سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1997ع

 

صفحو :18

تعليم: ٺٽو، جنهن کي سنڌ جا مورخ، تمدني بلنديءَ، ثقافتي برتريءَ، ۽ علمي اوج اقبال سبب، قرطبه، دمشق، ۽ بغداد سان تشبيهه ڏيندا رهيا آهن، سو باوجود دارالسطلنت واري حيثيت وڃائي ويهڻ جي به، اڃا تائين سابقه صدين وارين پنهنجي علمي روايتن کي زندهه رکيو ٿي آيو. سوين دارالعلوم، اڪيچار خطاب خانا، ۽ بيشمار مدرسا ۽ مڪتب، ديني خواه دنيوي علومن جي نشر و اشاعت لاءِ رات ڏينهن روشن ۽ آباد هئا.

مير علي شير جي پيدائش کان ٽيهه ورهيه اڳ، 1111هه (1699ع) ۾ هڪ انگريز سياح مسٽر هئملٽن ٺٽي آيو، جنهن ٺٽي جي علمي برتريءَ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”شهر ۾ چار سؤ دارالعلوم موجود آهن، جن ۾ هزارين طالب علم، رات ڏينهن تعليم پرائڻ ۾ مشغول آهن.“

انهيءَ زماني ۾ ٺٽي ۾ مير علي شير تعليم حاصل ڪئي ۽ تربيت پرائي. پنهنجي تعليم جي روئداد ڪانه لکي اٿائين؛ البته ضمني طرح، جن چند استادن جو ذڪر ڪري ٿو، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني جي جيد استادن ۽ عالمن کان هن سبق ورتا.

ميان نعمت * ۽ ميان محمد صادقÄ، ميان عبدالجليلÀ جا فرزند ۽ پنهنجي دور جا جيد عالم ۽ ديني دنيوي علومن ۾ ڪامل هئا. ٻنهي بزرگن جو مشغلو درس تدريس هو. مير صاحب ٻنهي بزرگن جي مدرسي ۾ پڙهيو. ”مقالات الشعرا“ ۾ هڪ هنڌ پاڻ فرمائي ٿو ته

_”فقير بخدمتِ هر دو صاحبان نسبت تلميذي دارد.“ §

محمد صاق جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته

_”فقير که کمين تلامذهء ايشان است.“ ª

ميان نعمت الله وٽ ’ميزان صرف‘ کان وٺي ’شرح ملا‘ تائين تعليم ورتائين·، ميان محمد صادق وٽ ڪهڙا ڪتاب پڙهيائين، انهن لاءِ ڪجهه ڪونه لکيو اٿائين. انهن ٻنهي بزرگن جو مدرسو ”مقالات الشعرا“ جي تصنيف واري سال تائين نهايت عمدگيءَ سان جاري هو:

”اکنون (1174هه) مدرسہء علمي بوجودِ فايض الجودِ

 

ايشان گرم است“¨

       انهن ٻنهي استادن کان سواءِ مير علي شير، آخوند محمد شفيع جو به پنهنجي استادن ۾ ذڪر ڪيو آهي؛ لکي ٿو ته

_” فقير ايامِ پيريش ديده، از جوانان زمانه درخوش باشي صد قدم درپيش داشته، اين قليل البضاعت از قصائد عرفي و عروض سيفي و چند سبق بخدمت ايشان استماع نموده.“*

اهو بزرگ 1156هه ۾ فوت ٿيو، گويا مير صاحب 16 ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن آخوند صاحب انتقال ڪيو ۽ وٽس عرفيءِ جا قصيدا ۽ عروض سيفي، 13 يا 14 ورهين جي عمر ۾ پڙهيا هوندائين.

آخوند ابوالحسن ”بي تڪلف“ ٺٽوي به فارسيءَ ۾ سندس استاد هو. پاڻ لکي ٿو ته

_”بسيار طباع و پر استعداد است. در مڪتب وي جمعي از هندو و مسلمين بهره بردند، فقير در پارسي شاگرد


 

خدمت ايشانست“.**

مولوي مرزا جعفر شيرازي سير و تفريح لاءِ ٺٽي ۾ آيو هو. ڌاراج جي زميندار، راءِ جمال، وٽ ڪجهه عرصو رهيو. مخدوم محمد مسڪين سندس علم، ذاتي جوهر ۽ بيحد و حساب قابليت سبب، سندس گهرو دوست ٿي ويو. مير علي شير صاحب سان سندس تعلق خاطر پيدا ٿي ويو، جنهن ڪري سيد صاحب انهيءَ بزرگ وٽ به ڪجهه پرايو. پاڻ لکي ٿو ته

_”فقير در خدمت ايشان چند ايام بسر برده و از دست و دل شان ممنون ابد است.***

شعر و سخن جي مشق: مير صاحب شعر و سخن جي صلاحيت ڄڻ ماءُ پيٽان ئي کڻي آيو هو. ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾، جڏهن ته اڃا مدرسن ۽ مڪتبن ۾ سبق آموزيءَ ۾ منهمڪ هو، شعر چوڻ شروع ڪيائين. لکي ٿو ته:

_”بفيض صحبت بزرگان في الجمله آشنا بسفيد و سياه گشت. هر چند درخود لياقت آن نمي بيند که در جنب عزيزان جا داشته باشد، اما چون کهان را با مهان آميزش قديم است، باري بوسيلهء توسل بزرگان اگر در نعال آن صدر نشينا مقيم شود، جا دارد.“

ڪسر نفسيءَ جي انهيءَ تمهيد کان پوءِ فرمائي ٿو ته

”در قريب بايام امتياز که نير عمر باختتام سير بروح دوازده گانه از سنين مطلع شوارق هوش بر فلک تبيين و قوع يافته، سر سوداي خن در پيچيده.“*

انهيءَ عمر ۾ اٺن هزارن شعرن جو ديوان مرتب ڪيائين، جنهن ۾ سڀئي اصناف سخن موجود هئا، ليڪن خبر نه آهي ته ڪهڙن سببن جي ڪري اهو سڄو ديوان درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائين. تقريباً ٻه سال کن خاموش رهيو. گويا 1152هه ۾ جڏهن ته سندس عمر ٻارهن ورهيه هئي، شعر چوڻ شروع ڪيائين؛ 1153 تائين اٺ هزار شعر چئي ديوان جنهن ۾ نالو بطور تخلص جي استعمال ڪيو هئائين، لوڙهي 54_1155هه جا سال خاموش رهيو، تا آنڪ 1155هه ۾وري کيس نئين سر سخن سنجيءَ جو شوق جاڳيو.

انهيءَ زماني جو هڪ واقعو بيان ڪندي، مير صاحب لکي ٿو ته ”مظفر علي خان نادري زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو، ۽ سندس ڏنل زمين ”مردمک در آب“، ”نمک در آب“ ٺٽي جي شاعرن ۾ تمام مشهور ٿي، ۽ تقريباً سڀني شاعرن انهيءَ تي طبع آزمائي ڪئي.“ مير صاحب انهيءَ زماني ۾ طفل مڪتب هو، ليڪن کيس شوق جاڳيو، ۽ ساڳيءَ زمين ۾ استادن جي مقابلي ۾ هن به غزل تيار ڪيو، جنهن مان لکي ٿو ته هيٺيون هڪ شعر کيس ياد رهجي ويو:

با صاف مشربان چه زني لاف سر کشي،

 

 

صد بار ديده ايم ترا اي فلک در آب.*

1155هه، ۾ مير حيدر الدين ابوتراب ”ڪامل“**جهڙي استاد ڪامل سان سندس ملاقات ٿي، ۽ انهيءَ بزرگ جي فيض ۽صحبت سبب ڇڏيل شوق ۽ وسريل ذوق ۾ وري جولان جاڳيو***، ۽ سندس شاگردي اختيار ڪري، نئين سر مشق سخن شروع ڪيائين. مير ڪامل سندس تخلص ”مظهري“ رکيو، جنهن مان تجديد شاعريءَ جو سال 1155هه به برآمد ٿئي ٿو. مير صاحب ڪجهه وقت تائين ”مظهري“ تخلص قائم رکيو. ليڪن ان کان پوءِ، ”قانع“ تخلص اختيار ڪيائين، جيڪو آخر دم تائين سندس نالي سان پيوست رهيو.****

ملازمت: سنڌ جي آزاد حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي، 1167هه ۾ وفات ڪئي؛ ۽ سندس پٽ ميان مرادياب تخت نشين ٿيو. ميان صاحب جي وفات بعد تخت و تاج جي لالچ ۽ لوڀ، حڪمران خاندان ۾ باهمي آويزش جي ابتدا ڪئي. ميان مرادياب چار سال به پورا نه ڪيا، جو معزول ٿي جيل ۾ وڃي پيو، ۽ سندس ٻيو ڀاءُ ميان غلام شاه، جيڪو گلان طوائف جي پيٽ مان هو، تخت نشين ٿيو. انهيءَ ئي حڪمران لاءِ ڪنهن سنڌي شاعر جو هي شعر مشهور آهي:

”گلان وچان جو گل کليو سي،

ڪجهه کُليا هي ڪجهه کُلسي.“*

        ميان غلام شاه، بيحد سمجهدار ۽ حڪمراني ڪرڻ لاءِ هر طرح موزون ۽ مناسب هو. هن پنهنجي زماني ۾ ملڪ ۾ نه فقط امن امان قائم ڪيو، بلڪه ڪيترا سرحدي علائقا به حاصل ڪري، سنڌ ۾ شامل ڪيائين. ڪڇ جي راجا کان بست ۽ لکپت جو بندر ورتائين؛ سبزل ڪوٽ ۽ اُچ، بهاولپور جي نواب کان ڇڏايائين؛ ۽ ڪراچيءَ جو بندر، قلات جي خان کان واپس ڪيائين. حيدرآباد جو شهر آباد ڪيائين، ۽ 1182هه ۾ حيدرآباد جو قلعو تعمير ڪرائي، ان ۾ گادي ڪيائين. انگريزن سندس ئي زماني، 1171هه ۾ ٺٽي ۾ پنهنجي تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي. اهڙيءَ طرح ملڪ سندس زماني ۾ ڏاڍو وسيو ۽ رسيو، سکيو ۽ ستابو ٿيو؛ ليڪن افسوس جو 16 سالن جي حڪمرانيءَ بعد 1186هه ۾ لقوي، فالج ۽ غشيءَ سبب هن انتقال ڪيو، جنهن بعد ڪلهوڙن جي حڪومت جو شيرازو روز بروز درهم برهم ٿيندو ويو.

        انهيءَ روشن دماغ بادشاه، مير علي شير کي پنهنجي خاندان جي تاريخ نويسيءَ لاءِ، پاڻ وٽ رکيو، ۽ مير صاحب ”شاهه نامه“ جي طرز تي فارسي نظم ۾، ۽ ٻي مفصل تاريخ نثر ۾، لکڻ شروع ڪئي. سندس تقرر تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي 1175هه ۾ ٿيو*، ۽ مير صاحب ٺٽي کان خداآباد هليو ويو. اهو معلوم نه ٿي سگهيو، ته مير صاحب ميان غلام شاهه جي درٻار سان ڪيتري وقت تائين وابسته رهيو؛ ليڪن جنهن صورت ۾، مير صاحب پنهنجون ٻئي تصنيفون مڪمل ڪري نه سگهيو، تنهن ڪري خيال آهي ته شايد چند سال يا ڪجهه عرصو مير صاحب، ميان غلام شاهه جي درٻار ۾ رهي، وري ٺٽي واپس موٽي آيو.

1180هه ۾، مير صاحب ”تحفة الڪرام“ لکڻ شروع ڪيو؛ ان ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو ذڪر شروع ڪندي ابتدا ۾ لکي ٿو ته

”ذکر ايشان در طبقهء علحده ميگردد، و بنا برمزيد فائده و اداي حقوق نمک ذڪر از اصل مع بيان بزرگان اين سلسله  مجملا گذارش ميکند.“**

        ”اداي حقوق نمڪ“ جي اشاري مان ظاهر آهي ته 1180هه کان اڳ مستقل ملازمت کان آجو ٿي، ٺٽي هليو آيو هو، ۽ حق نمڪ نڀائڻ سبب سنه 1180 هه ۾ به کيس اهو خيال هو ته هو ڪلهوڙن جي تاريخ جا ٻيئي ڪتاب ضرور ختم ڪندو. بهرحال مير صاحب جي مستقل ملازمت رهي يا نه رهي، ليڪن سندس تعلقات ملازم ٿيڻ کان اڳ انهيءَ حڪمران گهراڻي سان جهڙي طرح خوشگوار هئا، اهڙيءَ ريت پوءِ به رهيا، جنهن جي تصديق اسان کي انهن فرمانن ۽ سَندن مان ملي ٿي، جيڪي وقت بوقت وظيفن، تنخواهن ۽ مزروعه زمينن جي سلسلي ۾ مير صاحب کي انهيءَ خاندان طرفان ملندا رهيا.

مير صاحب جو معاش: قديم خانداني دستاويزن مان * معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب جو سمورو خاندان شروع ايامن کان وٺي، سندس زماني تائين خوشحال ۽ فارغ البال رهيو، ۽ کانئس پوءِ به حسب دستور اهو گهراڻو، جاگيرون، تنخواهون، وظيفا، خلعتون ۽ انعام ڪرام چوڙيندو ماڻيندو رهيو.

مير سيد شڪر الله جيئن 927هه ۾ ٺٽي پهتو، تيئن ئي ارغونن طرفان سندس وظيفو جاري ٿيو. همايون جي فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب جي گهر کي هن جي طرفان به بطور ’سيورغال‘ وظيفو ۽ ساڪري پرڳڻي ۾ ڪجهه زمين  مدد معاش لاءِ مليل هئي. اهڙيءَ طرح ترخاني دور جا دستاويز به ملن ٿا، جن ۾ نه فقط اڳين بادشاهن جي عطا ڪيل وظيفن ۽ جاگيرن جي تصديق ٿيل آهي، بلڪه ان تي پنهنجي طرفان به، وقت بوقت اضافا ڪندا رهيا آهن. مرزا جانيءَ جي هڪ فرمان (مرقومه 1007هه) مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته جوڻ پرڳڻي ۾ به ڪي ڳوٺ انهيءَ خاندان کي بطور مدد معاش مليل هئا. سنڌ جڏهن مغل سلطنت جو حصو بڻي، تڏهن هن گهراڻي  جا سڀئي وظيفا، تنخواهون ۽ زمينون بحال ڪيون ويون. 1029هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو ته جهانگير، سيد ظهير الدين ثاني خلف سيد شڪر الله ثانيءَ لاءِ ٻه سو خرار سارين جا بطور وظيفي جي ساليانه منظور ڪيا، جن جي وصوليءَ لاءِ ٽڪر هنڱوري، ۽ ٽڪر هالي جي پرڳڻي تي فرمان جاري ٿيو. ڪجهه وقت بعد بجاءِ سارين جي، ٽڪر هنڱوري جي جاگير مان 22 هزار دام*، بطور سالياني تنخواهه جي کيس مقرر ٿي مليا. 1037هه ۾ سيد شڪر الله فوت ٿيو. 1039هه ۽ 1040هه جي فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو ته اها تنخواهه شاهه جهان، سيد صاحب جي اولاد لاءِ بحال ڪئي. جيئن جيئن خاندان وڌندو ويو ۽ گهر جدا جدا ٿيندا ويا، تيئن تيئن اهي تنخواهون به تقسيم ٿينديون مختلف شخصن جي نالي تي بحال ٿينديون رهيون. 1138 هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي

ٿو ته پنجاهه هزار دام**، اهو خاندان سالياني تنخواه کڻندو هو. 1144هه ۾، خان خانان معظم خان هڪ سند جاري ڪئي، جنهن بناط تي، مير شير علي ”قانع“ جي والد سيد عزت الله کي 540 بيگا زمين ملي. ميان نور محمد، 1155هه ۾، سيد عبداللطيف بن سيد عبدالمجيد کي پليجي پرڳڻي تي 70 خرار سارين جي سند ڪڍي ڏني*. سيد صاحب 1158هه ۾ فوت ٿيو؛ جنهن بعد سندس پٽ عبدالمجيد ثانيءَ جي نالي اهو وظيفو بحال ڪيو ويو، ۽ آخر اهو وظيفو ڦرندي ڦرندي سيد عبداللطيف ثانيءَ وٽ آيو، ۽ ان کان پوءِ مير علي شير جي والده جي نالي تي بحال ٿيو؛ ڇاڪاڻ ته انهيءَ گهر ۾ نرينو اولاد ڪونه ٿيو ۽ مير صاحب جي والده انهيءَ گهر جي وارثياڻي هئي. بيبي صاحبه کان پوءِ، مير علي شير ۽ سندس ڀاءُ مير ضياءُ الدين ”ضيا“ انهيءَ حصي تي متصرف ٿيا. انهيءَ مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته مير صاحب ۽ مير ضياءُ الدين سڳا ڀائر ۽ انهيءَ بيبيءَ جي بطن مان هئا، ۽ انهيءَ ڪري ئي ڇهن ڀائرن مان فقط اهي ٻه ڀائر وظيفي جا وارث بڻيا. سندس ٽئين ڀاءُ سيد فخرالدين کي جدا پنهنجي نانڪاڻي حصي مان هڪ سو بيگا زمين تصرف ۾ آئي.

ميان نور محمد جو هڪ پروانو ملي ٿو، جنهن مطابق مير علي شير جي والد سيد عزت الله کي جڳت پور ۽ ڪڪرالي وغيره ۾ به ڪي ڳوٺ جاگير طور مليا. انهن جي آمدنيءَ تي هن هيٺئين طرح پنهنجن پٽن جون تنخواهون جاري ڪرايون: سيد فخر الدين ۽ سيد يار محمد 14_78 رپيا، ۽ سيد علي شير ۽ سيد ضياءُ الدين ._._72 رپيا.

ڪلهوڙن بعد ٽالپرن به ساڳيءَ طرح هن خاندان جي جاگيرن، تنخواهن، وظيفن ۽ ٻين انعامن اڪرامن کي جاري رکيو. ميان نور محمد جي زماني کان وٺي ٽالپرن جي ابتدائي دور تائين ڪي اهڙا فرمان ملن ٿا، جن ۾ روزانه وظيفي ڏيڻ جو به ذڪر آهي. ميان غلام شاهه جي هڪ فرمان (مرقومه 1172هه) مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان نور محمد کان وٺي سيد عزت الله جو روزينو جاري هو، جيڪو غلام شاهه جي تخت نشينيءَ بعد مير علي شير جي نالي منتقل ٿيو. 1188هه ۾ ميان سرفراز جي فرمان ۾ به ان جي تصديق ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح 1191هه ۾، ميان عبدالنبي به ساڳيو روزينو جاري رکيو. ساڳئي سال جي ٻئي هڪ پرواني مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان عبدالنبيءَ، مير علي شير جي پٽ مير غلام علي ”مائل“ جو 12 رپيا درماهو وظيفو جاري ڪيو هو.

1197هه ۾ مير فتح علي خان _ فاتح سنڌ_ مير علي شير جي نالي هڪ پروانو ڪڍيو، جنهن ۾ 42 رپيا ”بمد اجارهء مير بحري (؟)“ عنايت ڪرڻ جو ذڪر آهي، ۽ اهو وظيفو ڪلهوڙن جي زماني کان مير صاحب جي نالي هلندو ٿي آيو. 1198هه ۾، مير فتح علي خان هڪ فرمان ڪڍيو، جنهن مطابق مير علي شير کي هدايت ڪئي وئي ته جنهن صورت ۾ حيدرآباد سرڪار جي حصي ۾ سنڌ جو اڌ ملڪ آيل آهي، تنهن ڪري اها سرڪار کيس مقرر ٿيل وظيفن جو آئينده اڌ ڏيندي، ۽ باقي اڌ، مير سهراب، مير ٺاري ۽ مير باگي کان کيس وٺڻ گهرجي.


 


*هي بزرگ، مخدوم ضياء الدين جو ڏهٽو هو. ويهن ورهين جي ڄمار ۾ تعليم جي تڪميل ڪري، درس ڏيڻ شروع ڪيائين. مير صاحب لکيو آهي ته سندس مدرسو ايڏو مشهور ۽ عظيم الشان هو، جو شهر ۾ ان جو ٻيو ثاني ڪونه هو. ’منقول‘ ۾ پنهنجي ناني ضياء الدين ۽ ’معقول‘ ۾ مولانا محمد صادق جو شاگر هو. 1179هه ۾ حج تي اسهيو، جتي 18 ذيقعد جي انتقال ڪيائين (”تحفة الڪرام“ 225_ مقالات الشعرا“295)

 Ä ميان نعمت الله جو وڏو ڀاءُ هو؛ عالم باعمل ۽ نهايت ئي پاڪ باطن ۽ صاف سيرت بزرگ هو. حرمين ۾ هڪ سال رهي، حديث جي سند ورتائين. جونا گڙهه ۾ به ڪجهه عرصو رهيو. ٻيو دفعو به جونا ڳڙهه ٿي ويو، جو واٽ تي ڪڇ ۾ انتقال ڪيائين. (تحفة الڪرام“ ص 226، ۽ ”مقالات الشعرا“ ص 132).

 À ميان رحمت الله جو فرزند ۽ مخدوم علي احمد المعروف به قمري (برادر مخدوم آدم) جي الاد مان هو. صاحب نسبت ۽ وڏي ڪڻيءَ وارو بزرگ هو. 1154هه ۾ انتقال ڪيائين. (تحفة الڪرام“ 226، ”مقالات الشعرا“ ص75).

§  ”مقالات الشعرا“ ص 75.

ª ”مقالات الشعرا“، ص 143.

 · ”مقالات الشعرا“، ص 295.

¨ ”مقالات الشعرا“ ص 75.

*  ”مقالات الشعرا“، ص 135؛ مير صاحب لکي ٿو ته (هيءُ بزرگ) نهايت باوقار ۽ پرتمڪين شخص هو. طبيعت جو خوش باش ۽ نهايت ئي رنگين مزاج هو. خوراڪ پوشاڪ جو به شوقين هو. مير عبدالقدوس شيرازي سندس دوست هو. تاريخ گوئيءَ ۾ کيس ڪمال حاصل هو. شهر خواه حڪامن ۾ سندس وڏي عزت هئي (تحفة الڪرام، ص 244) ”مقالات الشعرا“ ۾ مير صاحب سندس تاريخ گوئيءَ جا مثال به ڏنا آهن.

 **  ”مقالات الشعرا“ (ص 58): آخوند صاحب ڳچ عرصي تائين جهانگارن باجارن جي ساداتن وٽ رهيو. تاريخ گوئي ۽ شعر و سخن جوبه شوق هوس. مير فخر الدين شيرازي برادر مير علي شير ”قانع“ کي جڏهن علي اڪبر نالي پٽ ڄائو، تڏهن هيٺيون قطعهء تاريخ لکيائين؛

بهار همايون بعالم رسي    صنوبر به بستان احمد چميد

گل گلشن باغ آل رسول    در روشن از درج شاه شهيد

بفر همايون و فرخنده نام    بروز سعيد از عدم سر کشيد

چکويم و فاتش که نايد بعد  نجيب ونقيب وحسيب و سعيد

نيازم بدرگاه حق صبح و شام         که نامش علي اکبر آيد پديد

بسال تولد شريفش فتاد      چوفکرم بخاطرزاحصي البعيد

درانداخت نگاه هاتف ندا     ”گل اندر گلستان حيدر دميد“          _(1146هه)

*** مرزا محمد جعفر جي علم و فضل جي شهرت ٻڌي، ميان مراد ياب بن ميان نور محمد کيس پاڻ وٽ گهرائي، پنهنجو معتمد خاص ڪري رکيو. ”قانع“ ”مقالات الشعرا“ (ص 72) تي لکي ٿو ته ”ڪجهه عرصي بعد اهو درجو حاصل ڪيائين، جنهن کان مٿي تصور ڪرڻ ناممڪن آهي.“ صاحبزادو ميان مرادياب جڏهن هندستان ويو، ان وقت ميان نور

(بقايه 327 پيج)

(بقايه ورتل 326 پيج) محمد کيس پنهنجي دربار ۾ مقرر ڪيو، جتي صاحبزادي کان به وڌيڪ سندس قدر ۽ منزلت ٿي. محمد مرادياب جڏهن تخت تي ويٺو (1167هه) تڏهن کيس ٻيهر پاڻ وٽ رکيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ، ڪن سببن ڪري معزول ٿي ۽ عراق جي زيارتن تي وڃڻ لاءِ ڪڪرالي بندر تي پهتو؛ اتان کيس ڪڪرالي جي ڄام جهاز تي سوار ٿيڻ نه ڏنو، جنهن ڪري ڪراچيءَ بندر تان سوار ٿيڻ جو ارادو ڪيائين، ليڪن رواني ٿيڻ کان اڳ سندس انتقال ٿيو. مير علي شير هيٺين تاريخ چئي:

 _ز روي تعميه تاريخش افتاد،

”غريب از دام دنيا گشته آزاد“_

1212_ 45 _ 1167هه

 

جفر ۽ تڪثير ۾ به ڪامل ۽ عامل هو. ”جعفر جامع“ نالي ڪتاب ميان نور محمد لاءِ لکڻ شروع ڪيائين، ليڪن ميان صاحب جي انتقال سبب ڪتاب پورو ڪري نه سگهيو.

*  ”مقالات الشعرا“، ص 214.

 *  ”مقالات الشعرا“، ص 66.

 **  مير حيدر الدين ابو تراب ”ڪامل“ بن مير رضي الدين ”فدائي“ بن مير ابوالمڪارم ”شهود“، بن مير ابوالبقا امير خان، بن مير ابوالقاسم ”نمڪين“، جيد عالم، بلند پايه شاعر ۽ درويش صفت انسان هو. سنڌي، هندي ۽ فارسيءَ ۾ جدا جدا ديوان مرتب ڪيائين. محمد پناه ”رجا“ مير ابو البقا بهرور علي ۽ ٻيا ڪيترا انهيءَ دور جا شاعر سندس شاگرد هئا. 1164هه ۾ انتقال ڪيائين (ڏسو ”مقالات الشعرا“؛ ”تحفة الڪرام“؛ ۽ ”تذڪره امير خاني“.)

***  مقالات الشعرا“، ص 214، ص 253، ص 254.

****  ”مقالات الشعرا“ ص 214.

 

* ميان مرادياب جي معزولي ۽ غلام شاه جي تخت نشينيءَ تي بالچند ”آزاد“ هيٺين تاريخ چئي.

بِنشست غلام شاهه بر مسند جاه، بر خاست مرادياب نااميد به آه

(1377 + 163) _ (366 + 6) = 1170

* مقالات الشعرا“ ص 215.

**  ”تحفة الڪرام“، ص 102.

* جناب قاضي علي محمد صاحب ٺٽويءَ وٽ شاهي فرمانن ۽ اسادن جو هڪ مجموعو آهي، جيڪو ٺٽي جي ڪنهن بزرگ انگريزن جي آمد کان پوءِ مرتب ڪيو آهي. ٺٽي جي مختلف خاندانن جي سلسلي ۾ منجهس شاهي فرامين هن لاءِ نقل ڪيا ويا آهن، ته، اهو مجموعو انگريزن کي ڏيکاري، انهن سَندن کي سندن دور حڪومت ۾ به جاري ڪرائجي.

*  چاليهه دام هڪ رپئي ۾ ٿيندا هئا _ ٻاويهن هزارن دامن جا 550 رپيا ٿيا.

**  ساڍا ٻارهن سو رپيا.

*  5 رپيا في خرار هو _ مجموعي قيمت 350 رپيا ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com