهيم 1970ع ۾ ٺٽي جي ضمني چونڊ ۾ حصو ورتو ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ پاڻ 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ حصو نه ورتائين. 1970ع کان 2002ع تائين اليڪشن ۾ حصو ورتو، هالا جي تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، پاڻ وفاقي وزير به رهيو. جنرل پرويز مشرف پاران اعلى عهدن جي آڇ باوجود پاڻ پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ نه ڇڏيائين. 1977ع کان پوءِ چونڊن ۾ سدائين ڪاميابي ماڻي. کين شهيد بينظير ڀٽو جو انتهائي ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو ۽ پاڻ شهيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ 1988ع کان آگسٽ 1990ع تائين اطلاعت وارو وزير به رهيو ۽ 2008ع واري اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد کين صنعت ۽ واپار جي وزارت ڏني وئي، سندن خدمتن کي بينظير ڀٽو به مڃيندي هئي ۽ سندن ئي رهائش گاهه هالا تي پيپلز پارٽيءَ جو بنياد، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پهريون ڪنوينشن به پيپلز پارٽي جو هالا ۾ ٿيو، جنهن ۾ مخدوم طالب المولى امين فهيم کي پاڻ سان گڏ رکيو هو ۽ سندن سياسي پرورش ڪئي وئي ۽ سندن شخصيت تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو وڏو ڀروسو ڪندي هئي. مخدوم امين فهيم کي جنرل ضياء جي دور ۾ ٻه ڀيرا ۽ رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ٽي دفعا وزيراعظم ٿيڻ جي آڇ ٿي، پر هن پارٽيءَ جي اصولن ۽ مفادن وٽان هر آڇ کي ٿڏي  ڇڏيو ۽ ڀٽي خاندان سان آخري وقت تائين، وفا ڪئي. جنهنڪري کين پنج دفعا گهر ۾ نظر بند پڻ رکيو ويو.  سندن شخصيت کي هالا سميت سموري سنڌ جي عوام عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ پاڻ زندگيءَ جي آخري وقت تائين پيپلز پارٽيءَ سان نڀاءَ رکيو.

مخدوم امين ”فهيم“ پنهنجي زندگي ۾ 04 شاديون ڪيون. کين ستن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. پهرين شاديءَ مان جميل الزمان، ٻي شاديءَ مان چار پٽ: مخدوم عقيل الزمان، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم نعمت الله، مخدوم حبيب الله ٻئي جاڙا ڀائر. ٽين شاديءَ مان مخدوم  نجيب الزمان ۽ چوٿين شادي مان مخدوم سنڌيار پيدا ٿيا ۽ سندن وڏو پٽ مخدوم جميل الزمان سٺو سياستدان هجڻ سان گڏ سٺو شاعر ۽ محقق به آهي، ٻيو پٽ شڪيل الزمان سينيئر سول بيوروڪريٽ آهي. ڊي.سي ٿرپارڪر سميت ڪيترن ئي عهدن تي فائز رهي چڪو  آهي ۽ مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان تعليم حاصل ڪري چڪو آهي ۽ دبئي ۾ ڪاروبار ڪري رهيو آهي. سندس چوٿون پٽ ابو محمد سنڌيار آهي.

مخدوم طالب المولى ۽ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جا تمام ڀائرن وارا رشتا هئا ۽ پاڻ جڏهن لاڙڪاڻي ايندا هئا ته بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سان ڪچهريون رهنديون هيون، اڄ جڏهن مخدوم امين فهيم لاڏاڻو ڪري چڪو آهي ته سروري جماعت جي پڳ، مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ کي ٻڌرائي پئي وڃي ۽ سموري سنڌ مخدوم جميل الزمان مان به مخدوم امين فهيم واريون اميدون رکي ٿي، اميد ته پاڻ به مخدوم امين فهيم وانگي سنڌ سان وفا ڪندا رهندا.

 

بيت

کلن خوش ٿي خير سان

شــــــل ســــــڄــــــڻ سونهـارا.

 

جڙيل هجن جوءِ ۾

ســــــانگــي سوڀـــــــارا.

 

اچي ڪن ڪي قرب جا

ولهــــــيءَ تـــــــي وارا.

 

تن جي تات طلب ۾

ٿيون اکــــــيـــون اوتارا.

 

جن جو فڪر ”فهيم“ کي

سي پرين اچن پيارا.

 

مون سان ميل منهنجا

مــــــٺـــــڙا مــــــوچـــــارا.

 

اکـــــــڙيــــــن اوجـــــــارا

اچن شال اڱڻ تي.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘

 7فيبروري 1958ع

8:55 بجي شب

لڪياري آباد

 

هڪ عظيم انسان ۽ سياستدان جو وڇوڙو

 

امجد ميمڻ

 

”نوَ لکي گودڙي“ يعني 9  لک مريدن واري نگري جيڪا سروري جماعت جي سايي ۾ هلي پئي، انهن جو روح روان هر دلعزيز شخصيت کلڻو ملڻو، هر ڪنهن تي شفقت جو هٿ رکندڙ، مخدوم امين فهيم
اسان کان موڪلائي ان سفر تي روانو ٿي ويو آهي، جنهن تي هر ڪنهن کي هڪ ڏينهن هلڻو آهي ڇو ته قرآن پاڪ ۾ خدا پاڪ سچ فرمايو آهي ته ”هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي.“  اهو موت ڪڏهن به اچي، ڪٿي به اچي، ڪيڏي مهل به اچي، ان کان ڪير به انڪار ڪري نه ٿو سگهي، پر موت کان پوءِ به ڪي اهڙيون شخصيتون، اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جن کي وساري نه سگهبو آهي، سندن خدمتون، سندن پيار، سندن محبتون ۽ سندن قربانيون ڳائبيون رهبيون آهن، جيئن اسان وٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽي تائين جيڪي شهادتون ٿيون آهن، انهن کي موت به مات ڏئي نه سگهيو آهي.

اڄ به دنيا لينن، مارڪس، مائوزي تنگ کي ياد ڪري پئي، اڄ اهي دنيا ۾ ناهن، پر سندن پروگرام، سندن فلسفو، سندن شخصيت تي اڄ به دنيا ۾ ويچار ونڊيا وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح جيستائين دنيا رهندي، تيستائين مخدوم امين فهيم  جو به ذڪر ٿيندو رهندو، ڇو جو هو وڏيءَ شخصيت جو مالڪ هو، هُو هڪ وڏو شاعر هو، پنهنجي پيءُ مخدوم طالب المولى وانگر شاعري ڪئي، پر مخدوم امين فهيم  جي سڃاڻپ سياسي ٿي وئي، سياسي طور هُو هر  ڪنهن وٽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، ان جو واحد سبب سندس روحاني شخصيت ۽ خلق سان پيار هو. منهنجي مخدوم امين فهيم سان صرف هڪ ملاقات نوشهرو فيروز جي پيرن واري بنگلي تي ٿي هئي، مون صحافي هجڻ ڪري حُجت ۾ مخدوم امين فهيم سان سوال پئي ڪيا ته منهنجي ان سوال ۾ مخدوم صاحب جو فلسفي واري انداز سان ۽ شعر چئي جواب ڏيڻ واري ڪچهري ڄڻ شهرين کي به مجبور ڪيو ته اهي ان ڪچهريءَ ۾ شامل ٿين، پوءِ اها سوالن جوابن واري نشست نوشهرو فيروز  جي شهرين لاءِ ڄڻ هڪ ڪچهريءَ ۾ تبديل ٿي وئي، هر ڪنهن ماڻهوءَ مخدوم امين فهيم کان پئي سوال ڪيا ۽ مخدوم صاحب جو هر جواب وڏي معنى پيو رکي، جنهن ۾ ان ڪچهريءَ کان وٺي سندس وڇوڙي واري ڏينهن تائين ڪابه تلخي نظر نه آئي ۽ ڪڏهن به مون کي هن شخصيت ۾ ڪاوڙ نظر  نه آئي. مختلف ٽي.وي چئنلن تي کانئس تلخ سوال به ٿيندا رهيا، جنهن ۾ وڏا وڏا سياستدان، سوالن تي جذباتي ٿي ويندا آهن، پر مخدوم امين فهيم جي زبان تي ڪڏهن به گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ جذبات نظر نه آئي.

هُو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي آخري دم تائين پيپلز پارٽيءَ سان سچو ۽ وفادار رهيو، 1983ع ۾ جنرل ضياء جي بدترين آمريت ۾ به هن جدوجهد ڪئي، پارٽي قيادت جلاوطن ٿيڻ ڪري هن ٻه دفعا پارٽي سربراهي سنڀالي. آمر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ جڏهن حيدرآباد کي ٽوڙي مٽياري ضلعو بڻايو ويو، اها ٽوڙ ڦوڙ به اصل ۾ مخدومن کي ٽوڙڻ هو، پر عوام جو ناتو کانئن نه ٽُٽو۽ هڪ وڏي گادي هجڻ سان گڏوگڏ نه رڳو پيپلز پارٽيءَ وارا پر مخالف به سندن مريد هئا، تنهنڪري مخدوم امين فهيم ۾ وڏ ماڻهپي واريون خوبيون هيون، تازو لنڊن مان جڏهن نهايت ضعيف حالت ۾ کيس ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ آندو ويو، اتي به سڀ کان پهريون مخدوم امين فهيم سان ملاقات لاءِ پير صاحب پاڳارو پهتو، اهو وڏن جو ناتو، اها اٿ ويهه، اهو رت جو رشتو هو، جيڪو سياسي اختلافن باوجود پير پاڳاري ۽ مخدومن کي جدا ڪري نه سگهيو آهي.

سنڌ جي ڌرتي ۽ ان تي رهندڙ سڀ پيار ۽ محبت وارا ماڻهو آهن، انهن جو رشتو پاڻ ۾ انسانيت وارو آهي، سياسي اختلاف خونريزي به اختيار ڪري ويندا آهن، پر هتان جي وڏ ماڻهپي رکندڙ ماڻهن انهن سياسي اختلافن باوجود پاڻ ۾ پيار ۽ محبت وارو جذبو برقرار رکيو آهي. اهو حقيقت ۾ هالن وارن مخدومن سان عقيدن جو به جذبو هو.

مخدوم امين فهيم کي جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ به وزارت عظمى جون آڇون مليون، پر انهن سڀني آڇن کي هن ٺڪرائي ڇڏيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين شهيد محترمه بينظير ڀٽي سان نڀايو.

اڄ هُو اسان ۾ ناهي ۽ موت جي سفر تي روانو ٿي  ويو آهي، پر ان باوجود نه رڳو پيپلز پارٽي  پر سندن مخالفن جي زبانن تي به آواز آهي ته مخدوم نهايت سيبتو، سچو ۽ هڏ ڏوکي ماڻهو هو. سندس مريدن کان سواءِ عوام سان نينهن جو ناتو رهيو. اڄ سندس موت تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي.

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن تي ڪاميابيءَ جا جشن، اهي پيپلز پارٽي وارن جا هجن يا پيپلز پارٽيءَ جي مخالفن جا، ملتوي ٿي ويا آهن هر طرف سوڳواري آهي، هر زبان تي مخدوم امين فهيم
جي شخصيت تي ڳالهه هلي پئي. مخدوم صاحب ۾ اهي ئي خوبيون هيون جيڪي مون مٿي ٻُڌايون. هُو سڀني جو يار هو. اڄ سندس وڇوڙي تي سندس سياسي مخالف به اشڪبار آهن ته واقعي امين فهيم املهه ماڻهو هو.

غزل

مون گهڻئي راهون ڏٺيون پر التجا پوري نه ٿي،

بره جي بيمار جي آخر دوا پوري نه ٿي.

 

واٽ تنهنجي تي اَهيان، تنهنجو ئي آهي انتظار،

ڏينهن گذري ويا گهڻا پر مدّعا پوري نه ٿي.

 

مون ڪيو تنهنجي ملڻ جو پئي تصّور دلربا،

جا رِٿي مون ڳالهه دل ۾ دلربا پوري نه ٿي.

 

هن جون سختيون ۽ ستم سڀ صبر سان سهندو رهيس،

دل جلي ويئي مگر جورو جفا پوري نه ٿي.

 

منهنجي آهي عشقِ ڪامل جو اهو ڪافي ثبوت،

بيوفائيءَ کي ڏسي منهنجي وفا پوري نه ٿي

 

مون ته سمجهيو ٿي ته مون وٽ اڄ هلي ايندين عجيب،

آرزو اهڙي مگر اي مھ لقا! پوري نه ٿي

 

ٻيا سوالي ڪو نه ٿو خالي ڇڏين سهڻا مگر،

اڄ فقط تنهنجي گداگر جي صدا پوري نه ٿي.

 

نيم بسمل آخري دم تي چيو روئي ”امين“،

منهنجي قاتل جي اڃا شايد رضا پوري نه ٿي.

 

مخدوم محمد امين ’فهيم‘

 11

مئي 1954ع

هالا

 

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي ياد ۾

 

رشيد سومرو

 

هالا جي سڀاڳي سرزمين تان جنم وٺندڙ ڪروڙين ماڻهن جي دلين جي محبتن جو ديوتا پاڪستان جي سياسي افق جو عظيم ستارو مخدوم امين فهيم اسان سڀني کي هميشه لاءِ الوداع چئي ابد جي گهري ننڊ ۾ سمهي هن ڌرتيءَ جي ڪروڙين انسانن جي سينن کي پنهنجي جدائيءَ جو گهاءُ ڏيئي ڏکارو بڻائي هليو ويو.

مخدوم امين فهيم جي شخصيت ۽ ڪردار پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ گهڻن ماڻهن لاءِ مشعل راهه هو. هن جي پنجاهه سالن واري سياسي جدوجهد ۾ هن کي جيڪو سياسي رتبو ۽ مقام مليو سو هر ڪنهن جي حصي ۾ ڪونه ٿو اچي. هميشه محبتن جي ورکا ڪندڙ ۽ ڌيمي لهجي ۾ گفتگو ڪندڙ امين فهيم سروري جماعت جو روحاني پيشوا هئڻ سان گڏ بلند پايه جو شاعر پڻ هو، هن جي ڪردار ۽ طالب المولى جهڙي سنجيدگي  ۽ مخدوم نوح جهڙي نوڙت هئڻ سبب هن جا سياسي مخالف به هن جي اڻڌري ڪردار ۽ اعلى ظرف شخصيت جا معترف  هئا. مخدوم امين فهيم جي پوري زندگي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان گڏ گذري. خاص ڪري محترمه بينظير ڀٽو  جي 9 ساله جلاوطني دوران هن عظيم انسان پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيڪا ڪمان ڪئي سا تاريخ جو هڪ اڻ وسرندڙ باب آهي. مخدوم امين فهيم کي مختلف دورن ۾ وزير اعظم بڻجڻ جون آڇون ٿينديون رهيون، پر هن مرد مجاهد انهن سڀني آڇن کي ٺڪرائي جهڙي طرح پي. پي سان پنهنجو نينهن  جو ناتو نڀايو سو به پنهنجو مثال پاڻ آهي.

فرد جنم وٺندا آهن ته مرندا به آهن، پر مخدوم امين فهيم جهڙن صوفي، انسان دوست ۽ فقير منش انسان لاءِ ڌرتي جو هر فرد اشڪبار هوندو آهي، اڄ هُو اسان ۾ موجود نه آهي، اڄ هالا جون گهٽيون ويران آهن. ٿر جو صحرا پُراسرار خاموشيءَ ۾ آهي ۽ هن جي لکين مريدن سنڌ جي ڪروڙين انسان جون اکيون لُڙڪن سان ٽمٽار آهن. ڌرتيءَ تي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا فرد به جنم وٺندا آهن. جن تي نه صرف ڌرتي فخر ڪندي آهي، تاريخ به اهڙن انسانن کي پاڻ ۾ سهيڙڻ وقت روئي ڏيندي آهي. ڇو ته مخدوم امين فهيم  جهڙا انسان صدين ۾ جنم وٺندا آهن ۽ اهڙن انسان جي وڇوڙي تي جيڪو سياسي سماجي خال پيدا ٿيندو آهي سو صدين تائين ڀرجي نه سگهندو آهي.

منهنجي خيال ۾ مخدوم امين فهيم جي سياسي بصيرت ۽ ان جي سياسي قد جهڙو موجوده دور ۾ ٻيو ڪو اڳواڻ نه ملندو، ان جا گهڻائي سبب آهن، پر ان جو مُک سبب اهو آهي ته مخدوم فهيم  پنهنجن کان  وڌيڪ مخالفن ۾ مقبول هو، هن جي ذات ڪردار ۽ عمل مان هميشه محبت جو درس مليو، خلوص جي پرچار ٿي ۽ انسانيت کي فيض مليو جيڪو شايد هر ڪنهن جي حصي ۾ نه ٿو اچي.

هن کي روحاني طور هڪ مسيحا جهڙي حيثيت حاصل هئي. هُو پنهنجن مريدن ۽ عقيدتمندن ۾ تمام گهڻو مقبول هو جو مخدوم صاحب جي هالا آمد جو ٻڌي هن جا هزارين مريد پيرين پنڌ پنهنجي مرشد جو ديدار ڪرڻ لاءِ مخدوم هائوس هالا اڳيان قطارون ڪري بيهي رهندا هئا. مخدوم امين شائسته زبان، ٿڌي مزاج ۽ خاموش طبع وارو انسان هو، هن نه صرف پنهنجن مريدن کي روحاني فيض ڏنو، پر هن پاڪستان جي متنازعه سياست ۾ هڪ اهڙو دليراڻو  ۽ باوقار ڪردار ادا ڪيو جو پرويز مشرف جهڙا جرنيل به هن وٽ لڙي ايندا هئا.

مخدوم امين فهيم جي زندگي$ جا پويان ڪجهه سال ڏاڍا اهم رهيا. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پيپلز پارٽي$ ۾ هئڻ جي باوجود هُو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو، شايد ان ڳالهه هن جي دل تي گهرا اثر ڇڏيا. هُو پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽريءَ جو صدر هئڻ جي باوجود پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو، شايد پيپلز پارٽيءَ جي هاڻوڪي قيادت مخدوم صاحب جي ان ڪرب کي محسوس ڪيو هجي، پر ان ڪرب جي خاتمي لاءِ شايد ڪي اپاءَ نه ورتا ويا.

هيءُ گلن جهڙو معصوم انسان، انسانيت جو سفير هو، هن جي ذات مان هميشه ٻين کي فيض مليو. هن کي 50  سال سياست کي ارپڻ ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد ڪرڻ جي باوجود هن کي ڪوبه سياسي فيض نه مليو ان جي باوجود هن شريف النفس انسان جي زبان مان ڪڏهن به شڪوه يا شڪايت جي اف به نه ٻڌي وئي.

”اهڙا ٻچا اڄ به ڄڻين اڪثر امڙيون مهراڻ جون.“ ڀلي مخدوم امين’فهيم  اسان ۾ نه هجي، پر هن جي ڏسيل واٽ، هن جو ڏنل درس ۽ هن جي سياسي جدوجهد جو لازوال  ڪردار سدائين سنڌ واسين جي دلين ۽ روحن ۾ رهندو ڇو ته فرد مري سگهن ٿا، پر ڪردار زندهه رهن ٿا. Men dies but deeds remain (Lord selusberry) جڏهن سياري جون سرد شامون ٿينديون، جڏهن اُتر جا واءَ ورندا جڏهن سرنهن پيلا گل جهليندي  ته اُن رَتُ ۾ مخدوم امين فهيم جون ساروڻيون روحن کي گرمائينديون ۽ مخدوم نوح جي اڱڻ ۾ هزارين عاشقِ نوح لڙڪ لاڙيندا ۽ وحدت ۽ ڪثرت جو ورد ڪندا ته ان مهل اهو شخص عڪس جيان سنڌ واسين جي دلين تي اڀري ايندو ۽ انهن جي روحن کي پنهنجي ڏنل محبت سان گرمائيندو. لطيف ۽ مخدوم نوح جهڙن بزرگن جي اڱڻن ۾ نپيل مخدوم امين فهيم جون ساروڻيون انهن درگاهن جي فقيرن  جي زبانن مان نڪتل سُرن مان جڏهن نڪرنديون ته روح رنڃيندا ٿيندا، اکيون اشڪبار ٿينديون، دلين جون ڌڙڪنون تيز ٿينديون ۽ هر زبان تان اها صدا ٿيندي: اي مخدوم امين الوداع! اي سائين الوداع!

جو ہو سکی تو میری روح سما جا۔

دل و نگاہ کی رشتی تو ٹوٹ جاتے ہیں۔

 

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جو وڇوڙو

 

رحيم ڀٽي

 

پيپلز پارٽيءَ جي سربراهه ۽ سروري جماعت جي 18 روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم جي لاڏاڻي جي خبر، سنڌ جي عوام جي مٿان ڪنهن وڄ جيان ڪڙڪي پئي. سندس لاڏاڻي جي خبر تي سنڌ جا ڪيترائي شهر سوڳ ۾ بند ٿي ويا.

مخدوم امين فهيم 4- آگسٽ 1939ع  تي هالا ۾ جنم ورتو مخدوم امين فهيم پنهنجي 45 سالن جي ڪيريئر ۾ 7 ڀيرا قومي اسيمبلي ۽ هڪ ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو، هو 2 ڀيرا وفاقي وزير پڻ رهيو، مخدوم امين فهيم کي مشرف جي آمراڻي دور ۾ وزير اعظم ٿيڻ جي پڻ آڇ ڪئي وئي جيڪا مخدوم امين فهيم ٿڏي ڇڏي هئي، مخدوم امين فهيم پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به اليڪشن جي ميدان ۾ هار نه کاڏي بلڪه هر ڀيري اليڪشن ۾ سوڀارو ٿيندو آيو، مخدوم امين فهيم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي هن وقت تائين پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل رهيو، مخدوم امين فهيم ڪجهه عرصو اڳ بلڊ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب لنڊن ۽ دبئي ۾ علاج هيٺ رهيو، پر کيس ذاتي خواهش تي 26- آڪٽوبر تي پرڏيهه مان ڏيهه آڻي ڪراچيءَ جي هڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ علاج هيٺ رکيو ويو، جتي ڪالهه هو لاڏاڻ ڪري ويو، مخدوم امين فهيم جي لاڏاڻو جي خبر تي پيپلز پارٽي ۽ سروري جماعت جا انيڪ اڳواڻ ۽ عقيدتمند هالا تدفين لاءِ پهچي ويا، مخدوم امين فهيم جي تدفين هالا جي درگاهه نوح سرور ۾ سندس والد مخدوم طالب المولى جي پر۾ ڪئي وئي، جتي هر پاسي سوڳ ۽ هر اک آلي نظر آئي. اوڇنگارون ڏيندڙ نظريون هر طرف غم جون گهٽائون نظر آيون.

ڌرتيءَ جي گولي تي انهن عظيم انسانن کي هميشه هميشه جي لاءِ دلين ۽ تاريخ جي سونهري ورقن ۾ ياد ڪيو ٿو وڃي جن پنهنجي سموري حياتي انسان ذات جي ڀلائي ۽ انهن جي خدمت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هجي. جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشري ۾ اک ڦيرائينداسين ته اسان کي اهڙا انسان جيڪي انسان ذات جي خدمت جو جذبو رکندا هجن سي تمام گهٽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نظرا ايندا، باقي ته هر طرف انسان کي ايذائيندڙ ۽ رنجائيندڙ اسان کي پنهنجي معاشري ۾ هر ڳلي هر چوواٽي تي اڻڳڻيا ماڻهو نظر ايندا. اسان جي معاشري ۾ پاڻ خاطر جيئڻ ته هر ڪو چاهيندو آهي، پر ٻين جي لاءِ جيئڻ جو اڄڪلهه ڪنهن به گهڻي ڀاڱي  سوچڻ جو به وقت نظر نٿو اچي جڏهن ته حقيقت انسانيت جو درس به اهو آهي ته ٻين لاءِ جيئجي.

مخدوم امين فهيم جي وڇوڙي وارو خال سچ ته ڀرجڻ ناممڪن آهي. مخدوم امين فهيم
پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي سنڌ جي عوام لاءِ ڪوششون ۽ خدمتون ڪيون سچ ته سي سموريون ساراهه جوڳيون آهن، مخدوم امين فهيم جون عوام جي لاءِ ڪيل خدمتون هميشه هميشه عوام جي دلين ۾ زندهه رهڻيون آهن. مخدوم امين فهيم جي وڇوڙي کي سنڌ جو عوام ڪڏهن به وساري نٿو سگهي

 

سياست ۾ اصول پرستيءَ جو مثال

مخدوم محمد امين ’فهيم‘

 

حاجي گل حسن آريسر

اڄ هتي هڪ اهڙي اصول پرست خانداني سياستدان ۽ هڪ وڏي روحاني جماعت جي جيڪا حضرت سرور نوحرحه جي نالي پويان سروري جماعت سڏائيندڙ، جنهن جا سنڌ ۽ هنڌ ۾ لکين مريد ۽ عقيدتمند آهن، ان جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم  مرحوم هي شفاف ڪردار جا ڪجهه لفظ لکڻ لاءِ قلم مجبور ڪيو آهي. مخدوم صاحب جنهن درگاهه جي سجاده نشين سندس والد بزرگوار محمد زمان طالب المولىرحه جي لاڏاڻي بعد پاڻ سجاده نشين بڻيا، حالانڪه هن درگاهه سرور نوح ”رحه“ جون رحمتون هند- سنڌ ۾ مشهور آهن، سرور نوح رحمت الله عليہ درويش ڪرامت جو ڌڻي هو، اهڙي گاديءَ کي سياست ۾ اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، جيڪو اڄوڪي دور ۾ سياست معنى ڪوڙ  ۽ دولاب تصور ڪيو وڃي ٿو، پر انهن ڦرڻ گهرڻن لوٽن سياستدانن هٿان سندن مريدن جا ڪم نه ٿيڻ ڪري مريدن ۽ معتقدن جي اسرار تي هن سياست ۾ پِيرن جي روحاني پيشوائن مان پهرين هن گادي جا مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“ جن سياست ۾ آيا، هر اليڪشن ۾ پاڻ ڪاميابي ماڻيندا رهيا، پر ان سان گڏ پاڻ اديب دانشور ۽ صحافي حضرات جو گهڻو قدر ڪندا هئا، درگاهه ۾ ان طبقي جي ماڻهن سان ميلا متل هوندا هئا، پر جڏهن ملڪ اندر يا ٻاهر يا مريدن جي دعوتن تي اسهندا هئا ته هن طبقي جي ماڻهن سان ويجهي لڳاءُ هئڻ سبب ڪچهري ڪري خوش ٿيندا هئا.

ٿر جي ماروئڙن سان طالب الموليٰ جي وڏي محبت هئي، وسڪاري جي موسم ۾ پاڻ ٿر جي ڀٽن تي وڃي دورو ڪري اتي ويهي ماروئڙن سان ڪچهري ڪندا هئا، ٿر جون اهي ڀٽون نيو ڇور کان جالو چونئري درميان اڄ جي لحاظ سان ڪچهري واريون ڀٽون طالب المولى جي ياد تازا ڪري  رهيون آهن. مون کي ياد  آهي ته مخدوم محمد زمان طالب المولى پاڻ کي حياتيءَ جو آخري عشرو ڄاڻائيندي ٿر جو آخري دورو ڪيو هو. طبيعت به گهڻي قدر درست ڪونه هئي، دعوتن ۽ دوري جي اختتام تي هاڻوڪي صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه جي دعوت تي ڏينهن جو 00: 11 وڳي ڌارين کاروڙو سيد پهتو، مرحوم مخدوم امين فهيم به ساڻس گڏ هئا، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پاڻ کي ادبي يارن کان تنها سمجهندي سيد علي مردان شاهه کي هڪل ڪري چيو ته منهنجا يار قلم ڪار ڪٿي آهن، جنهن تي سائين علي مردان شاهه هڪدم سندس گاڏيون موڪلي عمر ڪوٽ مان صحافي آڻي ڪري مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ڪچهري ۾ پهچايا، پاڻ ناچاڪ هئڻ باوجود به اٿي ويٺو ۽ صحافين سان کلي ڪچهري ڪئي ۽ ڪجهه شعر به ٻڌايا، حالانڪي مخدوم امين فهيم چيو ته بابا جي طبيعت درست نه آهي ڳالهائڻ لاءِ ڊاڪٽر جي بندش آهي، پر پوءِ به اهو ويٺو آهي ڪچهري ڪري اسان کي گفتا ٻڌائي رهيو آهي، ماڻهو ته وڃي ٿو هليو، پر ان جو ڪردار باقي رهي ٿو، ماشاء الله طالب المولى جي موڪلاڻي ادبي ۽ صحافتي طبقي لاءِ هڪ وڏو خال هئي، پر مخدوم امين فهيم جي دستاربندي بعد ان تي هڪ رهنڊ  به اچڻ نه ڏني.

مخدوم امين فهيم جو شمار والد بزرگوار مخدوم محمد زمان طالب المولى وانگر پيپلزپارٽيءَ جي وائيس چيئرمين شپ کان وٺي پارٽيءَ جي پارليامينٽيرين صدارت تائين ۽ باني اڳواڻن ۾ رهيو، پيپلز پارٽي جي باني قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سن 1968ع ۾ هالا ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولى سان گڏ ويهي پيپلز پارٽي جو اعلان ڪيو، پيپلز پارٽي هالا کان ئي وجود ۾ آئي، جيڪا سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي ويئي ۽ ملڪي پارٽي ٿي اڀري، اهو ڪردار مخدوم طالب المولى جو هو، بعد ۾ مخدوم امين فهيم شهيد بينظير ڀٽو سان ڪيڏو سچو رهيو، وزارت اعظمى تائين مخالفن جون سموريون آڇون به ٺڪرائي ڇڏيون ۽ آخري دم تائين شهيد بينظير ڀٽو جو ساٿي ٿي رهيو ۽ پارٽيءَ لاءِ پنهنجون وفائون جاري رکيون، شهيد محترمه بعد زرداري دور ۾ لاها چاڙا به آيا، پر هن صابرين انسان صبر جودامن هٿان ڪونه ڇڏيو، کين پارٽيءَ جي وفادار اڳواڻ هئڻ جي حيثيت مان جيڪو ڪجهه هن کي ملڻو هو، سو نه مليو، هن جي اصول پرستي ان مان ثابت آهي ته هن پنهنجي والد بزرگوار  طرفان بنايل پارٽي جو ساٿ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو،  هي صابرين انسان صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندي پارٽيءَ ۾ به دستور موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ اهڙي طريقي سان پنهنجو وارو وڄائي ويو، اصول پرستي جي سياست هميشه لاءِ هن ملڪ لاءِ ڇڏي ويو، اڄ جي سياستدانن وانگر ڪونه هو جو هڪ دفعو هڪ پارٽي ۾ ته ٻئي پاسي ٻي پارٽي جو سلامي، اهو مخدوم امين فهيم
صاحب اڄڪلهه جي سياستدانن لاءِ هڪ پختو سبق ڇڏي ويو آهي.

مخدوم امين فهيم گذريل سال عمر ڪوٽ لڳ کاروڙو چارڻ ۾ محمد عظيم ڪنڀر جي دعوت تي پهتو هو، اتي سندس والد بزرگوار جي نالي هڪ لائبريري قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جو افتتاح مخدوم امين فهيم پنهنجي هٿن سان ڪيو ۽ بعد ۾ عمر ڪوٽ پهتو، جتي عمرڪوٽ جا تاريخي هنڌ پراڻو قلعو، عجائب گهر، اڪبر اعظم جي جنم ڀومي، مومل جي محل جو ڀڙو، جتي ڀر ۾ هينئر مومل ريسٽ هائوس قائم آهي، اهي هنڌ گهمي ڏٺا، بعد ۾ سندس فرزند مخدوم عقيل الزمان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ وٽ آيا ۽ ٻئي ڏينهن هالا روانا ٿي ويا. درحقيقت مخدوم امين فهيم جو شهيد محترمه سان ٻانهن ٻيلي رهيو ۽ جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، جيڪي ملڪي تاريخي ۾ ياد رهنديون ۽ وساري ڪونه ٿيون سگهجن. سياست سان گڏ انتهائي عاشق مزاج ۽ حليم طبيعت جو مالڪ هو، جنهن جو انداز بخوبي سندس هن شعر ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته:

عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي،

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،

هي خطا بارها ڪري ڏسبي،

جي حياتي وفا ڪئي فهيم،

ته عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.

مرحوم ته پنهنجو وارو وڄائي آزادي ۽ جمهوريت جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري هليو ويو، هاڻي ان جو سارو دارومدار سندس جانشين مخدوم جميل الزمان صاحب تي آهي ته هو ڇاٿو ڪري ۽ سروري جماعت کي ڪهڙي رخ تي وٺي وڃي ٿو.

 

 صبر جي دامن جا گذاريل ڏينهن

 

 

 

 

 

 

خادم سروري

مخدوم  محمد امين فهيم نالو زبان تي اچڻ سان اخلاق، ادب، شرافت ۽ صبر جا جبل جيڏا مثال ذهن ۾ تصور ۾ اچي ويندا. برصغير جي عظيم روحاني هستي، وقت جي مجدد غوث الحق مخدوم لطف الله المعروف مخدوم سرور نوح رحمة الله عليہ جن جي درگاهه عاليه جي 17 سجاده سنڌ جي ناليواري شاعر سنڌي ادب جي روح روان مخدوم محمد الزمان ”فقير طالب الموليٰ“ سائينءَ جن جي گهر 4- آگسٽ 1939ع ۾ جنم وٺندڙ نازڪ ۽ نفيس شاعر، عظيم سياستدان سروري جماعت جي 18 روحاني پيشوا قبله مخدوم محمد امين فهيم جن شاعريءَ جي ننگر ۾ ”امين“ ۽ ”فهيم“ جي تخلص سان سڃاتا ويا. فقيري طبعيت جي حساس شاعر محمد امين فهيم جن کي شاعري ورثي ۾ مليل هئي. قبله طالب الموليٰ جن جا ”ڏاڏا سائين“ 1953ع کان شاعريءَ جي حساس پيچرن تي سفر ڪندي سنڌي شاعريءَ کي دل کي ڇُهندڙ ۽ شاهڪار غزل ڏنا.

نظر فريب نظارن وڏو فريب ڏنو.

****

آرزو بيڪار ٿي زندگي بيڪار ٿي.

جهڙا هزارين انمول غزل ارپيندڙ مخدوم محمد امين فهيم پنهنجي ادب، اخلاق درياءَ دلي ۾ محبتن سان لکين انسانن کي پنهنجي پيار ۾ قابو ڪيو، هر ماڻهو کيس پاڪستان جو معتبر ترين شخص سمجهندو هو، سنڌي شاعريءَ کي پنهنجي جواني ارپيندڙ مخدوم محمد امين فهيم 1990ع ۾ پنهنجو پهريون شعري مجموعو پيغام جي صورت ۾ ڏنو. هُو محبتن جو امين هو، جنهن سدائين امن ۽ شانتيءَ جو درس ڏنو، قبله سائين جن پنهنجي شائستگي ۽ گفتار جو اهڙو مثال قائم ڪيو، جو وڏا وڏا اڪابر ۽ اديب به سندن سامهون دنگ رهجي ويندا هئا. سياست کي شاعري جيان اپنائڻ وارو ماٺيڻي طبعيت جو ’امين‘ سياستدان پنهنجي سٻاجهائپ سان پنهنجي مخالفن جون پٿر ٿي ويل دليون به ڳاري ڇڏيندو هو. سياست ۾ غير متنازعه شخصيت طور سڃاپجندڙ مخدوم محمد امين فهيم 1970ع کان باقاعده سياست جو آغاز پاڪستان پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان ڪيو. وفا ۽ بردباريءَ جو اهو ڊگهو پنڌ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي کان شروع ٿيو ۽ بلاول ڀُٽي زرداري تائين شهيد ڀُٽو ۽ شهيد بينظير جي امانت پهچائي سياست ۾ لازوال مثال قائم ڪيو.

پنهنجي سياست ۾ ناقابلِ شڪست رهندڙ هيءُ ارڏو سياستدان ٻه دفعا صوبائي ۽ ست دفعا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهي قومي رڪارڊ قائم ڪيو. وفا جي هن علمبردار شخصيت جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت، ايم.آر.ڊي تحريڪ، محترمه جي جلاوطنيءَ دوران ايم.آر.ڊي هلچل ۾ محترمه بينظير جي شهادت کان پوءِ وارين حالتن ۾ پارٽيءَ کي اڪيلو نه ڇڏيو، جيڪو وچن قائدِ عوام سان ڪيو ساهه جي آخري لمحي تائين پارٽيءَ سان نباهي پاڪستان جي سياست ۾ پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو، سندس سياست ۾ شرافت، صبر ۽ بردباريءَ جو مثال پوري دنيا ۾ نٿو ملي. صوفيائي طبعيت رکندڙ انسان کي سياست جهڙي بيوفا ۽ بيرحم بلا اڻ ڳڻيون تڪليفون ڏنيون ۽ پڻ پنهنجي پارٽيءَ طرفان تلخ تجربا پڻ ڪيا ويا، اهي سڀ گهاءُ دل ۾ رکي صبر ۽ پارٽيءَ سان وفا جو پانڌ هرگز نه وڃڻ ڏنو، سندن ئي سِٽن جيئن:

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،

هيءَ خطا بارها ڪري  ڏسبي.

دوکيباز سياست کي پنهنجي حياتي ارپيندڙ قبله مخدوم محمد امين فهيمرحه جمهوريت لاءِ عظيم قربانيون ڏيئي پارٽيءَ سان وفا جي دنيا جي سياست تي پنهنجي الڳ ڇاپ ڇڏي آهي، توڻي جو پيپلز پارٽي جي ڪجهه هاڻوڪن اڳواڻن طرفان ايذاءُ ڏنا ويا ۽ نظرانداز ڪيو ويو. پوءِ به قبله سائين جن صبر جا رهيل ٻه ڏينهن گذرڻ جو انتظار ڪيائون، پر صبر جو دامن داغدار نه ڪيائون، سندن ئي مقبول غزل جيئن:

خزان ۾ خوش ٿيا بهارن جو انتظار ڪبو،

نه فرط غم کان سيني کي تار تار نه ڪبو،

ٻه ڏينهن گذري ويا ٻه ڏينهن گذري ويندا فهيم،

صبر جي دامن کي داغدار نه ڪبو.

سروري جماعت جي لکين چاهيندڙن مريدن، سنڌي ادب ۽ پاڪستاني سياست کي هميشه لاءِ الوداع چئي اڄ نومبر جي اُداس صبح جو اَبدي آرامي ٿيا. خالق حقيقي سان مليا، سندن پهرين ورسيءَ تي الله سائين کان دعاڳو آهيون ته رب العزت قبله محمد امين سائين جن جي قبر مبارڪ تي ڪروڙين رحمتون وسائي، قبله جميل الزمان سائين جن کي ڊگهي ڄمار عطا فرمائي ۽ سروري جماعت کي تاقيامت آباد رکي آمين.

درد فرقت ڪيو بيحال خدا خير ڪري،

هي به سڪندي ويو لنگهي سال خدا خير ڪري،

يادگيري نه ڪئي يار ”امين“ ڪهڙي سبب،

اڄ به نه ڪو آيو احوال خدا خير ڪري.

 

غزل

منهنجي ته خوشي تو سوا منٽن ۾ هلي وئي،

دل جي به صدا دل جي ئي ڌڙڪن ۾ هلي وئي.

 

توسان نه اگر وقت تي منهنجو ڪو ملڻ ٿيو،

منهنجي سا مٺا هر گهڙي دردن ۾ هلي وئي.

 

منهنجي ٿي وئي ڇا جي ڪري تو سان محبّت،

ڇا کان هي سڄي زندگي صدمن ۾ هلي وئي.

 

بلبل جي خوشي آهي بهارن ۾ هميشه،

اڄ بادِ خزان ڇو ڀلا گلشن ۾ هلي وئي.

 

هڪ ڏينهن ڪيم دانهن ”امين“ جوش جنون مان،

سا منهنجي صدا تير ٿي سهڻن ۾ هلي وئي.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘

 8آڪٽوبر 1953ع

گهڻ رُخي شخصيت مخدوم امين فهيم

 

قائم سولنگي

10 هين صديءَ جي مجدد حضرت مخدوم سرور نوح رحه جي گادي نو لکي گودڙي جي گلدستي سروري جماعت جو 18 هون پڳدار ۽ ناقابل شڪست سياستدان مخدوم امين فهيم به رحلت فرمائي راهه رباني ڏانهن راهي ٿيو. اِنالله واِنا اِليہ راجعون.

زندگيءَ جون 76 بهاريون ماڻيندڙ هن قدآور شخصيت جي گفتگو ۾ شائستگي، تحمل مزاجي، ماڻهن سان خنده پيشاني ۽ خوش خلقيءَ سان پيش ايندڙ، صاحبِ مروت صاحبِ تهذيب، صاحب، خرد مندي، سخنور ۽ بلند پايهء شاعر مخدوم امين فهيم، سياسي توڙي زندگيءَ جي معاملن ۾ درگذر ڪرڻ جو هنر سعدي جي هن شعر موجب خوب ڄاڻندا هئا ته:

آسايش دوگيتي تغير اين دو حرف ست،

بادستــــــــان مــــــــروت بادشمنان مــــــــدارا.

پاڻ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو اڻٽٽ حصو رهيو، ۽ ان سان سئو  پيسا سچو رهي، هميشه ڀٽو خاندان سان سر بازار مي رقصم جي انداز سان نڀايائين. هن پارٽيون مٽائڻ کي، سون تي سيڻ مٽائڻ جو مهڻو ٿي سمجهيو. گفتگو ۾ انڪساري اختيار ڪندو هو. مخدوم امين فهيم عرف ڏاڏا سائين بلند اخلاقيءَ جي سونهن سبب ماڻهو سندس گهڻي تعظيم ڪندا هئا. کانئس هڪ محفل ۾ ٻڌو ويو ته، جنهن انسان ۾ سهپ ناهي، ان ۾ ماڻهپو ڪونهي. اهڙي شخص جو سياسي ورچي ٿي بيهڻ اعتبار جوڳو نه هوندو. مخدوم صاحب تي قسمت جي ديوي مهربان رهي ۽ پاڻ ٽن آمريتن خلاف سياسي ويڙهه ۾ ميدان تي ثابت قدم رهيو ۽ جڏهن جنرل ضياءَ توڙي جنرل مشرف سياسي دوڪان کولي ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي بازار سجائي، هوڪو ڏنو، ته اهو امين فهيم ئي هو،  جنهن وڪامڻ کان انڪار ڪيو ۽ سياسي طور روزو نه ڀڳائين. سندس ئي شعر جي سٽ ته:

”ٿيندو رهيس پراڻو، محبت ڪري ڪري“

سنڌ جا ڪي درگاهي  پير اڪثر ڪري ناپسنديده ۽ غير مهذب شوق پيا ڪندا آهن، پر اهڙي ماحول ۾ مخدوم امين فهيم سٺا دوست، وفادار، عقيدتمند، مخلص ڪارڪن ۽ سريلا فنڪار پاليا ۽ انهن جي سرپرستي پئي ڪئي. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ جڏهن سياسي يتيمن جي لوڌ اسيمبلين ۾ پهتي، تڏهن به مخدوم صاحب انهيءَ وهندڙ گنگا کان پنهنجو پاند بچايو. سندس دستاربندي وقت خطا ۾ هي يادگار جملا هئا ته ”اڄوڪي ڏينهن جي مونکي ڪڏهن به خواهش نه رهي، منهنجا ڀائر بازو آهن ۽ منهنجو اولاد منهنجو مددگار آهي. منهنجو اولين فرض رهندو ته، آءٌ سروري جماعت جي خدمت ڪريان. آءٌ چاهيندس ته، اگر ڪنهن جو پاڻ ۾ اختلاف هجي ته، درگذر ڪن. دنيا ۾ رهڻو آهي ته، دنياداريءَ کي به ڏسڻو آهي. آءٌ چاهيان ٿو ته هالا شهر ۾ هڪ اعلى درجي جي اسپتال هجي، جتي ڪڊني ۽ دل جي بيمارين جو به علاج ٿئي، دعا آهي ته سروري جماعت قرب ۽ عزت سان زندگي گذاري.

راقم الحروف کي سندس زيارت هيئن ٿي ته ٽنڊو آدم ۾ مرحوم محمد شريف ورياهه جي بنگلي تي 1970ع ڌاري مخدوم امين فهيم جن تشريف فرما ٿيا هئا. آءٌ شاهه عبداللطيف هاءِ اسڪول مان موٽندي اهو ميڙاڪو ڏسڻ پهتس. مزدور ليڊر عبدالرزاق سومرو جي هٿ ۾ ننڍڙو مائيڪ هو. استقبالي ڪارڪنن سان بيهي مخدوم صاحب جن جي وضعدار ۽ خوش لباس شخصيت کي ڏٺوسين. ائين 75-1974ع ۾ هوسڙي ويا حيدرآباد ۾ استاد شاعر پروفيسر محبوب سروري وٽ مشاعري جي مجلس ۾ پاڻ صدارت ڪندي پنهنجي شاعري پڙهي هئائون. جتي کين قريب سان پسڻ جو موقعو مليو. اهڙي طرح 1978ع پٿورو ۾ ماهر تعليم ولي سروري وٽ منزل انداز ٿيا هئا ۽ اتي عاشق حسين شورو وٽ به چانهه جي دعوت قبول ڪئي هئائون. ميرپور خاص مان آءٌ ۽ ڊاڪٽر يار محمد جنجهي انهيءَ رهاڻ ۾ شرڪت ڪري سرفراز ٿيا هئاسين.

هڪ شانائتي ڪچهري کاڻي وايا کپرو لڳ ۾ صوفي شاعر منٺار فقير جي ياد ۾، فقير ولي بخش ۽ سرفراز راڄڙ جن جي ميزباني ۾ هئي، جناب مخدوم امين فهيم ان خاص مهمان هئا. راڳ رهاڻ ۾ يڪتاري پوئي فنڪار قادر بخش ڪهيريءَ مشهور ڪافي حضرت امين فهيم پکن ڌڻي جي ڳائي ته:

”سڄڻن جا ساريو سانگ، آءٌ ويٺي روز رڙان.“

اهڙو ته رس لڳو، مخدوم صاحب غور سان ٻڌي بيحد داد ڏنو. مخدوم غوث الحق، قطب العصر لطف الله عرف نوح سرور جن جي ملفوظات مان اقتباس فرمايائون ته ڪو ماڻهو رضا ۽ حق ۽ نيڪ ارادي سان علم حاصل ڪري مٿس عمل ڪندو ته، معرفت جا موتي هٿ ايندس ۽ کيس حق شناسءَ جي طاقت نصيب ٿيندي. اهوئي سبب آهي ته مخدوم امين فهيم وٽ جهان بيني ۽ معامله شناسيءَ لاءِ  وڏي نظر هئي. هن جي حليم ۽ ماٺيڻي طبع سبب منجهس ماڻهن کي ويجهو ڪرڻ جو ڪرشمو ڏسڻ ۾ آيو. سندس  ئي ڪلام جي مصرع ته:

”اڃا اُن جي اڳيان، اي يار ليلائڻ نه ٿو ڄاڻين،

رُٺل کي رمز سان ريبي، تون ريجهائڻ نه ٿو ڄاڻين.“

مخدوم امين سائين سنڌ ۾ سياسي ميدان جا. ”هيوي ويٽ چيمپيئن سمجهيا ويندا هئا. مسلسل 9 ڀيرا هڪ ئي تڪ هالا مٽياريءَ تان وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ معمولي ڳالهه ناهي، جنهن تڪ ۾ مٽياروي سادات ڄاموٽن ۽ ڀٽائي پيرن جي آماجگاهه هجي ۽ ميمڻ ملان به ڪتابن جي زور تي رهندا هئا. شايد اهو سبب به پنهان هجي جيڪو حضرت مخدوم طالب المولى جو سنيهو ته:

”اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت ”طالب المولى“

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾، وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.“

يڪ راءِ، يڪ سخنور، بااصول ٿي بيهڻ ۽ وقت تڪليفن کي گذري ڇڏڻ ئي مخدوم ڏاڏا سائين جي اهڙي ادا هئي، جنهن هر دفعي کيس سرخرو پئي ڪيو. سندس وڇوڙي تي اهل دانش ۽ اهل سخن حلقو ادبي دنيا ۾ وڏو خيال محسوس ڪندو رهندو. سڀئي پر اميد آهيون ته، مخدوم صاحب جا ڀائر ۽ فرند سندس اصولن جي ريت کي روا رکندي مرحوم مغفور جي حلق، احباب سياسي رفيقن ۽ عقيدتمندن جي ڳڻ رکندا.

نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سا ساکي چاٽ

ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل پلاڻا

(مخدوم نوح)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org