سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:22 

مخدوم امين ’فهيم‘- هڪ شاعر، سياستدان

 

 

 

 

علي اڪبر هنڱورجو

گذريل پندرهن سالن کان هڪ ميڊيا پروفيشنل طور ڪيرئر دوران اهڙين سوين شخصيتن سان منهن مقابل ٿيڻ ۽ انهن جا انٽرويوز ڪرڻ جو موقعو مليو، جن جو زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ بي انتها ڪنٽريبيوشن هو . گڏوگڏ انهن مان ڪيترن ئي شخصيتن کي زندگيءَ جي لاهين چاڙهين توڙي سياسي ۽ سماجي اٿل پٿل جي وڏن واقعن کي ويجهي کان ڏسڻ جو تجربو به هو. ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته انهن کان سکڻ لاءِ گھڻو ڪجھ مليو. ان سڄي عرصي ۾ ڪيترن ئي نامور شخصيتن جي حياتيءَ ۽ ڪم بابت لکڻ ۽ پروگرام ڪرڻ جو موقعو به مليو، پر اڄ جڏهن مخدوم امين ’فهيم‘ بابت ٻه اکر لکڻ جي شروعات ڪريان پيو ته اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿي ٿئي ته مخدوم صاحب بابت لکڻ لاءِ آئون الاهي ننڍڙو ماڻهون آهيان. درگاهه حضرت مخدوم نوح جي سجاده نشين جي حيثيت ۾  مخدوم امين ’فهيم‘
سائين جن  علم ۽ اد ب جي آبياريءَ ۽ روحاني رهبريءَ جي هڪ بي مثال اتهاس جا وارث هئا. هن خاندان جي صدين جي عرصي تي محيط علمي، ادبي ۽ روحاني خدمتن جي تاريخ ۾ عجيب تسلسل آهي جو نو لکي گودڙيءَ جي هر سجاده نشين پنهنجي پنهنجي دور ۾ علم و ادب جي آبياريءَ سان گڏ هن خطي جي ماڻهن کي  فقيري ۽ درويشيءَ جي رمزن سان به ڀرپور نموني  روشناس ڪرايو . بلڪل ائين ئي جيئن هڪ مشعل مان ٻي مشعل ٻرندي آهي. روشنيءَ جي ان سفر کي موجوده سجاده نشين قبله مخدوم جميل الزمان تاريخِ مخدومان هالا ۾ شاندار نموني قلمبند ڪيو آهي. جيڪي پاڻ به سنڌي ٻوليءَ جا سرموڙ شاعر آهن، گڏوگڏ سندن علمي ادبي ڪم لسانيات کان تاريخ، روحانيت ۽ ٻين موضوعن تائين ڦهليل آهي. ڪيترن ئي موضوئن تي سندن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، سو سائين مخدوم امين ’فهيم‘
سائين جن هن  درگاهه  جي گادي نشين جي حيثيت ۾ انهن سڀني روحاني روايتن ۽ اخلاقي قدرن جا امين هئا . جن جي تبليغ ۽ ترويج هيءُ خاندان صدين کان ڪندو ٿو اچي. اهو ان خانداني پسمنظر جو ئي فيض هو، جو مخدوم امين ’فهيم‘ جن جي اخلاق ۽ روين جو هڪ زمانو مداح هو. سندن سياسي مخالف به سندن اعليٰ اخلاق جي تعريف ڪرڻ تي مجبور هئا.

آسٽريليا ۾ صحافت جو ڪورس ڪرڻ دوران اسڪرپٽنگ ۽ آرگيومنٽ جي استاد هڪ دفعي پڙهايو هو ته گفتگوءَ جي حوالي سان سڀ کان وڏو فن اختصار سان محتاط گفتگو ڪرڻ آهي ۽ خاص طور تي جڏهن توهان ڪنهن متنازعه مسئلي تي گفتگو ڪري رهيا هجو ۽ ان مسئلي تي طويل ۽ گرما گرم بحث هلندڙ هجي. اهڙيءَ صورتحال ۾ اختصار سان محتاط گفتگو ڪرڻ تمام وڏي صلاحيت ۽ اعليٰ ظرفي آهي. پنهنجي غير ملڪي استاد پاران بيان ڪيل ان ٿيوريءَ جو عملي مثال قبله مخدوم امين ’فهيم‘ جي گفتگو ڪرڻ جي انداز ۾  مليو، جو پاڪستاني ميڊيا جي عام طور تي سياستدانن جي پاڻ ۾ ڄُنڊا پَٽ تي مبني ٽاڪ شوز ۾ به مخدوم صاحب نهايت وضعداري ۽ اختصار سان گفتگو ڪندا هئا، نه صرف ايترو، پر  جنهن ٽاڪ شو ۾ مخدوم صاحب شامل هوندا هئا ته سندن رويي فهم ۽ فراست واري گفتگو سبب سڄي پروگرام دوران باهمي احترام واري فضا قائم رهندي هئي. مخدوم صاحب جي نفاست پسندي به سندن قابل احترام شخصيت جو هڪ منفرد حوالو آهي.

مخدوم امين ’فهيم‘ صاحب جن باڪمال شاعر هئا ۽ سياست ڏانهن به سندن رويو هميشه شاعراڻو رهيو. سياست ۾ به وفا جهڙي قدر جي آخري حد تائين پاسداري ڪيائون. سندن اهڙي رويي سبب ئي سندن وصال تي هڪ انگريزي اخبار جي صحافي کين مانُ ڏيندي لکيو ته: The Poet Politicians

His personal and political life reads as like poetry may be because he was a poet himself.

سندن شاعريءَ بابت سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري تنقيدنگار ۽ عالم جناب غلام محمد گراميءَ صاحب لکيو ته مخدوم امين ’فهيم‘ جي شاعريءَ ۾ سوزگداذ، محبت ۽ رقت جا اهي سڀئي معيار موجود آهن جيڪي  هڪ قادرالڪلام شاعر ۾ ٿين ٿا.

فسانو شبنم غمگين جي هردم اشڪ ريزي جو،

جڏهن گل ئي نه ٿو سمجھي ته خارن کي خبر ڪهڙي.

منفرد تشبيهن تي مشتمل سندن شاعري املھ انساني احساسن جي ترجماني ٿي ڪري، جو اعلي درجي جو شاعراڻو ادراڪ کين ورثي ۾ مليل آهي. پاڻ هڪ شاعر جي دل سان دنيا جو جائزو ورتائون ۽ پنهنجي هڪ شعر ۾ هيءُ عجيب اعلان ڪيائون ته.

قيمتي شي فقط  محبت آ،

ٻي هر چيز ڄڻڪ رئي آهي.

سندن اهو شعر ان عظيم شاعراڻي ادراڪ جي ترجماني ٿو ڪري، سو مخدوم صاحب هڪ شاعر ۽ اهل دل انسان  واري روش زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ روا رکي ۽ هميشه عمده اخلاقي قدرن جي هر حال ۾ پاسداري ڪندا رهيا.

جيتوڻيڪ مخدوم صاحب 1970ع کان مسلسل اليڪشنن دوران قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر منتخب ٿيندا رهيا. ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽيءَ جي صدارت، ملڪ ۾ جھموريت جي بحاليءَ لاءِ جوڙيل اتحاد اي.آر.ڊي جي سرواڻي سميت ڪيترن ئي عهدن تي رهيا، پر جڏهن به ڳالهه اصولن جي آئي، جڏهن به ڳالهه وفائن جي آئي ته هن شاعر سياستدان جي عزم کي وڏي کان وڏي عهدي جي آڇ لوڏي نه سگهي.

مخدوم امين ’فهيم‘ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن پاڪستان جي سياسي تاريخ جي ٻن طويل ترين ڊڪٽيٽرشپس جي دوران جھموريت جي بحاليءَ جي جھدوجھد ۾ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ جڏهن به ڪير پارٽِي ۽ نظريي سان نڀاءَ جا حوالا ڳوليندو ته کيس هن فقير طبيعت  سياستدان جو نالو سرفهرست ملندو. جيتوڻيڪ مخدوم صاحب جا عزم ۽ ارادا زماني جا آزمايل هئا، جو هن اڏول انسان جي سياسي موقف ۾ مارشلائن جون سختيون ڪابه تبديلي نه آڻي سگھيون نه وري وڏن عهدن جون آڇون کين متزلزل ڪري سگھيون. پر پوءِ به الاهي ماڻهن جون نظرون اهو سياسي منظرنامو وڏي تجسس سان ڏسي رهيون هيون، جڏهن مخدوم صاحب جي محبوب پارٽي هن جي طويل ۽ باوفا رفاقت کي گھربل مڃتا ڏيڻ ۾ ناڪام پئي ٿي، پر مخدوم صاحب جي فيصلي سڀني کي لاجواب ڪري ڇڏيو.

تون امين آهين ’فهيم‘،

فيصلو   ڪج   لاجواب.

مخدوم صاحب جي پارٽيءَ کي اهڙي رويي جي جواب ۾ الوداع چوڻ واريون قياس آرائيون خاڪ ٿي ويون ڇاڪاڻ ته مخدوم صاحب کي خبر هئي ته نڀائبو ڪيئن آهي، ايندڙ نسلن لاءِ وفا جا مثال ڪيئن ڇڏبا آهن ۽ تاريخ جي نظرن ۾ سرخرو ڪيئن بڻجبو آهي.

مخدوم صاحب جي شاعريءَ جو هڪ پهلو جيڪو مونکي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندو آهي، سو سندن شاعريءَ ۾ عشق رسول جو پرچار آهي. گھٽ ۾ گھٽ مونکي مخدوم صاحب جي شاعريءَ جي مطالعي کانپوءِ مخدوم صاحب جي شاعراڻِي سوچ ۽ فڪر جو محور کين پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ مليل عشق رسول ئي نظر اچي ٿو ۽ ان ئي فڪر کي پاڻ مقصدِ حيات سمجھن ٿا.

اي امين عشق مُحمّد جو،

جھوليءَ پائي جھلڻو آهي.

 بيت

حاڪم تنهنجي حڪم سان

دريا پنهنجي دل جــــــــو

 

ڀــــــلــــــي پيئــــــي بَهــــــــي

محبّت مــــــن رهي

 

وحدت ڏانهن وهي

دنيا پنهنجي ڌن تي

16مئي  1955ع

بيت

دنيا پنهنجي ڌن تي

مولا تنهنجي طلب ۾

 

چوري روز چپن

محبّت منهنجي مـــــــن

 

ويـــــڇـــــا ســــــڀ وڃــــــن

”امين“اوهان جي اسم سان

16مئي 1955ع

 

بيت

نرمل نـــــوح فقير

مون کان سي ميا

 

ڪيئي ڪــرم ڪيا

ڪڏهن ٿيا ڪين ڪي

11ڊسمبر 1957ع

شب- هالا

سائين مخدوم محمد امين فهيم

پسند جا ڪتاب، فلمون ۽ موسيقي

     ]حياتيءَ ۾ ڪيل هڪ يادگار ڳالهه ٻولهه 2006ع[

 

 

 

 

 

نصير مرزا

 

پاڪستان جي سياست ۾ هن وقت ڪي ٿورا ئي اهڙا سياست ڪار آهن، جن کي صحيح معنى ۾، حرف جي حُرمت ڄاڻندڙ ۽ سُخن شناس سڏي سگهجي ٿو.

پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي حاضر دور جي مکيه اڳواڻ طور مخدوم محمد امين ’فهيم‘ کي اڄ اسين، اهڙين ئي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙين گهڻ رُخي ڄاڻ رکندڙ هستين مان، هڪ شمار ڪري سگهون ٿا. اڄوڪي سياسي ساک رکڻ کان اڳ. پاڻ ماضيءَ ۾ ٻن ڌار ڌار کاتن ۾ ٻه ڀيرا، وفاقي وزارتن جو قلمدان به سنڀالي چُڪا آهن. خانداني طور تي جيتوڻيڪ پاڻ، ”نوَ لکي“ سڏجندڙ گودڙي يعني حضرت مخدوم نوحرحه جي درگاهه جا سجاده نشين آهن، پر سجاده نشينيءَ سان گڏ، سنڌ جي سياست ۾ به سندن ۽ سندن خاندان جو ماضيءَ کان وٺي وڏو عمل دخل ۽ اثر رسوخ رهندو پيو اچي. سياست سان گڏ سخن شناسي پڻ سندن ورثو آهي ۽ ان ڏس ۾ نه فقط هُو پاڻ هڪڙو اعلى شاعر آهي، پر سندس ولي عهد، مخدوم جميل الزمان پڻ، سياست سان گڏوگڏ سنڌي شاعريءَ ۾، پنهنجي هڪ جيڏن شاعرن جي جهرمٽ ۾، هڪ نشانبر شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.....

امين ’فهيم‘ سائينءَ جو، شعري مجموعو،
”پيغام“ جي نالي سان، 1970ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل آهي.

افسوس، شديد سياسي مصروفيتن سبب، شاعريءَ لاءِ هاڻي هُو وقت ڪڍڻ کان قاصر آهي ۽ انهيءَ بابت هُن اسان کي ٻڌايو پئي.

• ڪيڏو نه سٺو وقت هو اُهو، جڏهن آءٌ مشاعره پڙهندو هوس. انهن ۾ شريڪ ٿيندو هوس، جتي شيخ اياز ۽ امداد حسينيءَ جهڙن شاعرن سان منهنجيون ملاقاتون ٿينديون هيون، پر افسوس، سياسي مصروفيتن جي سبب، هاڻي آءٌ اهڙين شاعراڻين مجلسن ۽ محفلن کان گهڻو پري ٿي ويو آهيان.

- اهڙي دل آويز دنيا ڇڏي، يڪ لخت اوهين اڄڪلهه سياست جا ڇو ٿي ويا آهيو!؟

۽ انهيءَ سوال جي جواب ۾ مخدوم امين
’فهيم‘ ڌيرج ڀريي نوع ۾، سهج سڀاو وراڻيو:

• ابتدا ۾ سياست سان واقعي به مون کي ڪو گهڻو چاهه ڪونه هو ۽ گهڻو ڌيان، منهنجو ادب پڙهڻ، شاعري ڪرڻ، شڪار ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ سان وڌيڪ هوندو هو. غالباً اُهو 1970ع وارو زمانو هو، جو والد بزرگوار، بابا سائين (مخدوم محمد زمان ’طالب‘
المولى سائين) کي پيپلزپارٽي پاران چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ زور بار وڌو ويو. تن ڏينهن ۾ آءٌ وئڪيشن گذارڻ جي لاءِ ٽوڪيو ويل هوس. تڏهن انهن چونڊن ۾، حصي وٺڻ لاءِ محترم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو پيغام پهتو. ۽ بس پوءِ ته، جيئن چئبو آهي ته، ’اُهي ڏينهن ۽ اُهي شينهن‘ سياست ۾ هاڻي اُن حد تائين اڳتي نڪري ويو آهيان جو پويان مڙي ڏسڻ جو موقعو ئي ڪونه ٿو ملي.

- ۽ سياست ۽ شاعريءَ جي ڄاڻ کان سواءِ، شايد گهٽ ماڻهن کي اها خبر هوندي ته امين ’فهيم‘
صاحب جي وڻندڙ شخصيت ۾ مالڪ ڪي ٻيا گڻ به رکيا آهن. مثال طور کين ”پيانو“ ۽ ”هارمونيم“ پڻ پوري مهارت ۽ هنرمنديءَ سان وڄائڻ ايندو آهي. ان شوق بابت کانئن پڇيم ته، نهايت خوشگوار موڊ ۾ ٻڌائڻ لڳا.

• هڪ دفعي ڪنهن پرڏيهي وفد سان ميٽنگ ڪري فارغ ٿيس ته ڪنهن دوست چئي وڌو.

’فهيم‘ کي پيانو ڏاڍو سٺو وڄائڻ ايندو آهي. تڏهن دوستن جي بيحد اصرار تي، مون کين ”پيانو“
تي جيڪا طرز اُتي وڄائي ٻُڌائي ان جا ٻول هئا ”دما دم مست قلندر“ جنهن کي ان وقت پرڏيهي مهمانن خاص طرح سان تمام گهڻو ساراهيو.

اهڙي طرح بانسري وڄائڻ سان به، مون کي گهڻو چاهه رهيو آهي.... پر اُن جي وڄائڻ ۾ مون ڪا مهارت حاصل نه ڪئي.

- هاڻي ڀلا اهڙن شوقن لاءِ ڇا وقت ڪڍي وٺندا آهيو؟

• حالت هاڻي اهڙي وڃي ٿي آهي. امين
’فهيم‘ سائين وراڻي ٿو: اهڙن .... شوقن لاءِ هاڻي آءٌ وقت ڪڍي ئي نه ٿو سگهان. خاص ڪري گهر ۽ ڪٽنب جي ڀاتين سان گڏ ويهي ڊگهيون رهاڻيون ڪرڻ جو موقعو به هاڻي مشڪل سان ئي ميسر ٿئي ٿو. ۽ روزمره جو معمول هاڻي هي وڃي رهيو آهي ته صبح جو سوير اٿجي ٿو. اخبار ڏسجي ٿي ۽ ان کان پوءِ ڏينهن ٿيندي ٿيندي سياسي مصروفيتن ۽ مٽينگن ۽ بحث مباحثن ۾ ايترو ته مصروف ٿي ٿو وڃجي، جو ڏينهن جي گذري وڃڻ جو احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي ۽ اک ڇنڀ ۾ ڏينهن گذريو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ته گهر وارا شڪايت ڪندا آهن ته، هي ڇا آهي!؟ اوهان کي ته پوري طرح سان آرام ڪرڻ ۽ وقت تي کائڻ ئي وسري ويو آهي.

ڇا مصروفيتن جي اهڙي ٽائيٽ شيڊول مان لکڻ پڙهڻ لاءِ ڪو... وقت ڪڍي سگهندا آهيو؟

- امين ’فهيم‘ سائين ٻڌائين ٿا

• ڪتاب پڙهڻ لاءِ بهرحال ڪجهه وقت ڪڍي ئي وٺندو آهيان. ۽ خاص ڪري تاريخ، سياست، آتم ڪٿائن، سياسي شخصيتن جي سوانح عمرين وارا ڪتاب، هر حالت ۾ منهنجي مطالعي هيٺ رهندا ئي رهندا آهن. ان ڏس ۾ خاص ڪري ڀٽو صاحب ۽ هينري ڪسينجر جي شخصيت ۽ گڏيل پاڪستان جي تاريخ بابت ڪتابن جو آءٌ باقاعده مطالعو ڪندو رهندو آهيان.

هونئن پڙهڻ جو دارومدار... هُو ٻڌائي ٿو موڊ تي ڀي هوندو آهي. دل چاهيندي آهي ته، ڪنهن وقت تاريخ جي موضوع تي ڪتاب پڙهڻ ويهي رهندو آهيان، وري جي موڊ شاعري پڙهڻ جو ٿيندو آهي ته شاعريءَ جو ڪتاب پڙهن لڳندو آهيان.

- عجب اتفاق... امين ’فهيم‘ سائين اوچتو ٻڌائڻ ٿو لڳي.

• افسانوي ادب پڙهڻ سان منهنجو بلڪل ئي چاهه ڪونهي، باقي شاعرن ۾ مرزا غالب، ساحر لڌيانوي، فيض احمد فيض، احمد فراز، داغ دهلوي، ذوق ۽ جوش مليح آبادي جي شاعري مون سدائين شوق سان پئي پڙهي آهي. ان کان سواءِ ننڍي هوندي کان وٺي يا پوءِ نصاب ۾ فارسي، مضمون طور پڙهڻ جي ڪري، فارسيءَ جي شاعرن مان، حافظ، سعدي ۽ امير خُسرو جي فارسي ڪلام سان به منهنجي گهري دلچسپي رهي آهي ۽ مون اُنهن کي به ڏاڍي محبت سان پڙهيو آهي.

- ڀلا موسيقي ٻُڌڻ سان ڪا رغبت؟

• خالص ڪلاسيڪل موسيقي ٻڌڻ سان. منهنجي.... امين ’فهيم‘ سائين وراڻي ٿو.... ڪا خاص دلچسپي ڪانهي ها! نيم ڪلاسيڪل موسيقي مون کي البت گهڻو وڻندي آهي ۽ اهڙي موسيقي ۾ غزل يا ٺمريءَ جي گائيڪي ڪافي محفوظ ڪندي آهي مون کي، انهن صنفن جي راڳيندڙن مان، بڙي غلام علي خان، استاد برڪت علي خان، مهدي حسن، نورجهان ۽ غلام علي جي گائيڪي مون کي گهڻو وڻندي آهي.

موسيقي بابت ڳالهائيندي، هُو اوچتو چوڻ ٿو لڳي.

• افسوس، اسان وٽ، لوڪ موسيقي ۽ ڪلاسيڪل موسيقي، هاڻي پوين پساهن ۾ پهچي چڪي آهي ۽ اُن کي بچائڻ لاءِ شايد، ڪجهه به ڪونه پيو ڪيو وڃي ۽ هيءُ ٻئي فن لڳي پيو هوريان هوريان جديد موسيقيءَ جي گوڙ ۽ شور ۾ الوپ ٿيندا پيا وڃن.

- پاڪستان کان ٻاهر جي راڳيندڙن مان، هُو ٻڌائڻ ٿو لڳي: لتا منگيشڪر، ڪشور ڪمار، محمد رفيع، آشا ڀوسلي ۽ طلعت محمود مون کي گهڻو وڻندا آهن ۽ انهن سڀني فنڪارن منجهان، لتا منگيشڪر جو ته، آءٌ ڀانئيان ٿو ڪوبه، جوڙ جيس پيدا ئي ڪونه ٿي سگهيو آهي.

- موسيقي جي ميدان ۾ نون متعارف ٿيندڙ آوازن بابت منهنجي سوال جي جواب ۾، امين
’فهيم‘ سائين وراڻي ٿو.

• نوان فنڪار، موسيقيءَ جي بنيادي ڄاڻ کان سواءِ، ڄڻ اهڙن ڇڙواڳ اُٺن مثل آهن، جن کي پنهنجي صحيح رستي جي خبر ئي ڪانه پئي پوي ۽ بس ڳائيندا پيا وڃن.

- مغربي موسيقيءَ جي باري ۾، امين ’فهيم‘
سائين، اعتراف ڪندي چوي ٿو.

• ان جي ٻڌڻ جو نه مون وٽ وقت آهي ۽ نه شوق. اتفاق سان جي ڪنهن اهڙي محفل ۾ جتي اها زور شور سان، ڳائي پئي ويندي آهي. اتي ٿوري دير لاءِ ويهڻ به منهنجي لاءِ عذاب بڻجي ويندو آهي.

- ڇا سئنيما ۾ وڃي فلمون ڏسڻ سان به ڪڏهن اوهان کي شوق رهيو آهي ۽ ان سوال جي جواب ۾ هُو وراڻي ٿو:

• ڪو وقت هو جو فلمون ڏسڻ لاءِ مون وٽ وقت هوندو هو ۽ ڦوهه جوانيءَ ۾ ته نرگس، راج ڪپور ۽ دليپ ڪمار جون فلمون مون ڏٺيون هيون.

اداڪارن ۽ اداڪارائن جي اهڙي کيپ منجهان فلمسٽار مڌو بالا ته خاص طرح سان مون کي ڏاڍي وڻندي هئي.

هالي ووڊ جي اداڪار ۽ اداڪارائن مان وري... امين ’فهيم‘ سائين.... ٻڌائيندو ٿو هلي.

• راڪ هُڊسن، صوفيه لارين، ايلزبيٿ ٽيلر، چارلس اسٽيفن ۽ ٽوني ڪرٽس منهنجا من پسند اداڪار رهيا آهن ۽ هالي ووڊ جون جيڪي ٻه فلمون خاص طرح سان مون کان ناهن وسري سگهيون، اُهي آهن: 10-Commandents ۽ ٻي فلم Ben Hur.

لولي ووڊ جي مزاحيه اداڪارن مان، هن ٻڌايو....

•  لهريءَ جي اداڪاري مون کي تمام گهڻي وڻندي آهي ۽ پاڪستاني فلمن جي هيروئنز منجهان صبيحه خانم ۽ مسرت نذير منهنجي پسند جون اداڪارائون آهن.

- اڄڪلهه جي نون اداڪارن بابت ڇا چوندو؟

• امين ’فهيم‘ سائين ٻڌائي ٿو... نيون فلمون ڏسڻ جو موقعو ڇاڪاڻ ته مون کي نه پيو ملي انڪري، ان ڏس ۾ ملڪ جي اهڙن اداڪارن جي اداڪاريءَ بابت آءٌ ڪجهه به چئي نٿو سگهان.... پرمنهنجو اندازو آهي ته، سينئرس جي نقش قدمن تي هلندي، اهي ضرور بهتر ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندا هوندا.

۽ گفتگوءَ جي انهيءَ موڙ تي

امين ’فهيم‘ صاحب، اوچتو انڪشاف ڪندي ٻڌائڻ ٿا لڳن: ننڍيءَ ڄمار ۾، جنهن وقت مون دليپ ڪمار واري فلم ديوداس ۽ نرگس واري ”جوگن“ پئي ڏٺيون، ته انهن فلمن جي دکدائڪ منظرن مون کي ايترو ته متاثر ڪيو، جو آءٌ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو هوس.

۽ اهڙي ريت، مزاحيه اداڪارن، جيري لووز، جيڪ رابنس، جاني واڪر، لهري ۽ رنگيلي جي مزاحيه اداڪاري تي آءٌ ٽهڪ ڏيئي کلڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو آهيان.

- فلم... امين ’فهيم‘ سائين وڌيڪ ٻڌائڻ ٿو لڳي...

اهڙو ميڊيا آهي. جنهن سان سوسائٽيءَ ۾ نهايت بهترين ۽ مثبت تبديليون آڻي سگهجن ٿيون، پر ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته اهو ميڊيا اڄڪلهه يرغمال آهي ۽ ان کي بي راهه روي ۽ بگاڙ پکيڙڻ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ اها نهايت دکدائڪ ڳالهه آهي.

پنهنجي پسند جي ڪتابن، فلمن ۽ موسيقيءَ بابت گفتگو ڪندي، پڄاڻيءَ تي امين ’فهيم‘ سائين چيو پئي....

• مون کي ويساهه آهي ته فلم ميڪر ۽ فنانسر چاهين ته نئين ٽهيءَ کي فلم ميڊيا جي مدد سان بگاڙ کان بچائي سُٺائيءَ جي راهه تي لائي سگهن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org