سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1997ع

 

صفحو :5

قومي خود آگهيءَ جا نشان ۽ ڏَس، آزاديءَ جي نئين اُفق جي نگاهه ۽ اوڏانهن ويندڙ روشنيءَ جي چمڪدار ليڪ جو ڏُور ڏُور دَهو، جيئن مٿي چيو ويو، غلام قوم کي پنهنجي تاريخ جي ڄاڻ مان پراپت ٿين ٿا. پوءِ جيئن ڪو سڻوپرو اسڪولي ٻار ٿيلهي مان ڪتاب ڪڍي وري وري پيو ڏسندو آهي، يا ڪو عام اڻ پڙهيل ٻار به پنهنجي گود ۾ پيل رانديڪا ئي هيٺ مٽيءَ ۾ اڇلي وري وري پيو انهن کي ڇُهندو ۽ کڻندو ڪندو آهي، تيئن اها قوم به پنهنجي ماضيءَ جون اڻ شماريل ۽ اڻ بيانيل، ڪجهه سمجهيل ۽ ڪافي ڪجهه نه سمجهيل، ڳالهيون هڪ هڪ ڪري ۽ وري وري پيئي اُٿلائيندي پٿلائيندي آهي. ماضي هونئن به گهڻي قدر اڄاتل هوندو آهي، نه فقط اڄاتل پر اڪثر اڄاڻ يعني ”ڄاڻڻ“ کان بلڪل نه ته به ڪافي ڪجهه ٻاهر هوندو آهي. ۽ پوءَ هر دور پنهنجي ماضيءَ مان، ۽ ٻين جي ماضيءَ مان، پنهنجي پنهنجي ملطب جا سبق وٺندو آهي. قومن جا وڏا ڪتاب جن لاءِ هنن جي دعويٰ هوندي آهي ته خدائي ڪتاب آهن _ ويد، زنداوستا، بائيبل، قرآن ۽ ٻين قومن جا اهڙا مقدس خدائي ڪتاب _ سڀ پنهنجي پنهنجي دنيا جي ”پراڻن“ ۽ پنهنجي پنهنجي دؤر جي سوچ ۽ ضرورت سارو سمجهيل ”قصن“ جا ڪتاب آهن: اهڙيءَ طرح ديومالائي ڳالهيون ۽ نسل بنسل منتقل ٿيندڙ طويل داستان ۽ ڪٿائون پڻ قومن جي ماضيءَ جا قصا آهن ۽ انهن سڀني ۾ سندن بزرگن، ڏاهن، نيڪ مردن ۽ بهادرن جون ڳالهيون، ۽ سندن مخالفن ۽ مخالف حادثن ۽ مشڪل حالتن جا احوال بيان ٿيل آهن _ جي ڪافي عرصو ته زباني طور وٽن محفوظ هئا، ۽ اُها سندن ”زباني تاريخ“ هئي، جا پوءِ لکي ويئي ۽ سندن ”لکيل تاريخ، ليکجڻ ۾ آئي _ بهرحال، اِهو سڀ قومن جي آزاد زندگيءَ يا آزاديءَ لاءِ سندن امنگ ۽ عمل جو دفتر آهي. اِها سندن سياسي تاريخ آهي ته سماجي ۽ ذهني تاريخ به آهي _ ان ۾ اوهان کي جديد تاريخ نويسيءَ جا نفسياتي، فلسفيانه، ادبياتي، سوانحي، لوڪ پريه ۽ عالمانه انداز به ملندا. پر تاريخ خواصن جي هجي يا عوامي (عام جي)، تاريخ نئين هجي يا پراڻي يعني ان جي پيشڪش جا انداز ڪهڙا به هجن، تاريخ ڪنهن شخص جي هجي، اداري جي هجي يا ڪنهن فڪر يا نظريي جي، بهرحال تاريخ بي مقصد ڪانه ٿي ٿئي، ۽ مقصد ان کي جانبدار بنائي ٿو. تاريخ جي هيءَ مقصديت يا جانبداري بذات خود تاريخ جي عظمت يا خساست جو دليل به نه آهي. ان جو فيصلو مقصد جي وٿ يا قدر جي وزن تي ٿيڻو آهي. تاريخ کي پڙهڻ انهيءَ ڪري، ڏاڍي هڪ دلچسپ شيءِ ته آهي ئي، پر وڌيڪ دلچسپ شيءِ ان کي سمجهڻ آهي. ۽ تاريخ کي سمجهڻ جي معنيٰ آهي ان جي مقصد کي سمجهڻ ۽ مقصد کي سمجهي ان جي وٿ جو وزن ڪرڻ. تاريخ جي لکڻ لاءِ ته پهريون شرط اهو، يعني ان جي مقصد جو تعين آهي. اِن جي معنيٰ اِها ڪانهي ته تاريخ جا پڙهندڙ يا تاريخ جا لکندڙ اها ڳالهه ڪانه ٿا سمجهن يا ائين ڪونه ٿا ڪن. تاريخ جو هر پڙهندڙ ۽ لکندڙ نه، ته به اڪثر ان جا پڙهندڙ ۽ لکندڙ تاريخ کي سمجهن ٿا. پر تاريخ جي هيءَ سمجهه هڪ سمجهه ڪانهي. ۽ جهڙي ۽ جيتري اها سمجهه، اُهڙو ۽ اوتري انداز ۽ نوع سان ان کي لکيو ويندو ۽ پڙهيو ويندو. فاتحن جي لکيل تاريخن ۽ غلامن جي لکيل تاريخ ۾ وڏو فرق ٿئي ٿو. واقعي ۾ ملوث ڏاڍي پاران ان جو بيان ۽ هيڻي پاران ان جو بيان ٻه جدا جدا ڳالهيون هونديون آهن. انهيءَ طرح، ڪو غير جانبدار تاريخ نويس، جو تاريخ جو صحيح ڄاڻو ۽ پارکو به هجي، ڪنهن حسن اتفاق سان ڪنهن قوم کي يا ڪنهن دور کي ملي ٿو. تاريخ جو مڃيل عالم، ايڊورڊ گبن، مملڪت روما جو هڪ اهڙو يگانو تاريخ نويس شمار ٿئي ٿو. ٽيويهه سال (87_1764) هن کي ”مملڪت روما جي ضعف ۽ زوال جي تاريخ“ (ڇهه جلد)  لکڻ ۾ لڳا، جنهن جو اختصار 950 صفحن جي هڪ جلد ۾ پيش ڪندي،اختصار ڪندڙ هڪڙي عالم، گبن کي ”دنيا جي ٿورن وڏن تاريخ نويسن مان هڪ“ سڏيو آهي. گبن پنهنجي هن ايڏيءَ وڏيءَ، طويل مدت، مشڪل ۽ بي مثل محنت جي شروع ۾ تاريخ نويسيءَ جي ڪم جي نوعيت ۽ پڻ مقصد جو ذڪر ڪندي لکيو ته ”تاريخ نويس تي لازم آهي ته مذهب، ڌرتيءَ تي پنهنجي طويل قيام دوران، جيڪا خوش اعتقادي ۽ خرابي هڪ ڪمزور ۽ ابتر قوم ۾ آڻي جمع ڪري ٿو، ان جي پوري تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪري.“ تاريخ نويس جي فرض جو ائين عمومي ذڪر ڪندي، هن خاص پنهنجي مقصد جي هنن لفظن ۾ وضاحت ڪئي: ”مملڪت روما جي تاريخ جو هڪ تمام اهم ۽ لازمي پاسو يا حصو هيءُ آهي ته مسيحيت جي فروغ ۽ قيام بابت پوري پوري، صاف گو ۽ عقل تي مبني تفتيش ڪئي وڃي.“ ۽ ان سلسلي ۾، آخر ۾ پنهنجي سڄيءَ تحقيقي ڪاوش متعلق گويا فيصلو ڏيندي چيائين: ”مون مملڪت روما جي زوال جي تاريخ ۾ مذهب ۽ بربريت جي فتح جو داستان بيان ڪيو آهي!“ ۽ مملڪت روما جي زوال جا بنيادي ۽ اصل سبب هُن ٽن لفظن ۾ ڏنا: ”مذهب بازي، لشڪر شاهي ۽ اندروني نفاق“. ۽ ايڏي پنهنجي هڪ بي مثل ۽ بي غرض مطالعي کان پوءِ، اهڙي هڪ اهم ۽ خالص فڪري نتيجي جي اخذ ڪرڻ تي، گبن کي، ڪن نظرياتي گروهن مان ”منڪر خدا“ جا الزام ٻڌڻا پيا!

ته پوءِ تاريخ جو مطالعو ۽ تاريخ جي تحقيق ڇا آهي؟ پهرين ڳالهه ته، جيئن مٿي چيو ويو، ماضي ڇاڪاڻ ته گهڻي قدر اڄاتل ۽ ڪافي ڪجهه اڄاڻ آهي، انهيءَ ڪري ماضيءَ بابت تقريباً هر ٻيءَ ڳالهه ۾ اختلاف جي گنجائش موجود آهي يا ڪري سگهجي ٿي. ٻيو ته سچ جي ڳولا ڪرڻ ۽ سچ کي لڪائڻ _ اهي ٻه شيون انساني معاشري ۾ مفاد سان وابسته آهن. (_زور جو، اقتداري) مفاد، جيڪو اصلاً ناجائز مفاد آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي قائم ٿيڻ ۽ قائم رهڻ جو مدار ئي تشدد ۽ فريب تي آهي، لازماً سچ کي لڪائڻ جي عمل سان پاڻ کي وابسته رکي ٿو؛ ۽ انساني (_پيار جو، انسياتي) مفاد، جيڪو اصلاً جائز مفاد آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي قائم ٿيڻ ۽ قائم رهڻ جو مدار ئي باهمي اعتماد ۽ آزاد مرضيءَ تي آهي، لازماً سچ کي پڌري ڪرڻ جي عمل سان پاڻ کي ڳنڍيل رکي ٿو. محڪوم ۽ مظلوم شخص يا قوم جي دلچسپي آزاديءَ ۽ ظلم کان نجات ۾ آهي _ يعني پنهنجي ۽ خارجي دنيا جي وچ ۾ باهمي انساني مفاد جي تعلق جي قائم ٿيڻ ۽ قائم رهڻ ۾، ۽ ان لاءِ هن جي سڄي ڪوشش لازمي طرح هيءَ هوندي آهي ته مٿس حيواني (يعني زور جو، اقتداري) مفاد جيڪو قابض آهي ۽ جنهن جو قبضو ناجائز هو، ڇاڪاڻ ته اُهو سندس مرضيءَ جي خلاف، فقط ڪوڙ ۽ ڏاڍ سان، مٿس قائم ٿيو هو ۽ قائم رهندو ٿي آيو، ۽ ان کي هن ڪڏهن به ڪونه قبوليو هو، ان قبضي جي سڄيءَ صورتحال جو سچ ظاهر ٿئي ته جيئن دنيا ۾ اهو خوار ٿئي، اخلاقي طور ڪمزور ٿئي ۽ ائين ان مان نجات جي جدوجهد جي ڪاميابي ممڪن ٿئي ۽ آسان بڻجي. ان جي برعڪس زور جي قابض ۽ بالادست مفاد جي سڄي ڪوشش پنهنجي وجود جي ڪوڙ کي لڪائڻ ۽ اُن کي چکي مکي سچ جي ڏک ڏيارڻ جي هوندي آهي. تاريخ نويسيءَ جا اِهي الڳ الڳ بلڪه متضاد ٻه رخ ته آهن ئي، پر اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ ان جو هڪڙو ٽيون رخ _ بي خطر، غير اهم، بي تعلق ۽ بي وقتو رخ _ به هوندو آهي، جنهن کي اوائي توائي يا هوائي رخ به چئي سگهجي ٿو، ۽ ان کي اڪثر ”غير جانبدار“ رخ چئي، ڪي تاريخ جا لکندڙ ۽ ان جا ”عالمانه“ محقق ظالم مفاد ۽ مظلوم مفاد، حيواني مفاد ۽ انساني مفاد، جائز مفاد ۽ ناجائز مفاد ٻنهي جي آڏو سرخرو ۽ مقبول ٿيڻ چاهيندا آهن _ هڪڙا شعوري طرح ائين ڪندا آهن ۽ ٻين جو اهو عمل غير شعوري هوندو آهي _ پر شعوري يا غير شعوري مطالعي يا تحقيق جو اهو رخ  ڦري گهري، وري به معاشري جي قائم ۽ موجود ڏاڍ ۽ ڪوڙ جي مفاد (حيواني مفاد) جي ڪم ايندو آهي ۽ ٻيو نه، ته ان جي خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ هيڻائي ۽ مونجهارو ته ضرور پيدا ڪندو آهي. هن سلسلي ۾ هڪڙي آمريڪي عالم، پال بارَن (Paul Baran) جي مضمون ”دانشور جي سرسيتائي“ جو هڪڙو حوالو تازو منهنجي نظر مان گذريو، جيڪو البت طويل آهي، پر مطلب واضح ڪرڻ لاءِ اهو سڄي جو سڄو پيش ڪرڻ هتي مناسب ٿو سمجهان.

بارن پنهنجي مضمون ۾ چوي ٿو: ”دانشور جو دلي لڳاءُ يا هن جي سرسيتائي، لازمي طور ۽ لٿي پٿي، سچ جي تلاش جي فرض سان آهي..... پر انهيءَ چوڻ سان جيتوڻيڪ هن جي بنيادي ذميداريءَ جي نشاندهي ته ضرور ٿئي ٿي، پر سڄي مسئلي جي وضاحت وري به ڪانه ٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته مسئلو رڳو اِهو ناهي ته آيا، سچ ٻڌايو پيو وڃي يا نه، پر اهو به آهي ته ”موجوده حالت“ ۾ سچ ڇا ۾ آهي ۽ ڪهڙيءَ شيءِ بابت اهو ٻڌايو پيو وڃي ۽ ڪهڙيءَ شيءِ بابت اهو نه پيو ٻڌايو وڃي..... ائين سماجي، ۽ خاص طور، رياستي ۽ حڪومتي اقتدار جي دائري ۾ ”سچ ڇا ۾ آهي“ _ ان ڳالهه جي تلاش اڪثر اهڙين شين ۾ ۽ ان جو اظهار اڪثر اهڙين شين بابت ڪيو وڃي ٿو، جيڪي بي وقت، بيجا ۽ غير اهم آهن، ۽ انهيءَ طرح اِن قسم جي سچ جو پيڇو ۽ ان جو ور ور اعلان يا هوڪو رڳو ”موجود صورتحال“ جو طاقتور هٿيار بنجي پوي ٿو. ٻئي طرف، ان شيءِ بابت سچ ٻڌائڻ جيڪا اهم آهي، ان شيءِ جي سڄي سچ جي تلاش ڪرڻ ۽ سچيءَ ان شيءِ جي الڳ الڳ حصن ۽ جزن جي سماجي ۽ تاريخي سببن ۽ اندروني لڳ لاڳاپن کي ڳولڻ ۾ پڌرو ڪرڻ _ انهيءِ علمي ڪوشش ۽ فڪري عمل تي اڪثر پيشه ورانه تعصب ۽ عداوت، سماجي تَڏَ ۽ تاب، عدم تعاون ۽ اذيت، ۽ ظاهر ظهور ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جون سزائون عائد ٿيون ٿين.... انهيءَ ڪري سچ ٻڌائڻ جو امنگ يا خواهش دانشور هئڻ جو فقط هڪڙو شرط آهي. ٻيو ان جو شرط آهي بي ڊپائي ۽ همت، ۽ عقل تي مبني تحقيق (_سچ جي ڳولا) جيڏانهن به نئي ان کي اوڏانهن نيڻ لاءِ تيار رهڻ، ”هر موجود شيءِ جي بي قياس تنقيد ڪرڻ _ بي قياس انهيءَ معنيٰ ۾ ته پنهنجن حاصل ڪيل نتيجن کان، يا بيٺل اقتدار سان ٽڪر ۾ اچڻ کان، تنقيد نه ڪڏهن ڊڄندي نه ڪڏهن هٽندي.“ انهيءَ طرح هڪ دانشور اصل ۾ هڪ سماجي نقاد آهي _ هڪڙو اهڙو شخص، جنهن جو ڪم آهي (شين جي، ڳالهين جي) سڃاڻپ ڪرڻ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، ۽ ائين هڪ بهتر، وڌيڪ انساني (پيار جي، انسياتي) ۽ وڌيڪ عقلائتي سماجي نظام جي قائم ٿيڻ جي راهه ۾ جيڪي رنڊڪون آهن، انهن کي هٽائڻ جي ڪم ۾ مددگار ٿيڻ... انهيءَ ڪري، حڪمران گروهن ۾ ۽ پڻ انهن جي ذهني ۽ علمي پگهاردارن وٽ، جيڪي ”موجود حالت“ کي محفوظ ۽ مامون رکڻ چاهيندا آهن، لازمي طور هو هڪ وڳوڙي ۽ آزار پيدا ڪندڙ شخص سمجهيو ويندو آهي ۽ اُهي، چڱي کان چڱو ته به، هن کي ”خيالي جنت ۾ رهندڙ“ يا ”درويش“ قسم جو ماڻهو، ۽ بُري کان بُرو ته هڪ غدار يا باغي سڏيندا آهن... اهڙين حالتن ۾ دانشور جي ڪردار ۽ سرسيتائيءَ جي ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ۽ ان تي وري وري زور ڏيڻ هڪ تمام وڏي ۽ نهايت اهم ۽ فوري ضرورت واري ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙين ڏکين ۽ ناسازگار حالتن ۾ ئي، بطور ذميداريءَ ۽ پڻ هڪ معزز فرض جي، دانشور جي ڀاڳ جي حالي اِها ڳالهه ٿئي ٿي ته هو ماڻهپي ۽ اُنسيت ۽ عقل جي انهن فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت کي نابوديءَ کان بچائي _ جيڪي ئي بني نوع انسان جي سڄيءَ تاريخ جا اسان کي ڏنل اسان جا سڀ کان قيمتي ورثا آهن.“

پير صاحب جو هيءُ ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ سنڌ جي تاريخ جو ڪتاب آهي_ ۽ بنيادي طرح وطن دوستيءَ جي جذبي جي تخليق آهي، ۽ بيحد پيار ۽ دل جي لڳاءَ سان لکيل ڪتاب آهي. سڄيءَ عمر، لڳ ڀڳ پنجاهه سالن جو هيءُ ڪاپو آهي، جو پَهي پَهي، تَند تَند ڪري، هِن هُن ڪنڊ ۾ ويهي، ڪَٺو ڪيو ويو آهي. ان جي تارَ تارَ ۾ ايڏي لَساڻِ نه هوندي ۽ ان جي ڪپاهه جا ڀِڙا پورا ڀڳا نه هوندا، پر محبتي مَنَ جو هيءَ طويل پورهيو آهي، جو هيئن گڏ ٿي، هت پيش ٿي رهيو آهي:

ڪَتي ڪَتي آئيـون، ڪـــري تَـنـدُ تــيــارُ،

اُٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن پرينءَ پار،

ڪــاپائـتيءَ قـــرار، منجهـان پُـــوڻيءَ آئيو._ شاهه

        سوال آهي ته پير صاحب لاءِ سندن سڄي هِن ڪم جو ”پرينءَ پارُ“ ڪهڙو، جنهن کي ان جي وٿ جي ڪسوٽي يا قدر جو ماڻُ مڃي سگهجي؟ ان جا ٻه جواب آهن، جيڪي جدا جدا ته آهن، پر انهن ۾ ويڇو ڪونهي. اهو هڪڙو ته اُها ئي دانشور جي ڀاڳ جي ڳالهه چئبي، جنهن مطابق هُن تي انسانيت ۽ عقل جي پرورش ۽ انهن جي فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت جي دفاع جو، يعني عام انساني تهذيب جي دفاع جو، فرض عائد ٿئي ٿو؛ ۽ ٻيو اهو ته انساني تاريخ جي انهن ”املهه ورثن“، جيڪا صورت ۽ خاص شڪل سنڌ جي معاشري ۾ اختيار ڪئي، ان جي تربيت، فروغ ۽ ترقيءَ جي روايت جي دفاع جو فرض، جيڪو خصوصي طور هڪ سنڌي دانشور تي عائد ٿئي ٿو. هيءَ جامع انساني تهذيب، جنهن جو سنڌي تهذيب هڪ حصو آهي، نيٺ به ڇا آهي؟ شايد _ هڪ انگريز اديب جي چواڻيءَ _ محض ”هوا تي بيٺل هڪ عمارت _ خيالن، امنگن، همدردين، عادتن جي هڪ اُڻت _ ڪجهه اهڙي اڻلکائتي، جو هٿ وجهجيس ته هٿ ۾ اچي نه سگهي. ان جا ڪي دوست ڳولجن ته نه لڀن. ڪنهن کي ان جي اونَ ڪانهي _ جيئن پَٽُ، جنهن تي ماڻهو بيٺو آهي، ان جي ڪو اونَ نٿو رکي يا هوا، جيڪا ساهه ۾ کڻجي ٿي، ان جي ڪنهن کي پرواهه ڪانهي. پر ايتريءَ ساريءَ غفلت، خودغرضيءَ، ڪروڌ، حماقت نفرت ۽ حرص هَوَس هوندي به، جن سان رواجي طرح دنيا جي سڄي سياسي زندگي ڀري پئي آهي، اها جيئي ٿي ۽ جيئندي رهي ٿي ”انساني دنيا جي هي اڻلکي، ساهه سنئين، ”اُنسيت“ واقعي انساني تهذيب جو بنيادي عنصر بلڪ واحد بنياد ته آهي _ ۽ اها هر آزمائش ۾ برابر قائم ۽ مستحڪم به ٿي اٿي ٿي_ جيئن اسين سڄيءَ پنهنجي تاريخ جي پُر خطر بحر تان هيستائين ڪنهن طرح سلامت ترندي ايندڙ پنهنجي سنڌ ۽ سنڌو تهذيب بابت چوندا آهيون، بلڪه اهڙو عقيدو به رکون ٿا _ ۽ اها ئي دراصل اسان جي پنهنجي معاشري جي ”وڌڻ، وڏي ٿيڻ، پر پوڙهي نه ٿيڻ“ جي ڳالهه آهي: پر هن انساني تهذيب جو زندگيءَ ۾ بهرحال پڌرو ۽ اِسٿول روپ يا اظهار هروڀرو ايترو اڻ لکو ۽ هوا ۾ اٽڪيل ڪو ڄارو به ڪونهي، جو ان جو ڪو حامي نه هجي يا ڪنهن کي ان جي اون نه هجي. ان جو هيءُ اظهار ماڻهن جي ٻوليءَ، ان جي ادب، علم ۽ فن ۾ ٿئي ٿو؛ انهن جي گهرن گهاٽن، ڳوٺن ۽ شهرن، کيتن کرن، ٻيلن، جبلن ۽ صحرائن، برن ۽ بحرن _ مطلب ته انهن جي پنهنجي پنهنجي اُڀ ۽ ڌرتيءَ جي فضائن ۾ جتي جتي زندگي ساهه کڻي ٿي ۽ چُري پُري ٿي، اتي ان جو روپ، پنهنجي پوري نمود ۽ نقش نگار سان موجود ڏسجي ٿو. ۽ اهي، جيڪي ان سان واڳيل آهن ۽ ان جي زندگي بخش ۽ روح افزا وجود جو شعور رکن ٿا، سي ان جا محب به آهن، حامي به آهن_ ۽ اهي ان جي اونَ به رکن ٿا ۽ ان جو، پنهنجي آخري دم تائين، بلڪ سرُ ۽ ساهُه عوض ڏيئي به، بچاءُ ڪن ٿا. ڇو ته اهو ئي انهن لاءِ_ هن ڪتاب جي حوالي سان، محترم پير حسام الدين لاءِ _ پنهنجو ”پرينءَ پارُ“ آهي. معاشري جي هر آزاد ۽ حق شناس دانشور _ اديبَ ۽ عالمَ، مؤرخَ، شاعرَ، نقادَ ۽ فنڪارَ _ جي فدائيت ۽ سر سيتائي به انهيءَ ”پرينءَ پار“ سان آهي، ۽ ان لاءِ ئي هي جي هر تخليق، هر ڪم مخصوص ۽ موقوف رهي ٿو.

 

جِــنهين ديکيو دل سين، پُٺيءَ سي پييون،

        ته پڻ ٿي وييون، جُهُه پُنهونءَ پاڻ لڪائيو!_شاهه

پير صاحب جي هيءَ عالمانه تحقيقي ڪاوش هڪ پڌرو ادبي ڪارنامو ته آهي ئي، پر آهي سنڌ جي تاريخي ورثي جي املهه دريافت ۽ ان جو هڪ بي بها مخزن، جنهن جو بنياد انيڪ ڪتابن ۽ تمام وڏي مطالعي تي آهي. صدين جا احوال ان ۾ آيل آهن. اسان جي سڄيءَ تاريخ جون نه، ته به ان جي ڪن وڏن اهم دورن جون _ عربن جي دور کان وٺي اڄ تائين جي ڏينهنِ جون _ نهايت سبق آموز ۽ پيرائتيون ڳالهيون، ۽ ڏاڍي پُرذوق ۽ دلسوز انداز سان اسان کي ٻڌايون اٿن. هن ۾ عامن جون ڳالهيون به آيل آهن ته خاصن جون به، هن ۾ سماجي ڳالهين جا ذڪر اذڪار به ڪيل آهن ته سياسي ۽ پڻ خالص فڪري نوع جي ڳالهين جا به _ ڪجهه سڌي سنئين، سليس ۽ سلجهيل نموني ته ڪن جي سمجهڻ ۽ سُلجهائڻ جو ڪم، پڙهندڙ جي پنهنجي پرک پروڙ ۽ فڪري وابستگيءَ تي ڇڏي ڪري_ انهن جي پيشڪش جي ادا اوهان کي نفسياتي ۽ فلسفيانه به ڏسڻ ۾ ايندي ته اديبانه، لوڪ پسند ۽ عالمانه به. بهرحال، اڪثر هي ڳالهيون مقصد ڀريون ۽ سڀ اسان جون پنهنجون، پنهنجن ڳوٺ وڻن جون“ ڳالهيون آهن _ پنهنجي ڌرتيءَ جون، پنهنجن بزرگن جون، نيڪ مردن جون، سياڻين ۽ سرويچن جون، اديبن ۽ عالمن جون، انهن جي سوچ ۽ ساڃهه جون ۽ مامرن ۽ مصلحتن جون، سندن آسن ۽ امنگن ۽ ڪوشش ۽ ڪارنامن جون _ ڪي فڪر ڪرڻ جهڙيون ۽ ڪي اهڙيون، جن تي شرم کان هوند ڪنڌ جهڪائي ڇڏجي _ پر سڀ اُهي، جن جي باشعور يادگيري، سڃاڻپ ۽ ساڃهه سان ئي اسان جي وجود کي تحفظ ملي سگهي ٿو_ ڇو ته (بلغاريا جي ان قديم خان اومرتاغ جي لفظن ۾) ”حافظي جي موت تي فتح“ اِها آهي ۽ اها حاصل به ائين ٿيڻي آهي.

پير صاحب جو هيءُ هڪ جامع ڪتاب آهي_ پر پوءِ به اِها پڪ آهي ته هِن ڪتاب کان ”صاحبِ ڪتاب“ وڏو آهي. پير صاحب ”سنڌ شناسيءَ“ جي سلسلي ۾، هن ڪتاب کان علاوه جيڪو وسيع ۽ اعليٰ ڪم ڪيو آهي _ سنڌ جي ادب ۽ تاريخ جي بنيادي تاليف ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ _ سو واقعي بي مثال آهي، ۽ ان جو پورو جائزو وٺڻ وقت جي ضرورت به آهي ۽ سنڌي علم ادب جي دنيا جو اِهو فرض به آهي. پر سڀ کان وڌ، پير صاحب پنهنجي مطالعي، تحقيق ۽ قلمي پورهئي جي رخ ۽ ان جي محرڪ جَذبي جو جيڪو ڏس، عملي طور، سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ محققن جي آڏو واضح ڪيو آهي، اُهو انهن لاءِ اهم هئڻ گهرجي. ۽ اهو دراصل آهي ئي ”سنڌ شناسيءَ“ جو ڏس، جيڪو هُنن لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي طود آگهيءَ جو ڏس آهي. ۽ اهو ئي کين پنهنجي هر تحقيقي ۽ تخليقي، علمي ۽ ادبي بلڪه زندگيءَ جي هر عمل جو محرڪ ۽ بنياد بنائڻو آهي. ان جي ئي واحد روشنيءَ ۾، دنيا جي ٻين ماڻهن وانگر، سچ پچ به ته، هُنن جي آڏو ”هر نئين سج نئين افق“ اجاگر ٿي سگهندي ۽ سندن هر نئون ڏينهن کين نئين زندگيءَ جو پيغام ڏيندو. جيڪو ئي درحقيقت فردن ۽ معاشرن جي ”جوانيءَ جو راز“ آهي _ ۽ ائين هو به پنهنجي زندگيءَ جو بحر سفر ”بحر تي سدا موجود بسنت رت“ ۾ ڪري سگهندا ۽ ڪندا رهندا. ڇو ته پنهنجي ڪم کان سواءِ فردن لاءِ توڙي معاشرن لاءِ ڪا زندگي زندگي ڪانهي_

ڏکيءَ توءِ ڏڪارُ، تـوڻي وســن مينهــڙا،

پورهئي هٿ سڪار، تو وسِ آهن هٿڙا

                                            شاهه

        ڪجهه سال اڳي، مون پير صاحب کي ڪنهن موقعي تي ”پورهيت اديب“ سڏيو هو، بلڪه هڪ هنڌ مون ائين لکيو به هو_ جنهن تي دوستن مان کان پڇيو هو ته ”ڇا، پير صاحب جو گذارو ادب تي هو!“ مون کين جواب ڏنو هو ته ”گذارو“ رڳو جسماني ئي ته نه هوندو آهي، ۽ ٻيو ته پورهيو فقط پنهنجي لاءِ به ته ڪونه هوندو آهي_

 پــــاڻــهــياري ســــڀــڪا، جــــا ســر گـــهــڙو ڀــري:

ڪالئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري!

اسين جڏهن پڙهندا هئاسين، تڏهن وقت بوقت استاد اسان کان پڇندا هئا ته ”اوهين ڇا لاءِ ٿا پڙهو؟ پڙهي ڇا بڻبا؟“ پوءِ اسان مان ڪي ڪهڙو جواب ڏيندا هئا ۽ ڪي ڪهڙو، پر سڀ ڪونه ڪو ڌنڌو ٻڌائيندا هئا ته ان لاءِ ٿا پڙهون، يا چوندا هئا ته ڊاڪٽر ٿينداسين، استاد ٿينداسين، انجنيئر ٿينداسين، صوبيدار يا ڪلٽر ٿينداسين، وغيره وغيره. جنهن تي اسان کي هر ڀيري تقريباً هر استاد پوءِ ٽوڪيندو هو ۽ چوندو هو ته ”ڇا، اوهين تعليم اِنهيءَ لاءِ ٿا پرايو ته اوهين وڏا ماڻهو ٿيو، طاقت وارا بڻجو ۽ پيسا ڪمايو؟ ڇا، اوهان لاءِ علم ڪا خود ڪا شيءِ ڪانهي!“ پوءِ اسان کي وياکياڻ ملندا هئا ته علم پرائجي علم لاءِ، چڱائيءَ لاءِ، سچ ڳالهائجي سچ لاءِ وغيره هڪڙي اسان جي مهربان استاد اِن سلسلي ۾ ڪافي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ اسان کي انگريزيءَ ۾ ڏاڍو هڪڙو عجيب مقولو ٻڌايو ۽ سمجهايو، ۽ اٿي بورڊ تي لکيو ۽ اسان کي پنهنجين ڪاپين تي لکايو ۽ اسان کي ياد ڪرايو _ ۽ اهو مون کي اڄ به ائين ئي ياد آهي: اهو هو ته _

“The reward is in the race we run and not in the prize we get”

(ڊوڙ جو انعام ڊوڙڻ ۾ آهي ۽ نه اُن جي عيوض يا صلي ۾ جيڪو اسان کي ملي ٿو.“) انهيءَ طرح، ڪم جو مزو يا ان جو انعام به ان جي ڪرڻ ۾ آهي، ۽ نه ان جي اُجرت ۾ يا پگهار ۾. موٽ يا عيوض، اجرت ۽ پگهار وغيره ته ڊوڙ سارو يا ڪم سارو ملندائي_ ۽ جي نٿا ملن ته ان بي انصافيءَ يا حق تلفيءَ لاءِ خوددار، خودشناس ۽ آبرومند ماڻهوءَ وانگر هيڪلو به ۽ گڏجي به وڙهيو ۽ جُهد ڪبو. اِهو فرض به آهي ۽ زنده ۽ آزاد انساني ذهن جو اِهو هڪ فطري رد عمل به آهي: پر ڪم جي خود ڪرڻ ۾ ماڻهوءَ کي خوشي نه ملي، ۽ ڪم بي دليو ڪجي ۽ غلط يا بي ڊولو ڪجي، اِها به ته غلاميءَ جي صورتحال آهي ۽ هڪ زنده ذهن جي سهڻ يا قبولڻ کان ٻاهر ڳالهه هئڻ کپي.

هيج نه هوندو جن، سي ڪئن وندر وينديون!

ويـــهو وچِ رهـــن، ســـهســــين سَــــڌن واريون.

شاهه


*  6 مارچ 1974ع تي ايران سرڪار سڄيءَ دنيا مان ايران شناسيءَ جي ڏهن چونڊ عالمن کي طهران يونيورسٽيءَ طرفان دعوت ڏيئي گهرايو، ۽ سندن فارسي ادب جي خدمت جي اعتراف طور کين ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني. انهن ڏهن چونڊ عالمن مان سنڌ جو محقق ۽ مؤرخ جناب حسام الدين راشدي به هڪ هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com