سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1997ع

 

صفحو :19

ڪلهوڙن جي زماني کان جيڪي 70 رپيا بطور وظيفي جي مير علي شير ۽ مير ضياءُ الدين کي ملندا هئا، سي مير فتح علي خان جي دور ۾، ٻنهي ڀائرن جدا جدا ڪرائي، پنهنجن نالن تي پروانا ورتا؛ چنانچه 70 رپين مان 42 رپيا مير علي شير ورتا، ۽ باقي مير ضياءُ الدين وٺندو رهيو. 1253هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو ته مير نور محمد خان جي زماني ۾ انهيءَ ساڳئي وظيفي جو هڪ حصو مير علي شير جي پوٽي مير صابر علي ولد مير غلام علي ”مائل“ کي 6_5_7 روپين جي صورت ۾ درماهو ملندو هو. 1255هه ۾، مير محمد خان اڍائي آنن جو اضافو ڪري پورن ساڍن ستن رپين جو درماهو ڏيڻ جو پروانو جاري ڪيو، ۽ ”ڪوري ضرب“ مان ڦيرائي ”سورتي ضرب“ يعني انگريزي سڪي ۾ ڏيڻو ڪيو.

اها آهي مير صاحب ۽ ان جي خاندان جي معاشي پهلوءَ جي منتشر معلومات، جنهن کي اسان مختلف اسنادن جي ذريعي يڪجا ڪري، پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيو آهي. اگرچه مٿيان انگ اکر مير صاحب جي مڪمل آمدنيءَ جو خاڪو پيش ڪري ڪونه ٿا سگهن، تاهم اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا ته مير صاحب جو خاندان فارغ البال ۽ نهايت خوشحال هو. سندن گذر بسر نهايت ڪشادگيءَ ۽ عزت آبروءَ سان ٿيندو هو. سڀني حڪمرانن انهيءَ خاندان جي عزت ڪئي، وظيفا ڏنائون، جاگيرون جاري ڪيائون، درماها ۽ روزينا عطا ڪيائون، ۽ وقت بوقت جيڪي انعام اڪرام ۽ خلعتون ۽ پهراڻيون ملنديون ٿي رهيون، سي ان کان علاوه هيون.*

 مير صاحب جي دور جو سياسي پس منظر: مير قانع، جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، ميان نور محمد جي دور حڪومت ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو دهليءَ جي بالادستيءَ کان ته آزاد ٿيا، ليڪن نادر جي اچڻ، سندس لٽ ڦر ۽ آخر ۾، افغانستان جو باجگذار بڻائي وڃڻ، سنڌين کي آزادي ماڻڻ ڪانه ڏني_ گويا سنڌ جي زبردستيءَ واري قطب نما جو رخ دهليءَ کان ڦري افغانستان طرف ٿي ويو، ۽ فرق فقط هي ٿيو ته دهليءَ جي سنڌ تي گورنرن جي ذريعي براه راست حڪومت هلندي هئي، ۽ هن کان پوءِ اندروني طرح سنڌ آزاد رهندي به افغانستان جو ڍل ڀرو صوبو ٿي وئي، ۽ بجاءِ گورنرن جي، ڍل جي وصوليءَ ۽ عام نظرداريءَ لاءِ افغاني وڪيل اچڻ لڳا. ميان نور محمد جي وفات (1167هه) تائين، سنڌ جي حڪمران خاندان ۾ خير جي گذرندي رهي، ليڪن هن جي اکين بند ڪرڻ بعد، تخت و تاج جي سلسلي ۾، رفتي رفتي آويزشن جي ابتدا ٿي. ميان غلام شاهه جي دور ۾ (1170_1186هه) ڪا خاص خرابي ڪانه ٿي. مير علي شير تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي ڪجهه سال پنهنجو وقت سٺو بسر ڪيو، ليڪن 1186هه کان پوءِ، جو حڪمران خاندان ۾ خونريزي ۽ ملڪ ۾ انتشار جي ڪيفيت قائم ٿي، تنهن 1198هه تائين سنڌ کي برابر تباهه ۽ تاراج ڪيو. انهن ٻارهن تيرهن سالن جي عرصي ۾ سنڌ جي تخت و تاج ڪيترن حڪمرانن جي مسند آرائي ڏٺي ۽ ڪيترن شهزادن جا ڪنڌ ڪپيا، ۽ ٽالپر سردارن مان ڪيترا ڪونڌر ڪسندا ڏٺا. سرفراز تقريباً ٽي سال حڪومت ماڻي؛ محمد خان چند مهينا مسند جو مزو ورتو؛ غلام نبيءَ ڏيڍ سال کن تخت نشيني ڪئي؛ عبدالنبيءَ تقريباً ساڍا ٽي سال واڳ ورتي؛ صادق علي چند مهينا؛ ۽ ان کان پوءِ دوبارو عبدالنبيءَ قبضو ڪيو، ۽ پنجن سالن ۾ اها ڪشت و خون ڪيائين، جو سنڌ جي بدنصيبيءَ ۽ برباديءَ تي نه فقط پنهنجن رت رنو، بلڪه ڌارين جي اکين مان به لڙڪ وهي نڪتا!ٽالپر سردار، جيڪي حقيقي طرح حڪومت جا قوت بازو هئا، تن مان ڪيترا سربراهه ناحق خون ٿيا _ مير بهرام ۽ سندس فرزند مير صوبدار خان ميان سرفراز جي چرچ تي بنا سبب قتل ڪيا ويا؛ ميان غلام نبيءَ پهريون پنهنجي خاندان جا پنج شهزادا ڪهرايا. محمد سرفراز، محمد خان، محمود خان ۽ ٻه ٻيا _ انهيءَ دردناڪ واقعي تي ڪنهن شاعر هيٺين تاريخ چئي.

”از گلِ باغِ عباسي پنج کم“*

ٽالپر اميرن جي شهادت جو سلسلو به ساڳئي وقت جاري رهيو. مير بجار کي ڌوڪو ڏئي، شهيد ڪرايو ويو**؛

مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان به ساڳيءَ طرح 1198هه ۾ نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪرايا ويا.

ٽالپرن جي بيگناهه خونن نه فقط بلوچ قوم کي بغاوت تي آمادو ڪيو، بلڪه سڄيءَ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي انهيءَ ظالم حڪمران جي خلاف باهه ٻري وئي. چنانچه 1198هه ۾ هالاڻيءَ جي ميدان تي حاڪم ۽ محڪومن جو معرڪو ٿيو، جنهن ۾ حاڪم کي شڪست ۽ محڪومن کي فتح نصيب ٿي. سنڌ جي واڳ ٽالپرن جي هٿ ۾ آئي، ۽ ڪلهوڙا هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي ويا.

ميان عبدالنبيءَ خانه جنگيءَ سبب افغان حڪومت کان مدد ورتي. ان حڪومت جو ظالم ترين سردار، محمد خان افغان، سنڌ ڏانهن موڪليو ويو، جنهن 1194هه ۾ هتي پهچي، سموريءَ سنڌ کي تهه و بالا، ناس ۽ نابود ڪري ڇڏيو. انهيءَ مدد خان جي ڪاهه سنڌين کي ايترو متاثر ڪيو، جو ڪيترا سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون اڄ تائين انهيءَ دور جي يادگار طور موجود آهن_

”گهوڙا ڙي گهوڙا!“

”گهل ڙي گهل!“

”مدد ته پٺيان ڪونه اٿئي!

فارسي گو شاعرن چيو،

”اي داد، از ظالم بيداديء منحوس“_سنه1194هه

چنان هول در ملک سندهه اوفتاد      که هولِ قيامت بداده زياد

ڪنهن شاعر انهيءَ ظالم جي وڃڻ جي تاريخ ڪڍي:

”بشر بود رفت“ _ سنه 1194هه.

        سنڌ ۾ ايتري لٽ ڦر ٿي، انهيءَ حد تائين خوف رهيو، ۽ ايترا ته گهر، خاندان ۽ ڳوٺ تباهه ٿيا، جو چنگيز ۽ هلاڪوءَ جي خون آشامين ۽ تيمور جي عالم سوزين ۽ هلاڪت آفرينين جي ياد تازي ٿي وئي. سنڌ انهيءَ قسم جي تباهي ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي. دهليءَ تي نادر ۽ بغداد تي هلاڪوءَ به اهڙي بربادي ڪانه آندي،  جهڙي ميان عبدالنبيءَ، مدد خان جي ذريعي سنڌ تي آندي.

اهوئي زمانو، جڏهن عماد الملڪ، غازي الدين نظام*، سنڌ ۾ آيو، ۽ تباهي ۽ برباديءَ جا هولناڪ منظر، اکين سان ڏسي ايتري قدر متاثر ٿيو، جو اهڙو ئي دردناڪ مرثيو چيائين جهڙو حضرت سعديءَ بغداد جي برباديءَ تي چيو هو:

”در سند چه فتنه و بلاشد           گوئي که قيامتي بپا شد

چون سند که مامن جهاد بود       اي آه! چه گويمت چها شد

هر خانه بخاک شد برابر                    هر صاحب دولتي گدا شد هر تاجوري برهنه برگشت          هر ماه سري برهنه پاشد

تا ناموران به بند افتند         ‎     سر رشتهء صبر دل رها شد

مادر ز پسر، پسر ز مادر            سراز تن وتن ازسرجدا اشد

منعم پيء مشت آرد يک سير            سر گردان هم چو آسيا شد

گل رويان راز خارِ صحرا             خونِ کف پاي خود حنا شد

هر پره نشين کنج عصمت          بي برقعه و معجر و ردا شد زرها به نثار حفظ جان رفت      جانها بر آبرو فدا شد

رفت از همه هرچه در گره بود       زين گونه فلک گره کشا شد

يک ظلم نه شدکه شد دوصد ظلم  يک کار نه شد که کارها شد

بر اهل زمين عجب بلائي          يک مرتبه نازل از سما شد

دل خون شد زين ستم گري چند     هر چند که جمله از قضا شد

بي ستري طرفه آه! صد آه!    ‎     بر سيدها و پارسا شد

از امت مصطفيٰ چه ظلمي          امروز بر آل مصطفيٰ شد

امروز پس از هزار و صد سال        احوال عراق رونما شد

جستم چو ”نظام“ سال تاريخ              از هاتف غيبي ام ندا شد

کاي بنده اهل بيت بشنو

”....... که سند کربلا شد“

اهو سڄو ملڪي ۽ سياسي پس منظر آهي انهيءَ منيءَ صديءَ جو، جنهن ۾ مير علي شير اکيون کوليون، پليو، پروان چڙهيو؛ تعليم حاصل ڪري، علم جي انتهائي اوج تي پهتو؛ شعر و سخن جو شغل ڪندو رهيو؛ ۽ تصنيف تاليف کي پنهنجو اوڇڻ ۽ اوڍڻ بڻائي، زندگي بسر ڪندو رهيو. سواءِ انهن چند سالن جي، جيڪي هن ميان غلام شاهه وٽ تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي گذاريا _ باقي سڄي زندگي آزاديءَ سان بسر ڪندو رهيو. انهيءَ بادشاهه گرديءَ ۾ ڪنهن کي طاقت هئي، جو درباري ملازمت جو بار سر تي کڻي، سازشن ۽ منصوبن ۾ حصو وٺي ۽ خون خرابيءَ، قتل ۽ غارت گريءَ کي ائين ڏسندو رهي.

مير صاحب جي غير معمولي شخصيت ۽ بي پناهه صلاحيت جو هن مان اندازو ٿئي ٿو ته انهيءَ سموري دور جي سڀني بلائن، آفتن ۽ اندوهناڪين جي هوندي به سندس سڪون قلب ضايع ۽ اطمينان دل غارت نه ٿيو. هن بزرگ دنيا جهان تي جهڳڙن، ملڪي تباهين ۽ هلاڪت خيزين کي ڏسندي به، سڀني ڳالهين کي پس پشت وجهي، اکين کي بند ڪري، ڪنن ۾ ڪپهه ڏئي، تصنيف ۽ تاليف جاري رکي؛ ۽ پنهنجي خالص علمي ۽ ادبي زندگيءَ کي برباد نه ڪيو، ۽ 12 ورهين جي زندگيءَ کان وٺي جهان ڇڏڻ واري سال کان هڪ سال اڳ تائين، برابر دماغ ۽ قلم هلائيندو آيو، ۽ هزارن ورقن جو عظيم الشان ادبي ذخيرو سنڌ جي آئينده نسلن لاءِ ڏئي ويو.

سير و سفر: مير صاحب جي سموري زندگي سراسر علمي هئي، تنهن ڪري ڀائنجي ٿو ته هن پنهنجو وقت، دنيا جي ٻين مشغلن ۾ ڪونه وڃايو، ۽ گهڻو ڪري گهر ۾ رهي، تصنيف تاليف ڪندو رهيو _ سواءِ هڪ معمولي وقفي جي، جنهن ۾ هن کي نامعلوم سببن ڪري سورت، ڄام ننگر ۽ ڀڄ جو سفر درپيش آيو.

”تحفة الڪرام“ (ج 2، ص33) ۽ ”مقالات الشعرا“ مان معلوم ٿئي ٿو ته 1160هه ۾ هو سورت ويو، جتي مير سعد الله سورتي، ۽ ان جي فرزند مير عبدالوالي ”عزلت“ سان سندس ملاقات ٿي؛ ۽ انهيءَ سفر ۾، چند ٻين اهل علم بزرگن سان به سندس صحبتون ۽ رهاڻيون ٿيون _ جهڙوڪ ”رضائي“ شاعر سورت کان لاهري بندر تائين ساڻس ٻيڙيءَ ۾ گڏيو آيو (”مقالات الشعرا“ ص 109): محمد اڪرم اصل ٺٽي جو شاعر هو،. ليڪن سندس زندگي دهلي، دکن ۽ سورت ۾، مختلف سرڪاري منصبن تي گذري _ مير صاحب جڏهن سورت کان وطن واپس ٿيو، ان وقت محمد اڪرم به ساڻس گڏيو آيو؛ واٽ تي ٻيڙو، ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون، طوفان جي گرداب ۾ ڦاٿو، ۽ اهڙي نااميديءَ جي حالت ٿي، جو مير صاحب ان کي ”حادثهء عظيمِ“ تصور ڪندي لکي ٿو:

_”که خلاصي از آن تهلکه، محض بفضل مفضل حقيقي صورت بست“

انهيءَ مصيبت ۾ محمد اڪرم هيٺيون شعر حسب حال چيو:

درميان آب و آتش همچو گل کشتيء اميد ما دارد شنا

گرنه فضل حق نمايد رهبري   نيست مخلص ازچنين جوش بلا

                                        (”مقالات الشعرا“ 34)

”تحفة الطاهرين“ جي مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽويءَ جي ملاقات به ساڻس سورت ۾ ٿي. اهو بزرگ به انهيءَ زماني ۾ صورت منجهه مقيم هو.

ڄام ننگر عرف اسلام آباد کي به مير صاحب انهيءَ سفر جي دوران ئي ڏٺو؛ ۽ اتي ئي سندس ملاقات محمد عاقل ”ابله“ جهونا ڳڙهيءَ سان ٿي، جيڪو صاحب شاعر ۽ ٺٽي جي ميان ابوالقاسم جو شاگرد هو. (مقالات الشعرا“ 26)

اهڙيءَ طرح غالباً ساڳئي سفر ۾، جڏهن سيد صاحب ڀڄ ننگر ويو، تڏهن سندس ملاقات هڪ ايراني شاعر ”هوشيار“ صفاهانيءَ سان ٿي، جيڪو پوءِ ٺٽي به آيو، ۽ اتان وري هندستان هليو ويو (”مقالات الشعرا“ 311). بندر سورت کان موٽندي، سيد صاحب سان گڏ ”مفلس“ شاعر به ٻيڙيءَ ۾ هم سفر هو، جيڪو سنڌ ڏانهن قلندر لعل شهباز جي زيارت لاءِ ٿي آيو (مقالات الشعرا 265).

گجرات سان، انهيءَ سفر کان پوءِ، مير صاحب جي ڪافي دلچسپي پيدا ٿي، ۽ ان کان پوءِ جيڪي به خاص واقعا انهيءَ طرف ٿيندا هئا، انهن تي مير صاحب تاريخي قطعا ۽ شعر تصنيف ڪندو هو.

نور الدين محمد معروف به مومن خان 1170هه گجرات تي قابض ٿيو، ته مير صاحب تاريخ چئي:

چو شد نواب مومن خان بگجرات

ز کفر کافران گرديد خالي*

        1156هه ۾ بندر سورت جي حاڪم نواب صفدر محمد خان جو پٽ محمد وقار خان فوت ٿيو. مير صاحب هيٺينءَ طرح سندس تاريخ ڪڍي:

”فلا خوف عليهم ولا هم يحزنون“**

مطالع جو شوق: مير صاحب جو دور، جيتري قدر سياسي ۽ ملڪي حالتن سبب اونداهو ۽ اندوهناڪ هو، اوتري قدر علمي ۽ ثقافتي لحاظ سان روشن ۽ خوشگوار هو. هڪ ئي وقت سوين مدرسا علم آموزيءَ لاءِ آباد هئا؛ هر هڪ گهراڻو ۽ هر هڪ فرد علم جو مرڪز ۽ منبع هو. هر علم دوست جي اوطاق ۽ بيٺڪ ”ائڪيڊميءَ“ جو ڪم ڏيندي هئي. هر هڪ عالم، اديب ۽ شاعر وٽ، جدا جدا ڪتبخانا هوندا هئا. گهرن ۾، اوطاقن ۾، رستن تي، دڪانن ۽ بازارن جي چوراهن تي، علم پرورن جون ملاقاتيون، صحبتون، مجلسون ۽ مشاعرا، صبح شام ۽ رات ڏينهن ٿيندا رهندا هئا. هڪ ئي وقت مخدوم محمد هاشم (متوفي 1174هه)، مخدوم محمد معين (متوفي 1161هه)، مخدوم ضياء الدين، ميان نعمت الله، ميان محمد صادق، آخوند محمد شفيع ۽ آخوند ابوالحسن جهڙا يگانهء روزگار عالم ۽ مير ”محسن“ (متوفي 1163هه)، غلام علي ”مداح“، بالچند ”آزاد“، شيوڪ رام ”عطارد“، شيخ محمد محفوظ ”سرخوش“، غلام علي ”مومن“، محمد پناه ”رجا“، مير  ابو البقا ”بهرور علي“ ۽ مير ابو تراب ”ڪامل“ جهڙا نغزگو شاعر ٺٽي جي شهر ۾ موجود هئا، جن مان هر هڪ پنهنجي دور جو ”غزالي“ ۽ ”دواني“، ”سعدي“ ۽ ”انوري“ هو.

اهي سڀ بزرگ پاڻ صاحب تصانيف ۽ صاحب دواوين هئا؛ انهن مان هر هڪ کي جدا جدا ڪتب خانو هوندو هو، جنهن مان نه فقط پاڻ فائدو وٺندا هئا، بلڪه دوست احباب به وقت بوقت استفادو ڪندا رهندا هئا؛ انهن مان هر هڪ بزرگ جي اوطاق”دارالمصنفين“۽”ندوة المصنفين“هوندي هئي؛۽ هرهڪ استاد۽ عالم جو مدرسو،”دارالعلوم ديوبند“۽”ندوة العلوم“ هو.

مير علي شير کي اهڙا معاصر مليا؛ انهيءَ قسم جا همعصر شاعر مليا؛ ۽ اها علمي فضا ۽ ادبي ماحول نصيب ٿيو. هن علمي صحبتن ۽ ادبي مجلسن جو پورو پورو فائدو حاصل ڪيو. انهن مدرسن ۾ هن علم پرايو؛ ۽ انهن دارالعلومن ۾ هن عربي ۽ فارسي زبانن تي قدرت ڪامله حاصل ڪئي؛ ۽ انهن ڪتبخانن جي هر هڪ ڪتاب جي هن ورق گرداني ڪئي؛ ۽ ڪتابن جي هر هڪ جلد مان هن مطلب ۽ مواد اخذ ڪيو. ڪتبخانا نه فقط هن ٻين جا ڏٺا، بلڪه خود سندس پنهنجو ذاتي ڪتبخانو ايڏو عظيم الشان هو ۽ ان ۾ ايترا نادر مخطوطا موجود هئا، جو اڄ به ان جي فهرست  ۽ ان جا باقي بچيل ڪتاب پڙهي حيرت وٺيو وڃي ٿي.*

 مير صاحب جي مطالعي جي شوق ۽ ٺٽي ۾ ڪتابن جي فراوانيءَ ۽ دستيابيءَ جو اندازو تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن سندس پنهنجي تصنيفن ۾ اهڙن اهڙن ڪتابن جا حوالا پڙهجن ٿا، جن مان اڄ به ڪيترا ناياب ۽ نادر الوجود آهن.

 تاريخ فرشته، طبقات اڪبري، منتخب التواريخ، دهه ساله عالمگيري، آئين اڪبري، روضة الصفا، حبيب السير، مراة حمدي، مراة سڪندري، خزانهء عامره، يدِ بيضا، تذڪرهء واله داغستاني، هفت اقليم ابن رازي، ڪلمات الشعرا، مجالس المومنين، وغيره _ تاريخون ۽ تدڪرا، تضيف تاليف ڪندي، مير صاحب جي پيش نظر هئا.

ايراني خواه هندستاني شاعرن مان ڪيترن جا ديوان مير صاحب وٽ موجود هئا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي تقريباً سڀني مصنفين جون تصنيفون به سندس پيش نظر هيون. تاريخ معصومي، طاهري، بيگلرنامه، ترخان نامه، تذڪره المراد، آداب المريدين، حديقة الاوليا، کان سواءِ ڪيترا ديوان ۽ گهڻو ڪري سنڌين جون سڀئي مذهبي تصنيفون سندس مطالعي ۾ رهيون هيون. ”طومار سلاسل گزيده“ تيار ڪرڻ وقت، طريقت جي بزرگن جا گهڻو ڪري سڀئي ملفوظات ۽ سلسلهء طريقت جون اسناد ڏٺيون هئائين. ملفوظات مخدوم جهانيان، منهاج العباد _ شيخ سعيد الدين، تحفة البرر _ شيخ مجدالدين بغدادي، بحر الدقائق شافعي، ڪتاب استعداد الاخرة به انهيءَ ڪتاب جي ماخذن مان آهن.

پنهنجي ايراني بزرگن جون به گهڻو ڪري سڀئي تصنيفون پڙهيون هئائين _ جيئن ته امير غياث الدين منصور جا تصنيف ٿيل ڪيترا ڪتاب سندس نظر مان گذريا هئا. طبقات ابن سعد جهڙو نادر ۽ ناياب ڪتاب، جيڪو اڄ ڇپائي کان پوءِ به ايتري قدر نادرالوجود آهي، جو اسان جي ملڪ جا گهڻو ڪري سڀئي ڪتبخانا ان کان محروم آهن، اڄ کان ٻه سو ورهيه اڳ ٺٽي ۾ مير صاحب جي مطالع مان گذريو، جيئن پاڻ هڪ هنڌ (”مقالات الشعرا“ 212) فرمائي ٿو ته ”25 ربيع الاول 1169هه جو مخدوم ضياءُ الدين ٺٽويءَ کان، طبقات ابن سعد جو ٻيو جلد پڙهڻ لاءِ مستعار ورتم.“

مير صاحب جو علمي ورثو

تصانيف: مير علي شير جي زندگيءَ جو مقصد فقط تصنيف تاليف هو، جيئن اسين مٿي ڄاڻائي آيا آهيون _ هن 12 ورهين جي ڄمار ۾ قلم ۽ ڪاغذ کنيو ۽مرڻ گهڙيءَ تائين ان کي هٿ مان نه ڇڏيائين. صحيح پتو ڪونه ٿو پوي ته هن ڪيترا ڪتاب لکيا، ليڪن ”مقالات الشعرا“، ”فهرست ڪتبخانه ٺٽه“ (برٽش ميوزيم O.R. 2073) ۽ ”تحفة الڪرام“ (مملوڪه خان بهادر مولوي محمد شفيع، لاهور) مان جن ڪتابن جا نالا ملن ٿا، انهن جو تعداد 42 آهي.ڪيترا ڪتاب اهڙا به هئا، جن جا مسودا نامڪمل رهجي ويا _ جيئن پاڻ فرمائي ٿو:

        ”اکثر مسودات بهرجا که ماندند،“ (”مقالات الشعرا“ 214)

        1174هه ۾ ”مقالات الشعرا“ تصنيف ڪيائين. ان ۾ لکي ٿو ته

”الي الحال اگر بجمع شعر مي پرداخت تاسي (30) هزار بيت کم و بيش رسيده مي بود“_

گويا مٿئين سال تائين، جيڪي هن شعر چيو، سو به گڏ ڪونه ڪيائين، ۽ جن جو تعداد ڪم و بيش ٽيهه هزار ٿئي ها. اهڙيءَ طرح 1174هه کان وٺي 1202هه تائين، 28 سال پوءِ به، اهو سلسلو جاري رکيائين خبر نه آهي ته ان مان ڪيترو ضايع ٿيو ۽ ڪيترو بچيو. بهرحال جن ڪتابن جا نالا معلوم ٿيا آهن، يا ڪتاب دستياب ٿيل آهن، انهن جو ذڪر سال تصنيف جي ترتيب سان هن ريت هيٺ پيش ڪجي ٿو.


 


* اها خوشحالي، اها عزت ۽ آبرو، انگريزي دور تائين قائم رهندي آئي. چوڏهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾، مير علي شير جو پوٽو مير صابر علي شاهه ثاني زندهه هو، جنهن کي نه فقط شهر ۾ عزت هئي، بلڪه سرڪار انگريز وٽ به کيس هر طرح جي آبرو حاصل هئي_ چنانچه انگريزن هندستان جي مکيه ماڻهن متعلق جيڪو اٺن جلدن ۾ ضخيم ڪتاب شايع ڪيو آهي، ان ۾ سيد صاحب جو فوٽو به ڏنو ويو آهي.

 * اهو نهايت ئي نادر تعميه آهي،مٿين مصرع جاعدد1191هه آهن.

 ** مير بجار وزير اعظم هو؛ سندس شهادت جي تاريخ هن ريت آهي:

از افسوس گفتا هاتفم ”مير شد از جمدر هندو شهيد“

1           +          1193      = 1194هه

”بمحفلِ شهدا جلوه کرد مير بجار“ _ 1194هه

 * مير شهاب الدين (خان بهادر، وزير الممالڪ، عماد الملڪ، عماد الدوله، نصرت جنگ، غازي الدين خان ثالث)، بن امير الامرا حافظ محمد پناه (عماد الملڪ، فيروز جنگ غازي الدين خان ثاني)، ابن مير قمر الدين (خان بهادر، نظام الملڪ آصف جاه اول، بانيء سلطنت آصفيه _ سندس تخلص نظام هو) 1195هه ۾ سنڌ آيو، ۽ 76 سالن جي عمر ۾، 1215هه ۾ انتقال ڪيائين.

 * نواب مومن خان جا عدد 846ٿيا، ان ۾ گجرات جا 624 ملائبا ته 1470 ٿيندا، ڪفر جا 300 عدد وقع ڪبا ته سال 1170هه برآمد ٿيندو ”مقالات الشعرا“ ص 154.

**  ”مقالات الشعرا“ ص 287.

 * ٺٽي جي ڪتبخانن جون فهرستون، ايليٽ جي فائلن ۾، برٽش ميوزيم ۾ موجود آهن. مير صاحب جي ڪتبخاني جا ڪيترا ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ۾ محفوظ آهن. (نوٽ: ان ڏس ۾ پير صاحب جو مضمون ”ننگر ٺٽي ۾ تصنيف ۽ تاليف جو جائزو“ ڇپيل مهراڻ 1_ 2/ 1980ع، به پڙهڻ کپي. ادارهء مهراڻ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com