سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:24 

بيخود بلوچ

 

 

 

(مخدوم امين فهيم کي ڀيٽا)

(مخدوم امين فهيم کي ڀيٽا)

قلم سان فهم سان نڀايو فهيم...

(نظم)

سُخن سوچ وارو ٻڌايو فهيم،

فهم سان، قلم سان نڀايو فهيم.

 

اکر جي وکر کي سنڀاريو امين،

ڏيئو ڏات وارو پئي ٻاريو امين،

فڪر ساڻ فن کي ملايو فهيم…

 

جِتي هو، اُتي هو جبل ٿي رهيو،

پنهنجي سوچ سان گڏ اٽل ٿي رهيو،

نه دڳ پنهنجو ڪڏهن مَٽايو فهيم…

 

عُمر ڀر وفا سان وفا جنهن ڪئي،

وفا خود وڇوڙي تي سُڏڪي پئي،

جفا جي هو ڪنڌ کي جهڪايو فهيم…

 

سياست جي سيني ۾ هو دل جيان،

سندس خوبين کي ڪجي ڇا بيان؟

ڪٽيو سفر ”بيخود“ سجايو فهيم…

چؤ سٽا

دور ٿي ويو دل جي جذبن جو امين،

وسرندو ڪٿ؟ دل جي دردن جو امين،

ياد رهندو، شخص هو هڪ يادگار،

دل ۾ رهندو فهم ۽ فن جو امين.

***

خاندانِ فن جو هو چشم و چراغُ،

ڏيهه کي ڏيئي ويو فُرقت جو داغُ،

شعر جي خوشبو ورهائي ۽ ونڊي،

ڄڻ دفن ٿي ويو مٽيءَ ۾ هڪڙو باغُ.

***

ڇٽيو مخدوم سياست جي زمين ۾ هو،

محبت جو، سچائيءَ جو وفا جو ٻجُ،

سياست جي زمين ۾ ان ڪري گُل ٿيا،

ڇٽيو مخدوم هو ان ۾ ڪلا جو ٻجُ.

***

نه وڇڙيو آ، نه وسريو آ، سدا گڏُ آ،

فهيم آهي ڪلا ۾ سا ڪال گڏُ آ،

سندس سوچن سندو ”پيغام“ گڏ آهي،

اُنهيءَ جي سوچ گڏ آهي، دعا گڏُ آهي.

 

مڱريو گدا ٽکڙائي

مخدوم امين فهيم جي وفات تي لکيل

قطعات

 

( 1 )

غمِ باران جي وسڪاري ڇڏيو هالا شهر ٻوڙي،

اُداسي شهر جي هرڪا اُداسيءَ ۾ گهٽي آهي.

احاطي نُوح ڀرپاسي ٿو ڏسجي سوڳ جو منظر،

رڳو دانهن ۽ سُڏڪن سان شهر ويو گونججي آهي.

 

( 2 )

دل ڪُشادي شخصيت ۽ صابرين وڇڙي ويو،

سچ صداقت ۽ شرافت جو امين وڇڙي ويو،

نياز نوڙت خُلق خالق کان مليو مخدوم کي،

محبتي ماڻهو هي ڪيڏو اڄ حَسين وڇڙي ويو.

 

( 3 )

دل صَدف جي تون سراسر جان مَرجان بي گمان،

شهنشاهه شانِ شرافت جو امين توکي لِکان،

ڪو لکي اُستاد الشعراء تو سنديون وصفون اَلڀ،

بندهِ ناچيز ننڍڙو ڇا لکي سگهندو بيان.

 

( 4 )

تخلص فهيم تنهنجو نالو امين واهه واهه!

رکيئي ڀرم ٻنهي جو صد آفرين واهه واهه!

وڌندي اڳيان ته سوڀن تنهنجو قدم چُميو پئي،

قدرت کان توکي مليو حُسنِ حَسين واهه واهه!

 

(نظم)

سرِ راهه ڀٽڪي صدائون روئن ٿيون،

اجل تي ته تنهنجي هوائون روئن ٿيون.

لڳو واءُ هجر جو هي طوفان ڪهڙو،

ادب ۾ ٿي اوندهه ضيائون روئن ٿيون.

ادب جي چمن مان پيو گل ڇڄي اڄ،

گلن منجهه هلچل هُڳائون روئن ٿيون.

ڏياٽي علم جي هوا ۾ وساڻي،

خُتاڀي سِکيا درسگاهون روئن ٿيون.

هي سنگتي هي ساٿي هي غمگين رستا،

هي هالا شهر جون فضائون روئن ٿيون.

وئين پيار محبت جا موتي پکيڙي،

گهٽيون چونڪ رستا ۽ راهون روئن ٿيون.

ڪچهرين جا ڪوڏيا رهاڻين جا راڻا،

ڪندي ياد دليون ادائون روئن ٿيون.

هُئي ڏات تو وٽ لکڻ جي نرالي،

ذخيرو ڇا لفظي عطائون روئن ٿيون.

سبق سوز واري سندءِ شاعري سڀ،

پڙهڻ ساڻ دل جون ڪَٿائون روئن ٿيون.

جتي تون رهين ۽ لکئي شاعري جت،

اُهي ماڳ تولئي اَجهائون روئن ٿيون.

امين جهڙو ڄمندو نه هالن ۾ هرگز،

ڪري ڳالهه سُڏڪن سان مائون روئن ٿيون.

نه آهين ته محفل ۾ ٻاتاڙ توبن،

رفيقن ۾ ڀُڻ ڀُڻ پڇائون روئن ٿيون.

دُعا لاءِ شعراء کنيا ٻُڪ اديبن،

اکيون يار گُهرندي دُعائون روئن ٿيون.

وڇوڙي هجر ساهه جهوري جنجهوڙيو،

اکين لڙڪ لارون نگاهون روئن ٿيون.

لکڻ ٿو وڇوڙي تي چاهي ”گدا“ پر،

قلم ٿو ڏَڪي سِٽ سِٽائون روئن ٿيون.

(بيت)

ڪوڙهيا موتَ مرين، ماريئي ڪهڙو ماڻهو،

مُلهه مهانگو ڪيڏو، هي جو موتيءَ داڻو،

قيمت ڪَٿَ نه ڪڏهين، داڻو دام وڪاڻو،

داناء دنگ دليريءَ ۾، هي سورهيه سياڻو،

شاعر مُرشد رهبر، ڄاپڻ کان هي ڄاڻو،

گدا شاهه ويڳاڻو، ڏسجي ورتل ڏُک ۾.

 

(بيت)

ڪوڙهيا موتَ مَرين، هي تو ڪيو ڇا،

ڪندي ڌار ”فهيم“ کي، قهل نه پيئي ڪا،

سُونهن سراسر سنڌ جي، سانگين کسيئي سا،

جهوري جيءَ جهانگين جا، تو وِلوڙي وِڌا،

جل ٿل سوڳ متا، راڻي لئي راڄن ۾.

 

(قطعه)

سنڌي سادڙن ۽ سٻاجهن تان سائين،

ويو دَستِ شفقت لهي سر مٿان اڄ،

امين سائين جهڙو چون پيا هي ماڻهو،

مهربان مُحسن ڪو ڳوليون ڪٿان اڄ.

 

(قطعه)

طالب الموليٰ جي دل ۽ دادلو پڳدار پُٽ،

سرزمينِ سنڌ جي هو سُونهن ۽ سينگار پُٽ،

مُعتقد يارن مريدن کي ڪري ويو ڇورڙو،

ڏيهه ڏوٿين جو سهارو هو اکين جو ٺار پُٽ.

امداد جسڪاڻي

 (مخدوم امين فهيم کي منظوم ڀيٽا)

چؤسٽا

 

ڏنو هن صداقت سندو هو پيام،

عدالت شرافت سندو هو پيام،

فهيم جا حوالا هزارين هئا،

ڏنو هن محبت سندو هو پيام.

*

شاعر ليڊر امين فهيم،

سڀ جو دلبر امين فهيم،

دشمن سان ڀي مرڪي مليو،

سنڌ جو رهبر امين فهيم.

*

شال قبوليو گلڙن سڏڪن،

لڙڪن جي هي ڀيٽا منهنجي،

چاهه وفا جا امين سائين،

لفظن جي هي ڀيٽا منهنجي.

*

هردم خلق جي خدمت ڪندڙ،

رهيو سڀ جو امين، فهيم،

پنهنجي پر ۾ معصوم به هو،

سادو پر هو حسين، فهيم.

*

عزم ۾ سخن ۾ محترم،

لکن ۾ وطن ۾ محترم،

ملڻ ۾ ڏسڻ ۾ هيو هو،

گلن ۾ چمن ۾ محترم.

*

ڏک ۾ آ وڻ وڻ هالا جو،

دوست ٻُڌ سڏڪڻ هالا جو،

رب جي سڏ تي اکيون ٻوٽي،

ڏور ويو ته سڄڻ هالا جو.

مختلف اخبارن جا ايڊيٽوريل

 

سياسي ۽ روحاني رڳواڻ

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جو لاڏاڻو

روزاني عوامي آواز ، ڪراچي  

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو سينيئر ترين اڳواڻ، پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جو چيئرمين، اڳوڻو وفاقي وزير، قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ سروري جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم محمد امين فهيم ڪالهه فجر جو 76 ورهين جي ڄمار ۾ سرطان سان وڙهندي گذاري ويو. پاڪستان هڪ نالي واري، معروف سياسي اڳواڻ کان جدا ٿي ويو. هونئن ته سندن زندگيءَ جو گهڻو عرصو ته سياست جي چڻنگ دُکائڻ ۽ ان جي ڪري ٻين لاڳاپيل سرگرمين ۾ رهيو، پر هو پنهنجي والد محترم طالب المولى جيان سنڌي ۽ اردو جو شاعر پڻ هو. ڪيئي زمانا ۽ ڪئين دورن تائين هن جو خُلق، بردباري، فهم و فراست، صبريلي رَوِشِ ۽ پراعتماد لهجو ملڪ جي سياسي ڪينواس تي سياسي اڳواڻن، پارٽين ۽ انهن جي ڪارڪنن کي ياد رهندو. هو مخدوم نوحرحه جو گادي نشين ۽ سروري جماعت جو روحاني پيشوا هو. سنڌ توڙي هند ۾ سروري جماعت جا لکين مريد آهن، جيڪي پنهنجي مرشد کان روحاني فيض جي حاصلات جا پابند آهن ۽ گهڻو ڪري سياسي طور ڪنهن به اهڙي پنجوڙ ۾ قيد ناهن، جيئن سنڌ توڙي هند جون ٻيون گاديون ٿين ٿيون.

هالا شهر پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو سنڌ ۾ جنم ڀومي وارو شهر آهي، جڏهن پارٽي جي باني جناب ذوالفقار علي ڀٽي لاهور کان پوءِ سنڌ پارٽي تنظيم لاءِ هالا ڪنوينشن وسيلي پنهنجي سياسي تنظيم جي شروعات ڪئي هئي ۽ مرحوم جناب مخدوم طالب المولا ان ڪاڄ جو ميزبان هو. سياسي طور مخدوم ڪٽنب پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ڀٽي فيملي کي مخدوم طالب المولى کان وٺي مخدوم امين ’فهيم‘، خليق زمان، ڊاڪٽر رفيق زمان، مخدوم جميل الزمان، سعيدالزمان ۽ ٻيون شخصيتون ۽ فرد ڏنا آهن. سندن سراسري ڪردار گهڻو ڪري پيپلزپارٽيءَ جي حمايت ۾، ۽ آمريت جي مخالفتن ۾ رهيو آهي. ڪيئي وقت ان فيملي پارٽي سان غداري جي صلي ۾ ملندڙ ڪيئي رعايتون ۽ منصب ڇڏڻ ۾ ڪابه دير ڪانه ڪئي. بقول مرحوم مخدوم امين ’فهيم‘ جي، سندس ئي شعر جي: جي حياتيءَ وفا ڪئي ته  سائين، عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.

سو سياست جي ميدان تي هو جناب ذوالفقارعلي ڀٽي کان وٺي محترما بينظير ڀٽي صاحبه تائين ۽ ان کان پوءِ جي پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري تائين ساڻن گڏ رهيو. هن 1970ع کان پارٽي سياست شروع ڪئي ۽ هيستائين اٺ ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو، ٻه ڀيرا قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جو ميمبر چونڊيو، ٽي ڀيرا وفاقي وزير رهيو. هو ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ مختلف سياسي محاذن، سياسي اتحادن جو اڳواڻ ۽ مهندار پڻ رهيو. جڏهن 2002ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي مٿان جنرل پرويز مشرف جي آمريت مٿس وارُ ڪيو هو ته موصوف کي مشرفي آمريت کان بچائڻ لاءِ ٺهيل پارليامينٽيرينز جو باني چيئرمين مقرر ڪيو ويو، جنهن کي هن توڙ تائين نڀايو.

پنهنجي ذات ۾ هن جنهن سان وفا جو حلف کنيو، تنهن سان نڀائي ڏيکاريو ۽ جيڪي به طوفان، تاويلون ۽ تشريحون سندس سامهون آيون، انهن جي هوندي هن پنهنجي وچن جو مانُ رکيو. هو جناب ڀٽي جي قتل وقت به پارٽيءَ ۾ هو ته محترمه جي قتل وقت به ساڻس ان گاڏيءَ ۾ گڏ هو، جڏهن، 27- ڊسمبر 2007ع تي لياقت پارڪ راولپنڊي ۾ آخري تقرير کان پوءِ گاڏي ۾  محترمه تي گولين ۽ بمن جو وسڪارو ڪري کيس سر عام سر شام قتل ڪيو ويو هو ته محترمه جو سرد ٿيل جسم سندن هنج ۾ ڪريو هو.

قتل جي ان تمام وڏي خوني وارتا کان پوءِ مخدوم امين ’فهيم‘ صاحب جي سياست توڙي معمول واري سڀاءَ ۾ نمايان تبديليون ڏسڻ ۾ آيون. هو بي ڊپو ۽ بي خوف ته پهريان کان هو، پر هن پنهنجي سموري سڀاءَ ۽ صبر تي سنجيدگيءَ جو فولادي پردو ويڙهي ڇڏيو. هن جي جسم اندر پيدا ٿيندڙ ڏک ۽ سور جي رڳو هن کي ئي خبر رهي جيڪا اڳتي هلي سندس ڪلهي جي ڦڻيءَ وٽ هڏي جي ڪئنسر جي صورت ۾ ظاهر ٿي. ميڊيڪل جي ميدان ۾ ڪنهن به سرطان جي باري ۾ اڃا تائين جاکوڙ هلي رهي آهي ته ان جي ٿيڻ جا سبب ڪهڙا ڪهڙا ٿي سگهن ٿا ۽ جسم ۾ قدرتي گهرڙن سان گڏ غيرضروري گهرڙن جي برق رفتاريءَ سان واڌ جا ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.

ڪالهه پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو سڀ کان سينئر اڳواڻ گذاري ويو آهي. هاڻي سياسي کيتر ۾ ان پارٽي اندر ڪيئي سينئر ڪارڪن ته موجود آهن، پر اڳواڻن جي ان قطار ۾ ان نوعيت جا سينيئر اڳواڻ ٻيا نه بچيا آهن. پيپلزپارٽي ان خال کي ڪنهن نه ڪنهن وڏي محنت ۽ اڙانگي سفر سان ئي پورو ڪري سگهي ٿي. ڪالهه مخدوم نوحرحه جي پونئرن منجهان، مخدوم طالب المولا جي وڏي فرزند قبلا مخدوم امين ’فهيم‘ جي پڄاڻان سروري جماعت توڙي مخدوم فيملي پنهنجي سڀ کان وڏي ۽ سينئر پيشوا کان محروم ٿي ويئي آهي. انهن ٻنهي تي پڻ لازم آهي ته ان ايڏي وڏي خال کي ڀرڻ لاءِ جماعت توڙي ڪٽنب جا ڀاتي سرٽوڙ ڪوششون ڪري پنهنجي نرم سڀاءَ ۽ پنهنجي عوام دوستي جي باري ۾ لائحه عمل تيار ڪندا ۽ ان تي عمل ڪندا.

 

***

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جو وڇوڙو

روزاني مهراڻ، حيدرآباد

 

مخدوم امين ’فهيم‘ سياسي تلاءَ ۾ هڪ اهڙو ڪنول ٿي کڙيو، جنهن فقط دوستن جي ئي فهرست ٺاهي. هُن دشمنين ۽ انتقام واري سوچ کي پنهنجي دل جي ويجهو اچڻ به نه ڏنو. هو سياسي انائن جي سخت خلاف هو. هُن کي هر مشڪل گهڙيءَ ۾ عوام سان گڏ پاتو ويو. پوءِ اُهي 2010ع واري ٻوڏ جا ڏهاڙا هجن يا ملڪ ۾ سياسي ڏڪار جا ڏهاڙا. هن پاڻ کي ڪڏهن به عوام کان پرڀرو نه ڪيو. هاڻ هالا توڙي آسپاس جا لکين ماڻهو مشڪل گهڙيءَ ۾ سندس ڪميءَ کي شدت سان محسوس ڪندا، جو هُن پنهنجي عملي ڪوششن سان نه رڳو اُنهن جي واهر ڪئي پر کين احساس به ڏياريو ته اُهي اڪيلا ناهن. اڄ انهن ماڻهن جي ذهنن ۾ ضرور اُهي منظر ڦرندا هوندا، جڏهن مخدوم پاڻ دريائي ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي بندن جي سنڀال ڪرائي.

ايترو ئي نه پر هو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ محترمه شهيد جي انهن وفادار ساٿين مان هو، جن کي دنيا جي ڪا به لوڀ موهي نه سگهي، جنهن وزارت عظميٰ جهڙي اعلى عهدي کي فقط ان ڪري ٿڏي ڇڏيو، جو اُن جي بدلي کيس پنهنجون وفاداريون مٽائڻ جو چيو ويو؛ پر هُن پنهنجي فهم سان ثابت ڪيو، ته نڀائڻ کان وڌيڪ ڪو به اعزاز نٿو  ٿي سگهي. توڻي جو سندس حوالي سان پيپلزپارٽيءَ جي موجوده قيادت تي هڪ ميار ٺهي ٿي ته اُن محترمه جي اُن ڳالهه کي پاڻي نه ڏنو، جنهن ۾ محترمه کيس مستقبل لاءِ وزيراعظم نامزد ڪيو هو، پر اُهي واعدا ئي ڪهڙا جيڪي وفا ٿين ۽ جڏهن واعدي ڪرڻ واري ئي نه رهي ته پوءِ باقي ٻين تي ميار ڪهڙي!؟ باوجود اُن جي مخدوم امين ’فهيم‘ نه رڳو پارٽيءَ سان نڀاهيو پر آخري وقت تائين هو ثابت قدم رهيو.

سندس وڇوڙو جتي پارٽيءَ وارن لاءِ خال آهي، اُتي سنڌ پڻ سندس وڇوڙي تي ويڳاڻي ڏسجي پئي، جو آهستي آهستي سنڌ مان قدرن ۽ روايتن جا امين پلاڻيندا وڃن پيا. هن موقعي تي اسين پنهنجي اداري پاران سندس پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ ڌڻيءَ در دعاگو آهيون ته خدا تعاليٰ کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي.

 

***

مخدوم امين ’فهيم‘ جو وڇوڙو!

سنڌ هڪ سٻاجهي شخصيت کان محروم ٿي وئي!

روزاني عبرت، حيدرآباد

 

سنڌ پنهنجي ڪُک مان سدائين اهڙيون شخصيتون جنميندي رهي آهي، جيڪي نه رڳو پنهنجي علائقي پر پرڏيهه وارن لاءِ به فخر جو باعث هونديون آهن. اهڙي ئي هڪ سٻاجهي شخصيت ڪالهه صبح ڌاري اُن حقيقي راهه جي راهي بڻي، جنهن تي هر ساهه واري کي هڪ ڏينهن هلڻو آهي.

انهيءَ شخصيت جي وڇوڙي رڳو سندن مريدن جون دليون ئي ميڻ نه ڪيون پر هر هڪ سنڌ واسيءَ جي اک ۾ آلاڻ آهي. سياست ۾ صبر ۽ سهپ جي انتها کي ڇُهندڙ اُن شخصيت کي دنيا مخدوم امين ’فهيم‘ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. هو جيڪو محبتن جو امين هو، جنهن سدائين امن ۽ شانتيءَ جو درس ڏنو، جنهن کي پنهنجي سٻاجهائپ سان مخالفن جون پهڻ ٿيل دليون به ريجهائڻ اينديون هيون، جنهن پنهنجي گفتار ۾ شائستگيءَ جو اهڙو ته مثال قائم ڪيو جو وڏا اڪابر ۽ اديب به سندس آڏو دنگ رهجي ويا. هُن سياست کي به شاعريءَ جيئن اپنايو، جنهن ۾ فقط محبتن جي اُپٽار ڪبي آهي، جنهن ۾ جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪبو آهي. سروري جماعت جي اوڻيهين گادي نشين جي حيثيت ۾ هُن جيڪو ڪردار ادا ڪيو سو صدين تائين ياد رکيو ويندو.

***

  امين‘ ۽ ’فهيم‘ جو وڇوڙو

 

روزاني سرواڻ، ڪراچي

سروري جماعت جو روحاني پيشوا درگاهه حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوحرحه جو ارڙهون گادي نشين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو صدر مخدوم محمد امين ’فهيم‘ المعروف ڏاڏا سائين ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا رهڻ بعد 76 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ڪالهه صبح سوير لاڏاڻو ڪري ويو. سندس جسد خاڪي ڪراچيءَ کان ايمبولينس ذريعي هالا آندو ويو، جتي جنازي نماز بعد درگاهه سرور نوح ۾ سندس والد مخدوم محمد زمان طالب المولى جن جي پيرانديءَ ۾ هزارين مريدن، پ پ ڪارڪنن، مخدوم خاندان جي فردن جي موجودگيءَ ۾ سڏڪن ۽ اوڇنگارن ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ سمهاريو ويو. سندس جنازي نماز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، ايم.اين.اي غلام مصطفى شاهه، ملڪ اسد سڪندر، اسپيڪر آغا سراج خان دراني، گهرو وزير سهيل انور سيال، ناڻي واري وزير مراد علي شاهه، وزير اطلاعات نثار کهڙي سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

مخدوم امين ’فهيم‘ سياسي زندگيءَ جي شروعات، ذوالفقار علي ڀٽي جي چوڻ تي ڪئي ۽ هو پهريون ڀيرو 1970ع وارين چونڊن ۾ ٺٽي مان ايم.اين.اي چونڊيو ويو، ان کان پوءِ هو 1977، 1988، 1990،1993، 1997، 2002، 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ هالا- مٽياري تڪ تان ايم.اين.اي چونڊيو. ضياء دور ۾ پارٽي فيصلي تحت هو 1985ع عام چونڊن ۾ اميدوار نه هو. 

پنهنجي والد مخدوم طالب المولى وانگر مخدوم امين ’فهيم‘ کي گهڻو اولاد آهي، کيس ڇهه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ آهي. سندس وڏو پٽ مخدوم جميل الزمان نه فقط سٺو سياستدان پر سٺو شاعر ۽ محقق به آهي. سندس ٻيو پٽ مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيوروڪريٽ آهي. مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان تعليم حاصل ڪري  ٻاهر ڪاروبار ڪري رهيو آهي. سندس چوٿون پٽ ابو محمد سنڌ يار آهي، دينا ليليٰ مان سندس اڪيلي ڌيءُ برمنگهم يونيورسٽيءَ مان اعلى تعليم حاصل ڪري چڪي آهي.

مخدوم امين ’فهيم‘ ملڪ جو واحد سياست دان آهي، جنهن کي حڪومت، مخالف ڌر ۽ اسٽبلشمينٽ ۾ هڪ جهڙي ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ضياءُ الحق جي دور کان وٺي وزيراعظم جو عهدو سندس پويان هو پر هو پارٽي سان وفادار رهيو. سنڌ جي سمورن سياسي ۽ غير سياسي وڏيرن سان سندس ياري ڪنهن کان به ڳجهي ناهي، پارٽيءَ جي منع ڪرڻ باوجود هن ڄام صادق، پير پاڳاري ۽ شاهنواز جوڻيجي سان ناتا نه ٽوڙيا.

کيس راڳ رنگ، شاعري ۽ شڪار سان خاص دلچسپي هئي. سندس ولادت 4- آگسٽ 1939 ع تي هالا ۾ ٿي. هي اڃا ٻن سالن جو هو ته سندس امڙ هن فاني دنيا مان موڪلائي وئي. هن  قانون جو پڻ امتحان پاس ڪيو پر هن قانون کي پنهنجو پيشو نه بڻايو. مخدوم امين ’فهيم‘ چار شاديون ڪيون جن ۾ پهرين شادي 21- جون 1957ع ۾ اوڻويهه سالن جي عمر ۾ پنهنجي خاندان مان ڪئي. ٻئي شادي بنگال سان تعلق رکندڙ هڪ ايئر هوسٽس دينا ليليٰ سان ڪئي. ٽئين شادي ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ عورت سان ڪئي.

1969ع ۾ لنڊن ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ جي ملاقات پيپلزپارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿي، تنهن بعد هن پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. هن جو والد مخدوم طالب المولى پيپلزپارٽيءَ جو سينيئر وائيس چيئرمين به رهيو. مخدوم خاندان ابتدا کان اڃا تائين پيپلزپارٽيءَ سان نڀائيندو پيو اچي. جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف پاران اعلى عهدن جي آڇ باوجود به پيپلزپارٽي جي ساٿ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو.

 

***

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جو  وڇوڙو ۽ پيدا ٿيل هڪ خال

روزاني مهراڻ، حيدرآباد

اڄ سڄي سنڌ سوڳوار آهي، سنڌ جو املهه هيرو سنڌ واسين کان سدائين  لاءِ وڇڙي هڪ اهڙي منزل ڏانهن راهي ٿي چڪو آهي، جتان اڄ تائين ڪو به واپس نه آيو آهي. سروري جماعت جو روحاني پيشوا، پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ، شاعر اديب ۽ وفاداري جو هڪ مثال رکندڙ  ناياب موتي اسان کان هميشه لاءِ وڃائجي چڪو آهي. هونئن به ڪي شخصيتون تاريخ کي پنهنجن هٿن سان لکنديون آهن ۽ ڪجهه شخصيتن کي تاريخ، پنهنجن ورقن ۾ پاڻ ئي جاءِ ڏيندي آهي. مخدوم امين ’فهيم‘ به انهن مان هڪ هو، جنهن جي سڄي زندگي کي سونهري اکرن سان لکيو ويندو.

مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ جنهن ثابت قدمي سان پنهنجي موقف تي اٽل رهي، جهڙي ريت اصولن تي زندگي گذاري، اها انهن سڀني سياستدانن لاءِ هڪ مثال آهي، جيڪي وقت ۽ حالتن جي گرم سرد هوائن کي برداشت ڪرڻ بجاءِ ڍنڍ جي پکين وانگر سياسي تلائن جا ڪپر مٽائيندا رهندا  آهن. مخدوم امين ’فهيم‘ جنهن کي مرحوم لکندي اسان جا هٿ ڪنبن ٿا ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته اهو اڄ به اسان سان گڏ آهي.

 هونئن به تاريخي شخصيتون جسماني طرح  ته اسان کان ظاهري طور تي ته جدا ٿي وينديون آهن پر صدين تائين ائين ڀاسندو آهي ڄڻ ته اهي شخصيتون اڄ به اسان سان گڏ آهن ۽ اسان جي رهنمائي ڪري رهيون آهن. مخدوم امين ’فهيم‘ به انهن ئي شخصيتن مان هڪ هو، اهي شخصيتون پنهنجن اصولن کي ٻين تي ٿاڦڻ کان سدائين پاسو ڪنديون آهن ۽ پنهنجن تجويزن کي ان انداز ۾ پيش ڪنديون آهن جو اڳيون ماڻهو پنهنجين تجويزن کي پاڻ ئي تبديل ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي. مخدوم امين ’فهيم‘ جي سياست جو انداز ڀٽ ڌڻيءَ جي ان شعر جي مڪمل عڪاسي هو ته ’ مون کي مون پرين ٻڌي وڌو تار  ۾، اڀا ائين چون ته متان پاند پسائيين‘.

پاڪستان ۽ سنڌ جي سياست جي گدلي تلاءَ ۾ هر طرف سياسي مانگر مڇن جي وڌندڙ تعداد هوندي به مخدوم امين ’فهيم‘ پاڻ کي نه رڳو تڪراري ٿيڻ کان بچائي رکيو پر ڪنهن به سياسي واڳون يا مانگر مڇ کي ايتري همت نه ٿي جو اهو سندس پاڇولي کي به  ڪو نقصان پهچائي سگهي. جڏهن ته سياست جي گدلي تلاءَ ۾ نيل ڪنول جو گل بڻجي رهڻ ڪنهن عام ماڻهو جي وس کان ڳالهه مٿي هوندي آهي. چوندا آهن ته آسمان تي اڏامندڙ هڪ پکي جنهن جو نالو هما آهي، ان جو پاڇولو جنهن به شخص تي پوندو آهي ته اهو ملڪ جو حڪمران ٿيندو آهي. مخدوم امين ’فهيم‘ اهو شخص هو جنهن جي مٿي تي هر وقت هما پکي جو پاڇولو رهندو هو، پر هن ملڪ جو وزيراعظم ۽ صدر ٿيڻ کان وٺي هر ان آڇ کي ٿڏي ڇڏيو، جيڪا آڇ کيس بيوفائيءَ جي صلي ۾ وقت جي حڪمرانن طرفان ٿيندي رهندي هئي. مخدوم امين ’فهيم‘ جو هڪ شعر  آهي”گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسبي، جي حياتي وفا ڪئي ته ’فهيم‘ عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.

مخدوم امين ’فهيم‘ جي ان شعر مان سندس اندر جي انهن اڌمن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو جيڪي ان جي دل کي هر وقت ولوڙيندا رهندا هئا، سندس سڄي سياسي ۽ غير سياسي زندگيءَ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اها ڳالهه ضرور سامهون اچي ٿي  ته هو پنهنجي زندگي ۾ وفا کي وڏي اهميت ڏيندو هو، اها وفا سياست ۾ هجي يا عام زندگي ۾، هو انتها تائين وفاداريءَ جو قائل هو.جيتوڻيڪ اڪثر ڀيرا اهي خبرون به ٻڌڻ لاءِ ملنديون هيون ته هن جا پيپلز پارٽيءَ جي اندر ڪجهه اختلاف پيدا ٿيا آهن يا هو پارٽيءَ کي ڇڏڻ وارو آهي، پر اهي خبرون جنهن رفتار سان پکڙنديون هيون، ان ئي رفتار سان دم ٽوڙي وينديون هيون.

اهڙي ئي صورتحال کي جيڪڏهن سندس ئي شعر کي سامهون رکي جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته اها ڳالهه به سمجهي سگهي ٿي ته جڏهن به ڪا اهڙي صورتحال سندس سامهون ايندي هئي يا اختلافن يا نظرانداز ڪرڻ واريون خبرون عام ٿينديون هيون، تڏهن هن جي پنهنجي دل جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي هئي جيڪا سندس هن شعر مان به پرکي سگهجي ٿي. ناهي جاءِ هجت جي، مان ڪيئن گستاخ ٿي چوندس، رسائڻ خوب ٿو ڄاڻين، پر پرچائڻ نه ٿو ڄاڻين يا سندس هن شعر کي جيڪڏهن ڏسجي ٿو ته اهو به سندس دل جي ڪيفيت کي مڪمل طرح بيان ڪندو نظر اچي ٿو، مون جنهن جي ذات کي هر وقت زندگي سمجهيو اسان جو پيار وڃي پهتو انتها تي ’فهيم‘، زماني ساري اڃا تائين ان کي سرسري سمجهيو.“

مخدوم امين ’فهيم‘ هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هئي. هن جي زندگيءَ جي هر هڪ رخ تي جيڪڏهن لکڻ ويهجي ته ڪيئي ڪتاب لکجي وڃن، اسان مخدوم امين ’فهيم‘ جي لاڏاڻي تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي ڌڻيءَ در دعاگو آهيون ته شال ڌڻي پاڪ کيس جيءَ ۾ جايون ڏي ۽ سندس خاندان ۽ سروري جماعت جي مريدن، دوستن،  سياسي ۽ غير سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هيءُ دلي صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق فرمائي. آمين 

***

تاريخ ساز شخصيت جو وڇوڙو

روزاني سنڌو، حيدرآباد 

هن دنيا جو ٻيو نالو فنايت آهي ۽ فنايت نه هجي ها ته دنيا جو هلڻ مشڪل بڻجي پئي. هر شئي کي فنا آهي ۽ هر چيز کي پنهنجو مقرر وقت پورو ڪري ان طرف وڃڻو آهي، جتان هر ڪوئي اچي ٿو. جتي وڃي وري واپس نه اچبو آهي. شهيد بينظير ڀٽي کان پوءِ ٻي ڪا وڏي سياسي شخصيت چئجي ته اهو مخدوم امين ’فهيم‘ آهي، جيڪو هڪ معتبر خاندان سان تعلق رکي ٿو پر ان جي خدمتن کي ڏسجي ته ڪو به ماڻهو ساراهه ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگھندو.

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو روح روان ۽ مخدوم خاندان جو موجوده وقت ۾ وڏو ۽ بڙ جي گھاٽي ڇانوَ جهڙو مخدوم امين ’فهيم‘ طويل وقت کان علالت کان پوءِ رات جي پوئين پهر وڳڙي ۾ هي جهان ڇڏي چڪو آهي. اهڙي خبر جڏهن ٻاهر نڪتي ته کن پل ۾ ملڪ تائين پکڙجي وئي. مخدوم امين ’فهيم‘جماعت سروري جو روحاني اڳواڻ هو پر هو هڪ معتبر سياسي شخصيت پڻ رهي چڪو آهي. مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي ڪٽنب، پنهنجي روحاني جماعت ۽ پنهنجي سياسي جدوجهد سان خوب نڀايو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان هڪ دفعو پنهنجو لاڳاپو جوڙيو ته وري نه ٽوڙيو. ذوالفقار علي ڀٽي شهادت ماڻي ته مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي جاءِ تي رهيو ۽ جڏهن محترمه بينظير ڀٽي جي المناڪ شهادت جو واقعو پيش آيو ته تڏهن به مخدوم امين ’فهيم‘ هيڏانهن هوڏانهن نه ٿيو. هو پاڪستان پيپلزپارٽي جو صدر هو ۽ سموري تنظيم کي خوش اسلوبيءَ سان هلائي رهيو هو.

محترمه بينظير ڀٽي جي شهادت کان پوءِ هر ڪنهن کي اندازو هو ته پارٽيءَ ۾ اهڙي ڪا ٻي شخصيت نه آهي جيڪا هن پارٽي کي سهارو ڏيئي سگھي ۽ مخدوم امين ’فهيم‘ پارٽيءَ ۾ ڪيترائي بحران پيدا ٿيڻ باوجود بحرانن کان پاڻ بچائيندو اڳتي وڌندو ويو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان پوءِ به بحران پيدا ٿيو ۽ ٻن مظلوم عورتن سان جدوجهد ۾ گڏ بيهي پنهنجو وارو وڄايو. ايم.آر.ڊي جهڙي خوفائتي ۽ لازوال جدوجهد ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ خوب نڀايو، توڙي جو پهرين وزير اعظم جي وڃڻ کان پوءِ ڪيترائي اهڙا ماڻهو جن ۾ ڀروسو هو ته هو پيپلزپارٽيءَ جو ساٿ نه ڇڏيندا پر ساٿ ڇڏي ويا ۽ مخدوم امين ’فهيم‘ هو جيڪو محترمه نصرت ڀٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽي سان گڏ گڏ رهيو.

اها سندس نياز نوڙت ۽ جدوجهد هئي جو پارٽيءَ جي هر ماڻهوءَ کان کيس وڏي عزت ملندي رهي. پارٽي جا ميمبر توڙي عهديدار هجن يا عوام هجي، بهرحال ان سڀني کي مخدوم امين ’فهيم‘
سان هڪ اڻ لکي محبت هئي جيڪا هن سياسي شخصيت جي حصي ۾ آئي. سندس ادبي خدمتن ۾ جي حوالي سان ڪا اهڙي شئي منظر عام تي نه آئي آهي پر هو مخدوم طالب الموليٰ جو فرزند هو، جنهن جو ان تي اثر ضرور پيو هوندو ۽ ڪجھه نه ڪجهه ضرور لکيو هوندو.

پاڪستان پيپلزپارٽي حقيقت ۾ سندس هڪ وڏي شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي، جڏهن ته سروري جماعت کان پڻ ڄڻ گھاٽي بڙ جي ڇانوَ کسجي وئي آهي. مخدوم امين ’فهيم‘ جو خال ڪير به ڀري نه سگھندو. هن کي سدائين ياد رکيو ويندو.

***

مدبر سياستدان مخدوم امين ’فهيم‘ جو لاڏاڻو

روزاني سوڀ، ڪراچي

پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو صدر، پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو سينئر وائيس چيئرمين ۽ سروري جماعت جو روحاني پيشوا مخدوم امين ’فهيم‘ ڊگھو عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ ڪالهه 76 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مخدوم امين ’فهيم‘ کي بلڊ ڪئنسر سبب ڪجھه عرصو اڳ پرڏيهه علاج لاءِ موڪليو ويو هو، جتان کيس واپس ڏيهه آندو ويو، جنهن بعد ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ سندس علاج هلندڙ هو، جتي سندس ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو. پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مخدوم امين ’فهيم‘ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ مخدوم خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي وڇوڙي کي شهيد محترمه بينظير ڀٽي جي شهادت بعد پيپلزپارٽي لاءِ هڪ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو آهي ته مخدوم امين ’فهيم‘ پيپلزپارٽيءَ جو اثاثو هو، امين ’فهيم‘ پارٽيءَ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون، جن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگھجي.

جڏهن ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري مخدوم امين ’فهيم‘ جي لاڏاڻي تي يومِ سوڳ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مخدوم امين ’فهيم‘ جي وڇوڙي سان پيدا ٿيل خال ڀرجڻ ڏکيو آهي. هو پيپلزپارٽيءَ جو اثاثو ۽ هڪ اهم اڳواڻ هو.

مخدوم امين ’فهيم‘ جي لاڏاڻي جي خبر سان سڄيءَ سنڌ ۾ سوڳ واري لهر ڇانئجي وئي آهي. سوڳ ۾ هالا سميت سنڌ جا ڪيترائي شهر بند ٿي ويا. ملڪ جي سياسي فضا پڻ سوڳوار بڻجي وئي آهي. مخدوم امين ’فهيم‘ جو مڙهه ڪراچيءَ کان اباڻي علائقي هالا آندو ويو، جتي درگاهه مخدوم سرور نوح رحه جي احاطي م سندس جنازي  نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه، اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف، صوبائي وزيرن ۽ مختلف سياسي، سماجي شخصيتن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.

مخدوم امين ’فهيم‘ کي سندس والد مخدوم طالب المولى جي پيرانديءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وزير اعظم نواز شريف سميت ملڪي سياسي قيادت مخدوم امين ’فهيم‘ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مخدوم امين ’فهيم‘ جو وڇوڙو ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي.

4- آگسٽ 1939ع ڌاري هالا ۾ جنم وٺندڙ مخدوم امين ’فهيم‘ سنڌ جي علمي، ادبي ۽ سياسي گھراڻي سان تعلق رکندڙ هڪ عظيم انسان ۽ مدبر سياستدان هو. هڪ خوبصورت خيالن جوشاعر به هو ته ماڻهن کي حق سچ جي سڌي راهه تي هلڻ جي تلقين ڪندڙ درگاهه سرور نوح رحه جو 18 هون گادي نيشن به هو. مخدوم امين ’فهيم‘ پاڪستان ۾ چوٽيءَ جو سياستدان هو، جيڪو پنهنجي نرم مزاج ۽ اثر انداز ٿيندڙ شخصيت جي ڪري سمورين سياسي جماعتن لاءِ انتهائي احترام لائق ۽ غير تڪراري شخصيت هو.

سندس زندگيءَ جو وڏو عرصو ساهه جي آخري گھڙي تائين سياست سان لاڳاپيل رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان ويندي شهيد بينظير ڀٽو ۽ ان جي شهادت کان پوءِ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري سان سياسي سفر ۾ اهڙو ساٿ نڀايو، جنهن جو سياست جي دنيا ۾ مثال ملڻ ئي مشڪل آهي. مخدوم امين ’فهيم‘ اها عظيم سياسي شخصيت هئي، جنهن سياسي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي هٿان شڪست نه کاڌي. 1977، 1988، 1990، 1993، 1997، 2002، 2008، ۽ 2013 جي عام چونڊن ۾ 8 ڀيرا مٽياري مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، جيڪو چونڊن جي سياسي تاريخ ۾ هڪ رڪارڊ آهي ته هن ڪڏهن به انهيءَ تڪ تان نه هارايو. جڏهن ته ان کان اڳ 1970ع ۾ ٿيل عام چونڊن م به مخدوم امين ’فهيم‘ ٺٽي ضلعي مان قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي وڏيءَ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي هئي ۽ پيپلزپارٽيءَ جي وفاقي حڪومتن جي مختلف دورن ۾وفاقي وزير پڻ رهيو.

آمر ضياءُ الحق جي زماني ۾ ٿيل غير جماعتي بنيادن تي چونڊن ۾ پڻ مخدوم امين ’فهيم‘ پارٽي قيادت جو ساٿ ڏيندي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو. ملڪي سطح جي سياست ۾ اثر انداز مدبر سياستدان هجڻ ڪري کيس ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق ۽ ڊڪٽيٽر مشرف جي دور ۾ 3 ڀيرا وزارت عظميٰ جي آڇ ٿي هئي، جيڪا هن ٿُڌي ڇڏي ۽ پيپلزپارٽيءَ سان سياسي نينهن جو ناتو ڪڏهن به نه ٽوڙيو. مخدوم امين ’فهيم‘ جون ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون آهن.

هن ضياءَ جي آمريت سان مهاڏو اٽڪايو، مشرف جي مارشل لاءِ خلاف سگھاري جدوجهد دوران سختيون برداشت ڪيون پرڪڏهن به عوامي سياسي اصولن کان منهن نه موڙيائين. سياست ۾ هميشه ثابت قدم رهيو. عوام جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ سندس وڏيون مثالي خدمتون آهن. سندس سياسي خدمتن کي پاڪستان جي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. اسان هن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. مخدوم امين ’فهيم‘ جو وڇوڙو جتي مخدوم خاندان، سروري جماعت جي مريدن ۽ پيپلزپارٽي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، اتي سندس وڇوڙو هن ملڪ ۽ عوام لاءِ به ڪنهن وڏي نقصان کان گھٽ ناهي. سندس وڇوڙي سان پيدا ٿيل خال ڀرجڻ مشڪل آهي. مخدوم امين ’فهيم‘ جون خدمتون سدائين عوام جي دلين ۾ زندهه رهنديون.   

***

جمهوريت پسند اڳواڻ جو   وڇوڙو

روزاني هلچل حيدرآباد

 هالا ۾ موجود مخدوم امين ’فهيم‘ جي تڏي تي ٻئي ڏينهن به تعزيت جو سلسو جاري رهيو. ان موقعي تي اڳوڻو وزير اعظم مير ظفر الله جمالي، اڳوڻو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، پ پ جو ترجمان فرحت الله بابر، شهريار خان مهر، صوبائي وزير زراعت علي نواز مهر، سينٽر هري رام ڪشوري لال. ايم.اين.اي عبدالستار بچاڻي، صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي، رحمان ملڪ، احمد علي خان پتافي، سميت پاڪستان پيپلزپارٽي جا هزارين ڪارڪن، سروري جماعت جا مريد ۽ بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي اميدوار وفدن جي صورت ۾ تعزيت لاءِ پهتا. واضح رهي ته سڀاڻي مرحوم مخدوم امين ’فهيم‘ جي ٽيجھي جي رسم ادا  ڪئي ويندي. جڏهن ته ان موقعي تي 19هين سجاده نشين جي دستاربندي پڻ ڪئي ويندي.

مخدوم امين ’فهيم‘ جي لاڏاڻي تي پيپلزپارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ايم.اين.اي اياز سومري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مخدوم امين ’فهيم‘ جي لاڏاڻي سان پيپلزپارٽي ۾ خال پيدا ٿي ويو آهي جيڪو ڀرجي نه سگھندو. مخدوم امين ’فهيم‘ نه فقط پيپلزپارٽيءَ جو سرمايو هو پر ملڪ هڪ سچي جمهوريت پسند اڳواڻ کان محروم ٿيو آهي. مخدوم امين ’فهيم‘ آمريت جي هر دور م جمهوريت ۽ پيپلزپارٽي سان ساٿ نڀايو ۽ ڀٽائي جي چوڻي ته وفا جو دامن محلات ڏسي نه ڇڏيو ۽ آمريت جي دور ۾ وڏي کان وڏي عهدي کي به ٺڪرائي شهيد محترمه سان وفا ڪئي. هن چيو ته مخدوم امين ’فهيم‘ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽي جو انتهائي بااعتماد ساٿي هو ۽ اهو ئي سببب آهي جو شهيد محترمه پنهنجي جلاوطنيءَ دوران پيپلزپارٽيءَ جون واڳون مخدوم امين ’فهيم‘ جي حوالي ڪيون ۽ مخدوم امين ’فهيم‘ پڻ اهي ذميواريون احسن طريقي سان نڀايون. پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي لاڙڪاڻي مخدوم امين ’فهيم‘ جي لاڏاڻي تي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو، جنهن ۾ تعلقي لاڙڪاڻي جي يونين ڪائونسلن جي صدرن، جنرل سيڪريٽرين، تعلقي لاڙڪاڻي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي تعلقي لاڙڪاڻي جي صدر حاجي مظهر علي جوڻيجي چيو ته مخدوم امين ’فهيم‘ جي لاڏاڻي سان پيپلزپارٽي هڪ وفادار اڳواڻ کان محروم ٿي وئي آهي. سندس وڇوڙو پارٽي ۽ ڪارڪنن کي ڏک ڏئي ويو آهي، جنهن جو ڏک جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪي لفظ ڪونه ٿا ملن.

مخدوم امين ’فهيم‘ هڪ گھڻ پاسائن شخصيت جو مالڪ هئڻ سان گڏ پارٽيءَ سان هر ڏکئي دور ۾ ساٿ نڀائي پيپلزپارٽي کي جائز مقام ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. پيپلزپارٽي جي قيادت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هجي يا شهيد محترمه بينظير ڀٽو هجي يا موجوده قيادت هجي، مخدوم امين ’فهيم‘
کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسندي رهي آهي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو مخدوم امين ’فهيم‘ تي انتهائي اعتماد ڪندي هئي ۽ اهو ئي سبب هو جو محترمه پنهنجي جلاوطنيءَ دوران ملڪ ۾ پارٽيءَ جون واڳون مخدوم امين ’فهيم‘ جي حوالي ڪيون ۽ امين ’فهيم‘ پڻ محترمه جي اعتماد تي منڊيءَ تي ٽِڪ جيان پورو لٿو ۽ آمريتن جي دور ۾ ڪنهن به لالچ ۾ نه آيو، پيپلزپارٽي ۽ محترمه جو سچو ساٿي هجڻ جو ثبوت ڏنو، جنهن تي محترمه بينظير ڀٽو سميت پوري پارٽي ناز ڪري ٿي ۽ مخدوم امين ’فهيم‘ جي عزت ۽ اهميت نه فقط پيپلزپارٽيءَ جي قيادت ۽ ڪارڪنن ۾ هئي پر هن ملڪ جي هر مڪتبه فڪر ۾ هئي ۽ سندس وڇوڙي جو خال ڀرجي نه سگھندو.

 ***

مخدوم امين ’فهيم‘ جو وڇوڙو

روزاني سڪار، ڪراچي

 پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو سربراهه، سينئر سياستدان ۽ روحاني شخصيت مخدوم امين ’فهيم‘ هن دنيا ۾ هاڻي ناهي رهيو. بلڊ ڪينسر جي بيماريءَ سان زندگيءَ جي بقا جي جنگ وڙهندي وڙهندي 76 سالن جي عمر ۾ هو ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ ڌڻيءَ کي پيارو ٿي ويو. مخدوم امين ’فهيم‘ لنڊن جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو پر سندس خواهش تي کيس پاڪستان منتقل ڪيو ويو ۽ ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن آخري گھڙيون گذاريون ۽ مختلف شخصيتن سان هڪ طرح سان الوداعي ملاقاتون به ڪيون. ڇاڪاڻ جو مخدوم امين ’فهيم‘ جي ڪراچي منتقلي کان پوءِ اهي رپورٽون هيون ته پرڏيهه مان ڊاڪٽرن پاران لا علاج قرار ڏيڻ بعد مخدوم امين ’فهيم‘ جي خواهش هئي ته هو آخري گھڙيون پنهنجي ڌرتي تي گذاري ۽ توڙي جو چيو پئي ويو ته مخدوم صاحب کي طبعيت ۾ ٿوري بهتري بعد واپس پرڏيهه منتقل ڪيو ويندو پر خاص بهتريءَ جا آثار نظر نه پئي آيا ۽ تازو کيس الٽيون به آيون هيون، جنهن کان پوءِ طبعيت ۾ سڌارو نه آيو ۽ هو لاڏاڻو ڪري ويو.

امين ’فهيم‘ 4- آگسٽ 1939ع تي هالا ۾ اک کولي، کيس پيپلزپارٽي سان وابستگي ڄڻ ته ورثي ۾ ملي هئي. سندس والد مخدوم طالب المولى پيپلزپارٽيءَ جي بانين ۾ هو ۽ سينئر نائب صدر به هو. اهڙي طرح مخدوم امين ’فهيم‘ پڻ پيپلزپارٽيءَ جو سينئر نائب چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو صدر هو. هن هميشه محترمه بينظير ڀٽي جو اعتماد حاصل ڪيو ۽ کيس محترمه جو انتهائي ڀروسي جو ڳو ساٿي تصور ڪيو ويندو هو. هن محترمه جي اعتماد کي آخر تائين هاڃو رسڻ نه ڏنو ۽ سياست جي ميدان ۾ مختلف موقعن تي لاهن چاڙهن باوجود پيپلزپارٽيءَ سان فل ٽائيم ڪمٽمينٽ قائم رکي. شڪايتن، مسئلن ۽ وقتي رنجشن باوجود هن پيپلزپارٽيءَ سان آخري دم تائين ساٿ نڀايو. جڏهن محترمه جلاوطن هئي ته مخدوم امين ’فهيم‘ پيپلزپارٽي لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ آمريت جي دور ۾ پارٽي توڙي پارٽي قيادت کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جي ازالي جون ڪوششون ڪيون. جنهن ۾ هو ڪامياب به ويو. مختلف دور ۾ خاص طور تي پرويز مشرف جي دور ۾ کيس وزارت عظميٰ کان ويندي ٻين اهم عهدن جي به آڇ ٿي پر هن ڪرسين تي پيپلزپارٽي ۽ ان سان سچائيءَ کي اُتم رکيو. سموريون آڇون ٺڪرائي شهيد ڀٽي کان اڄ بلاول ڀٽي زرداريءَ تائين پيپلزپارٽيءَ سان وفا جو عهد عملي طور نڀايو. امين ’فهيم‘ سياست جي ميدان ۾ روحانيت جي ميدان يا وري ذاتي زندگي جي ميدان ۾ انتهائي صبر ۽ تحمل، غير تڪراري، قابلء احترام شخصيت ليکيو وڃي ٿو ۽ جيڪي خدمتون ان سرانجام ڏنيون آهن، جهڙي ريت پارٽيءَ سان سچائيءَ سان نڀايو آهي، ايندڙ وقت ۾ به کيس اهڙي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان نه رڳو ڏٺو ويندو پر اهو چوڻ ڏاڍو مشڪل آهي ته ڪير سندس خال نه ڀري سگھندو.

پنهنجي ٿڌي طبعيت جي ڪري هن پارٽي اندر ته ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي پر سياسي مخالفن کي به نرم لهجو ۽ نرم پاليسي اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو. اڄ هو اسان ۾ ناهي رهيو پر سندس غير تڪراري زندگي، سندس شاعري، سندس اصولن ۽ سندس غير تڪراري ڪيريئر نه رڳو پيپلزپارٽي پر سياسي سوچ رکندڙ هر ماڻهوءَ لاءِ رهمنائي جي حيثيت رکندو. اهڙا سچا جيالا جيڪي هر لالچ کي ٺڪرائي پارٽيءَ سان وابستگي کي اهميت ڏين ٿا، ورلي جنم وٺندا آهن.

اسين هتي مخدوم امين ’فهيم‘ جي وڇوڙي تي سڄي مخدوم خاندان سان ڏک جو اظهار ڪندي ڌڻي در دعاگو آهيون ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پونئرن توڙي پارٽي قيادت کي ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ جي سگھه عطا فرمائي. آمين.

***

سياسي فهم ۽ برداشت جو   وڇوڙو

 روزاني ڪلياڻ، حيدرآباد

اڄ نوح سروررحه جي 17 هين گادي نشين مخدوم امين ’فهيم‘ جي وڇوڙي سياست ۾ فهم ۽ فراست، دانش ۽ برداشت جي باب کي بند ڪري ڇڏيو. مخدوم امين ’فهيم‘ مذهبي توڙي سياسي طور هڪ سگھاري شخصيت طور ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سڃاتو ويندو هو.

1970ع ۾ ملڪي سياست ۾ پير پائيندڙ ڪيترائي ڀيرا وفاقي وزير رهيو. سندس سياسي دانشمندي ۽ وفاداري انهيءَ مهل عيان ٿي جڏهن محترمه جي وڇوڙي کان پوءِ کين وزير اعظم جي لاءِ نامزد ڪيو ويو هو پر ڪجھه سياسي داءُ پيچن سبب جڏهن يوسف رضا گيلانيءَ کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو، انهيءَ مهل جنهن برداشت، صبر ۽ ڏاهپ جو مظاهرو مخدوم امين ’فهيم‘ ڪيو، انهيءَ جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هڪ اهڙي خاندان جو فرد جنهن کي سياست ستيءَ ۾ ملي، علم، ڏاهپ، دانش ۽ ادب سان تربيت ٿي، سياست سان گڏو گڏ علم ۽ شاعري پڻ سندن مشغلو رهيو.

هي نقصان ڪو پيپلزپارٽي جي ليڊر جو ناهي پر هي نقصان هر ان وفادار ساڃاهه وند سياسي ورڪر توڙي ادبي لڏي جي همراهن جو پڻ آهي. اڄ کان پوءِ جڏهن به مخدوم امين ’فهيم‘ جو نالو ايندو، انهيءَ ويل زندگيءَ جي هر قدم تي فهم ۽ برداشت جو ذڪر نڪرندو. سياسي مشڪلاتون، بيوفايون ۽ چالاڪيون به هن شخص جي وفاداريءَ کي لوڏي نه سگھيون. اڄ هالا سوڳوار ناهي، سنڌ سوڳوار ناهي پر پوري دنيا ۾ موجود درگاهه نوح سروررحه جا لکين ڪروڙين ماڻهو، ادبي لڏو ۽ هر اهو ذي شعور انسان سوڳوار آهي. لکين ڪروڙين دليون پنهنجي اندر ۾ انهيءَ وفات جو تڏو وڇائي هانءُ ڦاڙ اوڇنگارون ڏينديون هونديون. اهي سياسي مخالف هجن يا سياسي دوست، ٻنهي وٽ مخدوم امين ’فهيم‘ هڪ جهڙو مشهور هو. سندس شاعري جيڪا هنن پنهنجي والد صاحب کان مليل ڏات طور ڪئي، انهيءَ مان سندس شخصيت جَھلڪي ٿي.

***

مخدوم جي موڪلاڻي

 روزاني سنڌ، حيدرآباد

سنڌي جي هڪ پيراڻي گادي جي روحاني رهبر بدران هڪ سياستدان طور وڏي مڃتا ماڻيندڙ مخدوم امين ’فهيم‘ ڪالهه اسان کان جدا ٿي ويو! ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ مخدوم امين ’فهيم‘ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان بلاول ڀٽي زرداري تائين، پيپلزپارٽي سان سلهاڙيل رهيو. 1977ع کان 2013ع تائين چونڊن ۾ کيس ڪڏهن به شڪست نه ملي. وفاقي وزير سميت هن ڪيترن ئي عهدن تي ڪم ڪيو. مشرف دور سميت مختلف دورن ۾ کيس وزارت عظميٰ سميت ڪيترائي عهدا آڇيا ويا، پر هن ٿڏي ڇڏيا.

مخدوم امين ’فهيم‘ جي قربانين جي شهيد بينظير ڀٽو به معترف هئي. مخدوم امين ’فهيم‘ کي نه رڳو سنڌ پر ملڪ واسين وٽ نهايت ئي معتبر شخصيت طور مڃتا حاصل هئي. هو هڪ ئي وقت بهترين شاعر ۽ سگھڙ هو ته ساڳئي وقت معتبر سياستدان به هو. هن جي سياسي جدوجهد جا ڪيترائي پهلو رهيا، پر شرافت، سهپ ۽ درگذر سندس سياسي پاليسي جو اهم حصو هئا.

مخدوم امين ’فهيم‘ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد بينظير جي قيادت هيٺ پارٽيءَ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڪڏهن به نظرانداز ڪرڻ واري شڪايت يا ڪنهن عهدي لاءِ خواهش هن جي ذات جو حصو نه بڻي. اهو ئي سبب هو جو ڪيترن ئي وقتن تي شديد تنقيد ۽ نظر انداز ڪرڻ واري پاليسي کي به هن پاڻ نظرانداز ڪري پارٽيءَ سان وفاداري برقرار رکي.

مخدوم امين ’فهيم‘ کي سياست، ادب ۽ فن ورثي ۾ مليو. پاڻ ٻين موقعي پرست سياستدانن وانگر عهدن جي پويان نه ڊوڙيو، پر عهدا، مانُ ۽ مرتبو سندس محتاج رهيا. پيپلزپارٽي پارليامينيٽيرينز جي مرڪزي صدر هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ سميت ملڪ جي سگھارين شخصيتن ۾ سندس شمار ٿيندو هو. ضياءُ الحق جو آمريتي دور هجي يا ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جو اقتداري دور هجي، ٻنهي ڊڪٽيٽرن سان مڙس ماڻهو بڻجي سخت مقابلو ڪيو ۽ نواز شريف جي پيپلزپارٽي مخالف دورن ۾ پڻ پارٽيءَ کي بچائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.

شهيد بينظير ڀٽي جو مٿس تمام گھڻو اعتماد هوندو هو، سندس شهادت بعد کيس پارٽي جي نئين ليڊرشپ طرفان پاسيرو ڪرڻ جي مسلسل ڪوششن کي به هن پارٽي مفادن ۾ نه فقط نظر انداز ڪيو پر اهڙي تاثر کي به هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو ته هالا جو مخدوم خاندان ڪو  شهيدن جي پارٽيءَ کان الڳ ٿيڻ جو تصور به نٿو ڪري سگھي.

مخدوم امين ’فهيم‘ کي آخري وقت ۾ مختلف ڪيسن ۾ پڻ نامزد ڪيو ويو پر انهن ڪيسن جي سچي يا ڪوڙي هئڻ جي فيصلي کان اڳ ئي هو وڃي حقيقي خالق سان مليو. مخدوم امين ’فهيم‘ ملڪ جو اهو اڪيلو سياستدان هو، جنهن کي حڪومت، مخالف ڌر ۽ اسٽيبلشمنٽ ۾ هڪجهڙو قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. امين ’فهيم‘ حڪومت جي اهم عهدن تائين پهچڻ، پيپلزپارٽي جي ڏکين حالتن ۾ قيادت سنڀالڻ ۽ شهيد بينظير ڀٽي جي شهادت بعد ماٺار واري دور ۾ ثابت قدم رهيو. سندس من ۾ ڪي ئي شڪايتون موجود هيون، جن کي هو سياسي بيان بازيءَ بدران شاعريءَ ذريعي نروار ڪندو رهيو:

اچ پڇي ساٿ، سڀئي ويرانگيءَ ۾ ويا ڇڏي،

ياد ماضي جو حوالي آهي رهيو،

سال ٿيا پر ڳالهه ساڳي آهي، ستائيندو اچي

هي ستم سهڻا اڃا چئو ڪيستائين پيو ڪبو.

ٻئي هنڌ هڪ شعر ۾ پنهنجا راز سليندي چوي ٿو:

ناهي جاءِ هجت جي، مان ڪيئن گستاخ ٿي چوندس

رسائڻ خوب ڄاڻين ٿو پرپرچائڻ نه ٿو ڄاڻين.

***

مخدوم امين ’فهيم‘ جو  وڇوڙو

 روزاني ڪوشش، حيدرآباد 

سنڌ جو برک سياستدان، مخدوم امين ’فهيم‘ هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. هو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي، جنهن کي هالا ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ سمهاريو ويو آهي. مخدوم صاحب جي وڇوڙي تي نه صرف هالا، مٽياري ۽ ڀٽ شاهه ۾ سوڳ واري ڪيفيت نظر آئي، پر سڄيءَ سنڌ جا سياسي ڪارڪن ۽ سڄاڻ حلقا افسرده آهن. مخدوم صاحب جا مريد پڻ ڏک ۾ وڪوڙيل آهن.

ڪجھه شخصيتون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي هڪ پارٽيءَ ۾ رهندي به سڀني لاءِ هڪجهڙو احترام رکنديون آهن. مخدوم امين ’فهيم‘ به اهڙي ئي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن جو تعلق توڙي جو پيپلزپارٽيءَ سان هو، پر سڀني پارٽين جا ماڻهو ۽ سڄي سنڌ واسي هن جو احترام ڪندا هئا. هو پهرين ڏينهن کان آخري دم تائين پيپلزپارٽيءَ سان گڏ رهيو.

مخدوم امين ’فهيم‘ کي جيڪڏهن پاڪستان جي ڪٺور دل سان سياست ۾ صبر، برداشت ۽ وفا جو علمبردار قرار ڏجي، ته غلط نه ٿيندو. هيءُ اهو شخص هو، جنهن ڪڏهن به ڪنهن کي تڪليف نه ڏني ۽ هميشه گڏجي هلڻ جي ڳالهه ڪئي. مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به پنهنجي تڪ تان نه هارايو. هو هميشه کٽيندو رهيو. دراصل! هن پنهنجي علائقي جي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون هيون. جنهنڪري هن کي هميشه ڪاميابي ملندي هئي. پيپلزپارٽيءَ ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو جو مخدوم صاحب کي پنهنجي حيثيت موجب منصب نه ڏنو ويو ۽ مورڳو ان لاءِ پريشاني پيدا ڪئي وئي، پر ان جي باوجود هو خاموش ئي رهيو ۽ ان کان اڳ جڏهن بينظير صاحبه جلاوطن هئي ته مخدوم صاحب کي وزارت عظميٰ سميت کوڙ ساريون لالچون ڏنيون ويون پر هن پنهنجون سياسي وفاداريون تبديل نه ڪيون جيڪو سنڌ جي سياستدانن لاءِ وڏو سبق آهي.

اسان مخدوم صاحب جي وڇوڙي تي سندس پونئرن ۽ مريدن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ هن موقعي تي اهو چوڻ چاهيون ٿا ته اسان کي مخدووم صاحب جي سياسي ۽ ذاتي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي. سياست ڪرڻ جو سڀني کي حق آهي، پر سياست جي نالي تي ڪنهن کي به ڏکائڻ نه گرجي، پنهنجي راڄ، ڀاڳ ۽ پاڙي وارن جو ائين ئي خيال رکڻ گهرجي، جيئن مخدوم صاحب رکندو هو. هن جي سياست در اصل تحمل جي سياست هئي. هن ڳالهه جو مطلب اهو بلڪل ناهي ته عوامي مزاحمت کي رد ڪري ڇڏجي ۽ ماڻهو هميشه ٿڌو ٿي هلي، جتي به ضرورت پوي اتي آواز اٿارڻ گهرجي. مثال طور، پرويز مشرف جي دور ۾ مخدوم صاحب پ پ لاءِ به اعتماد جوڳو رهيو، پر وقت جي فوجي صدر آڏو ڪڏهن به نه جُھڪيو ۽ هن جون سموريون لالچون ٺڪرائي ڇڏيون.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي سياست ۾ سهپ، برداشت، عزت ۽ احترام جهڙا قدر پروان چاڙهيا وڃن. ان جي برعڪس ٿيندڙ سياست جي حوصله شڪني ڪئي وڃي. مخدوم صاحب صرف سياستدان ئي نه پر ادب شناس پڻ هئا. هو شاعر هئا ۽ هن کي ورثي ۾ ڪجھه اهڙيون شيون مليون هيون، جيڪي فقط ۽ فقط انسان ذات جي احترام ۽ خوشيءَ لاءِ هجن ٿيون. اچو ته سڀ گڏجي هڪٻئي جو احترام ڪريون ۽ هڪٻئي جي حقن جو خيال رکون ته جيئن اسان جي وڏڙن جي روح کي تسڪين ملي سگھي.

***

مخدوم امين ’فهيم‘_ هڪ عهد جي پڄاڻي

روزاني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد

انسان پنهنجي ڪردار ۽ عمل وسيلي زنده رهندو آهي. پنهنجي ڪردار جي چونڊ هر انسان جي وس ۾ ناهي، تاريخ ڪهڙيون ذميواريون فرد تي رکي ٿي ۽ اهي ذميواريون پوريون ڪندڙ شخص خوشنصيب هوندا آهن.

روحاني گاديءَ واري گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ مخدوم امين ’فهيم‘ به هڪ اهڙو خوشنصيب شخص هو، جنهن پنهنجي ڪردار جي چونڊ پاڻ ڪئي ۽ سياست ذريعي سماج ۾ پنهنجو ڪردار نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي. هو جيڪو نولکي گودڙيءَ جي گاديءَ جو گادي نشين به رِقت حساس دل رکندڙ شاعر به. مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي سڄي ڄمار هڪ پارٽيءَ لاءِ ارپي ڇڏي. شهيد ڀٽي جي پيپلزپارٽيءَ سان گڏ سياست جي شروعات ڪندڙ مخدوم امين ’فهيم‘ بينظير ڀُٽي کان وٺي بلاول ڀٽي زرداريءَ تائين پنهنجي سياسي وفاداريءَ تي ثابت قدم رهيو.

ائين به نه هو ته ڪو کيس انهيءَ سڄي عرصي ۾ ڪي مصيبتون، تڪليفون سهڻيون نه پيون. يا وري ڪي آڇون نه ٿيون يا کيس خريد ڪرڻ جون ڪوششون نه ٿيون، پر هن پنهنجي سڃاڻپ ۽ سياست کي بازار جو سودو نه بنايو ۽ هر سکي توڙي ڏکي گھڙيءَ ۾ پنهنجي پارٽيءَ سان نڀائيندو رهيو. مخدوم امين ’فهيم‘ جي سياست سان اختلاف راءِ ته ڪري سگھجي ٿو پر سياست ۾ هن سهپ، بردباري، رواداري، صبر ۽ ٿڌي مزاج وارا جيڪي مثال ڇڏيا آهن، اهي سياسي ڪارڪن لاءِ سبق جو درجو رکن ٿا ته سياست جهڙي ٽانڊن جي واٽ تي به ڪيئن برداشت ۽ سهپ سان پنهنجي منزل طرف وڌي سگھجي ٿو يا ان لاءِ جستجو جاري رکي سگھجي ٿي. پنهنجي سڄي ڄمار ۾ هن ڪڏهن به پنهنجي سياسي مخالفن لاءِ ڪو گٿو لفظ استعمال نه ڪيو. هن اختلاف راءِ به رکي ته مهذب پڻي سان، نه ته اڄوڪي سياست ۾ اختلاف راءِ کي دشمنيءَ جو درجو ڏنو وڃي ٿو.

اسان سمجھون ٿا ته مخدوم امين’فهيم‘
جو وڇوڙو رڳو هڪ خاندان لاءِ نقصان ناهي پر اهو سنڌ جي هر انهيءَ ماڻهوءَ ۽ سياسي ڪارڪن جو نقصان آهي، جيڪو سياست ۾ ٿڌي مزاج، صبر، رواداري، سهپ ۽ مهذب پڻي کي پنهنجي لاءِ مشعل راهه سمجھي ٿو.
  

***

سنڌ هڪ سٻاجھي شخصيت کان محروم ٿي وئي 

روزاني وفاء سنڌ، ڪراچي

سنڌ پنهنجي ڪُک مان سدائين اهڙيون شخصيتون ڄڻيندي رهي آهي، جيڪي نه رڳو پنهنجي علائقي پر پرڏيهه وارن لاءِ به فخر جو باعث هوندا آهن. اهڙي ئي هڪ سٻاجھي شخصيت ڪالهه صبح ڌاري ان حقيقي  راهه جي راهي بڻي، جنهن تي هر ساهه واري کي هڪ ڏينهن هلڻو آهي.

انهيءَ شخصيت جي وڇوڙي رڳو سندن مريدن جون دليون ئي ميڻ نه ڪيون پر هر هڪ سنڌ واسي جي اک ۾ آلاڻ آهي. سياست ۾ صبر ۽ سهپ جي انتها کي ڇهندڙ ان شخصيت کي دنيا مخدوم امين ’فهيم‘ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. هو جيڪو محبتن جو امين هو، جنهن سدائين امن ۽ شانتي جو درس ڏنو، جنهن کي پنهنجي سٻاجھائپ سان مخالفن جون پهڻ ٿيل دليون به ريجھائڻ اينديون هيون. جنهن پنهنجي گفتار ۾ شائستگيءَ جو اهڙو ته مثال قائم ڪيو جو وڏا اڪابر ۽ اديب به سندس آڏو دنگ رهجي ويا. هن سياست کي به شاعريءَ جيئن اپنايو، جنهن ۾ فقط محبتن جي اپٽار ڪبي آهي، جنهن ۾ جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪبو آهي. سروري جماعت جي  ارڙهين گادي نشين جي حيثيت ۾ هن جيڪو ڪردار ادا ڪيو سو صدين تائين ياد رکيو ويندو.

مخدوم امين ’فهيم‘ سياسي تلاءَ ۾ هڪ اهڙو ڪنول ٿي کڙيو جنهن ۾ فقط دوستن جي ئي فهرست ناهي، هن دشمنن ۽ انتقام واري سوچ کي پنهنجي دل جي ويجھو اچڻ به نه ڏنو. هو سياسي انائن جي سخت خلاف هو. هُن کي هر مشڪل گھڙيءَ ۾ عوام سان گڏ پاتو ويو. پوءِ اهي 2010ع واري ٻوڏ جا ڏهاڙا هجن يا ملڪ ۾ سياسي ڏڪار جا ڏهاڙا، هن پاڻ کي ڪڏهن به عوام کان پرڀرو نه ڪيو. هاڻ هالا توڙي آسپاس جا لکين ماڻهو مشڪل گھڙيءَ ۾ سندس ڪمي کي شدت سان محسوس ڪندا، جو هن پنهنجي عملي ڪوششن سان نه رڳو شهر جي واهر ڪئي پر کين احساس به ڏياريو ته اهي اڪيلا ناهن. اڄ انهن ماڻهن جي ذهنن ۾ ضرور اهي منظر ڦرندا هوندا جڏهن مخدوم پاڻ درياهي ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي بندن جي سنڀال ڪرائي. ايترو ئي نه پر هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ محترمه شهيد جي انهن وفادار ساٿين مان هو جن کي دنيا  جي ڪا به لوڀ موهي نه سگھي. جنهن وزارت عظميٰ جهڙي اعلى عهدي کي فقط ان ڪري ٿڏي ڇڏيو جو ان جي بدلي کيس پنهنجون وفاداريون مٽائڻ جو چيو ويو، پر هن پنهنجي فهم سان ثابت ڪيو ته نڀائڻ کان وڌيڪ ڪو به اعزاز نٿو ٿي سگھي. توڻي  جو سندس حوالي سان پيپلزپارٽيءَ جي موجوده قيادت تي هڪ ميار ٺهي ٿي ته ان محترمه جي ان ڳالهه کي پاڻي نه ڏنو جنهن ۾ محترمه کيس مستقبل لاءِ وزير اعظم نامزد ڪيو هو پر اهي واعدا ئي ڪهڙا جيڪي وفا ٿين ۽ جڏهن واعدو ڪرڻ واري ئي نه رهي ته پوءِ باقي ٻين تي ميار ڪهڙي!؟

باوجود ان جي مخدوم امين ’فهيم‘ نه رڳو پارٽيءَ سان نڀايو پر آخري وقت تائين هو ثابت قدم رهيو. سندس وڇوڙو جتي پارٽيءَ وارن لاءِ خال آهي، اتي سنڌ پڻ سندس وڇوڙي تي ويڳاڻي ڏسجي پئي جو آهستي آهستي سنڌ مان قدرن ۽ روايتن جا امين پلاڻيندا  وڃن پيا. هن موقعي تي اسين پنهنجي اداري پاران سندس پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ ڌڻيءَ در دعاگو آهيون ته خدا تعاليٰ کيس پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي.  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org