سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :13

اڪبر- البت اتر ۾ ائين ڪونهي: اسان جون اتر واريون سرحدون اسان کي پڪاري رهيون آهن- ڪشمير، سنڌ، قنڌار . . . .

مانسنگهه- پهرين ڪشمير.

اڪبر- ٺيڪ آهي.

مانسنگهه- اسين اڳي ئي تيار آهيون، رڳو اوهان جي حڪم جي دير آهي!

اڪبر- اوهان کي جلد ئي حڪم ملندو؛ برف جي پـُلين ڳري وڃڻ کان اڳ اوهان کي حڪم ملندو. ڪشمير . . . وادئ ڪشمير . . . فتح کان پوءِ ڪشمير ۾ امن، سچ پچ امن ٿي ويندو. انهيءَ جي جبلن جي چوٽين ۽ غارن ۾ ديوتائون رهن ٿا. واديون ۽ ڍنڍون انهن جي آغوش ۾ آهن- ۽ هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ اتي ميوو آهي، گل آهن . . . .  زعفران جون ٻنين پويان ٻنيون آهن! (شعر ڳائڻ لڳي ٿو)

”برف جي چادر سان ڍڪيل واديون ۽ گل هزار،

هرطرف سبزيءَ سان هر وادي رهي ٿي همڪنار!“

جانڪي- جتي برف سان ڍڪيل جبلن جي غارن ۾ شـِوَ“، ”پاروتي“ ۽ ”گنيش“ جون مورتون آهن!

رحيم- سندس جبلن جا چشما، شفاف چشما- جن ۾ آسمان ۽ سج جي چمڪندڙ جبلن جو عڪس جهلڪي ٿو!

جانڪي- سندس جبلن جا تيرٿ، برف جي ديوي ۽ پرماتما شو جو گهر آهن.

بيربل- يارو، انهن سڀني کي هيٺ ڌرتيءَ تي لاهي اچو، ته انهن مان عام انسانن لاءِ جنت بنايون!

اڪبر- جتي صرف باغ ئي باغ آهن، ٿڌي پاڻيءَ جا آبشار- ۽ وهندڙ ندين جي ڪنارن تي گلن جون چادرون وڇايل آهن!

ها، اهي . . . . اهي سڀ منهنجي حفاظت ۾ ايندا! آءٌ هڪ ايراني آهيان- انهيءَ کي ايران بنائيندس. آءٌ هڪ ايراني، ڪشميري ڌرتيءَ ۾ پنهنجو پاڻ پوکيندس: منهنجو ”سليم“ ۽ سندس پيار اتي ٿڌين ڇانون ۾، پنهنجي پيءُ جي سايي ۾ رقص ڪندا- ۽ هنن جا وارث . . . . ۽ اُنهن جا وارث اُتي هميشه ائين ئي رهندا! باغ قائم رهندا پر جنگ جا ميدان ختم ٿي ويندا. ڪشمير . . . ڪشمير شايد دنيا جي وندر جو سامان بنجي وڃي!

بيربل- اسان جو شهنشاهه اڄ ته مرڳو شاعر ٿي پيو آهي!

اڪبر- ڪشمير اسان سڀني کي شاعر بنائي ڇڏيندو! ٻڌو، منهنجي خواب جي سلطنت . . . دنيا جي شهنشاهت . . . جتي ”سڀ انسان“ دنيا ۾ ”هڪڙي قوم“ بنجي ويندا. اهو ڀلا ڪيئن ممڪن ٿي سگهندو، جو سڀ قومون هڪ ئي قوم نه بنجي وڃن؟ اهو منهنجو خواب آهي . . . . مغل شهنشاهت نه . . . پر دنيا جي شهنشاهت، جا پنهنجو پاڻ تي حڪومت ڪندي . . . . انسان لاءِ انسان جي حڪومت . . . . انسانيت لاءِ انسانيت جي حڪومت! . . . انهيءَ جو ڏسڻ ۾ نه ايندڙ شهنشاهه غيب جي تخت تي ويٺل هوندو . . . . جنهن وٽ نظر نه ايندڙ لٺ هوندي . . . . نيڪيءَ جي لٺ! . . . دوستو، مون کي معاف ڪجو . . . . منهنجي دل ۽ دماغ ڀريل آهن . . . . تانسين، تانسين . . . منهنجا چپ پنهنجي راڳ سان بند ڪري ڇڏ  . . . .

(تانسين ستار جي تارن کي ڇيڙي ٿو، ۽ راڳ شروع ڪري ٿو)

دنيا کي اچ ته زورِ محبت سان سر ڪيون

جي وار ظلم جو ٿئي ته سينو سپر ڪيون؛

امن و امان جو راڄ ٿئي هندوستان تي،

رشين جي سرزمين کي مروَت جو گهر ڪيون!

اڪبر عظيم فتح جو نغمو تون عام ڪر؛

”بيرم“ جي آرزو جو اُٿي اهتمام ڪر؛

نيڪيءَ جي آڏو سر کي جهڪائي هي قوم نو،

نفرت حسد عناد جو قصّو تمام ڪر!“

اڪبر- پيارا تانسين، تو اسان کي اها ياد ڏياري ڏاڍو چڱو ڪيو. اسين ”حال“ ۾ ئي زنده رهون ٿا. بهادر بهرام، وفادار بهرام! مون هن کان تير اندازي، تلوار ۽ نيزي بازي سکي. بهرام مون کي فتوحات جي بک جي غذا ڏني. انهيءَ نيڪ ٻڍڙي ئي مون کي ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ تربيت ڏني- ڇا هاڻ آءٌ ويهي هن کي شرمندو ڪريان؟ . . . . فتح ته منهنجي ننڍپڻ جو خواب هو؛ مون پنهنجو پاڻ کي فتح ڪيل شهرن ۾ شان و شوڪت سان ويندو ڏٺو. پوءِ، جوانيءَ ۾ فتح ۽ سوڀ جي خيالن مون کي مجبور بنائي وڌو. انهيءَ مون کان اهو ڪجهه ڪرايو، جنهن جو مون کي هاڻ افسوس آهي . . . . . پنهنجي نيڪ محافظ بهرام سان ڪيل سرڪشيءَ جي عمل لاءِ هاڻ آءٌ پڇتايان ٿو- پر وقت ئي اهڙو آيو آهي. مون کي پنهنجو پاڻ هن جي نگرانيءَ کان آزاد ڪرائڻو هو. مون کي پنهنجي پيرن تي خود بيهڻو هو . . . . شل هن تي خدا جي رحمت هجي . . . . منهنجي حياتيءَ جي پياري يادگيري ۽ شڪر گذاري هن جي لاءِ هميشه قائم رهندي . . . . . .

۽ هاڻ، پيارا دوستو، ڏينهن اچي پورو ٿيو آهي. آرام جو وقت به اچي ويو. مون کي اڪيلو ڇڏيو- ۽ اوهين به هاڻ وڃي آرام ڪريو.

(سڀ اٿن ٿا- ۽ اڪبر کي دستور موجب پنهنجي پنهنجي نموني ۾ سلام ڪن ٿا)

اڪبر- شب بخير . . . شب بخير!

(ابوالفضل کان سواءِ سڀ ٻاهر وڃن ٿا)

(اڪبر اوٻاسيون ڏيڻ لڳي ٿو)

ابوالفضل- ٿڪجي پيا آهيو ڇا؟

اڪبر- نه نه، ٿڪل ته ڪين آهيان، البت ننڊ جي تياري آهي- ٻيو مڙئي خير- (وري اوٻاسيون ڏيڻ لڳي ٿو) . . . اڄوڪو ڏينهن به ڏاڍو سٺو گذريو آهي.

ابوالفضل- چڱو ڀلا، آءٌ به هلان ٿو . . . شب بخير.

اڪبر (ڀڻ ڀڻ ڪندي) – شب بخير . . . شب بخير.

(پردو ڪري ٿو)

 
پير انور شاهه رسول بخش شاهه جيلاني

”سرڪار“

(سنڌ جي هڪڙي لوڪ ڪهاڻي)

ڪنهن زماني ۾، هڪ مُلڪ ۾ ڏڪار اچي پيو. برسات جي نه پوڻ ڪري نڪو گاهه اڀرندو هو، نه واهن ۽ کوهن ۾ پاڻي رهيو، نه ڪا آبادي ٿيندي هئي. وَڻَ ٻـُوٽا بيٺل- اهي به سـُڪي ٺوٺ ٿي ويا. مال چوپايو اهڙو ڏٻرو ۽ بيحال ٿي پيو، جو وٺڻ لاءِ ڪو به تيار نه هو، باقي وڪڻڻ وارا ڪيترائي هـُئا. ڳئون، مينهن يا ڍڱيءَ جي قيمت، جا هن وقت چار پنج سوَ ٻڌجي ٿي، سا اُن وقت چار يا پنج روپيا به ڪو ڏيڻ لاءِ تيار نه هو- ڇو ته اُن جو اگهه اهڙو وڃي بيٺو هو، جهڙو ”پارٽيشن“ جي زماني ۾ هندستان پاڪستان جو هو. مطلب ته ڏاڍي دربدري مخلوق کي پيش آئي. غريب ويچارا ڪي مـُلڪ ڇڏي لڏيا ويا، ڪنهن آپگهات ڪيو. ڪي لڏيندي بُکَ جي ڪري رستي ۾ ختم ٿيا، جي ڪٿي ڳوٺ يا شهر جي ڪنهن وَسئن تائينءَ به نه پهتا.

تن ڏينهن، هڪ مڱڻهار فقير هڪڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. مڱڻهار فقيرن جو گذران هميشه شادين ۾ ڳائڻ وڄائڻ ۽ خوشيءَ جي موقعن تي مـَدار رکندڙ هو، جيئن هن وقت به اِنهيءَ قوم جو ساڳيو ئي ذريعو گذران جو آهي. پر ڏڪار جي سبب ڪا به شادي يا مجلس ڪو به ماڻهو نٿي ڪري سگهيو، جنهنڪري هيءَ قوم وڌيڪ خراب ۽ دربدر ٿي. آخر مڱڻهار، زال پنهنجي کي ڇڏي، ڪنهن ٻيءَ بَستيءَ کي ڳولڻ لاءِ دُهُل ڳچيءَ ۾ وجهي روانو ٿيو. زال کي هدايت ڪري ويو ته ”الله پاڪ کي ياد ڪندي رهج. جيڪڏهن خدا ڪارڻ ڪو ٽُڪُر مانيءَ جو پـِنندي مِليئي ۽ سمجهين ته هڪ ڏينهن جو پورو ڍَءُ آهي، اهو مليل مانيءَ جوٽڪر ٽن ڏينهن تائين هلائج- جيستائين آءٌ ڪو مـُلڪ يا ڪو ڏيهه جانچي اچان“. پوءِ، توڪـّل پنهنجي رب تي رکي، الله تو آهر چئي، گهر کان ٻاهر نڪتو. هلندو هلندو، مـُلڪَ ڏسندو جاچيندو اچي، ته مـَنَ ڪٿي ڪا دهل جي عزت هـُجي، ته ويهي رهان ۽ زال به وٺي اچان؛ پر ڏڪارَ هر جڳهه اهڙو ڦيرو ڏنو هو، جو دهل ته ٺهيو، پر خدا ڪارڻ ڪو خيرات ۾ مانيءَ جو ٽڪر به ڪونه ڏيڻ لاءِ تيار ٿئي: پيءُ ويٺو کائي، ۽ پٽ ويٺو ڏسي، ته ذرو به کيس نه ڏئي. جيڪڏهن ماءُ ويٺي کائي، ته ڌيءَ ويٺي ڏسي. مطلب ته چؤطرف هڪ ڀيانڪ خوف واري صورت ڏسڻ ۾ کيس آئي. خير ”سندرو ثابت منزل آسان“: فقير مڱڻهار تڏهن به دل نه لاٿي. وري ٻئي طرف رُخ رکيائين- اِهو ئي دهل ڳچيءَ ۾، مڙس هلندو هلي.

آخر هلندي هلندي، ڳچ وقت پڄاڻا، هڪ بيابان کي لتاڙي جڏهن ٻاهر نڪتو، ته پري کان هڪ وڏو قلعو يعني ڀـِتِ جو ڪوٽ نظر آيس ۽ اُنهيءَ ڪوٽ جي ديوار کان ٻاهر سبز وڻن جون لڏندڙ ٽاريون نظر آيس. اِتي اميد ٿيس ته ”ٻيلي گهڻي وقت کان پوءِ اڄ ساوا وڻَ نظر آيا اٿم- شڪر الحمد الله! ڌڻيءَ جا لک ٿورا ۽ ڀلايون، جنهن هن ٻانهي کي بيابان مان اُڪاري آڻي سبزيءَ ڀيڙو ڪيو آهي. اڳتي به پاڻ مدد ڪندو”. آخر ائين چوندو چوندو، اچي انهيءَ ڪوٽ جي نزديڪ پهتو. ڪوٽ کي چوگرد ڦريو گهميو، ته ڏسان ته ڪٿان دري دروازو اٿس ته اندر وڃان. آخر گهڻيءَ ڳولا کان پوءِ دروازو ڏٺائين. اُن دروازي وٽ وڃي ڪلاڪ اڌ ترسيو ته ڏسان ته ڪو چوڪيدار هـُجي، ته اُن کان اجازت وٺي اندر وڃان ۽ کيس حال به ٻڌايان. مگر وقت اجايو وڃايائين- چوڪيدار ڪو به ڪو نه هو. آخر بسم الله چئي دروازو کولي، اندر ڪوٽ ۾ قدم رکيائين. اندر وڃي ڏسي ته سبحان الله رب پاڪ جي قدرت لڳي پئي آهي. نهرون صاف پاڻيءَ جون وهن پيون، جن جي پاسن تان انار، ترنج، ڪيلا ۽ انهن جا وَڻ لڳا پيا آهن. ٿورڙو اڳڀرو وڃي، ته ڊاک ۽ انگور جا مـَنـَهه ميوي سان ڀريا جهنجيا پيا آهن. چوراهو اڳيان نظر آيس، جنهن جي ٻنهي پاسن کان گلن جون قطارون هر رنگ ۽ هر قسم جي خوشبوءِ واريون نظر آيس. فقير ويچارو هو ٿڪايل ۽ بـُکايل- سو دُهل ڪلهي مان لاهي ڀرسان رکي، ڪپڙا لاهي، ويهي نهرن جي پاڻيءَ ۾ وهنجڻ لڳو. جڏهن وهنجي خوب ٿـَڪـُ ڀڳائين، تڏهين اچي ميون جي وڻن کي لڳو. بلڪل چڱيءَ طرح سان ميوو جيڪو وڻيس، سو کاڌائين. اِتي مٿان اچي شام ٿي؛ ۽ ميوو کائيندي کائيندي اچي ننڊ ورايس. آخر دهل پاسي ۾ رکندي اتي ئي ليٽي پيو.

سڄي رات اُتي ميون جي وڻن هيٺان ستو پيو هو؛ آخر ٻئي ڏينهن صبح جو سارَ ٿيس، ۽ دستور موجب اٿيو- اُٿي ڏسي ته دُهل به اتي رکيو آهي، ماڻهوءَ ڪنهن جو پڙلاءُ يا ڪو پيرَ کڙڪو به ڪونهي: تنهنڪري وري به اچي ميوي کي لڳو. بلڪل چڱو ڍءُ ڪري اٿيو. خيال ڪيائين ته اڳتي وڃان ۽ وڃي ڏسان ته هي ڪير آهي، جنهن جو هيءُ باغ ۽ ڪوٽ آهن- مـَنَ ڪو ماڻهو مليم ۽ خبر چار وٺيم. ائين چئي، اڳتي هليو. هڪ وڏي سڙڪ گلن سان ڇانيل- اها وٺي سڌو وچ باغ ۾ اچي پهتو. اُتي ڏسي ته هڪ عاليشان محلات آهي، جنهن جا دروازا سڀئي کليا پيا آهن، ۽ ڪو به آواز ڪونه ٿو ٻڌڻ ۾ اچي. انهيءَ هوندي به فقير مڱڻهار اڌ ڪلاڪ کن اُتي وڏي گيٽ وٽ ترسيو، ته مـَنَ ڪو ماڻهو نڪري؛ پر بلڪل ڪو به نظر ڪونه آيس. پوءِ بسم الله چئي، وڏي دروازي مان لنگهي ويو اندر محلات ۾. محلات جي اڳيان سهڻيءَ ڇٻر جو هڪ وسيع ميدان هو، تنهن کي لتاڙي اندر نيٺ محلات ۾ پيرُ رکيائين. اندر وڏي صفحي ۾ ويو. سيرانديءَ کان هڪ مور پکي ويٺو اٿس، ۽ پيرانديءَ کان هڪ هـَنج پکي ويٺو اٿس. جڏهن فقير مڱڻهار جي شينهن تي نظر پئي، تڏهن ڏُڪار سـُڪار سڀئي وسري ويس؛ اچي ڏڪڻي ٿڙڪڻي لڳيس ته ”هاڻي ڇا ڪريان- ۽ واپس ڪيئن وڃان ۽ ٻاهر ڪيئن نـِڪران!“ بـَدن اهڙو سڪائي جهليو هئائين ته متان دُهل کي لڳي ۽ آواز ٿئي، جنهن تي متان شينهن جاڳي ۽ پوءِ ڪم ئي لاهي ڇڏي- تنهنڪري بنهه چپ چاپ ڪري پاڻ کي ڪاٺ وانگر سـُڪائي ڇڏيائين، ۽ بت ٿي بيهي رهيو. آخر بيهي بيهي بلڪل ٿڪجي پيو. بيهندي وقت به گهڻو لڳي ويس. آخر دماغ ۾ اها ڳالهه آيس ته ”وڏا چوندا هـُئا ته ”دهل جي آواز کان جانور جهنگل ڇڏي ٻاهر نڪري ڀڄي ويندا آهن. اڳي زماني جا راجائون مهاراجائون جڏهن شينهن جي شڪار تي ويندا هئا، تڏهن شڪارين کي دهل ڏيندا هئا، ته جهنگل ۾ خوب وڄائين ته آواز تي شينهن ٻاهر ڀڄي نڪرن: ۽ پاڻ هاٿين تي سوار ٿي اُنهن کي گوليون هڻندا ۽ ماريندا هئا“- تنهنڪري هاڻي بـِيهي بـِيهي ائين ئي ٿڪجي ته پيو آهيان، هاڻي ماشاءَ الله وڄايان ٿو دهل، پوءِ يا هيڏانهن يا هوڏانهن!“ بس ائين چئي دهل ڪـُلهي مان ورائي، سولو ڪري، بسم الله اُچاري، اچي ٿو دهل کي زور سان مصيبت ڏونڪن جي وجهي: خوب وڄايائين: جنهن تي شينهن ننڊ مان جاڳيو ۽ اکيون کولي، مور ۽ هنج- جي سندس وزير هـُئا ۽ سيرانديءَ پيرانديءَ سندس حـُڪم ٻڌڻ لاءِ ويٺا هوندا هـُئا- انهن کان پـُڇيائين ته ”هيءُ نالائق احمق ڪير آهي، جنهن ايتري حـُجـَت ۽ بيپرواهي ڪئي آهي؟“ جنهن تي سندس وزيرن، مور ۽ هنج، ڏ‎ٺو ته ڊپ کان وڄايو اٿس ته مـَنَ شينهن اُٿي ڀڄي وڃي، پر اُٽلو مصيبت ۾ اچي پيو آهي! پر هاڻي اِنهيءَ غريب جي جـِند ضرور ڇڏائجي ۽ کيس بچائجي. سو، تِن هٿ ٻڌي شينهن شير خدا کي- جو انهيءَ محلات ۽ باغ جو بادشاهه هو- عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا! هيءُ فقير مڱڻهار آهي، سندس ملڪ ۾ شديد ڏڪار ۽ بک پيئي آهي، تنهنڪري پنهنجو روزگار تنگ سمجهي، ٻاهر ٻين ملڪن ۾ روزگار لاءِ نڪتو آهي. هنن مڱڻهارن فقيرن جو هميشه اهو دستور رهيو آهي جـِتي شادي هوندي آهي يا ڪا خوشيءَ جي ڳالهه يا مجلس هوندي آهي، ته اُتي دهل کڻي وڃي وڄائيندا آهن ۽ ناچ وغيره ڪري اُنهن کي ريجهائيندا آهن، جنهن تي کين ڪافي انعام ملندو آهي، جو کڻي وڃي ٻچن جو گذران ڪندا آهن. هينئر ٻين شهرن ۾ ڪا به شادي وغيره نه لڳي اٿس ۽ بادشاهه سلامت جي محلات ۾ اندر آيو آهي، ته مـَنَ ڪا مراد پوري ٿئيس ته ٻچن جو قوت ڪڍي وڃي! وري جو اندر اچي سرسبز باغ، عمدا ميوا ۽ شاهي محلات ۽ صاف نهرن جو پاڻي ۽ هر ڪنهن قسم جا خوشبودار گل ڏٺا اٿس، ته حيران به ٿيو آهي ۽ خوش به ٿيو آهي ته واهه جي عجيب شهنشاهه جي حڪومت آهي، ۽ عجيب بادشاهيءَ جو رنگ آهي! اهڙي حڪومت هن کي ڪٿي به نظر ڪانه آئي آهي، تنهنڪري فقير ويچارو بيحد خوش ٿيو آهي، ته هاڻي سندس بک لٿي ۽ ڏک ڏولاوا ڏور ٿيا! پوءِ سندن دستور اهو هوندو آهي ته دهل وڄائي مبارڪون ڏيندا آهن. سو، هِن ويچاري پنهنجي دستور موجب وڏي اميد بادشاهه سلامت ۾ رکي دهل وڄائڻ شروع ڪيو آهي- باقي ٻيو ڪجهه نه آهي: نه بيپرواهي ڪئي اٿس ۽ نه حجت ڪئي اٿس- اڳتي مالڪ آهيو!“ بس، اها وزيرن جي ڳالهه بادشاهه سلامت کي وڻي ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. يڪدم ٻنهي وزيرن کي حڪم ڏنائين، ”ٻه ڳوٿريون سونين اشرفين سان ڀريل کڻي فقير کي آڻي ڏيو ته وڃي!“ تنهن تي هنج ۽ مور، ٻئي اندر محلات ۾ ويا، ۽ وڃي ڳوٿريون ٻئي کڻي آڻي فقير مڱڻهار کي هٿ ۾ ڏنائون، ۽ کيس چيائون ۽ هدايت ڪيائون ته ”وري هتي نه اچج ۽ نه وري اچي اهڙو ڪو ڪم ڪج!“

فقير انعام وٺي ٻاهر نڪتو. هلندو هلندو ڪـِن ڏينهن بعد اچي ڳوٺ پهتو. اچي ڏٺائين ته زال سندس بلڪل بيحال آهي. ملڪ جي اڃا ڪا حالت سڌريل ڪانه آهي. اچڻ سان ڳوٿريون ٻئي زال کي ڏنائين ته ”هاڻي موجون ڪر! خوب ڪپڙا ٺهراءِ؛ خوب ٻوڙ پلاه پچاءِ! آءٌ اهو ڏسي آيو آهيان، جو رڳو سون ئي سون! هڪ سون کـُٽندو، ته ٻيو آڻي ڏيندوسانءِ، فڪر نه ڪر!“ تنهن تي زال سندس اهڙو ته شوق ڪيو، اهڙو ته هٿ ورتو، جو اهي ٻئي ڳوٿريون ٿوري ئي عرصي اندر ختم ڪري ڇڏيائين. پوءِ مڙس کي چيائين ته ”وڃ، وڃي ٻيون ڳوٿريون کڻي اچ!“ مڙس به ٻـُڌندي ئي، يڪدم دهل ڳچيءَ ۾ وجهي، اٿي ٿيو راهي.

ٿوري گهڻي وقت کان پوءِ، اچي ساڳئي ڪوٽ جي دروازي وٽ پهتو. ساڳيءَ طرح بنا ڪنهن خوف خطري جي اندر لنگهي ويو. وڃي ڏسي ته ساڳئي هندوري ۾ ساڳيو شينهن ستو پيو آهي، پر سيرانديءَ ويٺو اٿس گدڙ ۽ پيرانديءَ ويٺو اٿس ڪانءُ! اتي جو اتي دهل وڄائڻ وارو ئي هو، ته ڏسي ته پري کان اڳيان ساڳيا پکي- هنج ۽ مور- ڊوڙندا اچن، جي پريان ڇٻرن ۾ ڪـِني ڪـَلر واريءَ زمين تي پيا هئا. انهن اچڻ سان فقير مڱڻهار کي چيو ته ”مهرباني ڪري خاموش ٿي ۽ ماٺ مـِٺي ڪري ٻاهر نڪري ڀڄي وڃ. اڳي به تو وڏي ڀـُل ڪئي هئي، پر اسان وزير هئاسون، جن تنهنجي بيوقوفي ڍڪي ڇڏي ۽ اٽلو توکي انعام ڏياريوسون؛ پر هاڻي، جيتوڻيڪ بادشاهه ساڳيو آهي، پر وزيرآهن گدڙ ۽ ڪانءُ! سو، جيڪڏهن دهل وڄائيندين، ته گدڙ ڦاڙيندئي پيٽ، ۽ ڪانءُ ڪڍندئي آنڊا؛ پوءِ اتي ئي ختم ڪري ڇڏيندئي. تنهنڪري، هڪدم هتان هليو وڃ. باقي تون جيڪا اميد رکي آيو آهين، تنهن لاءِ اسان ٻنهي وٽ جيڪا پنهنجي پورهئي جي ميڙي چونڊي آهي، اها توکي آڻي ٿا ڏيو، سا کڻي وڃ!“ آخر هنج ۽ مور واپس پنهنجي جڳهه تي ويا. اتان جيڪي ٿورو گهڻو وٽن هو، سو آڻي فقير کي ڏنائون، ۽ ٻانهن کان وٺي ڪوٽ مان کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون، ۽ وري به منع ڪيائونس ته ”هاڻي اکئين ڏسيو ٿو حال وڃين، تنهنڪري وري هرگز هيڏانهن نه اچج!“ آخر فقير کي جيڪا ٿوري گهڻي رقم مور ۽ هنج کان ملي، سا کڻي آڻي زال کي ڏنائين.

زال پڇيس ته ”هيءُ ڇا آندو اٿئي؟“ تڏهن فقير چيس ته ”اڳي وزير هـُئا مور ۽ هنج، جن ٿي ڳوٿريون سون جون غريبن کي ڏنيون؛ پر هاڻي آهن وزير گدڙ ۽ ڪانءَ، جي خود آهن بکايل، سي وري ڇا ڏيندا! هي جيڪي آندو اٿم، اهو به اڳوڻن وزيرن ڏنو اٿم، جن ويچارن کي نوڪريءَ تان لاهي ڇڏيو ويو آهي، ۽ جي ڪلر واري پـَٽَ تي ڪانڊيرن ۾ پيا هئا!“ تڏهن زال چيس ته ”بيوقوف پنڌ ڪيترو سارو ڪري وئين، تڪليف به وٺي وئين- پوءِ جڏهن ڏٺئي ته بادشاهه ساڳيو آهي ته پوءِ وزيرن جي ڪهڙي پرواهه؟ تون ته دهل وڄائي صدا خيرات جي هڻي ڏسين ها، ته پاڻيهي بادشاهه کي رحم پئجي وڃي ها، ۽ توکي ساڳيون ڳوٿريون سون جون ڀرائي ڏئي ها!“ تنهن تي فقير چيو ته ”اڙي نه! حڪومت هميشه وزير هلائيندا آهن: ڦـِٽائين به اُهي ۽ وَسائين به اُهي!“ پر نيٺ سندس زال کيس ويهڻ نه ڏنو. مجبور ٿي، دُهل کڻي ساڳيءَ طرح اُنهيءَ قلعي يعني ڪوٽ اندر پهتو.

اُتي پهچي خوب ميوا وغيره کاڌائين، آرام ڪيائين، ۽ پوءِ وڃي دير دير سان اندر محلات ۾ پيرُ رکيائين. پريان ڏسي ته اڳيان وزير ڊوڙندا اچن- تن يڪدم اچي کيس سمجهايو ۽ ڏاڍيون منٿون ڪيائونس ۽ ڪجهه ٻيو به ٿورو گهڻو کيس آڻي ڏنائون ته ”دهل نه وڄاءِ!“ مگر زال جا لفظ ياد هئس ۽ پٺيان هـُن جا موچڙا به سـُجهيس ٿي ته ٽپڻ به ڪٽيندي ۽ اندر گهر ۾ به اچڻ نه ڏيندي- سو، يڪدم دهل تي ڏونڪن جو کڻي وسڪارو ڪيائين. بادشاهه سلامت جو هندوري ۾ سُتل هو، اُهو يڪدم ننڊ مان ڇـِرڪـُ ڀري اٿي ويٺو، ۽ اٿڻ سان پڇيائين ته ”هيءُ ڪير آهي ۽ ڇو اندر آيو آهي، ۽ ايتريءَ لاپرواهيءَ جو سبب ڇا آهي؟“ سندس وزير هئا هڪڙو گدڙ ۽ ٻيو ڪانءُ- تن عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا! هيءُ ڪميڻو ۽ ذات به سندس ڪميڻي، يعني ميراثي مڱڻهار آهي. هيءُ ايڏو بيپرواهه آهي، جو هـِنَ محلات کي پنهنجي ڪنهن همذات طوائف جو گهر سمجهي، اڳي به آيو هو- پر اسان ڪجهه نه ڪـُڇيو، ڇو ته چيوسون ته اسان جو شهنشاهه آرام ۾ آهي، سو متان جاڳي پوي- ۽ وري موٽي هينئر به آيو آهي، ۽ اچڻ سان اسان جي ته پرواهه ڪانه ڪيائين، پر اوهان صاحبن جي آرام جو به خيال ڪو نه ڪيائين: اچڻ سان اچي دهل کي ٽاڄا چاڙهيا اٿس: اها نه رڳو حضور بادشاهه سلامت جي بي ادبي ڪئي اٿس، پر شاهي محلات ۾ دهل وڄائڻ- اِها هڪ شاهي محلات جي بيعزتي ڪئي اٿس، جو لوڪ چوندو ته اهو ڪنهن طوائف جو گهـَر آهي، بادشاهه جي محلات ڪٿان آئي! حقيقت اها آهي جا پيش رکون ٿا- اڳتي جيڪو بادشاهه سلامت جو حڪم!“

جنهن تي شينهن شير خدا جي حڪم ڪيو ته ”وٺوس!“ پوءِ هنن ٻنهي وزيرن، يعني هڪڙي پاسي گدڙ ۽ ٻئي پاسي ڪانءُ، اچي ورتس- جو پنجن گهڙين ۾ ئي پٽي پورو ڪري ڇڏيائونس!

هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته . . . .

 

”انسان“

انسان جي ذهنيت ۽ تهذيب جو مظاهرو جهڙو واضح طرح ريل گاڏيءَ، جهاز يا ٻيءَ اهڙي مسافريءَ جي دوران ۾ ٿئي ٿو، اهڙو شايد ئي ٻئي موقعي تي رونما ٿي سگهي!

ان ڏينهن مون کي به ڪراچيءَ اچڻو هو. روهڙيءَ جي اسٽيشن تي اچي ميل ۾ چڙهيس: اهو ئي ٻاڪر ڪٽو- ريل ته نه آئي پر پاڻ سان گڏ رڙيون، واڪا، دانهون ۽ آهون، سڀ ڪجهه، کڻندي آئي. لتن، ڌڪن ۽ ٺونشن وچان ٽپندو، ڌو ڪري وڃي هڪ مسافر مٿان ڪريس- هڪ سمهيل مسافر مٿان. هن گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو، ٽنگون هيٺ مٿي ڪيون، مگر مون کي ويهڻو هو ضرور، سو رسمي معافي وٺي اهڙيءَ ته دعواداريءَ سان ويهي رهيس، ڄڻ ان سيٽ تي ستل ئي آءٌ هوس!

چوندا آهن ”بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي“- سو منهنجي ڀرسان سمهيل صاحب به قسم کڻي سمهيو هو ته هو ٻئي کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندو. سندس نڪ ۾ گويا باهه وسائڻ وارو گهگهو وڄي رهيو هو، ۽ سندس ٻانهون ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ سجاڳ پئي ٿيون ۽ ڪنهن سرچ لائيٽ جيان چوڌاري چڪر لڳائي سڌو منهنجي منهن ۾ ٺڪاءُ پئي ڪيائون!

حيدرآباد کان اڳ ڪٿ مڙيوئي اک لڳي ويم، ۽ جڏهن اک کلي ته ڏٺم ته دوشيزه سحر جو نقاب آهستي آهستي کسڪي رهيو هو ۽ نور ڀرئي صبح جي پهرين روشنائي فضا ۾ ڦهلجي رهي هئي. مان سگريٽ دکائي آفتاب عالمتاب ڏانهن ڏسڻ لڳس، جنهن دور دور افق تي عظيم مصور وانگر رنگن مٿان رنگ هاري ڦٽي ڪيا هئا.

اوچتو ئي جهٽڪو کائي گاڏي بيهي رهي. دريءَ کان ٻاهر جهاتي پاتيم ۽ ڏٺم ته جنگشاهي اچي ويئي هئي. هٿ جي اشاري سان بيري کي سڏ ڪيم، هن جي هٿ ۾ ناشتي پهچائڻ واريون ٿالهيون هيون جن ۾ ڊبل روٽيءَ جا بچيل ڀورا ۽ آمليٽ جا ذرڙا پيا هئا. کيس ناشتي آڻڻ لاءِ چيم ۽ هو ”اڀي لايا“ چوندو اڳتي وڌيو، ۽ ڊبل روٽيءَ ۽ آمليٽ جا ذرڙا ڀرسان بيٺل ڪتي اڳيان اڇلايائين. ڀرسان هڪ اٺن نون ورهن جو پٺيءَ اگهاڙو ڇوڪر بيٺو هو، جنهن جي ڪنڌ جا وار وڌي سندس ڪلهن تائين پهتا هئا، ۽ ڪنن تي ايتري ته مر چڙهيل هيس، جو سندس منهن جو رنگ هڪڙو پئي لڳو، ته ڪنن جو ٻيو – سو تنهن ڇا ڪيو جو جهٽ هڻي، ڪتي اڳيان اهي ڊبل روٽيءَ جا ڀورا کڻي ورتائين. ڪتي جي گـُرڪڻ تي بيري پوئتي نهاريو، ۽ يڪدم واپس وريو. هڪ چماٽ- زور سان هڪ چماٽ- ڇوڪر کي وهائي ڪڍيائين! ڊبل روٽيءَ ۽ آمليٽ جا ڀورا ڇوڪري جي هٿن ۾ ڇڏائجي، ساڳيو ئي اچي ڪتي جي اڳيان ڪريا. ڇوڪرو حسرت ڀريل نگاهن سان ان ڪتي ۽ ڀورن ڏانهن نهاريندو رهيو، ۽ سندس اکين جي تلائن ۾ ڪتي ۽ انهن اوباريل ڀورن جو عڪس تري آيو . . . . . شايد سندس دل ۾ به- !  هو تيسين اُتي بيٺو رهيو . . . . ڏسندو رهيو . . . . . ڏسندو رهيو، جيسين گاڏي ڇٽي اُٿي هلي، ۽ هو منهنجي نظر کان اوجهل ٿي ويو.

- ميمڻ علي بخش

 

”اخبار“

ويجهڙائيءَ ۾، هڪ روزاني اخبار ۾، ”نائيٽ سب ايڊيٽر“ هوس.

ڇهين ستين بجي جو وقت هو. حسب دستور، خبرون وٺي ڪڍيم ته السلام علڪيم جو آواز ڪن تي پيم. اخبار جي دفتر ۾ ڪيئي ماڻهو پيا اچن وڃن، سمجهيم ته هوندو ڪو- ۽ ائين ئي ڪنڌ مٿي کڻڻ بنا سلام ورائي ڪم ۾ لڳو رهيس. گهڙي کن چپ ٿي ويئي- سوچيم: ”ڪير آ جو ائين چپ ٿي ويو؟“ ڪنڌ مٿي کنيم.

ٻه تاڪائين صدري، بافتي جي جهولدار سٿڻ، سنڌي سليمي موچڪي جتي، وڏو پٽڪو مٿي تي، اجرڪ ۾ ٻڌل هڙ ڪلهين ڪيو، ساٺيڪو سال عمر جو هڪڙو پير مرد اڳيان بيٺو هو.

”چاچا حڪم؟“

”سائين . . . سائين، . . . . صاحب سان ملڻو اٿم،“ ٻانهون ٻڌندي، ڊڄندي ڊڄندي وراڻيائين.

”اندر وڃو، . . . . . صاحب جن اندر آهن.“

ايڊيٽر صاحب، جو هونئن ٻاهر ٿي نڪتو، سو ملاقاتيءَ کي ڏسي بم جهلي ڪرسيءَ تي ٺهي ٺڪي ويٺو. پير مرد ڪمري جي چائنٺ اڳيان جتي لاهي اندر گهڙيو.

”سائين سلاماليڪم!“

”وعليڪم السلام، ڀلي آئين پير مرد“- . . . . . صاحب وڌيڪ رعب وجهڻ لاءِ کنگهڪار ڪئي: ”خبر ڏي، ڪيئـَن پنڌ پيو آهين؟“

”سائين، جمن منهنجو نالو آهي. تنهنجي اخبار ۾ خبر آئي آهي ته مون رئيس سوڍي خان وارن کي تنگ ڪيو آهي، ۽ کين پاڻيءَ جي واري ۾ سهوليت نٿو ڏيان. سو اها حقيقت توکي ڪرڻ آيس ته سائين مون مسڪين جو ته ڪو ڏوهه ئي ڪونهي: مون کي ڪل ٻني آهي ڏيڍ ايڪڙ، ۽ رئيس جون آهن ويهون؛ ٻنڍي تي ٻني به رئيسن جي آهي. منهنجو ٽڪر هيٺاهون سو آهي- سولائيءَ سان ريج ٿي ويندو اٿس. رئيسن مون کان گهر ڪئي ته وڪرو ڪري ڏي: سائين، منهنجو گذران ئي ان تي، سو نهڪر ڪيم. ان تان رئيس ڪاوڙجي ويا. تنهن پڄاڻا ڪو تنهنجي اخبار ۾ خبر آئي، تنهن ته مون سان ويل وهائي ڇڏيا آهن: تپدار جو ڪوٽار به چئي ته ”توتي ڪيس ٿيندو“ سائين، مان مسڪين ماڻهو- جتي ٿو وڃان، اتي ٿا چون لکپڙهه- موٽاڻي ڏي. ڏئي ڏئي به ڪيترو ڏيان. اڳو پوءِ تنهنجي خبر- موٽاڻي کڻي آيو آهيان ته تو وٽ ته سچي خبر ڏي، ڪوڙيءَ کي موٽاءِ، نه ته غريب جو بـِلو ڪونه ٿيندو؛ ۽ ٻيو هونئن ته سائين، مان جهنگ جو ماڻهو، شهر اکئين ڪونه ڏٺم. اچڻ سان وايون ئي بتال ٿي ويم- بنهه منجهي پيس. مسين مسين پڇائي پڇائي تو در پهتو آهيان. هاڻي ڪو قرب ڪر- بس منهنجي اڇيءَ ڏاڙهي کي ڏس!“- پير مرد پٽڪو لاهي کڻي ايڊيٽر جي پيرن تي رکيو.

”پوءِ اڳي ڪٿي هئين؟“ ايڊيٽر صاحب پٽڪو کڻي کيس واپس ڏنو.

”بابل سائين، مون کي ڪهڙي ڪل؟ مون کي تپدار ٻڌايو ته اخبار ۾ خبر ڇپي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com