سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :22

سنڌي ادبي بورڊ جي زيرِ نگرانيءَ هڪ سه – ماهي ادبي ۽ علمي رسالو ”مهراڻ“ باقاعدي شايع ٿي رهيو آهي، جنهن جو ستون پرچو اوهان جي هٿن ۾ آهي. ”مهراڻ“ ٿوري عرصي ۾، جا مقبوليت حاصل ڪئي آهي، ۽ سنڌي ادب جي جا خدمت بجا آندي آهي، اها عالم آشڪار آهي.

سنڌي پرائمري اسڪولن جي درسي ڪتابن جي اڻاٺ، غلط ڇپائي ۽ بدزيب ۽ ناقص اشاعت جو مسئلو، ورهاڱي کان پوءِ انتهائي خطرناڪ صورت وٺي بيٺو هو. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ سرڪار جي تعليمي کاتي جي چوڻ تي اول پهرئين ڪتاب، ۽ پوءِ ٻئي ۽ ستين ڪتاب جي ڇپائيءَ ۽ اشاعت جا فرض پاڻ تي هموار ڪيا. گهربل تعداد ۾ اهي درسي ڪتاب صحيح، مضبوط ۽ ديده زيب صورت ۾ شايع ڪري، سنڌ ۾ ابتدائي تعليم جي ڪم از ڪم هنن ٽن ڪتابن جي مسئلي کي خاطر خواه انداز ۾ حل ڪيو ويو آهي.

هن وقت بورڊ وٽ قابل مصنفن جون ڪيتريون شاهڪار تصنيفون اشاعت لاءِ تيار ٿيون رکيون آهن، جي رفتي رفتي پريس ۾ ڏنيون وينديون. انهن جي مختصر فهرست هيءَ آهي:

(1) رسالو سچل سرمست - محترم عثمان علي انصاري

(2) ڪليات گدا                 - محترم رشيد احمد ”رشيد“ لاشاري

(3) تن ۽ تندرستي     - محترم ڊاڪٽر قاضي علي احمد

(4) ڪلام حسين بخش شاهه - محترم عارف الموليٰ

(5) ڪليات ”امين“      - محترم محبوب علي چنو

(6) محمود فقير کٽياڻ

    جو ڪلام          - محترم محمد صالح سپيو

(7) ڪليات ”خادم“   - محترم لطف الله بدوي

(8) جنت السنڌ                - محترم مولائي شيدائي

(9) قديم سنڌڙي     - مرحوم ڀيرو مل مهر چند

(10) علم طبعيات    - محترم امام بخش مرزا

(11) تذڪرهء امير خواني  - محترم پير حسام الدين شاهه راشدي

(12) ڪليات ”مخلص“        - محترم محمد خان غني

(13) خزينة العلوم     - مرحوم محمد بخش ”واصف“

(14) نل دمينتي(منظوم)- محترم رشيد احمد رشيد لاشاري

(15) ڪنوار جو آئينو

     (ترجمو)           - محترم عبدالڪريم ”تراب“

(16) سنڌ، ۽ سندس

     ذاتيون(ترجمو)    - محترم محمد حنيف صديقي

(17) سنڌ جي درٻار

     جو احوال (ترجمو) - - - - - - - - - - - - - - - - - - - -

(18) ڇوٽڪارو(ترجمو) - محمد غلام حسين جلباڻي

(19) ڪاميابي (ترجمو) - - - - - - - محترم غلام حسين جلباڻي

(20) دين و دانش(ترجمو)- محترم محمد صديق ”مسافر“

سنڌي ادبي بورڊ ٻين ٻولين ۾ پڻ ڪي ڪتاب – سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، علم و ادب ۽ تهذيب و تمدن جي موضوعن – تي تيار ڪرايا آهن، جيڪي انهن ٻولين ۾ به شايع ٿيندا، ۽ سندن سنڌيءَ ۾ ترجما پڻ پيش ڪيا ويندا. اهي ڪتاب هي آهن.

(1) سنڌ جي تاريخ، جلد پهريون،

    ۽ جلد ٻيو (انگريزيءَ ۾)  - ايڇ . ٽي . لئمبرڪ

(2) سنڌ جي طبعي جاگرافي

    (انگريزيءَ ۾)              - ڊاڪٽر پٿا والا

(3) سنڌ جا فارسي شاعر

   (انگريزيءَ ۾)               - ڊاڪٽر هري سدا رنگاڻي

(4) برهانپور جي سنڌي اولياءَ

    ڪرام جو تذڪرو

    (اردوءَ ۾)                  - راشد برهانپوري

(5) سنڌ جي تاريخ، جلد ڇهون

    (اردوءَ ۾)                  - غلام رسول مهر

مٿين ڪتابن مان ”سنڌ جا فارسي شاعر“ انگريزيءَ ۾، ۽ ”برهانپور جي سنڌي اولياء ڪرام جو تذڪرو“ اردوءَ ۾، اڳي ئي ڇپجي چڪا آهن، ۽ عنقريب شايع ٿيڻا آهن. بورڊ سنڌ جي مفصل تاريخ اٺن جلدن ۾ تيار ڪرائي رهيو آهي، جن مان مٿي بيان ڪيل ٽي جلد تيار ٿي مليا آهن، باقي رهيل جلدن تي اڃا مؤرخ ڪم ڪري رهيا آهن.

هيٺيان وڌيڪ ڪتاب هلندڙ سال جي اندر تيار ٿي ملڻا آهن:

(1) سنڌي ٻوليءَ جو گرامر- محترم واحد بخش شيخ

(2) شاهه جو رسالو    - محترم ڊاڪٽر دائودپوٽو

(3) ديوان بيڪس     - محترم عبدالحسين شاهه موسوي

(4) ڪليات سامي    - محترم جهامنداس ڀاٽيا

(5) تاريخ سنڌ، جلد چوٿون    - محترم پير حسام الدين شاهه راشدي

(6) تاريخ سنڌ، جلد ستون - محترم محمد حنيف صديقي

(7) سنڌ سان انگريزن

    جا اوائلي لاڳاپا

    (انگريزيءَ ۾)      -  ڊاڪٽر ڊيوآرٽ

(8) علم ڪيميا               - محترم مرزا امام بخش

(9) سنڌ جي اقتصادي

    تاريخ (ترجمو)     - سراج الحق

بورڊ طرفان سنڌي اديبن ۽ لکندڙن کي تقريباً هڪ سو وڌيڪ ڪتاب پڻ سونپيا ويا آهن، جن ۾ سائنس، تاريخ، ادب ۽ فن متعلق ٻين ٻولين مان ترجما، توڙي انهن موضوعن تي اصلوڪا ڪتاب شامل آهن.

ساڳئي وقت، بورڊ هيٺين تجويزن کي به عمل ۾ آڻائي رهي آهي:

(1)  اڄ تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي ڪتاب ڇپيا آهن، تن جي مڪمل فهرست تيار ڪرائڻ.

(2) انگريزي وڏي آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ جو سنڌي ترجمو ڪرائڻ.

(3) قديم مسودن ۽ قلمي نسخن کي محفوظ ڪرڻ ۽ انهن کي پڙهڻ لاءِ بورڊ پنجاهه هزار کن رپيا خرچي ٻاهران مئڪرو فلم يونٽ گهرايو آهي، جو ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڪم شروع ڪندو.

(4) ”مشاهير سنڌ“ جي نالي سان چئن جلدن ۾ هڪڙو ڪتاب تيار ڪرائڻ، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخي زماني جي شروع کان وٺي، ويندي هيلتائين سنڌ ۾ جيڪي به نامور هستيون ٿي گذريون آهن، تن جي سوانح ۽ تاريخي ڪارنامن کي قلمبند ڪيو ويندو.

(5)  سنڌي ٻوليءَ جي منفرد ٽائيپ ٺهرائڻ. هن سلسلي ۾ منفرد ٽائيپ جي هڪ صورت کي نموني طور پسند ڪري ڪراچيءَ جي هڪ مقامي ٽائيپ ٺاهيندڙ ڪارخاني کي اُن جي ٺاهڻ جو ڪم سونپيو ويو آهي. تنهن وچ ۾ موجوده گڏيل ٽائيپ جي صورتن ۽ سائيزن ۾ اضافا ڪرايا ويا آهن، ۽ ان ۾ زيرين زبرن جي استعمال هڪ نهايت آسان ۽ سستو طريقو پيش ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سنڌي ڇپائيءَ ۾ بيمثل سهوليت ۽ فائدو پيدا ٿيو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي ٽائيپ رائيٽر ٺهرائڻ واريءَ تجويز ڏانهن پڻ بورڊ پنهنجي وس آهر توجهه ڏيئي رهيو آهي.

بورڊ پنهنجي اديبن ۽ لکندڙن لاءِ خاص لئبرري قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ هن وقت تقريباً 400 انگريزي، 200 اردو، 1200 سنڌي ڇپيل ڪتاب، ۽ 250 سنڌي، فارسي ۽ عربي نادر قلمي نسخا موجود آهن.

هن وقت بورڊ جي اڳيان ٻه اهڙيون اسڪيمون پڻ آهن، جن لاءِ الڳ ٻن اکرن چوڻ جي ضرورت آهي – هڪ سنڌي لوڪ ادب جي گڏ ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ جي اسڪيم، ۽ ٻي تيار ٿيل فارسي ۽ عربي ادب کي نئين سر ترتيب ڏيئي شايع ڪرڻ جي اسڪيم.


سنڌ جي لوڪ ادب گڏ ڪرڻ جي اسڪيم

 

لوڪ ادب هر ٻوليءَ جو روح آهي. اسان جي سنڌي ٻولي لوڪ ادب ۾ ايتري ئي شاهوڪار آهي، جيتري دنيا جي هڪ سڌريل ٻولي واقعي هئڻ گهرجي. پر افسوس آهي، جو ان طرف ڪو به خاص ڌيان ڪونه ڏنو ويو آهي. ان ڏس ۾ سنڌي ادبي بورڊ پنجن سالن جي هڪ مفصل اسڪيم تيار ڪئي آهي، جنهن تي اندازو آهي ته اٽڪل هڪ لک روپيا خرچ ٿيندو. انهيءَ اسڪيم ماتحت هيٺئين قسم جو لوڪ ادب گڏ ڪيو ويندو:

نيم تاريخي قصا ۽ رومانوي داستان: سنڌ ۾ ڪيترا اهڙا قصا مشهور آهن، جيڪي ٻهراڙيءَ جي تقريباً هر ڪچهريءَ ۽ محفل جي موقعي تي ٻڌا ۽ ٻڌايا ويندا آهن – اهي ئي قصا ۽ رومانوي داستان آهن، جن تي اسان جي ڪلاسيڪي ادب جو بنياد ٻڌل آهي. انهن مان ڪي هي آهن: عمر مارئي؛ سسئي پنهون؛ مومل راڻو؛ دودو چنيسر؛ راءِ ڏياچ؛ سورٺ؛ ليلا چنيسر؛ موريو ۽ مڇ؛ سهڻي ميهار؛ لاکو ۽ اوڏڻ؛ بانڪو بهرام؛ سيف الملوڪ بديع الجمال؛ ڪامسين ۽ ڪامروپ؛ بير سنگهه ۽ سندر ٻائي؛ ڍولو مارئي؛ وغيره.

آکاڻيون ۽ ڪهاڻيون: سنڌ جون پنهنجون ڪيترون ئي لوڪ آکاڻيون ۽ لوڪ ڪهاڻيون آهن، جي سنڌ جي هر گهر ۾ اسان جون نانيون ۽ ڏاڏيون، ۽ سنڌ جا زنده دل پريا مڙس ننڍيءَ ٽهيءَ کي ٻڌائيندا ٿا رهن. انهن آکاڻين ۾ جنن، ديون ۽ پرين جون، پکين ۽ جانورن جون، جهنگن، جبلن ۽ دريائن جون آکاڻيون، ۽ سنڌ جي قديم ترين ماضيءَ جون دل اڀاريندڙ ڏند ڪٿائون اچي وڃن ٿيون.

پهاڪا: سنڌ ۾ لکين پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، جن مان فقط ڪو ٿورو حصو ڇپيل آهي. هن اسڪيم ماتحت گهڻي کان گهڻا سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون گڏ ڪيون وينديون.

پروليون، ڳجهارتون، وغيره: سنڌ ۾ ڳجهارت ۽ پرولي به هڪ فن آهي، جيڪو اسان جي ٻهراڙيءَ جي ڀائرن جي واندڪائيءَ جي هڪ بهترين ۽ نهايت ئي فائديمند وندر آهي. ان جا خاص نمونا هي آهن: پرولي، ڳجهارت، معما، درائو، ست سري، هنر، ڏهس ناما، سينگار وغيره.

ڪافيون: اسان جي لوڪ ادب ۾ ڪافيءَ کي وڏو مقام حاصل آهي. هن اسڪيم ماتحت اهي سڀ ڪافيون جمع ڪيون وينديون، جيڪي سنڌ ۾ عام جام ڳايون وڄايون وڃن ٿيون، مگر اڄ تائين ڪنهن قلمبند ڪونه ڪيون آهن.

بيت: سنڌ ۾ ڊگها بيت به عام آهن. ڪيترن ئي شاعرن ۽ سگهڙن پنهنجي پنهنجي طريقي سان نهايت ئي اثرائتيون چيزون طويل بيتن ۾ پيش ڪيون آهن، جيڪي بيت نڙ جي سريلن آلاپن سان گڏ اسان جي ٻهراڙين جا شوقين جوان ڪن تي هٿ رکي، ڳائيندي ڳائيندي، راتين جون راتيون ويهي ڏينهن ڪري ڇڏيندا آهن.

مولود، مداحون ۽ سي حرفيون: سنڌ جو عوام مولودن ۽ مداحن جو خاص شوقين آهي، ۽ جڏهن ڪنهن موقعي تي خوش الحان مولودي ۽ مدح گو حضرات پنهنجي دلي جذبي ۽ روحاني خود محويت سان بيهي سماع جي محفل مچائيندا آهن، ته چوڌاري هڪ قسم جي ڪيف آور فضا قائم ڪري ڦٽي ڪندا آهن. اِهي مولود، مداحون ۽ سي حرفيون اسان جي ادب جو لافاني ورثو آهن، جن کي قلمبند ڪرڻ اسان جو فرض آهي.

سنڌ جي ظرافت: ٻهراڙين جا ماڻهو چرچن ڀوڳن ۾ خاص لطف وٺندا آهن. انهن ڀوڳن ۾ خالص ظرافت جو پهلو هڪ پاسي هوندو آهي، ته ٻئي پاسي منجهن ڪو نه ڪو حڪمت جو نڪتو به ضرور هوندو آهي. سنڌ جي سجاڳ ذهن ملوڪن ۽ سگهڙن وٽ اهڙا بيشمار ٽوٽڪا، لطيفا ۽ ظرافت جا موتي موجود آهن، جن کي هڪ هڪ ڪري ميڙڻ ۽ پڌري ڪرڻ مان سنڌي ادب جي هڪ بنيادي خدمت ٿي سگهي ٿي.

سِٺون: ڪيترا اهڙا لوڪ – شاعر آهن، جن خالص طنزيه ڪلام چيو آهي. انهيءَ ڪلام کي سِٺون چيو وڃي ٿو.

مناظري ۽ مقابلي جا بيت: سنڌ جي ڪيترن عوامي شاعرن ۽ سگهڙن مناظري ۽ مقابلي جا بيت چيا آهن – مثلاً ٽوپيءَ ۽ پڳ جو جهيڙو، ڪانو ۽ هاريءَ جو مقابلو، وغيره.

واقعن جا بيت: تاريخي يا سماجي واقعن تي وقت جا سگهڙ ۽ عوامي شاعر جيڪو ڪلام چوندا آيا آهن، اهو به لوڪ ادب جو ئي هڪ حصو آهي.

لوڪ گيت ۽ لوڪ ناچ: سنڌ ۾ ڪيترائي لوڪ گيتن جا قسم پکڙيل آهن، جن ۾ بي انتها لطف آهي – جهڙوڪ مورو، جمالو، لولي، ڪوڏاڻو، سهرا، نوحا، ڏورڪي، تولاڙو، پوپري، همرچو، آتڻ، وغيره. لوڪ ناچن ۾ جهمر، ڏونڪا، مگرمان ۽ سماج، وغيره به محفوظ ڪرڻ جهڙيون چيزون آهن.

لوڪ ادب جي هن اسڪيم ماتحت بورڊ جي تجويز آهي ته تقريباً چاليهارو کن ڪتاب تيار ڪرائي شايع ڪجن. هيءَ اسڪيم ترت ئي عمل ۾ آندي ويندي، ۽ اميد ته سنڌ جو علم دوست ۽ ادب نواز عوام بورڊ سان هن قومي ڪم ۾ دلي تعاون ڪندو.

سنڌ جي فارسي ۽ عربي ادب جي اشاعت:

سنڌ اها سرزمين آهي، جتي مختلف تمدن ۽ تهذيبون جدا جدا وقتن تي اچي پئي گڏ ٿيون آهن، ۽ انهن مختلف تهذيبن جي باهمي ميلاپ مان سنڌ هڪ نئينءَ تهذيب ۽ سڀيتا کي جنم ڏنو، جنهن جو مول متو مذهبي رواداري ۽ انساني برادري آهي، ۽ جنهن جو محبت کان سواءِ ٻيو ڪو به مذهب ڪونهي. سنڌ جي هن بيمثل تهذيب جي ترڪيب ۾ دنيا جي عظيم مذهب اسلام جو وڏي ۾ وڏو حصو رهيو آهي. سنڌ کي باب الاسلام چيو وڃي ٿو. پهريائين عربي زبان جي معرفت، ۽ پوءِ فارسي زبان ذريعي اسلام جو روح افزا پيغام سنڌ کي ور ور ڏيئي ٻڌايو ويو. سنڌ اهو پيغام نه فقط پاڻ ٻڌو، سمجهيو ۽ قبول ڪيو، بلڪ ان کي وڌيڪ سلجهائي ۽ صاف ڪري ٻين کي ٻڌائڻ، سمجهائڻ ۽ قبول ڪرائڻ جا پڻ جتن ڪيا. اسلامي فقہ ۽ حديث تي سنڌي عالمن جون تصنيفون اڄ به دنيا ۾ امتيازي جڳهه والاريو بيٺيون آهن. عربي ۽ فارسي ادب جي دائري ۾، ۽ پڻ انهن ٻولين ۾ علم ڪلام، منطق، فلسلفي، تاريخ، ۽ ٻين علمي موضوعن تي لکيل ڪتاب سنڌ جي اڪثر علمي خاندانن جي ذاتي ڪتبخانن ۾ اڄ به موجود آهن، جيڪي اسان جي بي توجهيءَ سبب آهستي آهستي مٽيءَ ۽ ڪتابي ڪيڙن جو کاڄ ٿي رهيا آهن، ۽ جيڪي لکجڻ سان ئي ڪٻٽن پيتين ۾ بند ٿي ويا، تيئن اتي اڄ به مٽيءَ ۽ اوندهه ۾ دفن ٿيا پيا آهن، ۽ ٻيهر ڪڏهن سچ جو تڙڪو به وري شايد ڪونه ڏٺو اٿن. انهيءَ ڏس ۾ به بورڊ هڪ وسيع ۽ مفصل تجويز تيار ڪري، پاڪستان سرڪار جي وزارت تعليم اڳيان پيش ڪئي، جن ان کي مڪمل طور پسند ڪيو، ۽ تجويز جي جملي خرچ جي تخميني آهر بورڊ کي گرانٽ ڏيڻ جو واعدو ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾ پاڪستان سرڪار کان هلندڙ سال لاءِ 75000 روپيا گرانٽ بورڊ کي ملي به چڪي آهي. هن اسڪيم تي جملي چار سال ڪم هلڻو آهي، ۽ ان ماتحت تقريباً 20 عربيءَ ۾، 60 فارسيءَ ۾، ۽ سنڌ متعلق لکيل ڪتابن جا ڏهاڪو کن اردو ۾ ترجما شايع ڪيا ويندا. هن سال ۾ بورڊ کي جيڪي انهيءَسلسلي ۾ ڪتاب شايع ڪرڻا آهن، سي هيٺيان آهن:

عربي ڪتاب :

ڪتاب التعليم (مسعود بن شيبا السندي)؛ مڪاتيب المرسلين (ابو جعفر الديبلي)؛ اطراف البخاري (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي)؛ ديوان ابي عطا سندي؛ بذل القوة في حواديث سني النبوة (مخدوم محمد هاشم ٺٽوي)؛ دراسات اللبيب؛ ذب الذبابات؛ ۽ القستاس المستقيم.

فارسي ڪتاب :

تاريخ معصومي (نئون ڇاپو)؛ بيگلار نامه؛ تاريخ طاهري؛ تحفة الڪرام؛ فتح نامه (عظيم الدين ٺٽوي)؛ فتح نامه (مير صوبدار)؛ منشور الوصيت (ميان نور محمد ڪلهوڙو)؛ تحفة الطاهرين؛ لب تاريخ سنڌ؛ تاريخ سنڌ (ابن الواعظ)؛ مقالات الشعرا؛ ديوان عظيم ٺٽوي؛ ديوان محسن ٺٽوي؛ ديوان عزلت؛ ديوان عطا؛ ديوان حيدر ڪلوچ؛ مثنوي چنيسر نامه (ادراڪي بيگلار)؛ مثنوي زيبانگار (ضيا ٺٽوي)؛ مثنوي مظهر الاثار؛ مثنوي هير و رانجها (نواب ولي محمد خان؛ عظيم ٺٽوي؛ ضيا ٺٽوي؛ مشتري؛ ۽ آزاد).

مٿين فارسي ڪتابن مان ”چنيسر نامه“ ۽ ”تحفة الطاهرين“ مڪمل ڇپجي چڪا آهن، ۽ اميد ته ٿورن ڏينهن ۾ شايع ڪيا ويندا. عربي ڪتابن ۾ ”دراسات اللبيب“ مڪمل طرح ڇپجي چڪو آهي. اميد ته اهو به مٿين ٻن ڪتابن سان گڏ بازار ۾ اچي ويندو. هن وقت مثنوي ”هير و رانجها“ (پنج مثنويون)، ”ديوان عطا“، ”بيگلار نامه“، ”لب تاريخ سنڌ“ ۽ ”ڪتاب التعليم“ پريس ۾ آهن.

سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جو ادب سنڌ جو تاريخي ورثو آهي: ان جي ترقيءَ ۽ تربيت لاءِ ڪوشش ڪرڻ قوم جو مقدس فرض آهي.

اهڙي عظيم فرض جي ڪامياب ادائگي هڪ اهڙو مشڪل ۽ وسيع مسئلو آهي، جو ان کي پوريءَ طرح منهن ڏيڻ ڪنهن هڪ شخص، ڪنهن هڪ اداري يا انجمن جي وس کان بنهه ٻاهر آهي. قوم جي مجموعي ترقي ۽ بيدراري، ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ تربيت سان ئي وابسته آهي: تنهنڪري ٻوليءَ جي خاطر خواه خدمت پڻ قوم جي مجموعي محنت ۽ ڪوشش سان ممڪن ٿي سگهي ٿي. هن ميدان ۾ سرڪاري توڙي غير سرڪاري، اجتماعي توڙي انفرادي، جيڪا به ڪوشش ٿيندي، يقين آهي ته اها ڪڏهن به بيجا ۽ بي ثمر ثابت نه ٿيندي.

سنڌي ادبي بورڊ پڻ، هن ميدان ۾، پنهنجي منهن، ڪافي پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي: ۽ جن صاحبن کي بورڊ جي تجويزن ۽ عملي سرگرمين سان واقفيت جو موقعو مليوهوندو، سي اميد آهي ته بورڊ جي محنت ۽ ڪوشش کان مطمئن پڻ هوندا. بورڊ جي مطبوعه اشاعتن ۽ زير طباعت توڙي مجوزه اشاعتي پروگرام جو مختصر تفصيل، جيڪو مٿي پيش ڪيو ويو آهي، ان مان بورڊ جي محنت ۽ حوصلي جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو.

پڙهندڙن جا پيغام

- محترمي، داڻي پاڻيءَ جي ڇڪ آڻي هتان ڪڍيو آهي. هتي اچي خيال ڪريان ٿو ته اسان جي ماٺي سنڌ ساگر ۾ ڪيڏيون نه لهريون اٿيون آهن، جو پنهنجا ڪک ڇڏي هتي پهتا آهيون.

مهراڻ جا ڪپر وري پيا ياد پون. پنهنجي سنڌوءَ سان ڪا راوي پهچي سگهندي! راويءَ جيترو ته اسان جو اڀرندو نارو آهي. سنڌي دليون به ايتريون ئي ڪشاديون آهن.

هتي آيس، ۽ پنجاب جي آفيسرن جا مريءَ جا سير ٻڌي، آءٌ پاڻ به وڃي اتي نڪتس. هتي قدرت جيڪڏهن مريءَ کي بڻجڻ جو موقعو ڏنو آهي، ته گورنمينٽ به واهه جو سڌاريو اٿس. اسان جي سنڌ جا انجنيئر اسڪيمون گهڻيون ئي ٺاهي سگهيا، مگر افسوس جو گورنمينٽ وڙهڻ ۾ پوري هئي. جيڪڏهن سنڌي انجنيئرن جون اسڪيمون – دائو ڊئم ٿاڻي بولا خان وٽ، گاج ڊئم جوهيءَ وٽ، ۽ ٻيون به ڊزن کن ڊئمن واريون اسڪيمون – چالو ڪري ڇڏين ها، ته ڏهن سالن اندر اندر اسان جا کير ٿر ۽ پٻ جبل به ساوا چهچ هجن ها - ۽ اسان جي سنڌ کي به مريءَ جهڙا ڏاڍا سٺا تفريحي مڪان ميسر هجن ها.

پارٽيبازين ۾ اچي ويچاري سنڌ ائين جو ائين رهجي ويئي. هاڻي انهن ٺوٺ جبلن کي سرسبز ڪرڻ جو وارو شايد ئي اسان جي زندگيءَ ۾ اچي، ۽ اسان جي سنڌي انجنيئرن جون اُهي رٿون ائين ئي سرا کائي ويندا.

ادا، معاف ڪج – نه ڄاڻ نه سڃاڻ، الائجي ڇا لکي ويو آهيان! ”مهراڻ“ جي خدمتگار سان سور نه سليان، ته ٻيو وري ڪنهن کي چوان. اسان جا هموطني ته هتي وڇوڙي اڌ مئا ڪري وڌا آهن.

- اوهان جو، سائينداد سولنگي، لاهور.

- لنڊن ۾ مهراڻ جي تحفي ملڻ کان نهايت گهڻي خوشي ٿيم، ۽ ائين پئي ڀانيم ته ٻن سالن بعد وري سنڌ ۾ ويٺو آهيان. ڀاءُ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي مضمون ”تون پڇين ٿو، آءٌ ڇو اداس آهيان“ دل تي ڏاڍو اثر ڪيو، ۽ ساڳيون ڳالهيون ڄڻ ته پاڻ سان پئي ٺهڪايم – پر فرق اهو هو ته مون کي ترت واپس موٽي ساڳين هنڌن کي ڏسڻ ۽ ساڳين دوستن کي ملڻ جي اميد آهي، ۽ هنن ويچارن لاءِ ”ويا جي هنلور، سي ڪرم ملندا ڪاپڙي!“ وارو قصو آهي.

اوهان پنهنجا تاثرات مضمونن جي صورت ۾ موڪلڻ لاءِ لکيو آهي. ننڍپڻ جي زماني ۾، مون کي ناولن ۽ رسالن پڙهڻ جو ڏاڍو شوق ۽ چاهه هوندو هو (۽ ڪنهن حد تائين اڃا به قائم آهي)، ۽ مون کي ياد آهي ته ”گلزار چنبيلي“ نالي هڪ نهايت نصيحت آميز ڪتاب ۾ ”ڪليله ۽ دمنه“ جي گفتگو جي صورت ۾ زماني ۽ زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي تبصرو ڪيل هو. ان ڪتاب جي هڪ حصي ۾ ”سير و سفر“ جي سلسلي ۾ نهايت موزون نموني ۾ سمجهايل ته ”بغير سفر جي تجربو حاصل ڪرڻ محال آهي، ۽ آدمي هڪ بيٺل پاڻيءَ برابر آهي، جو جلدي لڙ بنجي پوي ٿو“ . . . . . ”سير وا في الارض“ جي معنيٰ به هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ سچ پچ ته ڏيڏريءَ واري تلاءَ مان نڪري، هن اٿاهه ساگر ۾ اچي جيڪي اکيون کلن ٿيون، تن تي حيران نه ٿيڻ ناممڪن نه، ته به محال ضرور آهي!

عدم فرصتيءَ سبب في الحال ته ڪجهه لکڻ مشڪل آهي، پر ارادو آهي - ۽ ڌڻيءَ پاڪ توفيق ڏني – ته واپس وطن پهچي پرايل تجربي جو صحيح استعمال ڪريان. پوءِ جيڪڏهن هيءَ منهنجي ناچيز زندگي پنهنجي عزيز وطن وارن کي ڪنهن ڪم آئي، ته هي وڇوڙا ۽ تڪليفون تڇ سمجهندس. دعا ڪندا!

- ڊاڪٽر صالح ميمڻ، لنڊن.

سنڌي ادبي بورڊ جي سهاري هيٺ ضايع ٿيندڙ ”مهراڻ“، سِہ ماهي مخزن، وقت بوقت نظر مان ڪڍندو اچان ٿو. سندس هر هڪ نئون پرچو، گذريل پرچن کان هر ڏس ۾ وڌيڪ سڌاريل ۽ وڌايل نظر ۾ ٿو اچي. منجهس عالمن، فاضلن ۽ اديبن جا، بلند پايه شعر، نصيحت آميز ۽ اخلاقي آکاڻيون، معلوماتي، هدايتي ۽ تعليمي مضمون درج ٿين ٿا، جي ادبي شائقن جي ادبي اُساٽ مٽائين ٿا. کوجنا وارا ليک ته جنسي ساهه سان سانڍڻ جهڙا ڇپجن ٿا.

”مهراڻ“ مخزن جي ڇپائي، سٺائي، بيهڪ ۽ نمونو، اعليٰ مضمونن جي چونڊ، صورتخطيءَ جي باريڪ جاچ وغيره ظاهر ڪن ٿا ته ”مهراڻ“ جا بانيڪار نهايت گهڻيءَ محنت ۽ سخت جفا ڪشيءَ کان ڪم وٺن ٿا، پر ڏسجي ٿو ته ”مهراڻ“ ۾ غير سنڌي اکر، جيڪي روز مره ۽ محاوري ۾ ڪتب نٿا اچن، سي حد کان وڌيڪ ٿا واپرجن. ”مهراڻ“ جا بانيڪار البت وڌيڪ ڪوشش وٺي، اهڙن ڏکين اکرن جو واهپو گهٽائين، ته پڙهندڙن لاءِ گهڻي سولائي ٿي پوي. سنڌي ادبي بورڊ جي بانيڪارن جي خذمت ۾ وڌيڪ گذارش آهي ته ”مهراڻ“ جا جيڪر ٻن قاسمن جا ڇاپا شايع ٿين، ته ڏاڍو سٺو – هڪڙو اوچي پني تي (جئن هن وقت شايع ٿيندو اچي ٿو)، ٻيو هلڪي پني ته يعني اخباري پني تي. اوچي پني واري ”مهراڻ“ جي قيمت ساڳي ٺهرائجي، باقي اخباري پني واري جي قيمت لاڳت پٽاندڙ گهٽ مقرر ڪجي. نتيجو اهو نڪرندو، جو هر هڪ ننڍو وڏو، ٻار ٻڍو، ٻوليءَ ۽ ادب جو شائق، جو اڍائي روپيا خرچ ڪرڻ جي طاقت نٿو ساري، سو هلڪو ڇاپو خريد ڪري، سڪون پوريون ڪندو. اميد آهي ته اهڙي طريقي اختيار ڪرڻ سان، ”مهراڻ“ جا خريدار وڌندا ۽ ٻوليءَ جي تحرڪ جو آواز گهر گهر پهچندو.

- موتيرام سونيجي، بمبئي.

- مان ناسڪ ۾ پبلشر ۽ بڪسيلر آهيان، ڪافي رسالا ۽ ڪتاب هلايان ٿو؛ پر جڏهين ”مهراڻ“ ڏٺم، تڏهين اکيون ئي چرخ ٿي وييون. سنڌي سڀيتا ۽ ٻوليءَ جو سمنڊ عرف ”مهراڻ“، جڏهن اکين اڳيان آيم، تڏهن، ڪجهه يادگيريون ۽ وسريل ورق اٿلي آيا. هزارين ميل پري هوندي به، ”مهراڻ“ مون کي سنڌ ڏيکاري. مان سندس اها ئي شيوا ڪري سگهان ٿو ته ڪوشش ڪريان ته سندس خريدار وڌن. توهان کي خوشي ٿيندي ته ساري ڀارت ۾ هڪ ناسڪ آهي، جنهن ۾ اسان جي ساهتيه منڊل وسيلي، سنڌي عوام جي ايڪتا سبب، سنڌي ٻولي پنهنجي اصلوڪي روپ ۾ اسڪولن ۾ هلي ٿي.

- مينگهراج ڪاريا، ناسڪ.

- جي ڪاوڙ نه ٿئي ته مان ايترو ضرور چوندس ته ”نانءِ چڙهيو واپاري کٽيو کائي، ۽ نانءِ چڙهيو چور ڦاسيءَ چڙهي“ جي مصداق ”مهراڻ“ ۾ وڏن اديبن لاءِ جڳهه آهي، باقي اسان نو آموزن کي ته ٿڏيو پيو وڃي. هن کان اڳ مون ڇتي فقير جي ڪافي موڪلي، ته اها ڪا نه ڇپي؛ مگر اهي ساڳيون ڪافيون ڊاڪٽر صاحب کي موڪليم، ته ان هٿان شايع ٿي وييون. ممڪن آهي ته مضمون وغيره سان به اها حالت ٿيندي هجي. ائين ٿيڻ نه گهرجي. آخر اسان کي به قلم آزمائيءَ جو موقعو ملڻ گهرجي.

بورڊ کي لازم آهي ته شاهه خواهه سنڌ جي ٻين اوليائن جي روضن جون تصويرون ائين ڇپائي وڪرو ڪري، جئن خواجه اجميريءَ ۽ ٻين جون آهن.

- ماستر نبي بخش منگي، سکر.

- اوهين جنهن محبت ۽ اورچائيءَ سان ”مهراڻ“ رسالو ڪڍو ٿا، انهيءَ لاءِ اوهان کي کيرون هجن؛ ڇو ته ”مهراڻ“ نه فقط اسان وڏن پرين کي پسند آهي، پر اسان جا ٻار به اها مخزن چڱي چاهه ۽ چوڄ مان پڙهن ٿا.

- چيتن ماڙيوالا، بمبئي.

- ”مهراڻ“ جي تازي پرچي ۾ علامه قاضي صاحب جو سنيهو زندگيءَ جو پيغام آهي. پير حسام الدين صاحب جيڪڏهن پارسيءَ جو ترجمو به لکي ها، ته چڱو هو؛ ورنه رڳو پارسي ڪتاب سنڌي دانن جي ڪهڙي ڪم جو؟

- عارف الجيلاني، ڊٺڙو.

        - ”مهراڻ“ اسان سنڌين جو روح آهي. مڪليءَ جو مضمون خوب آهي پر فقط سنڌي دانن لاءِ بيڪار، جيستائين ترجمو گڏ نه هجي.

- عبدالله گندرو، سونڊا.

- ”مڪلي نامه“ بهترين چيز آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي. اي. ۽ ايم . اي. جي فارسي ڪورس تي ”پيام مشرق“ ۽ ”جاويد نامه“ رکيل آهن: ڇو نه انهن بدران ههڙا سنڌي بزرگن جا ٺاهيل ڪتاب رکيا وڃن!

- محمد بخش انصاري

- ”مهراڻ“ جي اديب صاحبن کي عرض آهي ته هو ڏکيا هندي، سنسڪرت، عربي ۽ پارسي لفظ ڪم نه آڻين.

- مراد علي خان جمالي ”مسافر“، حيدرآباد سنڌ.

        - مڪرمي، ”مهراڻ“ موصول ٿيو: ”مهراڻ“ ڏسي خوشي حاصل ٿي. سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ اوهان جي محنت لائق تحسين آهي.

- حضرت مولانا فضل محمد صاحب، صدر ۽ مهتمم

مدرسہ عربيہ مظهر العلوم، کڏو.

تبصرا

”شاعر“ حيدرآباد- 2/1956ع.

ڪنهن رسالي يا مخزن تي تبصري ڪرڻ جي مراد ان ۾ ڇپيل مواد تي تبصرو ڪرڻ آهي. رسالي ۾ آيل مواد جي چونڊ ڪيئن ڪئي ويئي آهي، ان مواد کي ترتيب ڪهڙي ڏني ويئي آهي، ۽ مواد جي چونڊ ڪندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ پنهنجي طرفان وڌيڪ ڇا پيش ڪيو آهي – اهي ڳالهيون رسالي جي ايڊيٽر جي ادبي ذوق، علمي پرمايگيءَ ۽ نظرياتي پختگيءَ متعلق ڪافي ڪجهه ٻڌائي گذرنديون آهن. حقيقت ۾، رسالي جون اهي ئي چيزون سندس ايڊيٽر جي شخصيت جون ترجمان ثابت ٿينديون آهن.

”سنڌ جي دوماهي ادبي رسالي، ”شاعر“ جو ٻيو پرچو اسان جي اڳيان آهي. رسالي جي ادارت جا فرض مولانا غلام محمد ”گرامي“ جهڙو ڪهنه مشق اديب ۽ شاعر بجا آڻي رهيو آهي. رسالي جي ادارتي نوٽ پڙهڻ سان، ايڊيٽر جي مجموعي فڪر ۽ ذهني صورتحال جو هڪ حد تائين صحيح اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

”شاعر“ جي محترم ايڊيٽر حب الوطنيءَ جي اهم مسئلي کي سمجهائيندي، ان جو هڪ انوکو مفهوم پڙهندڙن کي سيکاريو آهي: پاڻ ”وطن جي ’ڌرتي ماتا‘ واري تخيل“ کي اٿندي ئي ننديو اٿن. لفظ ’ڌرتي ماتا‘ جي اهڙي نفرت ڀرئي استعمال مان سندن مراد اها ظاهر آهي ته وطن جي ڪنهن به شي جِي بت وانگر بيهي پوڄا نه ڪرڻ گهرجي. ”اسان جي پاڪ وطن“ ۾ اهڙيءَ ڪنهن چيز جي ڪٿي ڪا پرستش ٿي رهي آهي – جنهن خلاف ان جي پرستارن کي اها تنبيهه فرمائي ويئي آهي – ان جو اسان کي علم ڪونهي. جيڪڏهن ”شاعر“ جي محترم ايڊيٽر جي علم ۾ اهڙي ڪا چيز هئي ته سندن فرض هو ته ان جي وضاحت فرمائي ڇڏين ها، ته سڀئي ان مان عبرت وٺن ها! هڪدم پوءِ ارشاد ٿو ٿئي ته ”وطن مان مقصد اهو ’فڪر حيات‘ ۽ ’نظام زندگي‘ آهي، جو عوام جو (جِي) سماجي، فڪري، علمي ۽ معاشي تربيت ڪري رهيو آهي. اهو فڪر حيات هڪ خاص آئڊيالاجي (آئڊيالاجي = فڪر حيات) مان پيدا ٿيندو آهي. لهٰذا ان آئڊيالوجيءَ جي مرڪزي حيثيت کي ئي مڃڻ ’ساڻيهه جي سڪ‘ ۽ حب الوطني سمجهڻ گهرجي“. پهرين ڳالهه ته فڪر حيات، فڪر حيات (آئڊيالاجي) مان پيدا ڪين ٿيندو – اها ڳالهه اسان کي سمجهه ۾ ڪانه آئي. ٻي ڳالهه ته ”فڪر حيات“ ۽ ”نظام زندگي“ ٻئي هڪ ڳالهه آهن – اها خبر به اسان کي اڳي واقعي ڪانه هئي. ٽين ڳالهه ته اهو ”نظام زندگي“ جيڪو ”اسان جي پاڪ وطن – اسلامي جمهوريه پاڪستان“ ۾ ”عوام جي سماجي، فڪري، ۽ معاشي تربيت ڪري رهيو آهي“، سو آهي نيم جاگيرداري، نيم سرمايه داري ۽ نيم سامراجي نظام! انهيءَ نظام زندگيءَ جي ”مرڪزي حيثيت“ ڪهڙي آهي ۽ ڪٿي آهي، اها خبر به اسان اٻوجهن کي ”شاعر“ رسالي جي شاعر ايڊيٽر صاحب بنهه ڪين ٻڌائِي، جو ان کي ”مڃي“ ڪري اسين به سندن ”ساڻيهه“ جي سڪ سان پنهنجي من کي کڻي مالامال ڪريون. بهرحال جيڪڏهن فرمائش هيءَ آهي ته جيڪو ”نظام زندگي“ اڄ عوام جي ”تربيت“ ڪري رهيو آهي – يعني پيري فقيري، زمينداري، جاگيرداري، سرمائيداري، وغيره – ان کي مڃي ڪري سنڌ جا عوام پاڻ کي گرامي صاحب جي نظرن ۾ وطن دوست ثابت ڪن، ته اهو معاملو ته گرامي ۽ سنڌ جا عوام ئي پنهنجو پاڻ ۾ نبيرين – ٻيو ڪو ان ۾ دخل ڏيڻ وارو ڪير!

”حب الوطنيءَ“ جي ڳوڙهي مسئلي کي مٿئين نموني حل ڪرڻ کان پوءِ، ”شاعر“ جي فاضل ايڊيٽر اچي ”نالن جي فلسفي“ کي وڪوڙيو آهي. ”مهراڻ“ (1-1956) جي گذارشي نوٽ ۾ اسان عرض ڪيو هو ته ” ’اسلامي جمهوريہ، پاڪستان‘ جي تعريف، تعارف ۽ دستور العمل ۾ - يعني ان جي آئين ۾ - جيتوڻيڪ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا نالا ناپيد آهن، تڏهن به سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جتي اڳي هيون، اُتي اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن – سج جي وجود کان انڪار صرف اکين کان سڄا ئي ڪري ٿا سگهن. ٻئي ڪندي ’مشرف به اسلام‘ ٿيڻ سان شخصن جا نالا ته بدلجندي پئي ٻڌبا ۽ ڏسبا هئا – پر ملڪن ۽ قومن جي نالن جو مٽجڻ به لازمي آهي، تنهن ڳالهه جي خبر سو هاڻي پيئي اٿئون!“ مقصد هي هو ته سوچيو وڃي ته ”اسلامي جمهوريه پاڪستان“ قائم ڪرڻ لاءِ ”ون يونٽ“ ملڪ جي مٿان مڙهڻ ضروري هو ڇا، يا ون يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ ”سنڌ“ جي قديم تاريخي نالي کي ملڪ جي دستور تان ميساري ڇڏڻ لازمي هو ڇا: جيڪڏهن دستور ۾ سنڌ جو نالو بيان ڪيو وڃي ها، ته ڇا اسان جي وطن پاڪ جي ”اسلامي جمهوريه“ بنجڻ ۾ ڪا ڪسر رهجي وڃي ها؟ اسان نٿا سمجهون ته ملڪ کي رڳو نالي ماتر ”اسلامي جمهوريه“ سڏڻ لاءِ، گرامي صاحب قبول ڪندو ته سنڌ جو نالو ئي مِٽائي ڇڏڻ ضروري آهي. عربستان ۾ اسلام آيو، ته به عربستان ته عربستان ئي رهيو – ٻين ڪهڙن اسلامي ملڪن جا وڌيڪ نالا کڻجن؟- ته باقي سنڌ ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو سندس نالو لاٿو وڃي! بس ايتريءَ ڳالهه تان – يا مرڳو سنئين سڌي ڳالهه سمجهه ۾ ئي ڪانه آئي اٿس – گرامي صاحب بنهه بيبجي پيو آهي. اسلام ۽ پاڪستان لاءِ جهاد جو جهنڊو ڪلهي تي رکي، ڦشرجي، ميدان ڪري بيهي رهيو آهي. پوءِ ته، سواءِ پنهنجي، ٻين سڀني ”اندر جي انڌن“، ”ڪارن ڪافرن“، ”اسلام جي دشمنن“، ”دريده دهنن“، ”آهني پردي ۾ لڪلن“، ”ڪفر ساز ۽ مولوين“، ”مسلمانن کي ’ڄٽ‘ چوندڙن“، ”ڪميونسٽن ۽ سيڪيولرسٽن“، ”رسالن ۽ اخبارن ۾ گونگا ڳوڙها ڳاڙيندڙن“، ”مينڍ ۾ مارئي ڳائيندڙن“، ”اندر جي آڳ اُجهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙن“، ”رڍ جي کل ۾ بگهڙ وانگر لڪندڙن“، ”اٻوجهه ۽ ساده دل نوجوانن جا اوجهه ڦاڙيندڙن“- مطلب ته دنيا جهان جي چڱن مَٺن کي، نالن تي نالا وٺي، بيهي للڪاريو اٿس. آخر ۾ جڏهن وڃي ڪجهه ٿڌو ٿيو آهي، تڏهن اهڙو ته هڪڙو پَتي جو فقرو ڏوراپي طور لکي ڇڏيو اٿس، جو پڙهي، ”اسلام جي دشمنن ۽ اسلام کي نه مڃيندڙن“ جا ڪنڌ ئي شرم کان جهڪي پيا هوندا: چي، ”جيڪڏهن ڪي اسلام جا دشمن ۽ اسلام کي نه مڃيندڙ پاڻ کي مسلمانن جي نالن ۾ لڪائڻ کي ڪو گناهه ۽ اخلاقي ڪمزوري نٿا سمجهن، ته پوءِ پاڪستان تي ”اسلاميه جمهوريه“ جو نالو ڌرڻ ڪو خاص ڏوهه نه آهي! اين گناهي ست کہ در شهر شما نيز کنند!“ اسان جي دعا آهي ته اسان جيڪي ”مهراڻ“ ۾ چيو هو، سو گرامي صاحب جيڪڏهن ڪين سمجهيو، ته ان جو ڪو خاص ڀولو ڪونهي – پر جيڪي خود پاڻ هِي لکيو اٿن، شل ان کي ئي رڳو سمجهي سگهن!

”شاعر“ جي اداريه ۾ هڪ نوٽ ”ڪافي نوازي ۽ غزل دشمنيءَ“ متعلق به آهي. ان نوٽ کان اڳ ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌ، ۽ ڪافي مشاعرو“ جي عنوان ماتحت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي ”سنڌي ادب ۽ تهذيب جي خدمت“ لاءِ گرامي صاحب دل کولي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، جو هو ”ڪافين جا مشاعرا“ ڪري رهيا آهن“؛ ۽ ”جڏهن کان حضرت ”طالب الموليٰ“ ڪافين جا مشاعرا ڪرايا آهن، تڏهن کان سنڌ جي بزم مشاعرن ۾ ڪافيون ضرور پيش ڪيون وڃن ٿيون، ۽ ريڊيو تان به اهڙن مشاعرن جو نشر ڪرڻ ڪافين جي مقبوليت جو روشن دليل آهي.“ ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌيءَ ۾ ”غزل جي مشاعري“ کي تقريباً بند ڪري ڇڏيو آهي، ۽ راڳ جي پروگرام ۾ به عام طرح رڳيون ڪافيون پيش ڪيون وڃن ٿيون. ريڊيو حيدرآباد جي حضور ۾ پنهنجي هن خراج تحسين پيش ڪرڻ کان فوراً پوءِ، ”ڪافي نوازي ۽ غزل دشمنيءَ“ جي جدا عنوان هيٺ گرامي صاحب فرمائي ٿو ته ”اڄ ڪلهه ڪافي نواز طبقي جي ”غزل دشمني“ عالم آشڪار ٿي چڪي آهي. اڻ فتني کي پيدا ڪندڙ اهي چند ماڻهو آهن، جي دراصل اردو ادب ۽ پاڪستان جا دشمن آهن – جي سنڌي ”سنڌي زبان“ جي انڌي عشق ۾ اچي، ساري وڻ کي پاڙ کان ڊاهڻ لاءِ تيار آهن“. “سنڌي زبان“ جي لفظن کي گرامي صاحب پاڻ واڪ جي نشانين ۾ ڏنو آهي، جنهن مان جملي ۾ انهن جو استعمال طنزيه پيو معلوم ٿئي. بهرحال انهيءَ ٻاراڻيءَ ڳالهه کي ڇڏي، سوچڻو آهي ته اهي ”اردو ادب ۽ پاڪستان جا دشمن چند ماڻهو“ ڪير آهن، جيڪي گرامي صاحب جي نظر ۾ ”سنڌي زبان جي انڌي عشق ۾ اچي، ساري وڻ کي پاڙ کان ڊاهڻ لاءِ تيار آهن؟“ ظاهر آهي ته گرامي صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن کي ”اردو ادب ۽ پاڪستان جا دشمن“ شمار ڪري نٿو سگهي؛ نڪي ڪي هو ”حضرت ’طالب الموليٰ‘ “ تي ئي اهي لقب ڌري ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته ڪافين سان دلي چاهه سان گڏ مخدوم صاحب جن جي غزل دوستي ۽ اردو ادب ۽ پاڪستان ڏانهن عقيدتمندي عالم آشڪار آهي: ٻئي ڪندي، گرامي صاحب جي قلم مان ريڊيو حيدرآباد ۽ ”حضرت طالب الموليٰ“ لاءِ سنڌي ادب ۽ تهذيب جي خذمتگذاريءَ جي سلسلي ۾ تعزيتي لفظن جون فياضانه استعمال اڳي ئي پيش ٿي چڪو آهي. ته پوءِ باقي اهي ڪهڙا ”چند اردو ۽ پاڪستان جا دشمن“ گرامي صاحب جي نگاهه ۾ ککن ٿا، جن جي ”غزل دشمنيءَ“ کيس ايترو بيچين ڪيو آهي؟ انهن غزل – دشمن شخصن ضرور ڪٿي اهڙي قسم جو ڪو بيان شايع ڪيو هوندو، مضمون لکيو هوندو، جنهن ادبي ميڙ ۾ ڪا تقرير ڪئي هوندي: ممڪن آهي ته انهن چند ماڻهن جي ڪا پنهنجي اخبار يا ڪو پنهنجو رسالو هجي، جنهن ۾ هنن ٻين ڳالهين سان گڏ غزل کي پنهنجي ان اخبار يا رسالي مان بنهه هڪالي ڪڍي ڇڏيو هجي! جيڪڏهن انهن ڳالهين مان ڪا به ڳالهه نه آهي - ۽ اسان کي يقين آهي ته اهڙي قسم جي چيز گرامي صاحب هرگز سنڌ جي ڪنهن هڪ ماڻهوءَ متعلق به پيش نٿو ڪري سگهي – ته پوءِ اسان کي گرامي صاحب کان سوال پڇڻ جو هي حق ضرور ملي ٿو ته ”ڀاءُ اسان جا، ڪافي نوازي ۽ غزل دشمنيءَ جو مسئلو سنڌ ۾ اول آهي ڪٿي؟ اردو ادب ۽ پاڪستان جا دشمن ته توکي پوءِ ڳولڻ گهرجن؛ پهريائين سنڌ ۾ ڪو غزل – دشمن ته ڳولي هٿ ڪر!“ ائين پنهنجي ڄنگهه ۾ پاڻ چڪ هڻي، ويهي ڪتو ڪتو ڪرڻ ڏاهپ جو ڪم ته نه آهي! سچ پچ، اسان جي هيءَ ڪيڏي نه بدقسمتي آهي، جو گراميءَ جهڙي اديب، شاعر ۽ عالم شخص، ۽ اسان جن ٻين اهڙن ڀائرن لاءِ رڳو پنهنجن ادبي ۽ علمي اختلافن نبيرڻ لاءِ به سواءِ اسلام – دشمني، پاڪستان – دشمني، ۽ ٻين اهڙن بغض، ڪيني ۽ فساد سان ڀريل الزامن جي، پنهنجي بچاءَ، يا ٻئي کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ، ٻيو ڪو شائستو، سنجيدو ۽ ناشانائتو لفظ، دليل طور يا خطاب طور استعمال ڪرڻ لاءِ، هٿ ئي ڪونه ٿو اچي!

”شاعر“ جي اداريه ۾ اڳتي هلي، گرامي صاحب اعلان ڪرڻ فرمايو آهي ته ” ’شاعر‘ جي سرپرست عاليجناب حضرت ”طالب الموليٰ“ فيصلو ڪيو آهي ته ”شاعر“ جي مقاله نگار ۽ شعراء ڪرام جي همت افزائي ڪئي وڃي، ۽ انهن جي فني عظمت ۽ ادبي خدمت کي تسليم ڪندي، چڱا معاوضا پيش ڪجن . . . . ’شاعر‘ جي ايندڙ اشاعت کان معاوضي ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي رهيو آهي“. هيءُ هڪ مبارڪ اعلان آهي. رسالن جي معاوضن جي معرفت موجوده حالتن ۾ سنڌ جا اديب ۽ فنڪار ”فارغ البال ۽ ڳڻتين کان آجا“ ٿين يا نه، پر ان سرشتي مان اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن کي اشاعت لاءِ ’دلپسند‘ مواد ته ضرور ملي ويندو. ”شاعر“ ۾ تازي شايع ٿيل ’ادب‘ کي ڏسي ڪري، خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته ”شاعر“ طرفان معاوضي ڏيڻ جي هن اعلان کان پوءِ، ان حد تائين ”شاعر“ واري انهيءَ قسم جي ادب کي ضرور فروغ ملندو. گرامي صاحب سان گڏ اسان کي به اميد آهي ته جيئن ”’شاعر’ جي ادبين“ لاءِ مٿئين نموني ”بندوبست“ ڪيو ويو آهي، تيئَن ”’مهراڻ’ ۽ ’نئين زندگيءَ‘ جي اديبن“ لاءِ پڻ جلد ئي بندوبست ڪيو ويندو. اسان جي وڌيڪ دعا آهي ته شل هنن معاوضن جي سرشتن قائم ٿيڻ کان پوءِ به، اسان جا سنڌي اديب سنڌي ٻوليءَ جا ئي اديب رهن، ۽ شل هو رڳو ”شاعر“ جا، ”نئين زندگيءَ“ جا، ”مهراڻ“ جا، يا اهڙي ٻئي ڪنهن محدود حلقي جا ئي مخصوص اديب ڳڻجڻ شروع نه ٿي وڃن!

”شاعر“ جي قابل ايڊيٽر جا افڪار عاليه پرچي جي ٻين ٻن چئن جاين تي پڻ موجود آهن. ”پراڻو ۽ نئون ادب“ جي عنوان (ص 24) هيٺ، گرامي صاحب ”اڄ ڪلهه جي اديب ۽ شاعر، زباندان ۽ صاحب تحرير“ کان شڪايت ٿو ڪري ته هو غزل گو شاعر جي ”گل ۽ بلبل، زلف ۽ رخسار، مي ۽ ميخانه، پير مغان ۽ محتسب، رند ۽ زاهد“ کي ادب جون ”پراڻيون روايتون سمجهي، ترڪ ڪري چڪو آهي“، ۽ انهن جي جاءِ تي ”طبقاتي ڪشمڪش پيدا ڪندڙ ڪردارن – مزدور، هاري، سرمائيدار ۽ زميندار – کي اها ساڳي حيثيت“ ڏيئي، ادب جون ”نيون روايتون“ قائم ڪرڻ ٿو چاهي، ۽ ائين ڪندي هي ”نئون نويل اهل قلم پاڻ کي جدت پسند سمجهڻ جي خوش فهميءَ ۾ مبتلا“ ٿو رکي، حالانڪ اها سنديس ”صحيح معنيٰ ۾ نه انقلاب پسندي آهي ۽ نه ان کي ترقي پسندي سڏڻ جي ئي غلطي ڪرڻ گهرجي“! هن استاد پائيءَ واري فيصلي کان پوءِ ”نئين نويل اهل قلم“ کي ٻڌايو ٿو وڃي ته ”ادب نه پراڻو ٿيندو آهي ۽ نه نئون. اها تفريق ۽ تقسيم ذهني زوال، ۽ روشن ضميريءَ جي نه هجڻ ڪري پيدا ٿئي ٿي. ادب ته زنده جاودان رهي ٿو – پراڻا اسان جا ذهن ۽ دماغ ٿين ٿا – ورنه هت ته هر شئي ”نئين“ آهي ۽ هر دم جوان آهي!“- تنهنڪري هن کي گهرجي ته گل ۽ بلبل، مي ۽ ميخانه وغيره جهڙين هر دم نين ۽ دائمي جوان روايتن کي ئي پختيون ۽ صحيح ادبي روايتون سمجهي ۽ نه ”طبقاتي ڪشمڪش پيدا ڪندڙ ڪردارن – مزدور، هاري، سرمائيدار ۽ زميندار“ جهڙين چيزن کي، جن ۾ ڪا به جدت پسندي، ڪا به انقلاب پسندي، ۽ ڪا به ترقي پسندي ڪانه آهي! گرامي صاحب جو هي آخرين فرمودو به نوآموز اديب جي ٻڌڻ وٽان آهي – شايد ان جي ٻڌڻ سان ئي شاگرد جي ڪجهه همت افزائي ٿئي! ارشاد ٿو ٿئي ته ”اديب جي خلوص (؟) ۽ بي اثريءَ جو اهو ڪافي ثبوت آهي، جو هو خود چاهي ٿو ته مان ڪجهه لکان. اهو سندس ’ڪجهه لکڻ جو جذبو‘ دليل آهي سندس ناقص هجڻ جو ۽ بي خلوص هجڻ جو.“ (!) ظاهر آهي ته گرامي صاحب جي مرضي آهي ته جيسين ”ڪجهه لکڻ جو جذبو“ زنده هجي، تيسين ڪجهه به نه لکجي – ڇاڪاڻ ته ”اهڙيءَ تحرير سان انقلاب جو اچڻ آهي ٻٻرن کان ٻير گهرڻ“: اڳتي هلي، جڏهن ”وسيع مطالعي، مسلسل مشاهدي ۽ ڪافي تجربي“ بعد، اهو ”ڪجهه لکڻ جو جذبو“ اديب جي دل ۾ مري وڃي، تڏهن ئي هو ”اديب“ بنبو، ۽ پوءِ هو پنهنجي وساڻل دماغ ۽ وڪاڻل  قلم سان واقعي انقلاب آفرين ادب پيش ڪرڻ جو پاڻ کي اهل ثابت ڪندو!

”سنڌي قافيا ۽ سندن حرڪات و سڪنات“ (ص 64) جي سري هيٺ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب جو هڪ اهم مسئلو ڇيڙيو ويو آهي. محترم حافظ محمد احسن ۽ مرزا اجمل بيگ صاحب جن مسئلو پيش ڪيو آهي ته جئن ته اردو، فارسي ۽ عربي قافين جون پڇاڙيون ساڪن ۽ سنڌي قافين جون متحرڪ آهن، تنهنڪري سنڌي قافين جي پڇاڙين کي به ساڪن ڪري اردو، فارسي ۽ عربي قافين سان گڏ استعمال ڪرڻ جائز آهي يا نه؟ حافظ صاحب ۽ مرزا صاحب ٻنهي تجويز پيش ڪئي آهي ته اِن مسئلي تي سنڌ جا اديب ۽ شاعر جوڳو ويچار ڪن، ۽ ڪنهن متفقه فيصلي تي اچن. گرامي صاحب ان مسئلي تي راءِ ڏني آهي ته ”اول غور ڪرڻ گهرجي ته آيا عربي، فارسي قافين سان گڏ سنڌي قافيا استعمال ڪري سگهجن ٿا يا نه؟ اگر اهو فيصلو ٿي وڃي ته ائين ڪري سگهجي ٿو، ته پوءِ . . . . . ڇا لاءِ ته عربي فارسي قافين جون پڇاڙيون جڏهن (؟) ته ساڪن آهن، تڏهن (تنهنڪري؟) لامحاله سنڌي قافين جون پڇاڙيون به ساڪن ٿي وينديون.“ (!) گرامي صاحب جي مرضي گويا هيءَ آهي ته سنڌيءَ ۾ جڏهن ڌارين ٻولين جا لفظ داخل ٿين، ته نه فقط اهي لفظ پنهنجون اصلوڪيون حرڪات سڪنات پاڻ وٽ قائم رکن، پر انهن جي پوئتان اصلوڪن سنڌي لفظن کي به پنهنجون حرڪات سڪنات (اُچار) بدلائي ڇڏڻ گهرجن! گرامي صاحب سنڌي ٻوليءَ کي ڪاپاري ڌڪ هڻڻ وارو هيءُ پنهنجو فيصلو لسانيات جي ڪهڙن اصولن کي سامهون رکي صادر فرمايو، تنهن جي جيڪڏهن پاڻ پهريائين وضاحت فرمائي ها، ته بهتر هو: ٻيءَ صورت ۾ جيئن مسئلو سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي راين وٺڻ لاءِ وٽس پيش ٿيو هو، تيئن ان کي فقط انهيءَ مقصد لاءِ ئي پنهنجي رسالي ۾ شايع ڪري ڇڏڻ کپندو هوس.

رسالي جي صفحي 78 تي گرامي صاحب شاعر متعلق پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ فرمايا آهن. شاعر کي پيغمبريءَ جي درجي تي وڃي پهچايو اٿس – ان ۾ اسين به خوش ٿياسين؛ پر جڏهن مزيد فرمايائين ته ”شاعر زمان ۽ مڪان کان متاثر نٿو ٿئي، پر زمان ۽ مڪان کي متاثر ٿو ڪري“، ته اسان کي واقعي تعجب ٿيو. زمان ۽ مڪان کان متاثر ٿئي بغير شاعر ڪيئن ٿو زمان ۽ مڪان کي متاثر ڪري – ان معمي کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي تڪليف گرامي صاحب گوارا ڪرڻ فرمائي ها، ته پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ هوند اهم اضافو ٿئي ها.

”اسان جا سنڌي رسالا“ جي عنوان ماتحت ”مهراڻ“ تي تبصرو فرمائيندي، گرامي صاحب اسان کي مهميز ڏني آهي ته ”مهراڻ“ کي فقط هڪ مڪتب خيال ۽ وڙ جو دڪان بنائڻ سنڌ جي عالمگير روابط ۽ تهذيبي تعلقات جي خلاف آهي.“ ”مهراڻ“ ۾ جيڪي ڪجهه شايع ٿو ٿئي، تنهن لاءِ گرامي صاحب پاڻ فرمايو آهي ته ”مهراڻ جاپورا ٽي حصا ته اڃان به پراڻي رنگ جا آهن“- ته پوءِ ”مهراڻ“ هڪ مڪتب خيال ۽ وڙ جو دڪان ڪيئن ٿيو، اها ڳالهه اسان پوري سمجهي ڪين سگهياسين. ”مهراڻ“ کي هر قسم جا اديب – ڪهنه مشق ۽ نوآوموز ٻيئي – پنهنجن هر صنف جي ادبپارن سان سينگارين ٿا. انهيءَ ڳالهه کي ڄاڻندي به ”مهراڻ“ کي هڪ مڪتب خيال ۽ وڙ جو دڪان سڏڻ، فقط انهن بغض ۽ عناد سان ڀريل عناصر سان، غير شعوري طور، هائو ۾ هائو ملائڻي آهي، جن کي هر چڱيءَ چيز کان چڙ هوندي آهي. گرامي صاحب ”مهراڻ“ ۾ انهيءَ هڪ ”اوڻائيءَ“ کان سواءِ ٻيون جيڪي خوبيون ڏٺيون آهن، ۽ انهن کي جنهن خلوص ۽ محبت جي جذبي سان بيان ڪيو اٿس، تنهن لاءِ اسان سندس شڪر گذار آهيون – پاڻ جيڪي دوستانه مشورا ڏيڻ فرمايا اٿس، تن کي اسان پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني آهي، ۽ اميد اٿئون ته ”مهراڻ“ جي ترتيب ۽ اشاعت ۾ انهن تي آئيندي پنهنجي وت آهر ڌيان ڏينداسون.

”شاعر“ جي زير نظر پرچي ۾ جيڪي ٻين اديبن جون چيزون شايع ٿيون آهن، انهن جي چونڊ به ڪا به گهٽ عبرت آموز نه آهي. پهريائين ”پيغام“ ”خط“ ۽ ”سلام ۽ سنيها“ جي ٽن جدا جدا عنوانن هيٺ ”شاعر“ ڏانهن سنڌ جي اديبن ۽ پڙهندڙن جيڪي پنهنجون نيڪ تمنائون ۽ مفيد مشورا موڪليا آهن، سي پيش ڪيا ويا آهن. ”جيڪڏهن ’شاعر‘ کي صرف فنون لطيف جي خدمت لاءِ وقف ڪيو وڃي، ته سنڌي زبان ۾ هي رسالو پنهنجي مٽ پاڻ ٿيندو“ (ڊاڪٽر بلوچ صاحب)؛ ”هن وقت سنڌ ۽ سنڌين جي وڏي ۾ وڏي، اهم ۽ ضروري خدمت سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي خدمت آهي، ڇو ته زبان جي بقا ۾ قوم جي زندگي مضمر آهي: جنهن قوم جو ادب ۽ تهذيب، زبان ۽ ثقافت نه رهيا، اها قوم برباد ٿي“ (مولانا چشتي صاحب)؛ ”دعا آهي ته هي رسالو شاهه ولي الله جي مقولي ”فلڪ ڪل نظام“ مطابق بوسيده نظام کي ترڪ ڪري، علم و ادب ۽ صحيح تنقيد جي چوٽ چڙهي، هر ڪنهن ڪوسي واءَ کان محفوظ رهندو“ (محبوب علي چنا صاحب)؛ ”هڪڙي انسان جي دل مان نڪتل آواز سموريءَ انسان ذات جو آواز بنجي ويندو آهي . . . . ڪاش اسان جا شاعر انسان جي دل جو آواز پيدا ڪن، پنهنجي دنيا جي انسان لاءِ ئي هو ڳائين . . . . .“ (سراج صاحب)؛ ”اڄ ڪلهه ته سنڌي پاڻ هڪ ٻئي کي پيا کائين: پاڻ ۾ ئي نفاق پيدا ٿي ويو آهي، ته ٻوليءَ کي ڪير ٿو پڇي: اڄ ڪلهه اسان جا (ڪي) سنڌي، سنڌي – سونهاريءَ کي وساري، پراين ٻولين کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ٿا ڪن“ (پروين صاحب)؛ ”خداوند ڪريم اسان جي سنڌي ادب کي فروغ ڏئي، جيئن سنڌي ڀائر ۽ ڀينر غير سنڌي ادب جا ايترو محتاج نه رهن، جيترو هينئر آهن“ (ثميره زرين صاحبه)؛ ”اها قوم جنهن کي پنهنجي زبان نه آهي، سا گويا حيوان آهي – هڪ ڀٽڪندڙ مسافر آهي، جنهن جي ڪا منزل ڪانه آهي“ (ملڪ غلام حيدر) – اهي ۽ ٻيا اهڙا مخلصانه رايا ۽ نيڪ مشورا پڙهي ڪري، ”شاعر“ جي محترم ايڊيٽر کي واقعي محسوس ٿيو هوندو ته اڄ سنڌ جا اديب ۽ پڙهندڙ صحيح ۽ صالح سنڌي ادب لاءِ ڪيترو واجهائين ٿا.

جواب ۾، گرامي صاحب جيڪو پهريون ادبپارو ”شاعر“ معرفت هنن سنڌي ادب جي مخلص شائقن کي پيش ڪيو آهي، سو آهي رئيس ”بلبل“ صاحب جو ”واقعو ۽ مشاهدو) ته ”ملهار ڳائڻ تي مينهن وسي سگهي ٿو!“ سوا صفحي جو مضمون، تنهن تي اڌ صفحي جو تعارفي نوٽ! ٻنهي جو مقصد؟ هيءُ ته ”ملهار ڳائڻ سان مينهن وسي ٿو، ۽ هنڊول ڳائڻ سان هندورو لڏي ٿو، ۽ ديپڪ ڳائڻ سان باهه لڳي ٿي“، وغيره. رئيس صاحب پنهنجي اکين ڏٺل ”خوش اتفاق جو ذڪر تصديق طور“ ڪيو آهي، ”تاڪ هن زماني جو مثال دفتر جي سيني (؟) تي سانڍجي وڃي، ۽ ٻين لاءِ عبرت جو باعث بنجي.“ (!) ”اونهاري جا ڏينهن هئا“، جو هي ”خوش اتفاق“ رئيس صاحب جن جي مشاهدي ۾ آيو – رئيس صاحب جيڪڏهن اها اونهاري جي ڏينهن هئڻ واري مختصر ڳالهه به پنهنجي ”سيني جي دفتر“ تي سانڍي ها ۽ ان مان عبرت حاصل ڪرڻ جي ٿورڙي پاڻ به ڪوشش ڪري ها، ته هوند وڏڦڙي جي لهڻ ۽ خانصاحب مبارڪ عليءَ جي ”ملهار“ ڳائڻ کي سبب ۽ نتيجي جي ڪڙيءَ ۾ هرگز ڪين ڳنڍي ها. ملهار راڳ ملهار موسم جو راڳ آهي. موسمن جا ناچ ۽ موسمن جا راڳ هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي. هر موسم ۾، ان موسم جو راڳ يا ناچ زياده دل کي وڻندو آهي. صبح جو راڳ ڀيرو، ڏينهن جي بنهه پوئين پهر جو راڳ مالڪوس، رات جي پهرئين پهر جو راڳ درٻاري طبيعت کي نهايت پسند ايندا آهن. ساڳيءَ طرح جڏهن ٻنپهرن جو ماني کائي ’هندوري ۾ لڏندي‘ راڳ هنڊول، يا جڏهن شام ڏين ٻرڻ مهل راڳ ديپڪ، يا جڏهن ملهار جي موسم ۾ راڳ ملهار ٻڌبا يا ڳائبا آهن، ته دل تي انتهائي گهرا اثر ڇڏيندا آهن – تنهن جي معنيٰ اها ڪانه ٿي ته ديپڪ ڏيا ٿو ٻاري، هنڊول هندورا ٿو لوڏي، ۽ ملهار مينهن ٿو وسائي! اهڙي ڪنهن قسم جي ڪا دعوا ڪرڻ ائين ئي ٿيندو، جئن ڪو هيءَ دعوا ڪري ته راڳ ڀيرو ڳائڻ ڪري سج ٿو اُڀري ۽ صبح ٿو ٿئي! رئيس صاحب ۽ گرامي صاحب کي گهرجي ته ادب معرفت ماڻهن کي عقل سيکارين؛ نه، ته پنهنجي عقل سان گڏ پڙهندڙن جي رهئي کهئي عقل تي به مرڳوئي پٽيون ٻڌي ڦٽيون ڪن!

محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ جو مضمون ”ڪافي ۽ ان جو تجزيو“ انتهائي خلوص سان لکيل هڪ ڪوشش آهي. مخدوم صاحب جن سنڌي شعري ادب جي هڪ اهم صنف تي پنهنجي ذاتي تجربي، ذاتي مشاهدي ۽ ذاتي مطالعي مان حاصل ڪيل  نتيجا نهايت سنجيدي ۽ اثرائتي نوع ۾ پيش ڪيا آهن. ضرورت ته واقعي هيءَ آهي ته سندن مضمون جو تفصيلي مطالعو ڪيو وڃي – جنهن کي في الحال ڪنهن ٻئي موقعي تائين ملتوي ڪري، ايترو عرض ڪري ڇڏڻ ڪافي ٿا سمجهون ته مخدوم صاحب جن جو جيڪڏهن سنڌي ادب جي تاريخ سان گڏ دنيا جي هڪ ٻن ٻين ترقي يافته ٻولين جي ادب جي تاريخن جو به مطالعو ڪيل هجي ها، ته مضمون ۾ چند هڪ طرفيون ڳالهيون ۽ انتهائيت ڏانهن مائل خيال جيڪي پاڻ سنڌي ڪافيءَ جي موضوع تي ظاهر ڪيا اٿن، تن کي خود پاڻ به هوند غلط سمجهن ها، ۽ پوءِ سندن مضمون جي في الجمله صحت ۽ افاديت تي ڪو ايتري ٿورڙي به آڱر کڻي ڪين سگهي ها.

محترم ع . ق شيخ جي تحرير ”سنڌي شاعر“ اڳي ئي سندن (سنه 1951ع ۾ ڇپيل) ڪتاب ”کهه ۽ کٿوري“ ۾ پيش لفظ طور آيل آهي. شيخ صاحب جو هيءُ ادبپارو سنڌي ٻوليءَ جي تنقيدي ادب جي بنياد جو هڪ پٿر آهي، ۽ اُن جي اِنهيءَ ادبي رتبي کي سنڌي ادبي دنيا جي مسلمات مان شمار ڪيو وڃي ٿو. گرامي صاحب هن مضمون کي ”شاعر“ ۾ نئين سر شايع ڪري، پنهنجيءَ ادب پرک جو قابل تحسين مثال پيش ڪيو آهي، ۽ پاڻ کي سنڌيءَ جي صحتمند ادبي دنيا ۾ بنهه بيگاني ٿي وڃڻ کان هوشياريءَ سان بچائي ورتو آهي.

اسدالله شاهه صاحب ”اسد“ جا ”خاڪا“، ڪجهه تنقيدي رنگ گهرن ٿا – نه ته نقش ناقص، هڪ طرفا، ۽ ڪن حالتن ۾ ”قصيدي“ يا ”هجو“ جي هلڪي صورت وٺي ٿا وڃي بيهن. مولائي شيدائيءَ جو مضمون ”شاعريءَ جي تاريخ جو هڪ ورق“ درحقيقت ايراني شاعري جي تاريخ 976-1186ع) جو ورق آهي. جاگيرداري نظام جي بنياد تي بيٺل ملوڪيت جي هن مثالي دؤر ۾ فارسي ادب صرف شعر جي صورت ۾ وڌيو - ۽ شعر جي ارتقا جي صورت قصيدي کان شروع ٿيندي، مثنوي، رزميه ۽ داستان سرائيءَ کان گذرندي، هن في الجمله مدحيه شاعريءَ جي ردعمل طور، آخر وڃي صوفيانه شاعريءَ ۽ تغزل تائين پهتي، هن منزل تي، جيئن ئي ملوڪيت جي گرفت ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي، تيئن ئي ادب جا تنقيدي مطالعا شروع ٿيا، جن جي نتيجي طور شعري ادب سنئون سڌو زندگيءَ جي حقائق جي ترجمانيءَ ڏانهن مائل ٿيو. ڪيتري نه سهڻي ڳالهه ٿئي، جو اسان جا عالم ۽ محقق، تاريخ جي ٺلهيءَ ورق گردانيءَ سان گڏوگڏ، پڙهندڙن تي تاريخ جا هي اهم سبق ۽ نتيجا به ظاهر ڪندا هلن. مولائي شيدائي صاحب جي هن تحقيقي مضمون سان گڏ مٿئين قسم جي تنقيدي جائزي نه هئڻ سبب پڙهندڙن جي دلين تي ملوڪيت جو صرف رعب تاب ئي ويهي سگهي ٿو، ۽ ”آل سبڪتگين“ وغيره جي بي حساب انعام و اڪرام ۽ بيڪران عطيه بازين جا هڪ طرفا ۽ مدحيه داستان ٻڌي، طاقت ۽ دولت جا جاهه و جلال اڳيان صرف سندن ملوڪيت پرستيءَ جا جذبا ئي فروغ پائي سگهن ٿا. ”ترجمو ۽ اقتباس“ جي حصي ۾ ”بلئنڪ ورس (غير قافيه شاعري) . . . .“ جي عنوان هيٺ اردوءَ جي مشهور شاعر ۽ نقاد ”فراق“ گورکپوريءَ جي ساڳئي موضوع تي لکيل هڪ مفصل مقالي مان هڪڙو اقتباس پيش ڪيو ويو آهي، جنهن مان ”شاعر“ جي پڙهندڙن کي شايد ئي ڪجهه پلئه پوي: ڇو ته هڪ ته جيڪڏهن ان کي ”آزاد نظم“ جي خلاف سند طور پيش ڪيو ويو آهي، ته اها غلط ڳالهه آهي- ”فراق“ جو هيءُ مقالو ”آزاد نظم“ جي ادبي اهميت کي ثابت ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو: ٻيو ته اقتباس تي گرامي صاحب جو مبهم ۽ متضاد نوٽ انکي هيڪاري منجهائي بي مقصد بنائي ٿو ڇڏي. بهتر ٿئي ها، جو ”فراق“ جو هي سڄو مقالو جيئن جو تيئن شايع ڪيو وڃي ها – ان صورت ۾ ئي مقالي مان اُهو فائدو حاصل ٿي سگهيو ٿي، جيڪو گرامي صاحب جو شايد مقصد هو ته سنڌي شاعرن کي حاصل ٿئي. اداري طرفان ٻه چيزون سه حرفي لفظن جو شعر ۾ صحيح استعمال“ ۽ ”لفظن جو شعرن ۾ غلط استعمال“ هن ڳالهه جي وڪالت ۾ پيش ڪيون وييون آهن ته عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ سنڌيءَ ۾ سورهن آنا سندن اصلي صحيح اچارن سان استعمال ڪرڻ گهرجن. مٿي، اڳي ئي، ”شاعر“ جي ايڊيٽر صاحب جو، رسالي جي ساڳئي پرچي ۾ ڏنل، فيصلو ظاهر ڪري آيا آهيون ته عربي ۽ فارسي قافين سان سنڌي قافين کي ملائڻ لاءِ سنڌي لفظن جي اچارن کي بگاڙڻ ۾ ڪو اهم ڪونهي! جيڪڏهن اڄ دنيا جو ڪو به اديب يا عالم پنهنجي ٻوليءَ (عربي، فارسي، انگريزي، وغيره) متعلق اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه چوي ته ”ٻوليءَ ۾ ڌاريا داخل ٿيل لفظ ته هوبهو سندن اصلي اچارن سان لازمي طرح استعمال ڪريو، پوءِ ائين ڪرڻ سان جيڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ جي لفظي اچارن کي بگيڙڻو پئيوَ، ته ان جي پرواهه نه آهي“- نه اديب يا عالم جي دماغ درست ڪرائڻ کان سواءِ ان ملڪ جي ماڻهن وٽ ٻيو هوند چارو ئي ڪونه رهي!

”شاعر“ جي هن ٻئي پرچي ۾ ٻه افسانا ”آرٽ“ ۽ ڪافر“، ۽ ٻه ”هڪ ڏينهن جا واقعا – لاهور ۽ ڪراچيءَ جا“ پيش ڪيا ويا آهن. ”آرٽ“ ۾ آرٽ کي گناهه سڏيو ۽ ڏيکاريو ويو آهي. افسانه نويس، سڪندر سلطان، سمجهيو آهي ته آرٽ معنيٰ فلم ۽ ”فلم معنيٰ بدمعاشي، بي ايماني ۽ عورت سان آغوش درآغوش ٿيڻ“- ۽ ”شاعر“ جي دانشور ۽ فنڪار ايڊيٽر صاحب فن متعلق هن بنهه بي مثل راءِ سان اتفاق ڪندي، افساني کي رسالي ۾ اولين جڳهه ڏيئي ڇڏي آهي! ”ڪراچيءَ جي هڪ ڏينهن جي واقعي“ جو گمنام اديب به آرٽ، آزاديء نسوان ۽ ”اپوا“ (پاڪستان جي جمعيت نسوان) تي پنهنجي ذهن جون غلاضتون اڇلائيندي اڇلائيندي، وڃي ”راز خلوتيان جي رمزن ۽ ريتين، سبوءَ جي کلڻ ۽ دردن جي بند ٿيڻ“ جي داستان سراين تائين پهتو آهي. افسوس آهي، جو ”شاعر“ ۾ ايڏي فحش نگاريءَ کي جاءِ ڏيڻ جائز سمجهيو ويو آهي. ”لاهور جي هڪ ڏينهن جي واقعي“ ۾ هڪ رٽيل موضوع کي پيش ڪيو ويو آهي: ”ڪتي جو علاج ٿئي، ۽ ماڻهن جو نه ٿئي“- هي فقرو زبان زد عام آهي. گرامي صاحب ”هڪ ڏينهن جي واقعي“ جي عنوان جي صحيح مفهوم کي اڃا شايد جذب ڪري ڪين سگهيو آهي. هنن ”واقعن“ جو بيان ادبي نقطهء نگاهه کان به بي اثر ۽ عاميانه رهجي ويو آهي. بشير صابري جي تاثراتي تحرير ”ڪافر“ افسانو سو بنهه نه آهي، باقي پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ نهايت پاڪيزه پيشڪش آهي. ”ڪافر“ جا هي حقيقت افروز گفتا واقعي پڙهڻ ۽ پرجهڻ وٽان آهن: ”خدا کي اوهان جي عبادتن جي پرواه نه آهي، الله جي بندن جي پوڄا ڪريو“؛ ”اي ملا، تو ۾ ۽ هن (شرابيءَ) ۾ ڪو فرق نه آهي – هي شراب جي نشي ۾ مدهوش ٿي بڪوات ٿو ڪري، پر تون فخر ۽ غرور، دينداريءَ ۽ تقدس جي نشي ۾ مست آهين – تنهنجو گناهه هن جي جرم کان وڏو آهي“؛ ”اوهان (مذهبي ٺيڪيدار) جنهن (بدڪار عورت) کي ذليل ۽ پليد ٿا سمجهو، اها اوهان کان هزار درجا وڌيڪ پاڪ ۽ صاف آهي – ڇو ته هن جو ظاهر گندو، پر اوهان جو باطن گندو آهي . . .“؛ ”هي به جواري آهي، تون (جمعي نماز تي ويندڙ هڪ وڏو ريش دراز نمازي) به جواري آهين – تنهنجي ظاهري پاڪيزگي ۽ چند سجده ان لاءِ آهن ته توکي ماڻهو نيڪ سمجهن ۽ تنهنجي شهرت وڌي، ۽ تجارت ۾ واڌاو ٿئي – اها به ”جوا“ آهي: هي به جواري آهي – هي دولت کي اڇلائي ٿو، ۽ تون ميڙين ٿو . . . “؛ ”تون (وياج خور) دوکيباز آهين . . . تنهنجي دولت هنن غريبن جي رت ۽ ست جي قطري قطري مان بنجي ٿي . . . “ - ۽ پوءِ ”ڪافر“ مري ٿو وڃي، ۽ سڀني هن جي گلاب وانگر ٻهڪندڙ منهن کي ڏسي چيو ته ”هي ’ڪافر‘ نه هو، پر فرشتو هو: سندس خاموش زبان اڃا پئي چيو ته ”بني نوع انسان جي خدمت ئي عبادت آهي – الله ماڻهن جي صورت ۾ لهي آيو آهي – انهن جي عبادت ڪريو: مسجدن ۽ مندرن ۾ ڇا کي ٿا پڪاريو ۽ پوڄيو؟“

”تماشبين“ جي تلخ و ترش تحرير ”هي بزم مشاعرا“ اسان جي غزل گو توڙي ٻين شاعرن جي اکين کولڻ لاءِ هڪ نهايت مفيد تحرير آهي، ۽ هن ادبي شهپاري کي ”شاعر“ ۾ جڳهه ڏيئي، گرامي صاحب شعر و ادب تي پنهنجي گهريءَ نگاه ۽ اعليٰ ادبي ذوق جو ثبوت ڏنو آهي.

”شاعر“ جي نظم جو حصو مجموعي طرح چڱو آهي. غزلن جو حصو البت لاٺيرو آهي– سواءِ هڪ ٻن غزلن جي ٻيا سمورا غزل عاميانه پيا لڳن. گيتن ۽ ڪافين جو حصو نهايت سهڻو آهي، ۽ منجهس ڪافي سٺيون چيزون موجود آهن.

گرامي صاحب هڪ وڏي مرتبي جو شاعر ۽ اهل قلم آهي. سندس ادبي ۽ علمي صلاحيتن کان ڪنهن کي به انڪار ٿي نٿو سگهي. اسان کي انهيءَ ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي ته رسالي جي ادارت هڪ نهايت ڪٺن ڪم آهي. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ اديبن جون ناراضگيون، دوستن جون ڪاوڙيون، بارسوخ ماڻهن جا رعب تاب سر تي سهڻا ئي پون ٿا. ان هوندي به هر ڪنهن ايڊيٽر کي هڪ محدود دائرو آزاديءَ جو نصيب هوندو آهي - ۽ انهيءَ دائري ۾ جيڪڏهن هڪ محنتي ۽ باذوق ايڊيٽر پنهنجي صحيح ۽ پخته اعتقادن ۽ پنهنجي تربيت يافته ادبي پرک کان همت ۽ سمجهداريءَ سان ڪم وٺندو، ته هو پنهنجي رسالي ۾ نهايت چڱيون چڱيون چيزون پيش ڪري سگهي ٿو. اسان کي يقين آهي ته گرامي صاحب به پنهنجي انيڪ تڪليفن ۽ مجبورين جي باوجود جيڪڏهن اورچائيءَ ۽ محنت سان، پنهنجي حقيقي ويساهن ۽ عقيدن جي روشنيءَ ۾، ”شاعر“ جي ترتيب ڪندو، ته هو انجي موجوده علمي، ادبي ۽ فني سطح کي گهڻو گهڻو بلند ۽ بهتر ڪري سگهي ٿو.

اسان جي دلي دعا آهي ته شل گرامي صاحب اها جرات ڪري، ۽ پنهنجي ذاتي جوهرن سان ”شاعر“ کي سينگارڻ لاءِ آئيندي ڪو قدم کڻي – پوءِ ئي ”شاعر“ سنڌي علم و ادب جي ڪا ذڪر جي قابل خدمت سرانجام ڏيئي سگهندو.

- م . ا . ج

”مهراڻ جون موجون“: صفحا 363 + 10؛ سائز وڏو، ڇپائي، ڪاغذ، جلد، ڪور سڀ اعليٰ درجي جا؛ قيمت چار روپيا: ملڻ جو هنڌ: پاڪستان پبليڪيشن، پوسٽ باڪس نمبر 183، ڪراچي.

هي ڪتاب پاڪستان سرڪار طرفان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ جي گذريل ڇهن سالن جو انتخاب آهي. مواد جي چونڊ قابليت ۽ محنت سان ڪيل آهي. آزاديءَ کان پوءِ، سنڌي زبان کي جيڪي خطرا درپيش آيا، تن کي محسوس ڪري ان جي بقا ۽ ترقيءَ لاءِ سرجوشيءَ ۽ تهدل سان ڪوششون ڪندڙن ۾ جناب عبدالواحد ”سنڌي“ صاحب جو اسم گرامي هڪ نمايان جڳهه رکي ٿو. هن صاحب کي پنهنجي زبان سان عشق آهي، ۽ هو رسالي ”نئين زندگيءَ“ کي به انهيءَ جذبي ماتحت ئي مرتب ڪري رهيو آهي. اخبارون ۽ رسالا عام طرح محفوظ رهي نه سگهندا آهن، ان ڪري منجهن شايع ٿيل قيمتي ادب ۽ انهن تي ٿيل محنت سڀ رفتي رفتي رائيگان ٿي ويندي آهي. زنده قومون پنهنجي ادبي سرمايي کي ائين زبون ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ، انهن شاهڪارن کي وري ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري ڇڏينديون آهن، ۽ اهڙيءَ طرح اهو ادب ايندڙ نسلن لاءِ به زنده رهندو آهي.

نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو ”نئين زندگيءَ“ جو ادب انهيءَ خطري کان محفوظ ڪيو ويو آهي. رسالي جي چونڊ مضمونن جو هي پهريون مجموعو سنڌ جي مايه ناز اديب جناب حسام الدين راشدي صاحب جي محنت جو نتيجو آهي.

ڪتاب ۾ پنج تاريخي، ٻه سفري، ڇهه سوانحي ۽ چار ادبي مضمون، ست بهترين افسانا، ڪافيون، گيت، نظم، غزل، قصيدا، قطعا ۽ ڪافي تصويرون آهن.

اسان کي يقين آهي ته سنڌي عوام ۽ ادارا هن مجموعي جو قدر ڪري کيس ايترو همٿائيندا، جو ان کي ڏسي آئيندا ٻيا رسالا به پنهنجي چونڊ ادب جا اهڙا مجموعا ميدان ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا.

ڪتاب جو نالو جيڪڏهين ”مهراڻ جون موجون“ رکڻ بدران ”انتخاب ’نئين زندگي‘ “ يا ڪو ٻيو اهڙو رکيو وڃي ها، ته وڌيڪ موزون هو، ڇاڪاڻ ته رسالو ”مهراڻ“ به علحده نڪري رهيو آهي، ۽ عام پڙهندڙ هن ڪتاب کي سرسري نگاهه کان رسالي ”مهراڻ“ جو ئي انتخاب سمجهندو. اسان جي نظر ۾ سنڌ جي ڪا به لئبرري هن بهترين ڪتاب کان خالي نه هجڻ گهرجي. هي ڪتاب اهڙو ته سهڻو ڇپايل آهي، جو دوستن کي بنهه تحفي ڏيڻ لائق آهي.

”سنڌ گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس ائنڊ ايڪانامڪس“ مخزن، 55 – 1956ع: عام ڪاليجي مخزنن جيان هن ۾ پڻ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ جا ٽي ڀاڱا آهن. سنڌي ڀاڱو ويهن ورقن ۾ ورڇيل آهي، جنهن ۾ ڪاليج جي نالي جي نسبت سان اقتصاديات جي موضوعن تي شاگردن جا مضمون درج آهن، جي نهايت چڱيءَ معلومات وارا، ۽ پڙهڻ وٽان آهن.

هڪڙي ڳالهه البت عجب جهڙي پيئي لڳي، جو مخزن جي ٻاهرئين ڪور تي ”سنڌ“ جو نالو غائب ڪيو ويو آهي! هونهن انهيءَ مخزن جو سڄو نالو ٿيندو ”سنڌ گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس ائنڊ ايڪانامڪس مخزن“ – جيئن اندر انگريزي ۽ سنڌي ڀاڱي جي ٽائيٽل پيج مان ظاهر آهي، ۽ پڻ ڪاليج جو سرڪاري نالو اڃا اهوئي آهي. خبر ناهي ته ائين ڇو ٿيو آهي؟ دراصل جيڪا ڳالهه پنهنجي جاءِ تي مستقل طور موجود هجي، ان جو اعتراف نه ڪرڻ ڪور چشميءَ يا تعصب کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.، مخزن جي ڪاپردازن، مخزن جي نالي مان لفظ ”سنڌ“ کي حذف ڪري، قابل نفرت تنگ نظريءَ جو ثبوت ڏنو آهي.

شرم ٻوٽي: صفحا 160، ڪاغذ اخباري، ڇپائي ۽ ڪور سٺا، قيمت پوڻا ٻه روپيا، ملڻ جو هنڌ: راڻي پبليڪيشن، 545، ڪاورانه بلڊنگ، ڌوٻي تلاءُ بمبئي – 2؛ ۽ سنڌي ڪتاب گهر، تلڪ چاڙهي، حيدرآباد سنڌ.

سنڌي زبان ۾ حقيقي ڳوٺاڻي زندگيءَ جا ناول تمام ٿورا آهن، ۽ ڏاڍي ضرورت آهي ته هن پهلوءَ ڏي خاص توجهه ڪجي.

سنڌي زبان جو مشهور ليکڪ مشتر گوبند مالهي لائق تحسين آهي، جنهن هن کان اڳ به اهڙا ڪتاب لکيا آهن، ۽ هينئر تازو مٿيون ڪتاب لکيو اٿس، جنهن ۾ سچ ته اهو آهي ته سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جا اهڙا پهلو به پڌرا ڪيا اٿس، جن کان عام طرح اسين اڻ واقف هوندا آهيون.

هن اسان جي سماج ۾ ڪي اهڙيون قومون به رهن ٿيون، جن کي ”خانه بدوش“ يعني ”گهر ڪلهي تي“ سڏيندا آهن، ۽ اسين غالباً کين ”رولو“ يا ”رلي ڪلهي تي“ سڏينداسون. هنن رولو قومن جي ٺڪريءَ تي پاڙ هوندي آهي، ۽ هو صحيح معنيٰ ۾ ”گل خندان“ جي هن شعر جا مصداق هوندا آهن:

مون مسافر ساڻ موران دل لڳائڻ ناروا،

اڄ هتي منزل، سڀاڻي ماڳ ٻئي منهنجو مڪان!

اهي رولو قومون اڪثر جرائم پيشه (چور، ٺڳ، ڌاڙيل، وغيره) ٿين ٿيون ۽ انهيءَ ڪري سندن اخلاقي حالت به نهايت پست ٿئي ٿي؛ پر . . . . . پر جيڪو شخص هنن سان گهلي ملي ٿو، اهو ڏسي ٿو ته هو به اسان جهڙائي انسان آهن، بلڪل اسان جهڙن ئي خيالن وارا آهن، مگر هزارن ورهين جي ماحول هنن جي اهڙي حالت بنائي آهي، جو هو ڄڻ ته انسان ناهن، پر جهنگلي جانور آهن.

سندن موجوده صورتحال موجب هنن جي سڌرڻ جو ڪو امڪان ئي ڪونه ٿو ڏسجي؛ مگر جيڪڏهين ڪنهن انسانيت جي همدرد جي دل ۾ هنن لاءِ سچ پچ همدردي پيدا ٿيندي آهي، ته سوچيندي سوچيندي هو ازخود انهيءَ نتيجي تي وڃي پهچندو، جو اڄ اسان جي پاڙيسري ”چين“ ۽ ٻين اهڙن ملڪن اختيار ڪيو آهي – يعني هنن کي زمين جو ٽڪرو ڏيڻ. جنهن به مهل ڪنهن انسان کي پنهنجو ”تڏو“ ميسر ٿئي ٿو، هو ”تڏي“ سان محبت ڪرڻ لڳي ٿو: ۽ پوءِ اها ”تڏي“ جي محبت هن کي رلڻ کان نفرت ڪرڻ سيکاري ٿي، ۽ هو آهستي آهستي مهذب بنبو وڃي ٿو. پر آه! . . . هن رنگين، خود مطلب ۽ نفسا نفسيءَ واري دنيا ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي سڌارڻ جي اون ڪري؛ هتي ته اهو اصول چالو آهي ته ”پرايو ٻار کريو ڀلو، نه کري ته ٽڪو ڏيئي به کارجيس“ - ۽ جيڪو شخص انهيءَ اصول جي انحرافي ٿو ڪري، انهيءَ تي تهذيب جا ٺيڪيدار هڪدم حملو ڪري چڙهي ويندا آهن . . . . ۽ هن ڪتاب جي هيرو سان به ساڳي حالت ٿئي ٿي – هو به جيل ۾، ته سندس آڀاريل ”رولو“ ساٿي به جيل ۾.

هڪ دفعي تبصري نگار جي ملاقات هڪ توبہ ڪيل غنڊي سان ٿي، جنهن کي اسان جي پوليس تازو جيل ۾ وڌو هو. همدردي ڪرڻ تي هن چيو، ”مون کي جيل ۾ وڃڻ جو ارمان ته ڪونهي، پر اهو ارمان ضرور اٿم ته جڏهين آءٌ سچ پچ غنڊو هئس، تڏهين ته ڪنهن منهنجو نالو به ڪونه ٿي ورتو: اڄ انهيءَ ئي ڪري جيل ۾ وڌو ويو آهيان، جو غنڊاپڻ ڇڏيو اٿم!“ سو اهو نظارو هن ناول ۾ بنهه پڌرو ڪري نروار ڪيل آهي.

انهيءَ مرڪزي خيال کان سواءِ به سڄو ناول ايڏو ته دلچسپ آهي، جو اسين نٿا سمجهون ته ڪو به سنڌي دان هن کي هٿ ۾ کڻي پوري ڪرڻ کان سواءِ آرام ڪندو. ڇا سندس لکڻي، ڇا حقائق نگاري، ڇا اعليٰ خيالات، ڇا پلاٽ جي دلچسپي! اسين مسٽر مالهيءَ کي ههڙي عمدي ناول لکڻ تي مبارڪباد چئي، هر سنڌي دان کي ان جي پڙهڻ جي سفارش ڪريون ٿا. ڪتاب جي ڪور تي سنڌ جي نقشي اندر نماڻي ”شرم ٻوٽيءَ“ جي تصوير ڏنل آهي، جا ڪجهه سوچ ۽ سمجهه بعد اڳتي هلي ”همٿ ٻوٽي“ بنجي وڃي ٿي!

هيءُ ناول سنڌ ۾ رهندڙ ناول نگارن کي رشڪ ڏياري ٿو، ته نون سالن جي سنڌ کان جدا ٿيلن جي لکڻيءَ کي ڏسي، هو به پنهنجي وطن تي لکڻ سکن.

تاني – ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو: قيمت هر هڪ ڏيڍ روپيو، ڇپائي، ڪور وغيره معياري؛ پنو وچولو، صفحا اٽڪل ٽي سو؛ ملڻ جو هنڌ: ڪهاڻي پبليڪيشن، هنسالي ٽئنڪ روڊ، بمبئي 28؛ ۽ سنڌي ڪتاب گهر، تلڪ چاڙهي، حيدرآباد سنڌ.

هي ڪتاب اصل چيني زبان ۾ ”لنيو تانگ“ جو لکيل آهي، ۽ سنڌيءَ جي مشهور اديب گوبند مالهيءَ ان کي ترجمو ڪيو آهي، مگر ترجمي ڪرڻ سان گڏ ان ۾ ڪجهه ڦير ڦار ڪري ان کي سنڌي ماحول سان ٺهڪايو اٿس. چين اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي؛ اسان سان گڏ ئي غلاميءَ کان نڪتو آهي، ان ڪري هن جا حالات اسان سان گهڻي قدر ملي اچن ٿا. ترجمي جي ڦير ڦار سبب ڪتاب اسان لاءِ وڌيڪ مفيد ٿيو آهي. اسان جي نظر ۾ ڪنهن ناول جو ڪامياب ترجمو اهو آهي جو هروڀرو مقدس ڪتابن وانگر لفظي نه هجي، پر:

خوشتر آن باشد ڪ سرِ دلبران

گفته آيد در حديثِ ديگران

جو مصداق هجي. گوبند مالهيءَ جي ناولن کي سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي، ۽ اهي انهيءَ لائق آهن ته نوان سنڌي اديب به سندس نقش قدم تي هلن. هي ناول به انهيءَ ڏس ۾ هڪ ڪامياب ڪوشش آهي، ۽ هر سنڌي دان کي ان جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.

هدايت الانشا: صفا 444 + 10؛ ڇپائي، ڪاغذ، بائينڊنگ، ڊسٽ ڪور عمدا؛ قيمت پنج روپيا، ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، تلڪ چاڙهي، حيدرآباد سنڌ.

مرحوم مولوي هدايت الله ”مشتاق“ جو تصنيف ڪيل هيءُ ڪتاب ساٺيڪو ورهيه اڳ ليٿو ۾ ڇپيو هو، ۽ پوءِ ناياب ٿي ويل هو. وري 1950ع ۾ سيد باز محمد شاهه صاحب ۽ مرحوم مسٽر شاهواڻيءَ جي ڪوشش سان ان جو هڪ حصو ڇپيو، مگر اهو به ناياب ٿي ويو. هينئر سنڌي ادبي بورڊ، ڪتاب جي صورتخطي سڌاري، بيهڪ جي نشانين ۽ مناسب اعرابن سان، نهايت سهڻيءَ ڇپائيءَ سان ان کي شايع ڪيو آهي. ڪتاب ۾ نهايت عمدا، ۽ قابليت ڀرئي پيرايي ۾ ٻه سو کن اهڙا خط ڏنل آهن، جي معلومات سان به ڀريل آهن، ۽ سنڌي ادب جا معلم آهن. ڪتاب ۾ موقعي بموقعي عمدا نظم به ڏنل آهن.

جيتوڻيڪ جديد زماني ۾ هنن خطن جو ڪجهه حصو ڪار آمد ناهي، مگر عبارت جي دلڪشيءَ سبب، هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو، ۽ بلاشبہ سنڌي ادبي بورڊ جو سنڌي ادب جي محبن تي هيءُ وڏو احسان آهي، جو اهڙو ناياب ڪتاب ايڏي سهڻي انتظام سان شايع ڪيو اٿن. ڪتاب جي شروع ۾ ٻه صفحا منصف جي هٿ اکرن جي بلاڪن جا به ڏنل آهن. اسان جي خيال موجب ڪا به سنڌي لئبرري هن ڪتاب کان خالي نه هجڻ گهرجي.

اشرف العلوم (دفتر ڇهون)؛ صفحا 326، سائيز وڏو، مجلد، قيمت پنج روپيا، ملڻ جو هنڌ: ميشرس آر . ايڇ . احمد برادرس بڪسيلرس، شاهي بزار، حيدرآباد سنڌ.

هي ڪتاب جڳ مشهور ڪتاب ”مثنوي مولانا روم“ جو ترجمو آهي، جو سنڌي شعر ۾ مولانا دين محمد ”اديب“ صاحب ڪيو آهي. پاڻ هن کان اڳ پنج دفتر ترجمو ڪيا اٿن، جن مان چار شايع ٿي ويا آهن، ۽ پنجون ڪن رڪاوٽن سبب ترسيل آهي. هي آخري دفتر آهي، ۽ انهيءَ تي ڪتاب مڪمل ٿئي ٿو. مولانا صاحب جي ايڏي محنت ۽ درد سري قابل داد آهي.

تصوف سان شغف رکندڙ صاحبن لاءِ هن ڪتاب جو مطالع مفيد رهندو.

گل: صفحا 120 ڇپائي، ڪاغذ، ڪور، بائينڊنگ ۽ گيٽ اپ عمدا؛ قيمت سوا رپيو؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، تلڪ چاڙهي، حيدرآباد سنڌ.

هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ درويش صفت بزرگ سرڳواسي ديوان ڪيولرام جو لکيل آهي. صاحب موصوف انگريزن جي شروعاتي دور جو مختيارڪار هو؛ ۽ عوام سان نهايت گهڻيءَ لڙه وچڙه ۾ رهندو هو. انهيءَ ڪري هو پنهنجي ڪتابن ۾ بلڪل عوامي ٻولي ۽ عوامي خيالات ڪم آڻيندو هو.

سندس اهڙن خيالن جو هڪ ڪتاب ”گل شڪر“ آهي ۽ ٻيو ”گل قند عرف گل“: پهرئين ۾ پهاڪن جي صورت ۾ املهه سمجهاڻيون آهن، ۽ ٻئي ۾ ٽوٽڪن ۽ اصطلاحن جي صورت ۾.

”گل شڪر“ سنڌي ادبي بورڊ طرفان وري شايع ٿيو، ته ٻن سالن اندر ئي ٻه هزار کپي ويو، ۽ هاڻي ان نئين ايڊيشن جو به ٻيو ڇاپو شايع ٿيو آهي.

ساڳئي مصنف جو هي ٻيو ڪتاب به سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. اميد ته اسان جي نئين ٽهي، جيڪا ”گل شڪر“ وانگر هن مفيد ڪتاب مان پڻ فائدو وٺي نه سگهي هئي، ان مان پورو پورو لطف حاصل ڪندي، ۽ ڏسندي ته اسان جي عوامي سنڌي زبان ڪهڙي مٺڙي ۽ پاڪيزه آهي.

- م . ع . ڏ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com