سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :12

اڪبر- جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ انهيءَ ۾ سمورن مذهبن جا خاص خاص ۽ وزنائتا اصول هئڻ کپن: سڀني مذهبن جا نيڪ ۽ بهترين اصول انهيءَ ۾ سمائجي وڃڻ کپن. پاڻ جيڪي بحث مباحثا ڪندا هئاسون، تن جو نتيجو به آخر ڪهڙو نڪتو؟ سڀ کان پهريائين، مون هندو ڌرم ۾ دلچسپي ورتي. مون پنهنجي هندو رعايا جي مذهب جي بنيادي اصولن کي دريافت ڪرڻ ٿي گهريو، جو آءٌ انهن کان مطمئن نه هوس؛ آءٌ اڃا به ڪو نه آهيان- ويتر هاڻ اسلام متعلق به شڪ جاڳي پيا اٿم. اها ڳالهه ٻڌيو، اسان جو قاضي ته بنهه پاڻيءَ کان نڪريو وڃي! فضل، ٻڌاءِ ته سهي اسان جي بحثن مباحثن ڪا انهن شخصن ۾ نظر جي وسعت پيدا ڪئي آهي يا نه؟

ابو الفضل- ڪيئن چئجي؟ انهن کي اڃا آزمايو ئي ڪونه اٿئون.

اڪبر- ها، مذهب انسانيت . . . . ! منهنجو ڪافي عرصي کان خيال پئي رهيو آهي ته سمورن مذهبن کي هڪڙي ئي مذهب ۾ سموئي، هڪ همه گير مذهب قائم ڪجي- هڪ نئون عقيدو، انسانيت جو عقيدو، نيڪيءَ جو مذهب: انسان جي شاندار منزل مقصود جو مذهب، روح جي بنيادي نيڪيءَ جو عقيدو!

ابو الفضل- ها، عقيدو- هر نئين ڄاول ٻار جي معصوميت ۽ نيڪيءَ جو عقيدو!

اڪبر- مومن يا منڪر، هندو يا مسلم، ڪرستان يا بت پرست، بادشاهه يا ڀنگي- اهو سڀڪجهه هڪ ئي چيز آهي: عورت جي بطن مان پيدا ٿيل هر نئون ڄاول ٻار، هڪ ڪتاب جو صاف ۽ خالي صفحو آهي، جيڪو خود هن جي زندگيءَ جي خون سان لکيو ويندو!

ابوالفضل- پر، اهو صفحو، جيڪو آخر هندو، مسلم، عيسائي وغيره جي صورت وڃيو وٺي!

اڪبر- آءٌ هڪڙو مسلمان ٿي پيدا ٿيس؛ ۽ اهڙيءَ طرح تون به- اسين انهيءَ ۾ ڇا ٿي ڪري سگهياسين؟ اسين مجبور هئاسين! اسان جو مذهب ته موروثي آهي- بي اختيار ۽ خودبخود ائين ٿي ٿو وڃي! بيشڪ مذهب انسان جي زندگيءَ کي رنگ ڏئي ٿو، پر اهو ضروري ته نه آهي ته هروڀرو اهو اسان جي زندگيءَ جي هر صفحي کي ڀري ڇڏي!

ابوالفضل- سو ته هي بحث مباحثا برابر تنهنجي ۽ منهنجي زندگيءَ جي چڱن خاصن صفحن کي ڀري ڇڏيندا!

اڪبر- نه رڳو اسان جي، پر ٻين به ڪيترن ئي موروثي معتقدن جي زندگيءَ جاڪتاب ڀرجي ويندا: آءٌ هنن ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ قوت برداشت ۽ رواداريءَ کي جانچي رهيو آهيان.

ابوالفضل- شروع شروع ۾ هو ڪيئن نه هڪ ٻئي جي خلاف پيا دليلبازيون ڪندا هئا؛ ڪيئن نه هڪ ٻئي کي زير ڪرڻ لاءِ زور آزمائيون پيا ڪندا هئا، ته فقط هـُو ئي آهن، جيڪي دنيا کي نجات ڏياري سگهندا، ۽ فقط سندن پنهنجا روحاني استاد، رشي مني، ۽ پيغمبر ئي عظيم ترين شخصيتون هئا! هڪ ٻئي جي طور طريقن تي . . . . ۽ خود خدا جي صفتن ۽ وجود تي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ايندا هئا! . . . . نيڪيءَ ۾ ڪو به اهڙو جهيڙو جهڳڙو آهي ئي ڪونه- اها ته تمام آسان، نهايت ئي سولي آهي.

اڪبر- نيڪي هڪ همه گير ضرورت، هڪ همه گير بخشش آهي. اسان جو فرض آهي ته ان کي حاصل ڪريون. انهيءَ ۾ ئي اسان کي رهڻ، هلڻ چلڻ ۽ زندگي حاصل ڪرڻ گهرجي: پر پوءِ اسين عبادت ڪرڻ وقت ان کي مخاطب ڪيئن ٿي سگهنداسون؟ نه نه . . . . اسين خود نيڪي آهيون: نيڪي اسان جي نڪ مان کڄندڙ اسان جو ساهه آهي، دل جي دڪ دڪ آهي، ۽ اسان جي عضون جي حرڪت آهي!

ابوالفضل- نيڪيءَ کي سڀڪو حاصل ڪري ٿو سگهي. نيڪي سڀني کي ملائي ڳنڍي هڪ ڪري ٿي ڇڏي.

اڪبر- ها، اها نسلن کي، قومن کي متحد ڪريو ڇڏي. متحده قومون، متحد ٿي، دنيا کي متحد ڪري سگهن ٿيون! فضل، اهوئي ته اسلام جو بنيادي اصول آهي . . . . ٻـَڌي، وحدت! فضل، خود اسلام جا ئي اهي لفظ آهن ته ”سمورا انسان هڪ ئي نسل آهن!“

ابو الفضل- سمورا انسان، هڪڙو ئي نسل! اڪبر، تون عيسائيت جو بنيادي اصول ڪهڙو ٿو سمجهين؟

اڪبر (ڪجهه وقفي کان پوءِ)- محبت، بيغرض محبت . . . دوستي ۽ امن.

ابو الفضل- ۽ هندو ڌرم جو؟

اڪبر- هندو ڌرم جو؟ . . . . آتم گيان، يعني پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ۽ پنهنجو پاڻ تي اختيار رکڻ!

ابو الفضل- ۽ ٻـُڌ مت؟ ٻڌمت به مذهب آهي يا نه؟

اڪبر- ٻڌمت؟ . . . مذهب؟ ٻڌمت ويچار-شڪنيءَ جو مذهب آهي!

ابوالفضل- ۽ انهيءَ جو بنيادي اُصول؟

اڪبر- رحم . . . . نفس جي مارڻ سان، تياڳ ڪرڻ سان!

ابو الفضل- انهيءَ جو مول مقصد؟

اڪبر- زندگيءَ تي فتح پائڻ- هـِتي جي ۽ هاڻي جي زندگي! حقيقت ۾، هو فرد روزانو جيڪي ڪجهه ڪري ٿو . . . . ان سان زندگيءَ تي فتح پائڻ ئي ان جو مقصد آهي!

ابوالفضل- ان جي منزل؟

اڪبر (ڪجهه وقفي کان پوءِ)- انهيءَ جي منزل؟. . . . سڪون، ابدي سڪون- نرواڻ!

ابو الفضل- اهي سمورا اصول، اسلام جي بنيادي اصول-توحيد- سان گڏجي، اي اڪبر، تنهنجي  نئين عقيدي، نئين مذهب ”انسانيت“ جو بنياد بنجي سگهندا!

اڪبر- فضل، منهنجي سمجهه موجب اهي ئي مکيه اصول آهن، جيڪي ويدن، گوتم ٻڌ ۽ يسوع مسيح جي تعليم مان پيدا ٿيا آهن. اسان عرب جي نبي صلعم جي پيروئن کي، اسلام جي بنيادي اصول توحيد موجب، انهن سمورن کي ملائي هڪ ڪري ڇڏڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي- اسلام جي آڀارڻ لاءِ نه، پر انسان ذات جي شان کي دوبالا ڪرڻ لاءِ!

ابو الفضل- پر، اي اڪبر، ڇا اهي تعليمون اڄ انهن مذهبن ۾ ڏنيون به وڃن ٿيون؟ اهي اصول اڄ عمل ۾ به اچن ٿا؟ آءٌ ڀانيان ٿو ته ائين ڪونهي.

اڪبر- فضل، نوان وقت ۽ نيون حالتون، نون عقيدن ۽ نون عملن کي جنم ڏينديون آهن- مثال طور خود دولت متعلق اسان جي تعليم کي ڏس . . . .

ابوالفضل- دولت؟ دولت ته ڪا اهڙي خرابي ڪانهي جا ترڪ ڪرڻ گهرجي- تنهنجو عقيدو ڇا ٿو چوي؟

اڪبر- اسان کي خبرداري ڪرڻي پوندي. خود مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺو آهي ته جيئن جيئن سال ٿا گذرندا وڃن، تيئن تيئن دولت به وڌندي وڃي- اهو اضافو جاري رهندو، ايتريقدر جو شايد اسان ۾ انهيءَ کي قبضي ۾ رکڻ جي صلاحيت نه رهندي! انهيءَ ڪري، ايندڙ ڏينهن ۾ دولت هڪ اهڙي خرابي بنجي پوندي، جنهن کي ترڪ ڪرڻو ئي پوندو . . .

(برهمڻ، پنڊت، پادري، قاضي ۽ ٻوڌي راهب داخل ٿين ٿا)

ابو الفضل- اجهو، هي به اچي ويا.

اڪبر- ڀلي ڪري آيا، جيءُ ڪري آيا، ڀائرو! اچو اچو، ويهو . . . . .

قاضي- الله اڪبر!

پادري- مقدس مريم اسان جي شفاعت ڪري!

ٻوڌي- اوم مني پدمي هام! شانتي، اوم شانتي!

اڪبر- ڀائرو، اسين اڄ ”عبادت“ جي مقدس ڏينهن تي وري پاڻ ۾ گڏيا آهيون. اسان پاڻ ڪيترائي بحث مباحثا پئي ڪيا آهن. اسان مختلف مذهبن تي بحث ڪندي، ڪو اهڙو عام ميدان به ڳوليو آهي، جتي اسين هڪ ٻئي سان برابريءَ ۾ بيهي سگهون؟ ڇا اسين انهيءَ لاءِ تيار آهيون ته پنهنجي پنهنجي مذهبن جي بنيادي اصولن کي ملائي، هڪ اهڙو مذهب- ”مذهب انسانت“ ٺاهيون، جو سڀني مذهبن کان عظيم تر هجي؟ ٻڌايو، اسين انهيءَ لاءِ تيار آهيون يا نه؟ (وقفو)

جيتري قدر منهنجو، ۽ منهنجي دوست ۽ همدم ابوالفضل جو تعلق آهي، اسين ٻئي شخصي طرح انهيءَ لاءِ بلڪل تيار آهيون. اوهين، انسان کي زندگي بخشيندڙ هستيءَ جي قاصدن، ۽ مذهبن جي مبلغن جي حيثيت ۾ انهيءَ لاءِ تيار آهيو؟ ڇا اوهين معرفت، علم، محبت ۽ توحيد جي انهن اصولن خاطر- جن اوهان کي زندگي ڏني، ۽ جن اوهان کي نيڪيءَ جي راهه تي آندو- پنهنجا ظاهري ۽ منطقي اختلاف وسارڻ لاءِ تيار آهيو؟ رڳو پنهنجي انفرادي روح جي ايندڙ حياتيءَ ۽ نجات لاءِ نه، پر سڄي انسان ذات جي گڏيل روح جي هن موجوده حياتيءَ ۾، نيڪيءَ ۽ نجات لاءِ- اسين نئين ”انسانيت جي مذهب“ کي قبول ڪرڻ لاءِ آماده آهيون؟ . . . . ”انسانيت جو مذهب“- هڪ اهڙو مذهب، جنهن جو مقصد ”نيڪي“ آهي. ها، نيڪي- رڳو پنهنجي نجات لاءِ نه، انفرادي نجات لاءِ نه، محض ڪن ماڻهن يا قومن جي نجات ۽ ڇوٽڪاري لاءِ نه،- پر سموري انسان ذات جي نجات لاءِ! ڀائرو، جواب ڏيو؟

قاضي- خيال نهايت چڱو آهي!

پادي- اها موجوده وقت جي تقاضا آهي!

ٻوڌي- انهيءَ مان شانتي پيدا ٿيندي!

برهمڻ- اهو سڀني اوتارن ۽ پيغمبرن جي اچڻ کي سچو ثابت ڪندو!

قاضي- ۽ ان کان پوءِ ٻيو ڪو به پيغمبر ڪونه ايندو!

اڪبر- انسانيت هاڻي ڪافي عمر رسيده ٿي چڪي آهي- هاڻ انسانيت کي پنهنجو پاڻ لاءِ ڪجهه سوچڻ گهرجي، ڪجهه عمل ڪرڻ گهرجي.

پادري- هڪڙو ٻار فقط ٻاراڻي نموني عمل ڪندو آهي، سوچيندو نه آهي؛ جوان، جوان جيان فقط سوچيندو آهي- پر بزرگ ۽ وڏڙا سياڻپ سان عمل ڪندا آهن.

ٻوڌي- سياڻپ ويچار جو اولاد آهي؛ ۽ ”حقيقت“ صحيح عمل جي ماءُ آهي.

اڪبر- حقيقت! اِها ”حقيقت“ ڇا آهي”

ٻوڌي- اڄوڪي ڏينهن جو صورتحال، جيڪو گذري رهيو آهي، اهو نه، جيڪي ڪالهه هو؛ پر اهو، جيڪي اڄ آهي- اها آهي ”حقيقت“! ڏينهن گذرندا ٿا رهن، ۽ حالتون تبديل ٿينديون ٿيون رهن: ”حقيقت“ به تبديل ٿيندڙ حالتن سان بدلجندي آهي.

اڪبر- اهوئي سبب آهي جو دولت بابت منهنجا خيال پريشان ٿيندا ٿا وڃن. قاضي صاحب، اسان کي دولت بابت اسلامي نقطهء نظر ته سمجهايو؟

قاضي- قرآن مجيد مطابق دولت اهڙي مثبت نيڪي آهي، جنهن کي انهيءَ جا مالڪ وڏيءَ خوشيءَ سان ماڻي سگهن ٿا: دولت کي ترڪ ڪرڻ نه گهرجي، پر انهيءَ جو ڪجهه حصو غريبن کي ڏيڻ ضرور گهرجي!

پادري- اسان جي يسوع مسيح جو قول آهي ته ”اوهان وٽ جيڪي ڪجهه آهي، سو وڪڻي غريبن کي ڏيو“!

قاضي- سرمائيدارن کي سڀڪجهه کسي غربين کي ڏيڻ ڪو غريبيءَ جو علاج نه آهي. ان جي برعڪس، شاهوڪارن کي غريب بنائڻ ته پاڻ غريبي وڌي ويندي!

ٻوڌي- خيرات يا دان ڏيڻ جا ڪم رڳو ٿوري وقت لاءِ غريبيءَ کي جهڪو ڪن ٿا- اسان کي غريبيءَ جا ”ڪارڻ“ ڳولڻ گهرجن . . . . . اسان کي غريبيءَ ۽ سرمائيداريءَ کان اڳتي سوچڻ گهرجي . . . . اسان کي ٻنهي جي وچ وارو رستو ڳولڻ گهرجي!

اڪبر- دولت جي ايتري ساري ذخيره اندوزيءَ مان هڪ حقيقي ۽ زبردست خطرو پيدا ٿي پوي ٿو: سرمائيداري رڳو وڌي ئي وڌي پئي- شاهوڪاري ئي شاهوڪاري پئي گڏ ٿئي!

ابوالفضل- ۽ جنگ جي هٿيارن ۾ الڳ اضافو ٿي رهيو آهي. اضافو ۽ تبديل! اڄ جا هٿيار آرين جي وقت ۽ افغان فاتحن جي ڏينهن کان گهڻو وڌيڪ موتمار آهن.

اڪبر- جيڪڏهن انهن ٻن جاڙين طاقتن- سرمائيداري ۽ جنگ- کي نه روڪينداسون، ته اهو ڏينهن ايندو، جو اهي ٻئي گڏجي دنيا جي ڪنڌ تي اچي ڪڙڪنديون . . . ڏهن، ويهن يا سو سالن کان پوءِ، . . . . ڪنهن کي خبر ته جنگ جا اڃا به ڪهڙا موتمار هٿيار هوندا! جيڪڏهن اسان انهيءَ مهلڪ طاقت کي روڪينداسون ۽ دٻائينداسون نه، ته اسين به اهڙيءَ تباهيءَ هيٺ اينداسون، جهڙي ”ائنٽلانٽس“ ملڪ جي آکاڻيءَ ۾ مشهور آهي! ائنٽلانٽس رياست هڪ زبردست سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ غرق ٿيل آهي. انهيءَ رياست پنهنجي طاقت ايتري قدر وڌائي، جو پوءِ ان تي ضابطو رکڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو- يا خود ان تي ضابطو رکڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي ويئي!

ٻوڌي- جيڪڏهن انهن ٻن جاڙين طاقت- سرمائيداري ۽ جنگ- کي نه روڪيو ويو، ته اهي هڪ اهڙي خوفناڪ حقيقت پيدا ڪنديون، جنهن سان وقت جي ڪا به طاقت مقابلو ڪري نه سگهندي!

اڪبر- پوءِ، اي بکشو، ٻڌمت جي ”ويچار“ ۽ ”صحيح عمل“ جي اٽل ضرورت پوندي.

پادري- اسان جي مذهبي الهام مطابق، انهن خطرناڪ ڏينهن ۾ ”عدو عيسى“ پيدا ٿيندو. اهو ”عدو عيسى“، ”نجات ڏياريندڙ“ جي ٻهروپ ۾ ظاهر ٿيندو: سندس هٿن تي انهن ڪلين جا زخم هوندا، جن سان ”هـُن“ کي سوريءَ تي چاڙهيو ويو هو. هو ”امن جي شهزادي“ جي روپ ۾ ”امن، امن!“ پڪاريندو ايندو- پر تڏهن امن هوندو ئي ڪونه!

قاضي- ۽ اسين توحيد جي پيغمبر جا پوئلڳ ”توحيد، توحيد“ پڪارينداسون، جتي توحيد هوندي ئي ڪانه!

ٻوڌي- انهن ڏينهن ۾ انسانيت ”نيڪ“ ۽ ”عقلمند“ کي رهبري ڪرڻ لاءِ وينتي ڪندي: انهيءَ رهبريءَ سان انسانيت هن دنيا ۾ امن جي مقصد کي رسندي، ۽ ان کان اڳتي ”نرواڻ“ نصيب ٿيندس!

برهمڻ-پاڻ تي اختيار رکڻ سان . . .

پادري- محبت سان . . .

قاضي- توحيد سان . . .

اڪبر- انسانيت جي مذهب سان . . . !

(گهڙيءَ کن لاءِ ماٺ ٿي وڃي ٿي)

آءٌ ڏسان ٿو ته اوهين هن ”نئين عقيدي“ ۾ منهنجي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار آهيو- ”نئون عقيدو“، جيڪو نه ”هندو“ آهي نه ”عيسائي“، نڪي ”مسلمان“ اهو عقيدو، جيڪو ”انسان“ آهي. ڇا اوهان سمورا انهيءَ عقيدي جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار آهيو؟  جيڪڏهن پيروي نه ڪري سگهو ته ”نه“ چئو، ۽ خاموشيءَ سان اٿي هليا وڃو؛ ۽ جيڪڏهن پيروي ڪندؤ ته پوءِ ويٺا هجو.

(گهڙيءَ کن لاءِ ماٺ ٿي وڃي ٿي، ۽ ڪا چرپر ڪانه ٿي ٿئي)

ٻڌو، ”نيڪي“ منهنجو خدا آهي . . . آءٌ ٻئي ڪنهن به خدا  کي ڪين سڃاڻان . . . !

اي انسان جي روح کي زندگي ڏيندڙ طاقت جا قاصدؤ، ڪجهه ته چئو! اچو ته اڄ اسين گڏجي عهد ڪريون ته توحيد ۽ نيڪيءَ جي هن عظيم تصور کي ڇڏي تيسين نه اٿنداسون، جيسين اسان انهن ٻنهي کي گڏي پنهنجي نئين عقيدي- ”انسان جي عقيدي“- ”انسانيت“ جي مذهب جو بنياد نه بنايو آهي.

اي قادر مطلب جا قاصدؤ، ڪجهه ته چئو!

(پردو ڪري ٿو)

منظر ٽيون

3

ڪردار

اڪبر؛ ابوالفضل؛ فيضي- ابوالفضل جو ڀاءُ؛ رحيم- شاعر، ۽ بهرام خان جو پٽ؛ مرزا عزيز- فوج جو عهديدار؛ راجا مانسنگهه- فوج جو سپهه سالار؛ راجا بيربل- ظريف؛ جانڪي داس-شاعر؛ تانسين- هندوءَ مان مسلمان ٿيل درٻاري گَوَيو.

 

]ديوان خاص- اڪبر جا رتن سندس انتظار ۾ درٻار ۾ ويٺا آهن- تخت جي کاٻي پاسي کان پهرين ابوالفضل ڀاڻس فيضي، ان جي ڀرسان راجا توڏر مل ويٺا آهن- تخت جي ساڄي پاسي کان جانڪي داس، رحيم ۽ بيربل، ۽ هيٺ راجا مانسنگهه ۽ مرزا عزيز ويٺا آهن.[

راجا مانسنگهه- افواهه پيا ٻڌجن ته جزيو منسوخ ٿو ٿئي، ۽ زيارتي ڍل کي به . . . .

جانڪي - شل اهي افواهه سچا ٿين!

مانسنگهه (توڏر مل کي)- ٻڌو اٿم ته اوهين اڄ صبح واريءَ درٻار ۾ ديوان عام ۾ حاضر هئا. اوهان کي ته سڄي خبر هوندي. اهي محصول منسوخ ٿيڻا آهن ڇا؟

توڏر مل- ڏسڻ ۾ ته ائين پيو اچي. وڌيڪ تفصيل جي ته مون کي به خبر ڪانهي.

ابو الفضل (مرڪندي)- راجا صاحب کان پڇڻو اٿوَ ته زمينن جي ڍلن ۽ ماپن بابت پڇوس، محصولن مان هو ڇا ڄاڻي؟

مانسنگهه- ها ها. . . . ابوالفضل، تون سچ ٿو چوين. مون کي ته تو کان ئي پڇڻ گهربو هو- ڀلا ٻڌاءِ ته سهي، اهو سچ آهي ڇا ته جزيو منسوخ ٿو ٿئي؟

ابوالفضل- گهڻو ڪري، حقيقت ۾ انهيءَ محصول ۽ زيارتي محصول کي ماڻهو ڏاڍو ڌڪارين ٿا- شهنشاهه خود انهن کي ناپسند ٿو ڪري.

جانڪي داس- ٻيا به افواهه ٿا ٻڌجن ته ڪو نئون مذهب پيدا ڪيو ويو آهي؛ ۽ اهو مذهب سڀني مذهبن کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏيندو. اها ڳالهه اعتبار ۾ ته ڪانه ٿي اچي!

بيربل- اڄ کان پوءِ مسلمانن کي ڏاڙهيون ڪوڙائڻيون پونديون ۽ هندن کي رکائڻيون پونديون- جانڪي ۽ ڏاڙهيءَ سان؟ . . . واهه واهه . . . !

جانڪي- ۽ بيربل به!

ابوالفضل- راجا صاحب، نئون مذهب اهڙو برو ڪونهي. هڪڙي نئين عقيدي جو بنياد رکيو ويو آهي، جيڪو هندن، مسلمانن، عيسائين۽ ٻوڌين کي ملائي- حقيقت ۾ سڀني مذهبن جي ماڻهن کي ملائي- هڪ ڪري ڇڏيندو.

جانڪي- انهيءَ جو مطلب ته سڄيءَ دنيا جو هڪ ئي مذهب هوندو؟

فيضي- ناممڪن! اهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندو!

ابوالفضل- آخر ڇو نه؟ انهيءَ ۾ اسلام جي وحدت جا اصول به اچي ٿا وڃن: آءٌ ته ائين ٿو سمجهان ته اصول ئي صحيح عمل جو سرچشمو آهن.

بيربل- ٻيو به هڪڙو افواهه آهي ته اسان جو شهنشاهه هندُو شـُد ٿيوآهي، ۽ اڄ شام جو شايد اسان وٽ هندڪي ويس ۾ ايندو!

جانڪي- بادشاهه سلامت ته هڪ ڀيرو اڳي به ائين ڪيو هو، پر اڄ نئين مذهب جي بنياد رکڻ کان پوءِ انهيءَ ويس ۾ مڙيئي ٻي خصوصيت ۽ اهميت هوندي- ڇو نه اسين به ڪو اهڙو ٻهروپ کڻي ڪريون؟

فيضي- راجا صاحب، پاڻ ڪهڙو ٻهروپ ڪري سگهنداسون؟

بيربل- هيئـَن ٿا ڪريون . . . . اوهين ۽ آءٌ- اچو ته هڪ ٻئي جون دستارون يا ٻي ڪا پوشاڪ پاڻ ۾ مٽايون: انهيءَ کان به بهتر ته هي ٿيندو ته سڀاڻي اوهين کڻي پنهنجي ڏاڙهيءَ کي پاڪيءَ تي چاڙهيو!

فيضي- ۽ توهين وارو ڪري کڻي ڏاڙهي رکايو!

بيربل- هرگز نه، آءٌ ائين ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار نه آهيان!

فيضي- ته آءٌ به ڪوڙائڻ لاءِ تيار نه آهيان!

بيربل- ته پوءِ خدا اسان ٻنهي تي رحم ڪري!

توڏر مل- اجهو، بادشاهه سلامت به اچي پيو.

(اڪبر تانسن سان گڏ پيو اچي)

(اڪبر خالص هندڪي ويس ۾ آهي؛ تانسين جي پوشاڪ وري بلڪل اسلامي آهي- سڀ اٿي بيهن ٿا. اڪبر تخت ڏانهن وڃي ٿو- ۽ وهڻ کان اڳ هندن جي رواج موجب سلام ڪري ٿو)

جانڪي- جئه شري رام!

رحيم- جئه مهراج!

بيربل (پرتڪلف اسلامي سلام سان)- آداب عرض!

اڪبر- تسليمات!

(ٻيا به انهيءَ طريقي سان رسمي سلام ڪن ٿا- يعني مسلمان ٻانهون ٻڌي ڪورنش ڪن ٿا، ۽ هندو اسلامي سلام ڪن ٿا- سڀ ويهي رهن ٿا. گهڙيءَ کن لاءِ ماٺ ٿي وڃي ٿي)

اڪبر- دوستو، ڪا گفتگو شروع ڪريو . . .

توڏر مل- حضور، اڄ اهو ويس پائي، اوهان هندن کي وڏيءَ عزت سان نوازيو آهي. هنن ظاهري نشانين کي في الحال ڇڏڻو پيو اٿم: سڀاڻي آءٌ وري به مسلمان هوندس، ظاهريءَ طور- ۽ پڻ حقيقت ۾.

فيضي- اها حضور جن جي مرضي آهي ڇا ته اسين سڀ به ائين ڪريون؟ اوهان مون کان به اهو ڪرائڻ گهرو ٿا ڇا، جيڪي منهنجي ڀاءُ ڪيو آهي؟- يعني پنهنجي ڏاڙهي ڪوڙائڻ؟

اڪبر- فيضي، انهيءَ لاءِ جيئن تنهنجي دل کي وڻي تيئن ڪر. تنهنجي ڏاڙهي خاص تنهنجي آهي. ابوالفضل پنهنجي مرضيءَ سان ڏاڙهي ڪوڙائي ڇڏي آهي- ۽ آءٌ انهيءَ کي سندس نيڪي شمار ڪريان ٿو. منهنجو انهيءَ معاملي ۾ وڌيڪ ڪجهه به نه وڃي. جيسين ڪو عمل پاڻمرادو نه ٿيندو، تيسين انهيءَ ۾ نيڪي نه رهندي آهي. جانڪي، رحيم ۽ بيربل انهيءَ نيڪيءَ ۾ اڃا به اڳتي وڌي آيا آهن، جو سندن مٿيون چپ به بلڪل صاف آهي- ۽ کاڏي به. بيربل، توئي اهو فيشن شاعرن ۾ شروع ڪيو هو نه؟

بيربل- شايد!

اڪبر- مون کي اها ڳالهه وڻي آهي. اهڙين ظاهري معمولي ڳالهين ۾ به تو جهڙن ماڻهن مان اسان کي موافقت جي اميد نه آهي. جيڪڏهن آءٌ شاعر هجان ها، ته آءٌ به ائين ئي ڪريان ها.

بيربل- حضور، جيڪڏهن اوهين شاعر نه آهيو ته موافقت ڪندڙ به ڪين آهيو- جڏهن اوهان بنگال فتح ڪيو، تڏهن اوهين مسلمان جي حيثيت ۾ ويا هئا، ۽ هاڻ جڏهن ڪشمير کي پنهنجي سلطنت ۾ ملائڻو اٿوَ، ته هندڪو ويس ڍڪيو اٿوَ: اوهين اهو ئي ٿيو ٿا پئو، جيڪو وقت جي لحاظ کان صحيح ۽ موزون ٿا سمجهو- اها عجيب ڳالهه آهي!

اڪبر- انهيءَ عجيب حالت اختيار ڪرڻ تي منهنجي هندو ۽ مسلمان رعيت مون کي مجبور ٿي ڪري. آءٌ ٻنهي کي پنهنجو ڪندس. منهنجي لاءِ هر ڪو ويس فقط هڪ لباس آهي. آءٌ نه هندو آهيان، نه مسلمان. آءٌ اڪثر چئي نه سگهندو آهيان، پر آءٌ صرف انسان آهيان. اسين سڀ ٻهروپيا آهيون. اسان مان ڪنهن کي ”پنهنجو پاڻ“ هجڻ جي همت آهي؟ اسين موافقت ڪندي ڪندي ايستائين پهچون ٿا، جو اسان جي شخصيت جا حقيقي نشان به گم ٿيو وڃن- ۽ اسين محض رڍن جو هڪ ڀٽڪندڙ ڌڻ بنجيو وڃون! جڏهن مون ۾ هندو ۽ مسلمان ملي هڪ شيءِ ٿي ويندي، تڏهن مون ۾ جو ٻهروپيو آهي، سو هليو ويندو: هڪڙو ٻهروپ مڪمل طرح دفن ٿي ويندو . . . . ۽ ٻيو ٻهروپ چڱيءَ طرح چتا تي چڙهي جلي ويندو- پوءِ، اڪبر فقط انسان ئي رهندو! سندس لباس لهي ويندو . . . . ۽ پوءِ ”اڪبر انسان“، هندو ۽ مسلمان کان نڪي بهتر هوندو، نڪي بدتر؛ هو صرف ”انسان“ ئي هوندو!

بيربل- پوءِ جيڪڏهن اسين هندو، پنهنجي ڌرم سان موافقت نه ڪريون، ته ڇا اسان جي مٿان جو محصول آهي، سو بند ٿي ويندو؟

جانڪي- فقط تڏهن، جڏهن اسين مسلمان ٿينداسون؟. . . . .

اڪبر- اوهين مسلمان ٿيو يا نه، جذيي کي ختم ئي ڪرڻو آهي.

جانڪي- ۽ زيارتي محصول؟

اڪبر- زيارتي محصول پڻ . . .

جانڪي- اڪبر واقعي عظيم آهي!

سڀئي هندو- اڪبر اعظم . . . زنده باد!

جانڪي- اڪبر، تون عظيم آهين.

اڪبر- آءٌ نه. پر هي ڏينهن عظيم آهي . . . اڄ کان وٺي زمين جا محنتڪش ۽ پورهيت وڌيڪ امن ۽ سلامتيءَ ۾ رهندا . . . . راجا توڏر مل جي ڪوششن ڪري! هن جي ڍلن جي نئين سرشتي ۾ مون کي ڪا به ڪوتاهي نظر ڪانه ٿي اچي- اهو سرشتو تيسين قائم رهڻ گهرجي، جيسين زمين زمين آهي. سڀ کان وڌيڪ، هڪ نئون عقيدو اڄ قائم ڪيو ويو آهي، جو سڀني مومنن ۽ منڪرن، ڪرستانن ۽ آتش پرستن، ۽ خود هندن ۽ مسلمانن کي ڳنڍي، ملائي هڪ ڪري ڇڏيندو- اهو آهي انسان ۾ عقيدو، انسانيت ۾ عقيدو، نيڪيءَ ۾ عقيدو! جئن هن کان اڳ به هڪ دفعو پنهنجي روحاني مشيرن جي حاضريءَ ۾ مون ڪيو هو، تئن اڄ اوهان سڀني، منهنجي ملڪي رتنن ۽ مشيرن جي اڳيان، آءٌ قسم کڻي ٿو چوان ته منهنجي منزل مقصود نيڪي آهي: هڪ دفعو وري به آءٌ اعلان ڪريان ٿو ته نيڪي منهنجو معبود آهي، نيڪي منهنجو خدا آهي؛ مون کي ٻئي ڪنهن خدا جي ڄاڻ ئي ڪانهي!. . . . . (پنهنجو هٿ تانسين ڏانهن کڻي ٿو)

(تانسين پنهنجي ستار تي هٿ رکي، هلڪي راڳڻي شروع ڪري ٿو ۽ گانو ڳائڻ لڳي ٿو)

”اي تاجدارِ مشرق، ديدار ڪو ڪراءِ،

تختِ سحر تي جلوو، پنهنجو ڪو تون پساءِ:

ميون گلن کي ڏي تون، ڪا زندگي نئين،

ڀٽڪي ويل مسافر کي راهه تون لڳاءِ!

 

ڪرڻن جو  تاج تنهنجو، زرين ۽ جلوه گر،

محتاج تنهنجو هر ڪو، هر دم هي بحر و بر:

محلن ۽ جهوپڙين تي هڪجهڙي ڪر نظر؛

بي آسري گهرن کي روشن وري بناءِ!

 

تون ئي اي نورِ حق ٿي گوتم ۾ جرڪئين،

عيسى ۾ جهلڪئين ۽ احمد ۾ چمڪئين:

باد صبا ٿي اڄ تون اي فيضور وري،

هندوستان کي پنهنجي جلوي سان جڳمڳاءِ!

اي تاجدارِ مشرق . . . . . . . . . !“

اڪبر- واه تانسين واه! تون موقعي سان بيشڪ ڳائي ڄاڻين! تنهنجي شخصيت ۾ اڃا هندوپڻو گهڻو آهي- شل گهڻو وقت ائين رهي! اڄ منهنجي دل ۽ منهنجو دماغ ٻئي گهڻو ڀريل آهن. هن وقت، آءٌ خواب ۾ زنده آهيان . . . . . پنهنجي سلطنت جي خواب ۾ - چوويهن سالن جي طويل عرصي کان، آءٌ هن مغل سلطنت کي وڌائڻ ويجهائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ وڙهندو، جدوجهد ڪندو رهيو آهيان.

مانسنگهه- اهو هڪڙو عظيم ڪارنامو آهي، جو اڪبر جهڙي عظيم شخصيت جي واقعـِي شايان شان آهي. اول توهان راجپوت خواه مسلم رياستن کي مطيع ڪيو- اهي رياستون جيڪي تڪليف ڏيندڙ ۽ سرڪش هيون؛ پوءِ اوهين اڳتي وڌيا . . . وڌيڪ فتحون ڪرڻ لاءِ . . . ۽ امن ۽ صلح . . . . اهي ٻئي اوهان جون فتحون هيون.

اڪبر- پوءِ، اي مانسنگهه، پنجن ندين جي هوءَ شاندار سرزمين . . . .

مانسنگهه- ها؛ جتي ٻين کي ناڪامي ڏسڻي پئي، اتي اوهان ڪامياب ٿيا. سرڪش راجپوتن جو هر ماڻهو تنهنجي طاقت خلاف اٿي کڙو ٿيو. تو انهن کي به فتح ڪيو. تو هنن کي دراصل پنهنجو مطيع نه ڪيو، بلڪ کين پنهنجو دوست بنائي ڇڏيئي!

اڪبر- جنگ جي ميدان جي فتح کان هنن جي اها دوستي ئي منهنجي وڏي جيت هئي.

مانسنگهه- تون اسان کي بنهه پنهنجي گهر ۾ وٺي وئين – نه رڳو شاديءَ جي پوتر ٻنڌڻن سان، بلڪ دوستيءَ ۽ رواداريءَ سان. گهرو رشتن جي انهن ٻنڌڻن سان تو سڀڪنهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. ها، گجرات! . . . گجرات به هڪ شاندار مهم هئي . . . . ۽ بينگال- جتي پٺاڻن جي آخري مورچي کي به اسان طوفان وانگر اڏائي ڇڏيو، جتي همايون جو بدلو، سندس عظيم فرزند ورتو- اتي همايون جي فرزند، شير شاهه سوريءَ جي جاءِ نشين جي قبضي ۾ زمين جو هڪ انچ به نه ڇڏيو- همايون جي بدلي جو ڪم به پورو ٿيو . . . .

اڪبر- ان بعد گجرات کي، بلوي کان پوءِ مغل ۽ راجپوتن جي گڏيل فوج دٻائي ڇڏيو. انهيءَ مهم ۾ مغل ۽ راجپوت هڪ ٻئي جي دوش بدوش وڙهي رهيا هئا. ان کان پوءِ مغل ۽ راجپوت گڏجي هميشه هڪ ٿي اڳتي وڌيا. ڪا به طاقت اسان جي سامهون بيهي نه سگهي. اسان ميدان بلڪل صاف ڪري ڇڏيو . . . . .

مانسنگهه- ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ به اسان جون سرحدون نهايت محفوظ آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com