سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :6

مهراڻ جي موج ۽ مستي، جي الستي آهي، ته ٻالڪ جي اڀرندڙ اُسرندڙ کل ۽ خوشيءَ جي لهر وري ڪا ٻيءَ هستيءَ واري آهي ڪئن؟ سندس دل جو درياهه اُٿليو پوي، ته کلي کلي کيرو ٿيو پوي. جڏهين نه وري ڪنهن سانگي ڪو پوپٽ يا ڀنڀوري ڌاڳي ۾ ٻڌي کڻي اڳيانس رکجي، يا طوطي کي پڃري ۾ بند ڪري اوڏو آڻجيس، پوءِ ته ڏس ويهي سندس ڪلولَ، ٻڌ ويهي سندس ٻول انمول. حسن جي حيرت انگيز هٻڪار جي ڇٽڪار ڪندو ويندو. للڪار به وري اهڙي للڪاريندو، جو منٺار گفتار هـُن جي مان من ڍاپجي نه پيو ڍاپبو. جئـَن وڃ هي اننت حسن جو چمتڪار ڏسندو، تيئن اکيون ٿڪجو نه ٿڪجن!

ننڍڙي ٻالڪ ۾ جوانيءَ جي نه مستي ۽ نه ڦـُوههَ جي هستي ٿي ٿئي؛ نه لوڏ جي اُڇل، نه ڪوڏَ جو ڪـُڏُ- پوءِ به ايترو حسن! حسن بيوس ته ڪين ڪي ٿئي. حسن بي نياز آهي. ٻارُ ته بيوس هوندي به حسين آهي؛ بي نياز هوندي به راز آهي سندس ننڍي وڏي سان، اَياز آهي هو عامَ ۽ خاص جو!

بيوسيءَ جي ڪري ڪو مٿس قياس آڻي، ته هوند هو پيارو ٿي ئي نه سگهي. بيڪسيءَ ڪري، ڪو مٿس ڇانورو نٿو تاڻي؛ مگر مڌر مڌر ٻول سندس، هر هڪ جو هردي- ڪنول هڳايو ڦولايو ڇڏي، ۽ اَڏَ اڏي ٿو ان لاءِ هر ڪنهن جي اکين ۾، دلين ۾ ۽ دم ۾.

رنگ کيس ريجهايو، قدم قدم اڳتي کڻڻ لاءِ همٿايو ڇڏين. امڙ کيس رنگ وارو رانديڪو ڏيکاري،وک اڳتي ٿيڻ لاءِ ويساهه ڏياري، همٿ ۽ حوصلو وڌائيندي ٿي رهي؛ مگر جڏهين نه ڏسندي ته هو منزل کي اچي پهتو، ته پاڻ ٿورڙو اڳتي وڌندي رهندي، جئن آهستي آهستي قدم قدم ۾ وجهندو وڌندو ۽ ويجهندو رهي. پر جي ڪنهن سبب ڪري هو رڏي ماري بيهندو، ته کيس رنگن وارو رانديڪو ڏيڻ جو انجام به ڪندي، جئن ان جي حاصليت جي حرص تي هرکي ٻه قدم اڳتي وک وڌائي. ائين وک اڄ، ٻه وکون سڀان، ٽي ٻئي ڏينهن ڪندي ڪندي، نيٺ هو ڪو وڏو پنڌ هڻي ويندو. آهستي آهستي سندس دنيا جي ويڪر ويندي وڌندي، تان جو سندس ننڍڙي دنيا ڪنهن به وڏڙي جي دنيا کان وڏي نه، ته گهٽ ته اصل نه ٿي پوندي- جت هو پاڻ کي بيڪس ۽ بيوس نه پيو ڀائيندو، مگر دنيا کي ڏونڪو ڏئي، پيو ٻڌائيندو: ”مان آهيان، سڀڪي منهنجو آهي؛ منهنجي آڱر جي اشاري سان سموريءَ سرشٽيءَ جي چرپر پئي ٿئي!“

کاڌ خوراڪ به سندس سادي سودي، سلوڻيءَ ۽ الوڻيءَ ۾ اول ته کيس ڪو خاص تفاوت نظر ڪين ايندو، جو هن جو آڌارُ ۽ آسرو آهي ئي امڙ جي اُرهه تي. ڇاتي پيو ڌائيندو ۽ اُن تي هٿڙا پيو گهمائيندو. کيس نڪي خوض هوندو ڪو خاص هوس پيدا ڪرڻ جو، ۽ نڪو کيس مطلب هوندو ڪنهن فرض ادا ڪرڻ جو. اهو آهي پيارُ ٻارَ جو، اهو ئي آهي آڌار ماءُ جو. جئن جئن ويندو چڳڙ وٺندو، تئن تئن ويندا امڙ جا آنڊا وڪوڙبا. کيس سوگهو جهلي پئي سندس منهن چمندي، مٿي کي هٿڙا گهمائيندي. ٻار به پيار ۾ ويندو کيس ويجهو پوندو. هوءَ به پاڻ پلٽي کڻي کيس ڍئيندي، بهار بهار ٿيندي. هن ته کيس پنهنجي پيٽ جي ننڍڙيءَ دنيا ۾ سنڀاليو، رت ست ڏيئي کيس اُڀرايو ۽ اُسرايو: هاڻ هوءَ کيس پنهنجي کير تي ڪيئن نه نپائي ۽ نچائي، تاتي ۽ توائي!

اڃا ننڍڙي سمجهه سجاڳ ٿيس، ته پنهنجي قـَدَ ۽ مـَد جي دنيا جوڙڻ جا جتن پيو ڪندو. کيڏاڻا ٺاهي پيو ڊاهيندو. هڪڙا ڀڃي، ٻيا پيو جوڙيندو. هڪڙا ٿوڪاري، ٻيا پيو اوساريندو. انهيءَ عرصي ۾ سندس گهر ۾ گهاٽ به پيا گهڙبا، ته لاٽ به پيا تـَڙبا. مطلب ته سندس دنيا ننڍيءَ ۾، سمجهه ننڍڙيءَ سان ايڏيون ڦير گهير ٿيون ڦرن گهرن، جو وسهڻ ۾ ائين پيو اچي ته ڄڻ ڪو ڪاريگر انهيءَ ۾ حڪم ڏيندو، پردا لاهيندو چاڙهندو ٿو رهي. انهيءَ ”ڪاريگر“ جي پڇاڻ يا ڄاڻ کيس رهي يا ڪو اُن کي ڍونڍڻ جي ڪري ۽ لهي- تنهن جي اُڻتڻ کيس اصل نٿي رهي. هو وڃي وکون آهستي آهستي اڳتي وجهندو. روز بروز سندس ويڪر وڃي حدو ٽپندي. مگر عقل نه جڏهين کيس اچي سوگهو جهلي، ته هو بهجيو وڃي. اُهي ڀڃ ڊاهـَه واريون ڳالهيون سندس يادگيريءَ ۾ ڏاڏي جي ڳالهين وانگر ڏند ڪڍيو پيون مشڪن؛ ۽ هو مڙني کي بيوقوفيءَ جي سمي جي سانجڻ سمجهي، ٿوڪاري، پاڻ وري به سمجهه جو ٺيڪيدار، ڌرم جو رکوارو، سڌارڪ، عاقل، اَڪابر ٿي حڪم هلائيندو ٿو رهي! انهيءَ لاٽيءَ مان لهي وري به رَکَ ٿو. لـَکَ جي الک جي اَڏي ۽ اجهي رهي لڌائين، سي سڀئي ويا وهڪ ۾ وهي؛ مگر چهڪ کيس چش جـِي ايتري ته چهٽـِي ٿـِي وڃي، جو هو پاڻ ڀلجيو پوي.

هو ڀلجيو بازار ۾ بيهو وڃي. ڇا لهڻ نڪتو، ڇا لڀي پيس؛ ڇا ٿيڻ نڪتو، ڇا ٿي پيو! تڏهين وري هو سنگ ۽ رنگ جي ريبَ فريب کي ڪسوٽيءَ تي لڳائي، سـَچَ ۽ ڪـَچَ جي پرک ڪندو ٿو رهي. ڊيگهه جا کيس حاصل ٿي آهي، ويڪر جا کيس هٿ آئي آهي، اُها کيس گهايل ڪيو ٿي ڇڏي. جوابداريون کيس جهوري ٿيون وجهن. بوجا کيس بار هيٺ جهوريندا، چيڀاٽيندا ٿا رهن؛ ۽ پوءِ هو انهن جي ٻوساٽَ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ آسمان ڏانهن اکيون کڻي ٿو نهاري- اُنهيءَ دنيا لاءِ جا هو پوئتي ڇڏي آهستي آهستي اڳتي قدم وڌائيندو هليو آيو. اُها دنيا، جنهن ۾ هو بيوس هو؛ مگر جت کيرَ ۽ اُڪيرَ تي پلجندو ٿي رهيو- اُن لاءِ هو وري واجهه وجهڻ ٿو لڳي. اُها هاڻ ته گهڻو هن کان دور آهي ۽ هو اُن کان گهڻو پري نڪري آيو آهي؛ پر آهستي آهستي هو وري اُنهيءَ دنيا جا سپنا لهندو ٿو رهي – هُنَ ۽ هـُنَ جو تفاوت کيس تکو ٿو ڀاسي! اُنهيءَ دنيا ۾ سـَڀَ جو لاڏلو هو، مگر هن خود غرض، پنهنجيءَ ۾ پوريءَ ۽ بيمار دنيا ۾ هو سڀ جو نيشان بنجيو ٿو پوي. هو ٻول ٻولڻ کان بيزارُ آهي، وکَ وڌائڻ کان لاچارُ آهي، حال ٻڌائڻ کان بي حال آهي، بي خيال آهي. وڏي ٿيڻ ۽ وڏيءَ دنيا ۾ وکون وجهڻ لاءِ هن واجهـَه ٿي وڌا! هن وک وک ۾ وجهي آهستي آهستي ويڪر حاصل ڪئي، مگر کيس هينئر معلوم ٿيڻ لڳو، ته ننڍڙيءَ ۾ جو مزو هو سو وڏيءَ ۾ ڪٿي؟ ننڍڙيءَ ۾ جو وٿُ هو، تنهن جو ڪـَٿُ ڪرڻ ئي مشڪل. شروعاتي کير ته هيرَ هوندي، ڦير گهير ايندي ئي هو سوال ڪرڻ ٿو لڳي. سوال جي جواب ملندي، هو وري به سوال ڪندو ٿو رهي- ڄڻڪ ٻڌندي هـُنَ ٻڌو ڪين، ڄڻڪ کيس يقين سوال جي جواب تي آهي ئي ڪينَ. سندس پڪار جيڪڏهين امڙ جي کيرَ لاءِ آهي، ته آهستي آهستي جڏهين کيس ٻين شين جو سوادُ ٿو پيٽ پئي، ته بدل سدل به آهستي آهستي اچيو ٿي وڃي.

’آهستي آهستي‘ آهي سندس اصول. مولُ سندس زندگيءَ جو آهي- ’تڪڙ مَ ٿيءُ طالب ادا، متان تـِرَ اُتون ترڪي پوين!‘ انهيءَ اٻوجهـَه کي اهڙي ٻوجهـَه آهي؟ انهيءَ کي ڪا اهڙي سوجهـَه آهي؟ سوال بعد ان جي حـَلَ ملندي سندس اندر ۾ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته حـَلُ واقعي سـَچُ آهي يا ڪـَچُ؟

اول ته هن کي وِکَ وڌائڻ تي واڌايون ملنديون هيون. وک وڌي، ته هو پاڻ سمجهندو هو ته رنگ ڀري ڪوڏي لڌي. پوءِ ته سندس فخر جي ڦوڪ جـِي نه حد نه حساب، لاجواب هوندي سندس ڦونڊ؛ مگر اهي مڙيئي وقت جا بُدبدا جي به وري آهستي لـَي ٿيندا ويندا. بحر مان لهر اُڀي ٿيندي، سا نيٺ موٽي مهراڻ سان هڪ ٿي ويندي. پهرين ته مرڪز آهي سندس پڪار جو، امڙ؛ مگر جئن مرڪز ڦرندا گهرندا ٿا رهن، پردا چڙهندا لهندا ٿا رهن، تئن ٻار جي رنگين دنيا ۾ به پيو ٿئي ۽ ٿيندو رهندو. ٻار جي پڪار ۾ للڪار آهي، تارَ آهي، جنهن جو جواب اَمـَڙ ٿي ڏئي؛ مگر جڏهين نه مرڪز ماءُ کان ڦري دنيا ۽ انهن جي لاڳاپي رکندڙ چيزن ڏانهن وريو، ته ٻار جو سڀاءَ لاڙو ڦـِريو ۽ ڦـَريو. مگر ڏسڻو اهو آهي ته سندس ڦيري گهيري تي وک وڌي ٿي يا گهٽجي ٿي، سندس رغبت اُڀري ٿي يا موٽَ ڪري مري ٿي وڃي. ننڍڙو قد، ننڍڙي دل، ننڍڙي دنيا، ننڍڙا نارا، ننڍڙيون نديون، ننڍڙا ڪنارا، ننڍڙا ٻار، ننڍڙيون ٻنيون؛ اهي مڙيئي آهن ٻار جا مرڪز، مگر بيحد جي بحر جي ڇوهَه کي جهلڻ جا گز به هُن وٽ آهن ننڍڙا، جن سان هو آهستي آهستي ٻرگهل بند ڪري، پوکون پچائي، بک مٽائي ٿو بکايل دلين جي، جن کي اُساٽ آهي عشق جي. هيءُ سمورو افسانو ٿئي ٿو اهڙيءَ ريت، جو آهستي آهستي دنيا بدلجيو ٿي پوي ۽ رنگ ئي نرالو پلٽجيو ٿو پوي!

- شعر ۽ ادب جو مقصد رڳو جمالياتي لطف ۽ مزو ناهي، بلڪ سندس حقيقي مقصد انساني حيات جي تعمير ۽ تشڪيل آهي. موجوده دؤر ۾ اها ڳالهه تقريباً سڀ سمجهدار مڃين ٿا ته شعر ۽ ادب نهايت سنجيدو فن آهي؛ اهو فن جيڪڏهين ڪنهن زندگيءَ جي وسيع نظريي جي ماتحت پنهنجو عمل ڏيکاري، ته سوسائٽيءَ جي بنائڻ ۾ اهم حصو وٺي سگهي ٿو. اها ڳالهه ادب جي فن لاءِ ڪنهن طرح مناسب ناهي، ته ان کي رڳو محفل جي خوشيءَ ۽ مزي وٺڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي.

- افتخار اعظمي

 

2

افسانا

1. بدمعاش                    از جمال ابڙو

2. ڦيرو                        - موهن ڪلپنا

3. لڙڪن جي لڙي            - جڳديش ايس . لڇاڻي

4. ٽـِڪري                     - ”بشير“ مورياڻي

5. غفور                        - هري ڪانت

6- اوور ڪوٽ                    سنڌيڪار: پريو الله رکيو

 

ناٽڪ

1. اڪبر جو هڪ ڏينهن       - اصل انگريزيءَ ۾ نورا رچرڊس جو

                                سنڌيڪار: سراج

 

لوڪ ڪهاڻي (سنڌ جي)

”سرڪار“                               - پير انور شاهه جيلاني

 

هڪ ڏينهن جي ڳالهه . . . . .

انسان                          - علي بخش ميمڻ

”اخبار“                         - الف . ب . ت

- ”جيڪي مشينون حق ۽ انصاف نٿيون ڇپين، اهي مشينون ناهن، بلڪ لوهه جا ٽڪرا آهن“- هيءُ هڪ وڏي مدبر جو گفتو آهي: ۽ جيڪڏهن اسين انهيءَ گفتي کي ٿورو وسيع ڪنداسون، ته ائين به چئي سگهون ٿا ته ”جيڪو ادب انسانيت جي بهتريءَ ۽ بهبوديءَ طرف ڪجهه به رهبري نٿو ڪري؛ پڙهندڙن جي دلين ۾ انسان ذات جي مشڪلات دفع ڪرڻ، سندن زنجيرون ٽوڙڻ، ۽ کليءَ فضا ۾ وک وڌائڻ لاءِ اُمنگ پيدا نٿو ڪري، اهو به ’ادب‘ ناهي، بلڪ ٺلهي لفاظي آهي.“

جمال ابڙو

بدمعاش

هو وڏو بدمعاش هو، پهرئين نمبر جو. ڪوڙ، دغا، فريب، چوري، ڌاڙو، هن جي ڏائي هٿ جو کيل هئا. چپٽين ۾ ڏوهه ڪري وٺندو. حرام، جو قياس پويس. خار ۾، چپ ڪيو، بيٺو ڏسندو. هڪ ڀرون هيٺ، اک چـُنجهيل، ٻيو ڀرون مٿي، ڏند ڏندن سان مليل، ناسون ڦوٽاريو، چيتي وانگر شڪار کي تاڙيو بيٺو هوندو. بس بس ڪري، وٺي حملو ڪندو. آنڊا ٻاهر.

ڏانئڻ جهڙي ڪهاڙي ڪلهي تي کنيو، شينهن وانگر جهنگ ۾ ڦرندو وتندو هو. شل نه ڪير کيس للڪاري. ماٺ ڪري، ڳاٽ اوچو جهلي، کيس ڏسندو. پيرن کان مٿي تائين. ٻه، ٽي دفعا. وٺي گجگوڙ ڪندو. وانگهه وانگر ڇال ڏيئي، اچي شڪار تي ٽٽندو. ڪهاڙين جو شپڪو. سييڪنڊ ٿي ويندا.

چيلهه سنهي، ڇاتي ويڪري، ڪلها اُڀا، مُڇن کي تاءُ ڏيو اکيون ڪرڙيون ڪيو، پير پير ۾، مست ٿيو وتندو. ڪنهن تي فلڪ نه آڻيندو.

ننڍي کان ئي نؤد هو. پڻس ڪـُٽي، هڏ گڏ ڀڃي رکندو هوس. حرام، جو سڌو ٿئي. ٻرڙاٽ پيا پوندس. لتون، مڪون، چنبا، گـِهـِل گـِهِـلان. هجيس ماءُ، ته ڇڏائيس! نيٺ رڙيون ڪرڻ بند ڪيائين. پيو مار کائيندو، ڪڇندو نه. ڀائيندو ته پيءُ جي ڏاڙهي پٽي رکي، پر ڏاڍو هوس. اوڙو پاڙو تپائي ڏنائين. پاڻ جيڏن کي سٽيو ڪٽيو، ڀڳو هليو ويندو هو. ٻارن جا ماءُ پيءُ، رڙيون ڪندا ايندا. هٿ ايندن، ته ڪٽي رکندس- پنهنجو ٿوروئي هئن! نه ته به پڻس کي دانهن ڏيندا. پڻس پاڻ مان ئي ڪـَڪِ؛ سڀ سور ساڙ هن مان ڪڍندو هو. ڏوهه ٻين جو، مار هـِن تي. ”ڪو اُنهين ئي ته ڪونه آيو هو“- اهڙو ساڙ ٿيندو هوس، اهڙو ساڙ ٿيندو هوس، . . . ڏاڍو ساڙ ٿيندو هوس. چوندو هو، ”بيهه، وڏو ٿيان!“

ڪيئن ته واڻئي جي چلڪڻي ڪپڙي کي هٿ لاتو هئائين! واڻئي چماٽ وهائي ڪڍيس. پڻس به کڻي چنبو هنيس. پيءُ تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس. ”ڀيڻسان، سوئر!“ ننڍو هو، سور پي ويو.

ڇورو ڇنو، ميرو چولو، ڦاٽل پٽڪو، اَن لپ ڪانه، جو شي وٺي. ٻيا ٻار جهول ڀريو، چـُوس چـُوس ڪيو، گـُگهـِڙا وٺيو، پيا پـُورائيندا هئا. هي اڪيلو، مٿي تي ٻانهن رکيو، اکيون ڦاڙيو، بيٺو ڏسندو. ٺڪر جو جنڊ، ٺڪر جي گاڏي، ٺڪر جو اُٺ، ناڪيليءَ سان. دل چوندي هيس ته هٿ لائي ڏسان. پر ڪير ٿو ڪنهن کي هٿ لائڻ ڏئي. نڪ جي چوٽڙي ڳاڙهي ٿي وينديس. وٺي هڪ پاسي ڀڄندو. ڪنڊ ۾ منهن ڪري، پٽ تي ليڪا پائيندي، پيو چـَپَ ڪڍندو ۽ سنگهه اُگهندو.

سـِڪي سـِڪي، رانديڪو چورايائين. سانڍيو پيو سانڍيندو هوس. لِڪي لِڪي راند ڪندوهوس، وري لڪائيندو هوس. ننڍڙو ڪافور جو گڏڙو، وڏين اکين سان. ڄڻ ته ڀاءُ هوس. ڪيئن ته پڻس کسي ورتس! سڏڪا ڀريندي ڀريندي، مار کائيندي کائيندي ٽپا ڏيئي ڏيئي، رانديڪو ڇڏائڻ جي ڪيائين. ويچارو گڏڙو پڻس جي پيرن هيٺان چيڀاٽجي ويو. هن ڏاڍيون رڙيون ڪيون. پيءُ کي ”حرامي“ به چيائين. پڻس لتون به هنيس. ان ڏينهن ڏاڍو رنو. ڀڳل گڏڙو کڻي، پنهنجي منهن وري به رنو.ٽـُڪرڙا ميڙي، اڳڙيءَ ۾ ويڙهي، پاري ۾ وجهي ڇڏيائين. ڏينهن اهو ٿيو وري نه رنو.

پيءُ ته ڏٺي نه وڻندو هوس. ڀلا لڱن جو ڪهڙو ٽڪر هوس، جنهن تي پڻس جا پادر نه وسيا هئا. وڏو ٿيو، ته لٺ کڻي کنيائين. چي، ”متان آيو آهين!“ پڻس سمجهي ويو؛ وري نه ڪڇيو. ٻين ماڻهن سان ته ازلي وير هوس. ڀلا ڪير ساڻس چڱيان هليو هو!

اندر ۾ ڌڪار جون ڀريون؛ ساهه ساهه سان نفرت ڦوڪون ڏيئي نڪرندي هيس. ماڻهن کي ماريندي، ڦريندي، چيچلائيندي، ڪجهه خيال نه ٿيو هوس. ”ساڻس ڪو گهٽايو هئائون!“ نفرت سان ٽمٽار؛ ڪيتري به ڪڍي، ته به اوتري جي اوتري؛ نه گهٽجي، نه وڌي.

کيس هڪ ڪتو هو. گـُلر ڪري پاليو هئائين. اهو مئو، ته روئي ويٺو.

هڪ وار جهلجي پيو. گهلي آيس ٿاڻي تي. اڃان ڪچو هو. ڊڄي ويو. چي، ”الله سائين هي ڀيرو ڇڏاءِ، ته توبهه ڪيم!“ پر جڏهن کيس مرچ وڌائون ۽ مـُٽ پياريائون، تڏهن ڊپ لهي ويس. اهوئي هڪ ڀـِرون هيٺ، اک چنجهي، ٻيو ڀرون مٿي.

پوءِ ته ڪئين ڀيرا جهليو، لوڏو ئي نه اچيس. اک کڻيو نهاري، ته ساهه سڪيو وڃي. جهڙي تهڙي پوليس آفيسر جي ڇاتي نه ٿئي، جو ڪجهه چويس.

چڱي مڙس جي چوريءَ ۾ جهليو. پوليس تي بار پيا. چيائونس، ”مال موٽاءِ“. وٺي آيس گهر، ڀيڻس کي اگهاڙو ڪيائون. چي، ”وار پٽينس“.

ڪيس مان ڇٽي نڪتو. ڀيڻ جي منهن نه چڙهيو. چڱي مڙس کي ماريائين؛ اهي پوليس جا آفيسر ماريائين؛ روپوش ٿي ويو. ڪهڙو روپوش؟ اتيئي هو، پر پوليس کان ڏاڍو هو.

ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيائين. ماڻهو مئو، ڄڻ ڪتو مئو. جڏهن ماڻهن جي ڳچين مان رت ٺينڊيون ڪري وهندو هو، جڏهن ڪپيل نڙگهٽ مان گرڙاٽ جا آواز نڪرندا  هئا، جڏهن وڍيل رڳن مان رت ڇاٽون ڪري نڪرندو هو ۽ رت جي گپ ۾ ڇڙهيون هڻندا، بل کائيندا هئا، تڏهين هو بيهي ڏسندو هو؛ هڪ ڀـِرون هيٺ، ٻيو مٿي، ۽ اک چنجهي.

ڄڃون ڦريائين؛ گهوٽ ڪنوار ماريائين؛ نوٽن جون ڍِڳيون ڪري ساڙيائين. ڄڀيءَ کي بيهي ڏٺائين. هڪڙو ڀـِرون هيٺ، ٻيو مٿي، اک چنجهي.

هڪ دوست تي ڪاوڙيو. هڻي آنڊا ڪڍي رکيائينس. ٽڪر ٽڪر ڪري وڍيائينس. پوءِ وٺي ڪوڪون ڪيائين، اٺ پهر ماني نه کاڌائين. موٽي اچي فاتحه پڙهيائينس. مـُڇون هيٺ لڙڪي آيس. رت لڳل ڪهاڙي کڻي خون واريءَ جاءِ تي پوري ڇڏيائين. ڄڻ ته پنهنجي ڏاڍ ۽ مستيءَ کي دفن ڪيائين . . . ۽ پوءِ . ..

جهلجي پيو، هڪ ڪيس نه بيٺس، سؤڏهين ۾ ڏنائونس. اڙجي ويو. مٽيءَ جي ماني. موبل ۾ رڌل دال،چرس ڀنگ جو واپار. بچي بازيءَ تي جهيڙا. سڀ ٻـِٽ، قيدي توڙي ڪامورا. گار جي رئي. ڪـُتي واري ڪار. هو گڏهه وانگر وهندو رهيو. گهُنڊ هنيو، چپ چاپ، ڪنڌ هيٺ ڪيو پيو ڳهندو هو. ڏينهن ئي ٻه چار گذريا. جيل کان ٻاهر، پٿر ڀڃندي، هروڀرو، جمعدار صاحب ڏنڊيون وهائي ڪڍيس. هن ڪنڌ ڦيري، ڀـِرون ڇڪي، ڏانهنس ڏٺو. جمعدار صاحب تي زهر چڙهي ويو. گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنائين. چي، ”ڏسين ڇا ٿو؟“ هـِن جون ٻئي اکيون چنجهيون ٿي ويون. ڏند ڪرٽجي ويس. وٺي گجگوڙ ڪيائين. ٽپو ڏيئي ڪڙڪي پيو. جمعدار جي ٻانهن ڪڍي وڌائين. هنگامو مچي ويو. قيدين جي ٻيگهي متي. سپاهين جون بندوقون ڇڏائجي ويون. هو ڀڄي ويو.

هن وڃي پنهنجي ڪهاڙي کوٽي ڪڍي. چتائي ان کي ڏٺائين. ڄڻ ته انساني مٿن جا گيها ٿي ڳڻيائين. سندس واڇ چٻي ٿي، نڪ گهنجيو، ۽ اک چنجهي ٿي. ڌڪار مان مشڪيو. ڪهاڙيءَ کي مٿي ڪري چمي ڏنائين. سندس ڦر جي تک کي آڱوٺي سان جاچيائين.

نئين سر ڪوس شروع ٿي ويا. ستلن کي ماريائين. بي ڏوهن کي ڪٺائين. گهر ساڙيائين. زائفن جا پارَ، ٻارن جو رودن، باهه جون لاٽون- ڏسندو ڏسندو هليو ويندو. وري وري مُڙي ڏسندو. نه خوشي نه خار. اها ئي اک چنجهي، واڇ لڙيل، ڀـِرون هيٺ مٿي. پچڪ ڪري کڻي ٿُڪ اڇليندو.

هڪ لڱا ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو هنيائين. سڄي ڳوٺ کي کڻي مٺ ۾ ڪيائين. جو جـِتي سو تتي؛ هيسيل ۽ چپ. هي ڳاٽ اوچو ڪيو، ڀـِرون تاڻيو پئي آيو ۽ ويو.

اڱڻ ۾ هلندي، پير هيٺان ڪو رانديڪڙو اچي ويس. اڍائين سالن جي ٻار، ماءُ جي ڪڇ تان دانهن ڪئي: ”ڪـِنو حلامي!“ هن مـُڙي ڏٺو. ماءُ جهٽڪو ڏيئي، ٻار جي وات تي هٿ ڏنو. کڻي ڇاتيءَ سان چنبڙايائينس. ويچاريءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ٻار کي اڃا به ڇاتيءَ سان سوگهو ڪيائين. اکيون کڻي هن ڏانهن نهاريائين. ڇا ته هو ماءُ جي اکين ۾! هو پنڊ پاهڻ ٿي ويو. ٻار کي ڏٺائين، ڀڳل رانديڪي کي ڏٺائين، ماءُ جي ڀاڪر کي ڏٺائين. ڪيئن ته ٻارڙو، ماءُ جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون ورايو، ٺـِنڀ هـَنيو پيو هو. هو ڏسندو رهيو. هـِن جا ڇڪيل ڀـِرون، هوريان هوريان، سـِڌ ۾ اچي ويا. هن جهـُڪي ڀڳل رانديڪو کنيو. ٽڪر ميڙي اڳتي وڌيو. وڃي مائيءَ جي هٿن ۾ ڏنائين.

انهيءَ ئي ڌاڙي ۾ هو جهليو. سندس ڪي ساٿي ماريا، ڪي مٿس باڪو ٿيا. مائيءَ شاهدي ڏني. ڀڳل رانديڪو پيش ٿيو. کيس جنم ٽيپ آئي.

هو ماٺ هو. صفا ماٺ. سندس ڀـِرون سـِڌ ۾ هئا. اکيون هڪ ڪَريون هيس. ڄڻ ته پري پري پئي ڏٺائين. مائيءَ کي، ٻارڙي کي، سندن ڀاڪر کي . . . ۽ پاري ۾ پيل گــُڏڙي کي. سندس ڪنن ۾ آواز اچي رهيا هئا- ”ڪـِنو . . . حلامي . . .“

کيس سـَنتر جيل تي موڪليو ويو. لوُلو جمعدار جيلر بنجي چڪو هو. هن کيس چوکنڀو ٻـَڌايو. کيس اُگهاڙو ڪرايو ۽ کيس ڏنڊي لنگهائـِي. هن کي اونڌو ڪري سنتر جي وڻ ۾ لڙڪايو ويو. صبح جو هو مري ويو. کيس لاٿو ويو. سندس ڏنڊي ڪڍي ويئي. رت وهي هليو. چيائون ته سـُوري هيس.

لـُولي جيلر کيس ٿـُڏو هنيو. چيائين، ”بدمعاش!“

موهن ڪلپنا

ڦيرو

موهنا مـِل جي اسپننگ ڊپارٽمينٽ جي بدنامي ٻڌي، مون کي اُنهيءَ ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريءَ ملڻ جي ڪائي خوشي ڪانه ٿي. ’وسڪوز‘، اَئسڊ مان لنگهي، اَئسڊ سان ملي، نقلي سلڪ جوڌاڳو بنجيو وڃي. هلڪي ائسڊ جو ڦڙو، جي هڪ اک ۾ پئجي وڃي، ته اک جلـِي ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ ٻيءَ اک سميت ڄڻ بي نـُور ٿيو وڃي. وسڪوز تي لڳڻ سان ماس ۾ سوراخ ڪيو ڇڏي؛ بروقت جيڪڏهن ان کي ائسڊ سان ڌوتو نه وڃي، ته ان جو داغ زندگي ڀر مٽجي نه سگهي.

ان ڊپارٽمينٽ ۾ ڪل اٺٽيهه مشينون هيون. هر مشين جا ٻه پاسا: الف ۽ بي. هر پاسي جا اٺ حصا. هر حصي ۾ هڪ موٽر. هڪ آدمي اٺ موٽرون سنڀالي. هر ڏهين منٽين ڪنهن نه ڪنهن مشين سان ڌاڳن جا ڊا (Doffs) ڪڍيا ويندا هئا. ڪل اٺ ڪلاڪ ڪم. هر ڏهين منٽين ڊاف. هر هڪ کي ڪل ٽيهه ڊاف ڪڍڻا پوندا آهن. وچ وچ ۾، پنجن پنجن ڊافن ڪڍڻ کان پوءِ، ويهن منٽن جي ساهي. وچ ۾ ڪلاڪ روٽيءَ جي ڇوٽي. آرام جون ايترون ڇوٽيون صرف ان ئي ڊپارٽمينٽ ۾ آهن. بلـِيچنگ، ڪوننگ ۽ رِيلنگ ڊپارٽمينٽن وارا اسپننگ ڊپارٽمينٽ جي انهن ننڍين موڪلن تي رشڪ کائيندا آهن. اسپننگ ۾ هر هڪ کي پاءُ گرم ڦڪو کير به ڏنو ويندو آهي. ڄاڻين جو چوڻ آهي ته اَئسڊ هوا ۾ ملي، ماڻهوءَ جي جسم کي ڪمزور بنائيندي آهي، ۽ اهو آهي به سچ. ڪم ڪرڻ سان کيسي ۾ پيل پئسا، قيمص جي بريءَ ۾ پيل ٻيڙا يا پـِنون، ڪنڊ پاسيرو ٽجوڙين جي خانن ۾ لڳايل ڪلف ڪٽجي ڪارا ٿيو وڃن، ۽ پوءِ جنهن ڳالهه سان لوهه، نڪل وغيره ڪٽجي سگهي ٿو، ان سان انساني جسم به بگڙجي سگهندو آهي- ان ۾ تعجب لڳڻ نه گهرجي. پهرئين ڏينهن ڪم ڪرڻ بعد منهن مان پيئي گئس نڪرندي. اکين مان پاڻي وهڻ بند نه ڪندو. اکيون کليل هوندي به، اکين اڳيان اڇا ڪارا بادل اچي ويندا، پوءِ دل ان ڀرم جي چڪر ۾ گرفتار ٿي ويندي ته نظر ڄاڻ ويئي، ڄاڻ ويئي! ۽ ان ”ڄاڻ ويئي“ کي پڪڙي ڪيترائي نوان آدمي موهنا مل کي بنا سلام ڪرڻ جي هليا ويندا آهن. پگهار پهريان ٽي مهينا نوي، ۽ پوءِ سو ڏهه. پالين جو ڪم آهي. هڪ پالي صبح جو ستن کان ٽي. ٻي، ٽين کان يارهان. ٽين، رات جو يارهين کان صبح جا ست.

مون کي پهرين ئي رات پالي ملي. پهرئين ڏينهن ئي دماغ چڪر کائڻ ٿي لڳو. شروعات ۾ مشين مان فلمن جا گيت ٻڌڻ ۾ آيا، ۽ مان نوڪريءَ ملڻ جي خوشيءَ ۽ گيتن جي ڌن ۽ مستيءَ ۾، آهستي هلندڙ موٽر کي، هٿ سان غلط نموني بيهارڻ جي ڪوشش سبب، هٿ جي آڱوٺي کي وڍي ويهي رهيس. مشين جي موٽر ۾ ڊاف ٺهندو آهي. موٽر مٿان فوني جي ريڪارڊر وانگر گول ڍڪ، ۽ ان جي مٿان رٻڙ جو ڇلو هوندو آهي. مون ان ڇلي جي مٿان هٿ رکيو، آڱوٺو چيرجي ويو! هٿ ۾ پيل نئون دستانو ڦاٽي پيو. مون کان هلڪي چيخ نڪري ويئي.

”ڇا ٿيو؟“ پاسي ۾ بيٺل، اُستاد مزور پڇيو.

”آڱوٺو چيرجي ويو“، مون بيحد پيڙا وچان چيو.

هن منهنجي هٿ مان رٻڙ جو دستانو لاهي، چير ڏسندي، همدرديءَ جو اظهار ڪندي، چيو، ”ڇا ڏاڍو سور ٿو ٿئيئي؟ گهٻراءِ نه، زخم هلڪو آهي. پر ڀائي ڪم سنڀالي ڪر؛ هتي آڱريون بنهه ڪٽجي به وينديون آهن!“ پوءِ هن مون کي موٽر بيهارڻ جو صحيح نمونو ڏيکاريو، ۽ پوءِ زخم کي دوا لڳائڻ ۽ نئين دستاني آڻڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏنائين.

مشينن مان فلمن جا گيت، مون وري نه ٻڌا. دل سست ۽ اُداس ٿي ويئي. نوڪري ملڻ جي خوشي، نه معلوم، ڪيڏانهن غائب ٿي ويئي. چئن سالن جي منحوس بيڪاريءَ بعد به جي نوڪري ملي هئي، ته اِها. پدما چيو هو: ”مزدورن وانگر ڪم ڪجي ۽ فيلسوفن وانگر سوچجي“: ۽ مون چيو: ”ٺيڪ آهي. هاڻي مزور ٿي ڪم ڪبو ۽ فيلسوف ٿي سوچبو.“ ۽ رات مون سوچيو: ”ڪنهن ڏينهن انهن گول مول موٽرن جي چڪر ۾ اچي، مري وڃان ته؟- منهنجي اکين ۾ ائسڊ يا وسڪوز پئجي وڃي ته؟“

۽ اِن ”ته“ کي خيال ۾ رکي، ساهيءَ مهل، وڃي ڊاف گائيڊ، نظام الدين صاحب، جي سامهون بيٺس. هر پاليءَ لاءِ صرف ٻه ڊاف گائيڊس (سونهان) هوندا آهن.

”هڪ ڳالهه ٻڌاءِ“

”چئو“.

”هن مل ۾ ڪم ڪندي، مان جيڪڏهن مري وڃان ته؟“

”ته، ڇا؟“

”هڪ ڏينهن لاءِ هيءَ مل بند ڪانه ٿيندي؟“

هن زور سان هڪ ٽهڪ ڏنو ۽ کلندي چيو، ”تون ڇا، جيڪڏهن مان به مري وڃان، تڏهن به هيءَ مل بند ڪانه ٿيندي.“

هاڻ، مون به زوردار ٽهڪ ڏنو.

”ڇو، تون کلين ڇو ٿو؟“

”ان ڪري جو مالڪ جي نظر ۾ مزور يا وڏو مزور، نئون مزور يا جهونو مزور ڳالهه ساڳي آهي: ۽ ٻيو ته ڪم ڪندي، جي ڪو مزور مري به وڃي، تڏهن به مالڪ جي اڳيان اُن جي ڪا معنى ڪانهي.“

”هن مل جو مالـِڪ هڪ نه، اَنيڪ مالڪ آهن ڀائي!“

”۽ ڪنهن ڏينهن، جيڪڏهن بنا ڪم ڪرڻ جي به، انهن مان ڪو هڪ مري وڃي، ته پوءِ به ڇا هيءَ مل بند ڪانه ٿيندي؟“

هو ناراض ٿي ويو. چيائين، ”وڃ وڃ! وڃي پنهنجو ڪم ڪر، مٿو نه کاءُ!“

اُن بعد هو مون ڏانهن تيز نگاهن سان نهاريندو هو. ڪٿي ڪو سنڌين جي هلڪي موٽي نندا ڪندو هو، نظام صاحب مـُرڪي ڏيندو هو. اِها مرڪ منهنجي دل دماغ ۽ ذهن تي زهر جو اَثر ڪندي هئي. ساهيءَ مهل، جي موٽڻ ۾ صرف هڪ منٽ ئي دير ڪندو هوس ته پيشانيءَ ۾ ريکائون ٺاهي، چپن ۽ اکين ۾ اُڇاتري شوخي پيدا ڪري، چوندو هو: ”ڇو ڀائي، پنهنجو راڄ ٿي ويو آهي ڇا؟ ڪوئي چوڻ وارو ڪونهي، ڪيئن؟ اڄ توکي ٻه ناليون صفا ڪرڻيون آهن- سمجهيئي؟“

مان اِئين ئي سمجهندو هوس ته هو سنڌين کي مل ۾ ڏسي جلي ٿو. مان سنڌي آهيان، اُن ڪري مشين جون ناليون صفا ڪرڻ لاءِ چوي ٿو، جنهن ۾ وسڪوز، ائسڊ سان ملي ڄڻ پٿر ٿيو وڃي. اهڙيون ناليون مشين جي ٻنهي پاسن کان ٿينديون آهن. ناليون پوريءَ طرح صفا نه ڪرڻ جي حالت ۾ چوندو هو، ”موڪل مهل خوب گهمين ٿو- ۽ ڪم مهل؟ مان تنهنجو ساهيءَ تي وڃڻ بند ڪري ڇڏيندس. پنهنجون ناليون تون نه صفا ڪندين، تڏهن ڇا مان ڪندس؟ منهنجو پيءُ ڪندو؟“ مون جاچ ڪري ڏٺو ته ٻين سنڌين کي، صفا ڪرڻ لاءِ ايتريون خراب ناليون نه ملنديون هيون، جيتريون مون کي. مان دل ئي دل ۾ چوندو هوس: ٻين سنڌين کي گهٽ خراب ناليون ڏيئي، اِهو ظاهر ڪرڻ جو ناٽڪ نه ڪر ته تون سنڌين کي گهٽ تعداد ۾ ٿورائيءَ وارا ڏسي، اُنهن مٿان رعب رکڻ جي ڪوشش ڪندڙ ۽ پيڙيندڙ نه آهين. مون توکي تنهنجي اصلوڪي روپ ۾ ڄاتو آهي. تون مون کي بلڪل ئي تنگ ڪرين ٿو- ان ڪري، جو مان تنهنجي کلڻ تي، تنهنجي همدردي ۽ دلچسپي هٿ ڪرڻ لاءِ، ٻين انيڪ مزورن جيان بنا سبب ڏند ٽيڙ ۽ چاپلوسي نٿو ڪريان. تون جهونو آهين؛ ڄاڻان ٿو. ڪم ڄاڻين ٿو، اِهو به ڄاڻان ٿو. ڪم ڪندڙن جي مٿان آهين، اِهو به. پر ان جي معنى اِها ڪانهي ته تون جي چاهين، ته ڪنهن جو ساهه منجهائي سگهين ٿو!

ان ڏينهن شام جو هو به کل ڀوڳ جي مزاج ۾ هو. ڪئنٽين ۾ ڏينهن جي ماني کائي ختم ڪئي هئيسين. ڪل ڏهه ٻارهن مزور هئاسين. اُن وقت چانهه ۽ سگريٽ جو دور هلي رهيو هو. ٻيو سنڌي صرف هڪ هو، جو منهنجي پاسي ۾ ويٺو هو. نظام صاحب مون ڏانهن منهن ڪري مرڪندي چيو، ”ڪيئـَن ڀائي نرمل، مل ۾ ڪيترا ڏينهن رهندين؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com