سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1997ع

 

صفحو :21

جلد پهريون_ انبيا، حڪما، بادشاهه ۽ خلفاء اسلام جي حالات ۽ تاريخ ۾ _ چنانچه ٻئي جلد جي ابتدا ۾ بيان ڪندي لکي ٿو ته:

”از تاليف مجلس اول تحفة الڪرام مشعر حالات خلاصه موجودات انبيا و اوصيا، و حکما، و خلفا و سلاطين فراغت يا يافته.“ 

مطبوعه نسخي ۾ جيڪو پهريون جلد آهي، سو حقيقت ۾ ”تحفة الڪرام“ جو پهريون جلد نه آهي، بلڪ تاريخ ”مراة احمدي“ جي ٻئي جلد جا 86 صفحا ”تحفة الڪرام“ جي عنوان سان ڪنهن ڇپائي ڇڏيا آهن. ”مراة احمدي“ 1357هه ۾ مطبع فتح الڪريم بمبئي ۾ ڇپيو، جنهن جي ساڳئي ڇاپي جي 86 صفحن کي علحده ڪري غالباً ساڳيءَ پريس وارن، ان تي ”تحفة الڪرام“ جو نالو لکي، بقيه ٻن جلدن سان پيوست ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي جلد کي ستن اقلمين ۾ ورهائي، ۽ هر هڪ اقليم جو تاريخي احوال ڏيئي، ۽ ان جي هر هڪ شهر جي بيان ڪرڻ بعد انهيءَ شهر جي مشاهرين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مير صاحب اگرچ لکيو آهي، ته هن متقدمين ۽متاخرين جون تصنيفون ڏسي، پڙهي  ۽ پوءِ اهو جلد مرتب ڪيو آهي؛ ليڪن پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته امين رازيءَ جي ”هفت اقليم“ کي هن بنياد بڻايو آهي، ۽ مضمونن کان سواءِ ترتيب به ساڳي رکي اٿائين! اهڙيءَ طرح ٻئي نمبر ۾ ”حبيب السير“ ۽ ”مجالس المومنين“ تي هن مدار رکيو آهي؛ چنانچه پنهنجي بزرگن جي حالات جي سلسلي ۾، بنا حوالي جي سموري عبارت، لفظ بلفظ مجالس المومنين“ جي نقل ڪري ويو آهي_ جيڪو طريقو تقريباً سڀني متوسطين خواه متاخرين جو هو.

مطبوعه نسخي ۾ ٻيو جلد سنه 1104هه ۾ غالباً بمبئي مان شايع ڪيو ويو آهي.

ٽيون جلد حقيقت ۾”تحفة الڪرام“ جو نهايت قيمتي آهي، ۽ سنڌ جي تاريخ تي گويا ”انسائيڪلوپيڊيا“ جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ جي ابتدا ۾، سنڌ جي تاريخ شروع کان ڪلهوڙن جي زماني تائين بيان ڪئي ويئي آهي؛ ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي شهرن جو احوال، ۽ ان ۾ رهندڙ مشاهيرن جو تذڪرو آهي. آخر ۾ ٺٽي ۽ ان جي مشاهرين جو مفصل ذڪر ڪيو ويو آهي. مير صاحب تاريخ جي سلسلي ۾ ”چچ نامه“، ”معصومي“، ”طاهري“، بيگلرنامه“، ۽ ”ترخان نامه“ کي ماخذ بڻايو آهي؛ البت مشاهيرن جو تذڪرو، ۽ سنڌ جي قديم شهيرن جي تاريخ تي، هن جيڪا تحقيق ۽ تلاش ڪئي آهي، اها قابل داد ۽ اڻ وسرڻ جوڳي آهي. حقيقت ۾ محنت ۽ زحمت برداشت ڪرڻ ۾، مير صاحب ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اڄ کان پوڻا ٻه سؤ ورهيه اڳ، مير صاحب اهو مواد گڏ ڪري نه وڃي ها ته هوند مشاهيرن جي تذڪري، ۽ شهرن جي تاريخ جا سڀئي پهلو، اڄ اسان جي اکين کان پوشيده، بلڪه سڄي ثقافتي ۽ علمي تاريخ گم هجي ها.

مطبوعه نسخي جو ٽيون جلد ناصريءَ دهليءَ ۾ ڇپيو آهي؛ ۽ تقريباً انهيءَ ئي سال جو ڇپيل آهي، جنهن سال ۾ ٻيو جلد شايع ٿيو.

مير صاحب 1181هه ”تحفة الڪرام“ جو ٽيون جلد ختم ڪري، هيٺيون اختتامي قطعو لکيو:

شکر خدا که تذکرهء ”تحفة الکرام“

اندر سہ جلد يافته تزئين اختتام

دهر جلد اوست روضهء اخبار دلکشا

نظاره کيش مفت شو ديده شاد کام

”قانع“ اگرچه نيست سزاوار ذکر خير

ليکن بفيض اهل خبر يافت اين مرام

باشد کنن اهل دلش ياد بعد مرگ

يعني که يادگار نکو ماند مستهام

سال تهاميت چو نموند از خرد سوا

اينک چه ”منتخب“ ز دل آمد مرا پيام

_1181هه

شکرِ خدا که يافته تزئين انتخاب

اين ”تحفة الڪرام“ بآئين انتخاب

سال تماميت چو نمود ز دل سوا

هاتف زده ندا که ”نو آئين انتخاب“

1181هه

مصنف جو پنهنجو دسختي نسخو، لاهور جي خانبهادر مولوي محمد شفيع صاحب وٽ آهي؛ ۽ برٽش ميزم جيڪي به نسخا مصنف جي پنهنجي خط جا آهن، انهن جي فوٽوگراف ڪاپي مون وٽ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مصنف 1188هه تائين اضافا ڪندو رهيو آهي.

(17) ”اعلانِ غم“ (1192هه): هن ڪتاب جو نالو ايليٽ واري فهرست ۾ ملي ٿو، ۽ لاهور واري تحفة الڪرام جي سرورق تي به مير صاحب جي تصنيفات ۾ هن جو نالو موجود آهي. فهرست نگار تفصيل هن طرح ڏٺو آهي: 356 صفحا، في صفحو 34 سٽون؛ 11732 شعر، تاليف 1192هه، بخط مصنف. هن مثنويءَ جي نبين جي مصيبتن ۽ ڪربلا جي شهيدن جي تڪليف جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين ڪوبه نسخو دستياب ٿي ڪونه سگهيو آهي.

(18) ”زبدة المناقب“ (1192هه): هن ۾ خلفاء راشدي ۽ حضرات اثنا عشر جا مناقب آهن. ايليٽ جي فهرست نگار هن طرح تفصيل ڏنو آهي: صفحا 362، في صفحو 17 ۽ 20. سٽون؛ 1200 شعر؛ تصنيف 1192هه بخط مصنف. لاهور واري نسخي جي سرورق تي به هن ڪتاب جو نالو موجود آهي.

(19) ”مختار نامه“ (1194هه): مختيار ثقفيءَ جي حالات ۾ مير صاحب هيءَ مثنوي لکي. فهرست نگار هيٺئين طرح تفصيل ڏنو آهي: صفحا 208، في صفحو سٽون 34_36؛ جمله اشعار 7 هزار؛ سن تاليف 1194هه؛ جنهن نسخي جو ذڪر ايليٽ جي فهرست نگار ڪيو آهي، اهو ئي ساڳيو نسخو هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي.

پهريون شعر هي آهي:

بنامِ جهاندا ور کردگار        که بر قدرت اوست مختار کار

آخري شعر اختتام جي تاريخ جو آهي.

(20) ”نصاب البلغا“ (1198هه): مير صاحب ”قاموس“ جي طرز تي، هي ڪتاب نهايت عجيب و غريب ۽ انتهائي محنت ۽ تحقيق سان لکيو آهي. هيٺين چند عنوانن مان ڪتاب جي مواد جو اندازو ڪري سگهجي ٿو:

(1) علم طب و متعلقات او؛ (2) اسماء اعضا؛ (3) اسباب غذا؛ (4) ذکر آب و زمين؛ (5) اجناس غله؛ (6) اقسام سبزي و بقول؛ (7) موسم کاشت؛ (8) ذکر لحوم؛ (9) ذکر شير و متعلقاتش؛ (10) عطريات و عقاقير؛ (11) طعام؛ (12) اقسام فواکه؛ (13) آلات و ادوات طخ؛ (14) اقسام پلاء؛ (15) اصناف قليہ؛ (16) برياني و غيران؛ (17) اقسام آش؛ (18) اقسام کشک؛ (19) اقسام آچار؛ (20) اقسام خاکينه؛ (21) اقسام حلويات و ماليده؛ (22) الوان نان؛ (23) اوقات طعام خوردن؛ (24) حيوانات پوستينه؛ (25) چرم دوزي و آلات آن؛ (26) لباس پشميني؛ (27) لباس نفيس پشيمنه؛ (28) آلات ندف؛ (29) آلات جولاهي؛ (30) الوان اقمشه و اجناس آن؛ (31) صباغي و الوان آن؛ (32) اقسام کسوات؛ (33) پاپوشها؛ (34) اقسام متفرق جا مها؛ (35) آلات درزي و کشيده کاري؛ (36) در عمارات؛ (37) درود گري؛ (38) الوان عمارت زمستاني و تابستان؛ (39) لوازم خانه؛ (40) حيوان خانه داري؛ (41) تجملات خانه از فروش و مراکب؛ (42) دربيان طيور؛ (43) لوازم شهريت؛ (44) لوازم ترتيب شهر؛ (45) اهل حرفت؛ (46) تجار و بيع و شراع؛ (47) اسباب حکومت و متعلقات آن؛ (48) مناصب و القاب عهده داران؛ (49) تسجيل و دفاتر؛ (50) ضوابط و قواعد در اسماء اصطلاحات؛ (51) الفاظ متعارفه؛ (52) تاهل و تناکح و توالد؛ (53) آرائش عروس؛ (54) دامادي و صحبت؛ (55) لوازم مولود؛  (56) ابتداي حمل؛ (57) لوازم طفل؛ (58) باز بهائي اطفال؛ (59) تعليم و تعلم اطفال؛ (60) اصطلاحات علوم؛ (61) شعر و شاعري (62) آداب دبيري؛ (63) علم لغت؛  (64) قواعد مساحت؛  (65) ضوابط علم نجوم؛  (66) اسماي منازل ماه؛ (67) تقسيم منازل بر بروج؛ (68) سال عربي؛ (69) عدد ايام سال فارسي؛ (70) ماههاي بحساب شمس؛ (71) ماههاي سندهي و نامهاي فارسي؛ (72) لوازمات سواري؛ (73) اسلحه حرب؛ (74) جانوران شکاري؛ (75) حيوانات:؛ (76) طيور خوردني و غير آن؛ (77) تشرب و اقسام آن؛ (78) اوقات تشرب؛ (79) تغني و اوقات آن؛ (80) نغمات اهل فرس؛ (81) بيان سي لحن؛ (82) نام سراينده و سازها؛ (83) نغمات اهل هند؛ (84) سياحت و سير؛ (85) صفت جبال؛ (86) لوازم بحار و مراکب؛ (87) جانوران آبي و اقسام ماهي؛ (88) حشرات موزي وغيرهم؛ (89) اشجار و نباتات؛ (90) اوقات و جهات و اماکنه.

ڪتاب 185 صفحن جو آهي؛ باريڪ شڪسته خط اٿس؛ آخر ۾ مصنف لکيو آهي؛ ”کاتبه و مولفه روز خميس چهاردهم رجب 1198هه.“

ڪتاب جي مٿين عنوانن مان مير صاحب جي همه گير معلومات ۽ تحقيق ۽ تجسس جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ مٿين عنوان هيٺ نه فقط عنوان سان متعلق معلومات فراهم ڪئي وئي آهي، بلڪه انهيءَ سلسلي جي سموري لغت به ڏني وئي آهي ۽ محاورا به ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ خود سنڌيءَ جي ڪيترن متروڪ لفظن جو پتو پوي ٿو.

انهيءَ ڪتاب جو واحد نسخو حضرت مولانا محمد ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسينيءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.*

 

(21) مثنوي ختم السلوڪ(1199هه): ”ختم السلوک“ مان سال تصنيف (1199هه) نڪري ٿو. هيءَ مثنوي تصوف جي سلسلي جي آهي. 286صفحا، هر صفحي ۾ 15  شعر مثنويءَ جو پهريون شعر اهي:

من که باشم تازنم دم از ثنا جون ڀلا احصيٰ محمد زد ندا

آخري شعر،جنهن مان سل تصنيف به برآمد ٿئي ٿو، هي آهي:

هاتف اينجا ديد خوش کارم چو... سال وي گفتا بود

”ختم السلوک“

1199هه

انهيءَ مثنويءَ جو واحد نسخو _ جيڪو مير مرحوم جي پنهنجي خط ۾ آهي _ هن وقت ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي. مير صاحب مثنويءَ جي پهرين ٽن صفحن ۾، مثنويءَ جي مضامين جي فهرست ڏني آهي، جنهن کي اسان هن هيٺ نقل ڪريون ٿا، جيئن پڙهندڙ  مثنويءَ جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو ڪري سگهن:

(1) مقدمه در بيان علم قيام.

(2) مقاله دربيانِ معرف حق سبحانه: در آنکه صحت عقل ورويت آيہ سبب معرفت است نه علت معرفت؛ اقوال شيخ در معنيٰ معرفت، معني معرفت؛ در خلاف نفس؛ معرفت نفس که علم بان علم بحق است؛ اقوال شيخ؛ کيفيتها ارتباط نفس بمعرفت الاهي؛ معرفت روح؛ وصف روح اعظم؛ در بيان آنکه آدم مظهر روح کلي ست.

(3) مقاله در بيانِ توحيد بازي: اقوال شيخ؛ توحيد ايماني؛ توحيد علمي؛ توحيد حالي؛ اقوال شيخ؛ توحيد الاهي.

(4) مقاله در بيانِ تصوف: وجهه تسميه؛ تلقين؛ لقب صوفي؛ معني صوفي و متصوف“ اقوال شيخ در وصف صوفي و متصوف.

(5) مقاله در بيانِ فقر؛ فقر و غنا؛ جواب و سوال ابن عطار و جنيد؛ اقوال شيخ؛ تقسيم محققان فقر.

(6)مقاله در بيانِ توبه؛ معني توبه و اقسام آن و خصوصيه؛ اختلاف اقوال شيخ در وص و صحت آن؛ احوال و مقامات و ارکان توبه؛ چهار مقام توبه؛ پنج ارکان توبه؛ نتائج توبه و درجات آن.

(7) مقاله در بيانِ توکل: مواضع اطلاق توکل؛ اقسام رزق؛ علو توکل و متوکلان.

(8) مقاله در بيانِ صبر: انواع متعلق صبر؛ انواع صبر؛ اقوال شيخ.

(9) مقاله در بيان شکر: مواضع شکر؛ اختلاف شيخ؛ معنيٰ شکر؛ انواع شکر؛ تبيين و قسم نعمت؛ و دو قسم شاکران.

(10) مقاله در بيانِ رضا: حقيقت رضا و قسمين آن؛ اقسام راضان.

(11) مقاله در بيانِ حال و مقام: فرق بين الحال  و المقام؛ اختلاف در دوام حال.

(12) مقاله در خوف و رجا: بيان قسمين خوف و وصف هريک؛ وصف رجا و ارتباط آن بخوف.

(13) مقاله در بيانِ جمع و تفرقه _ تفصيل جمع بر تفرقه.

(14) مقاله در سکر و المحو: تبين مقامات واحدين؛ اختلاف در فضل سکر و محو.

(15) مقاله في الغنا و البقا: تبين اقوال دران.

(16) مقاله در بيانِ غيب و شهود.

(17) مقاله در بيانِ تجلي.

(18) مقاله در بيانِ محبت: اقوال شيخ.

(19) مقاله در بيانِ سماع و ما يتعلق بہ: اباحت سماع شعر؛ اباحت اصوات؛ فوايد چند مخصوصه؛ اقوال شيخ؛ مراتب اهل سماع؛في الوجد الوجود؛ اختلاف شيخ؛ در رقص و پاکوبي؛ خرق خرقه: آداب سماع.

(20) مقاله در لبس خرقه.

(21) مقاله در بيانِ اختلاف احوال مرد مان و عد اقسام آن تبين مشتبهان.

(22) مقاده در بيان اهل ولايت.

(23) خاتمه متضمين تاريخ اختتام.

ڪتاب ۾ هڪ مقدمو، ايڪيهه مقالا ۽ هڪ خاتمو آهي.

(22) ”طومار سلاسل گزيده“ (1202هه): هن ڪتاب ۾، سنڌ جي مشاهير تصوف جي طريقت جا سلسلا بيان ڪيا ويا آهن. تاليف جو سال مٿئين نالي مان برآمد ٿئي ٿو. سنڌ جي تصوف جي تاريخ لاءِ هي ڪتاب ازحد ڪارآمد آهي. هن مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي بزرگن ۽ صوفي سڳورن جي طريقت ۽ بيعت جو ڪهڙو سلسلو هو. مير صاحب هي ڪتاب وفات کان هڪ سال اڳ لکيو _ جيئن هيٺ اچي ٿو. ڪتاب جو واحد نسخو مصنف جي خط ۽ مهر سان، سنڌي ادبي بورڊ وٽ موجود آهي.

(23) شجره اطهار اهلبيت (1202هه): نالي مان تاليف جو سال نڪري ٿو. مير مرحوم مٿئين ڪتاب وانگر، هي ڪتاب لکي سنڌ جي تاريخ تي وڏو احسان ڪيو؛ ليڪن افسوس آهي، جو ان جو نسخو تلف ٿي ويو ۽ اڄ تائين دستياب نه ٿي سگهيو. ”معيار سالڪان طريقت“ جي ديباچي ۾ مير صاحب لکي ٿو:

”در سال دويم و دوازده صد هجري که آفتاب عمر برلب بام، و سبق حيات قريب باختتمام، شصت و سه سال از عمر در رفت، و امراض چند طبيعت راتفت، اول شجرهء اهل بيت سند وغيره بقدر دريافت نوشته؛ ثانيا طورماري در ذکر اسماء سلاسل گزيده طريقت بنگاشت: تاريخ اول ’شجرهء اطهر

 

اهلبيت‘، و تاريخ ثاني، ’طومار سلاسل گزيده‘ دست داده“.*

(24) ”معيار سالکان طريقت“ (1202هه): مصنف ”تحفة الڪرام“ ۾ سنڌ جي سرسري تاريخ بعد سنڌ جي بزرگن، مشاهيرن، صوفياء ڪرام جو مجمل ذڪر ڪيو آهي. مصنف ان ۾ اصحاب تذڪره جي سال تولد، سال وفات يا سندن زماني جو تعين نه ڪيو آهي، جنهن جو کٽڪو، معلوم ٿئي ٿو ته مصنف کي به هو ۽ اها ڪمي ۽ ڪوتاهي پاڻ به محسوس ٿي ڪيائين، جنهن ڪري وفات کان سال اڳ، هن مٿيون تذڪريو مرتب ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي پنج سو بزرگن جو احوال بقيد سال يا بقيد زمانه لکي، ”تحفة الڪرام“ جي ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪيائين.مصنف ديباچي ۾ لکي ٿو:

”بالجمله عقدن خاطر آن ماند، که مشائخ زمان بقيد زمان و مکان و انتساب سلاسل و اصحاب ببيان آرد، اين رساله موجز حاوي آن مقصد شده، و تاريخش در اسم ’معيار سالکان طريقت‘ مبراهن..... آنکه صريح وي بتحرير سال وفات معلوم نشد بهم عصران الحاقش کرده، و اگر در حقيقت مابين زيادتي و کمي ده بيست سال بوده باشد....... مقصد آنکه گويند فلاني در زمانه فلان........ بوده، يا بقلاني صحبت کرده........“

جن جو نه سال معلوم ٿيو ۽ زمانو، انهن کي مصنف آخر ۾ آندو آهي. ڪتاب جو اختتام هيٺيئن قطعي تي ٿئي ٿو:

در مرز دل چو تخم و لانيک کشته شد

خوش رشتهء ز ريشهء رشته شد

        آن رشته بسته گل بسرِ گل ازان نهال

                        کز دست آبيار کرامات گشته شد

        بوده ولائي اهل ولايت مراد من

                        جز ذکر شان هر آنچه بلب بود شسته شد

بخشد عروج عرش صفا سير اين سوار

                        زان ره که ذکر هر ولي اينجا فرشته شد

        بالفعل آنچه گشت زقوت ظهور آن

                        روز ازل بطينت طبعم سرشته شد

        در آتش مجاهدهء جمع اين کتاب

                        بسيار روزگار روانم برشته شد

تاريخ اين رساله برائي عيار طبع

                ”معيار سالکان طريقت“  نوشته شد

خوش قسمتيءَ سبب، هن قيمتي ڪتاب جو هڪ خوشخط  نسخو، برٽش ميوزم (ADD. 21, 589) ۾ موجود آهي، جيڪو 1246هه ۾ مرحوم مير مراد علي خان پنهنجي لاءِ لکرايو هو. انهيءَ تان ’مئڪرو فلم‘ نقل راقم الحروف تيار ڪرائي پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي.

مير صاحب مرحوم جي علمي انهماڪ ۽ ذوق جو بي اختيار داد ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ڏسجي ٿو ته 63 ورهين جي ڄمار ۾ جيتوڻيڪ مختلف بيمارين ڪري، سندس صحت بيڪار ۽ بدن ضعيف ٿي چڪو هو، ان وقت به قلم هٿ مان نه ڇڏيائين، ۽ وفات کان هڪ ورهيه اڳ به، هڪ ئي سال ۾، مٿيان ٽي نهايت ئي قميتي ۽ ڪارآمد ڪتاب لکيائين.

(25) ”روضة الانبيا“: هن ڪتاب جي تصنيف جو سال معلوم نه ٿي سگهيو. ٺٽي جي فهرست نگار، اهو ڪتاب به مير صاحب جي تصنيفات ۾ ڏيکاريو آهي. مير ”مائل“ جيڪا فهرست ”تحفة الڪرام“ جي سر ورق تي لکي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب نظم ۾ هو. ڪتاب جو ڪوبه نسخو موجود نه آهي.

(26) ”زينت الاخلاق“: هن ڪتاب جو نالو به مير ”مائل“ لکيو آهي. ڪتاب منظوم ۽ نصائح ۾ آهي.

(27) ”غوثيه“: هن جو نالو به مير ”مائل“ کيو آهي. سلوڪ ۽ معرفت تي منظوم ڪتاب آهي.

(28) ”قصاب نامه“: هي به نظم ۾ آهي؛ مير ”مائل“ ان جو نالو لکيو آهي.

(29) ”ميزان الافکار“: منظوم؛ سلوڪ ۽ معرفت ۾؛ مير ”مائل“ هن جو نالو فهرست ۾ ڏنو آهي.

(30) ”تذهيب طباع“: سلوڪ ۾ ڪتاب آهي؛ مير ”مائل“ جي فهرست ۾ ان جو نالو آيل آهي.

(31) ”سرفراز نامه“: پند و نصائح ۾ آهي. نالي جي مناسبت سبب خيال ٿئي ٿو ته شايد هي ڪتاب مير صاحب، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي نالي معنون ڪيو آهي ۽ غالباً نظم ۾ آهي.

(32) ”حديقة البلغا“: مير ”مائل“ هن ڪتاب جي موضوع متعلق ڪجهه ڪونه لکيو آهي؛ نالي مان اندازو ٿئي ٿو ته هي ڪتاب علمي آهي.

(33) ”مثنوي کان جواهر“: مير ”مائل“ هن جو به تفصيل ڪونه ڏنو آهي.

(34) ”ميزان فارسي“: ڀانئجي ٿو ته صرف نحو جي سلسلي جي تصنيف آهي.

(35) ”رساله معما مع شرح“: نظم و نثر.

(36) ”لب تاريخ کلهوڙه“ مير ”مائل“ جي فهرست مان معلوم ٿئي ٿو ته هي ڪتاب به نثر ۾، ڪلهوڙن جي تاريخ تي آهي: گويا هي ٽيون ڪتاب انهيءَ موضوع تي آهي، جنهن جو پڻ نسخو تلف ٿي ويو.

(37) ”بياض محک الشعرا“: مير صاحب، قديم دستور مطابق هن ڪتاب ۾، متقدمين کان وٺي پنهنجي زماني تائينءَ جي فارسي گو شاعرن جي هم طرح غزلن جو انتخاب ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ترتيب جو خيال، کيس ”محسن“ ٺٽويءَ جي انتخاب کي ڏسي آيو. خبر نه آهي ته ڪتاب جي ڪيتري ضخامت هئي،. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٽي نامڪمل نسخا مير صاحب جي هٿ اکرين موجود آهن، جيڪي انهيءَ طرز تي آهن _ ڪن ۾ غزلن جو انتخاب آهي، ۽ ڪن ۾ فقط اشعارن جو. اهي بياض ”محڪ“ جا مختلف جزا آهن يا ”محک الشعرا“ نالي ڪو ٻيو مڪمل ڪتاب هو، ان جي خبر ڪانه ٿي پئجي سگهي.

(38) ”ديوان اشعار“: مير صاحب جو ڪوبه مڪمل ديوان ڪونه ٿو ملي. مير ”مائل“ جنهن ديوان جو حوالو پنهنجي فهرست ۾ ڏنو آهي، اهو غالباً ضايع ٿي ويو.

(39) ”قصائد و منقبت“: جنهن بياض ۾ ”مڪلي نامو“ آهي، انهيءَ بياض جي شروع ۽ آخر ۾، مير صاحب پنهنجا قصيدا، منقبت وغيره لکيا آهن، جن جو تعداد 26 کن ٿيندو. ان ۾ وڏا وڏا قصيدا ۽ طويل منقبت آهن، هڪ قصيدو ”لاميه“ 265 شعرن جو آهي؛ چند رباعيون به آهن، ۽ هڪ نامڪمل مثنوي به منجهس موجود آهي.

(40_41) مير ”مائل“ جي فهرست ۾، ٻن ٻين ڪتابن جا نالا به آهن، جيڪي سمجهه ۾ نٿا اچن.

(42) ”انشاي قانع“: سنڌي ادبي بورڊ ۾، مير صاحب جي انشا جو هڪ نامڪمل مجموعو، سندس پنهنجي خط ۾ موجود آهي. مجموعي جا جملي 32 صفحا آهن. انهيءَ ڪتاب ۾، خوب عبارت آرائي ڪيل آهي، ۽ جا بجا موزون شعر به ڪتب آندل آهن. چند شعر نمونتاً هيٺ ڏجن ٿا:

بسيار صبح شد که نسيمي نمي وزد

                اي گل مگر تو پاي صبا را شکسته اي

*      *      *

گر بر تنِ من زبان شود هر مو

                يک شکر تو از هزار نتوانم کرد

*      *      *

زتيغ شوق ٿو هر عضو بسمل افتاد است

                مرا سفل برفيقان کاهل افتاد است

زمانه دشمن و من بيزبان وقت زبون

                اگر نه رحم کني کار مشکل افتاد است

*      *      *

ز ديده دوري و از دل نمي روي بيرون

                خدا بکس ننمايد و صال هجر آميز

*      *      *

قلم شکسته تر است از زبان نميدانم

                که شرح بکدامي زبان کنم تقرير

زبان کس نتواند جهات شکرش را

                اگر بهر نفسي صد چو من کند تقدير

*      *      *

شکوه نقصان داشته فصل از ميان انداختم

نرخ ارزان بود کالا در دکان اندختم

        *      *      *

        جنون بصف شکني عقل در صف آرائي

                        دل کرانه طلب درميان تماشائي

        *      *      *

        سوادش نور بخش ديدهء حور

                        بياضش از فروغ صدق پر نور

*      *      *

عباراتش چو آبِ زندگاني

                        درو پيدا جواهر از معاني

*      *      *

 ما شرمسار مانده ز تقصير هائي خويش

              لطيف تو خود نمي نگرد خوب و زشت ما

*      *      *

گر عظيم است از فرودستان گناه

                از بزرگان عفو کردن اعظم است

*      *      *

خواستم تا شرح شوقِ صحبتت سازم

             ناشکيبا شد دلم رفت از کفم تاب و توان

*      *      *

ضرورت است و گرنه خدائي ميداند

          که ترک صحبت ايشان نه اختيار من است


* مٿين فهرست حضرت مولانا صاحب جن مرتب ڪري عزيزام آغا بدرالدين خان دُراني جي ذريعي مون ڏانهن موڪلي، جنهن لاءِ ٻنهي صاحب جو سپاس گذار آهيان.

 

* ديباچه ”معيار سالڪان“ _برٽش ميوزيم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com