سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1968ع

مضمون:

صفحو :11

لادن جي گهر وارن سان اسان جا هميشه کان سٺا تعلقات رهندا آيا هئا. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهر به ايندي ويندي هئي. هڪ ڏينهن، مون سوچيو ته: اگر آءٌ اهڙيءَ طرح وقت وڃائيندو رهيس ۽ لادن منهنجي هٿن مان نڪري ويئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هي سوچي مون ارادو ڪيو ته آءٌ ضرور لادن کي پنهنجي دل جي لطيف جذبات کان آشنا ڪندس، خير. جنهن ڏينهن مون اهو ارادو ڪيو هو، اتفاق اهڙو بڻيو جو ان جي ٻئي ڏينهن هوءِ پاڻ هڪ ڪتاب گهرڻ لاءِ منهنجي ڪمري ۾ آئي. آءٌ ان وقت بلڪل اڪيلو هوس والده ۽ والد ٻئي، ٻئي ڪمري ۾ هئا. ان کان وڌيڪ سٺو موقعو وري ته ڪڏهن به ملي نٿي سگهيو. چانچه مون مرڪندي، سندس استقبال ڪيو ۽ ان کان اڳ جو هوءَ پاڻ مون کان ڪتاب وغيره جي سلسلي ۾ ڪو سوال ڪري، مون آهستي چئي ڏنو:

        ”لادن! مون ٻڌو آهي ته تنهنجا تمام گهڻا آرزومند پيدا ٿي چڪا آهن، مگر تو سڀني کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي، ڇا صحيح آهي؟“

        لادن منهنجو سوال ٻڌي في الحال ته گهٻرائجي ويئي ۽ حيا کان سندس منهن  ڳاڙهو ٿي ويو. سندس نگاهون به خود بخود جهُڪي ويون، سندس ان ڪيفيت کي ڏسندي، منهنجو حوصلو اڃا وڌي ويو.

        ”لادن! اگر آءٌ اها خواهش ڪريان ته تون منهنجي زندگيءَ جي ڪاريءَ رات ۾ اميد جي روشنيءَ وانگر گهڙي اچين، ته پوءِ ڇا منهنجي اها خواهش پوري ٿيندي؟“

        جيئن نه ڪنهن نانگ تي پير اچي، گهٻرائجي هوءَ پوئتي هٽي، ۽ هٽندي، پنهنجو منهن مٿي ڪري، مون ڏانهن قهر آلود نگاهن سان ڏٺائين، سندس منهن تي غصي ۽ برهميءَ جا آثار نمايان ٿي چڪا هئا، ڪاوڙ جي شدت جي ڪري سندس سارو بدن ڏڪي رهيو هو.  ”تون -- ۽ -- آءٌ.“ غصي وچان هوءِ پنهنجو جملو به مڪمل ڪري نه سگهي.

        لادن جي هيءَ ڪيفيت ڏسي مان پاڻ چند لمحن لاءِ گهٻرائجي ويس. مگر مون جلد پاڻ کي سنڀالي ورتو، ۽ کيس عاجزيءَ ۽ نرميءَ سان مخاطب ٿي چيو:

        ”لادن! مون ڪا خراب ڳالهه ته ڪانه ڪئي آهي، بجائي ڪاوڙجڻ جي تون جو ڪجهه چوڻ ٿي چاهين، اهو بلڪل صفائيءَ سان چئي ڏي.“

        هن منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري چيو: ”عجيب ڳالهه آهي، مون کي ...... مون کي وڃڻ ڏي.“ ائين چئي هوءَ تير جيان ڪمري مان ٻاهر نڪري ويئي.

        مون کي عشق  ۽ محبت جو ان کان اڳ ڪوبه تجربو نه هو، منهنجي زندگيءَ ۾ هيءُ بلڪل پهريون موقعو هو. مون حسن کي ايتري قدر برهم ٿيندي ڪڏهن نه ڏٺو هو. آءٌ پنهنجي ان قدم تي نادم هوس، مگر عجيب ڳالهه آهي ته نادم ٿيڻ جي باوجود آءٌ لادن کي وساري نه سگهيس، سندس تصوير منهنجي دل تي ڄڻ نقش ٿي ويئي.

        ان کان پوءِ مون کي لادن سان وري به اتفاق سان ملڻ جو موقعو ملي ويو، مگر والده  جي موجودگيءَ ۾ زبان سان ڪجهه به چئي نه سگهيس، البته منهنجي نظرن سڀ ڪجهه چئي ڏنو. نظرن جو تبادلو ٿيندو رهيو، ۽ مون ڏٺو ته مون کي ڏسي سندس اکين ۾ حيا ۽ خوشيءَ سان ڳاڏڙ هڪ عجيب چمڪ آئي ٿي، ۽ پوءِ ان چمڪ سان گڏ سندس چپن تي گلاب جي ڪليءَ وانگر مسڪراهٽ پکڙجي ٿي ويئي. اسين ٻئي قريب ٿيندا وياسين ۽ مون کيس محبت سان ڀريل سڀ سورسلي ڇڏيا، جن کي ادا ڪرڻ لاءِ آءٌ مدت کان سِڪي رهيو هوس.

        لادن جي ماءُ به چاهيو ٿي ته هوءِ جيترو ٿي سگهي اوترو تمام جلد، هن بار کان آجي ٿئي. سندس اقتصادي حالتن کيس ههڙي جوان ڇوڪريءَ کي زياده عرصي تائين گهر ۾ ويهارڻ جي اجازت نٿي ڏني. مون کي لادن جي والده جي هن خواهش جو پڻ علم هو، تاهم مناسب موقعو جاچي، مون لادن کي چئي ڇڏيو هو، ته مان پنهنجي اڳين بيمار زال جي مرڻ کان اڳ ساڻس شادي ڪري نه ٿو سگهان.

        هن معصوم ۽ نوين نويل الڙ ڪنواريءَ ڇوڪريءَ کي منهنجي مجبوريءَ جو صحيح اندازو اڳي ئي ٿي چڪو هو، مگر هوءَ به پنهنجي گهر جي حالتن جي ڪري مجبور هئي، ته هوءَ هر حال ۾ پنهنجي ماءُ جي خواهش جو احترام ضرور ڪري. پر منهنجي محبت جو گل جيڪو هن جي دل ۾ ٽڙيو هو، ان جي هوندي مون کان سواءِ هن کي ڪنهن ٻئي مرد جو تصور به گوارا ڪين هو.

        نيٺ اسين ٻئي، روز بروز قريب کان قريب تر ٿيندا وياسين، هوءَ منهنجي محبت ۾ تقريبن دنيا جي هر چيز وساري چڪي هئي، ۽ ايتريقدر جذباتي بنجي چڪي هئي جو بنا ڪنهن دستور ۽ رسم جي پابنديءَ جي، هوءَ منهنجي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بيتاب ٿي چڪي هئي، جوانيءَ جون تقاضائون، اخلاقي تقاضائن سان بغاوت ڪري رهيون هيون، ۽ هي هڪ اهڙو نازڪ مرحلو پيدا ٿي چڪو هو، جتي هڪ نوجوان، پنهنجي جذبات کي پنهنجي وَسَ ۾ رکي نٿي سگهيو. حالتون اهڙيون ته نازڪ ٿي چڪيون هيون، جو شايد آءٌ ان هيجان جو شڪار ٿي وڃان ها، پر اچانڪ ڪنهن چئي ڏنو:

        ”تون پرائي امان آهين.“

        هن آواز مون کي هڪ عظيم گناهه کان بچائي ورتو. لادن، پيشڪش ۽ سپردگيءَ جو جيڪو ناز ۽ انداز کڻي اڳتي وڌي رهي هئي، تنهن کي نظرانداز ڪري، مون حسن کي ٻيهر برهم ڪري ڇڏيو. ظاهر آهي ته هيءَ هڪ وڏي خطا هئي، نتيجو اهو نڪتو جو لادن مون کان خفا ٿي ويئي. هن نفرت وچان منهن ڦيري ڇڏيو - سندس منهن تي ملال ۽ جلال وسڻ شروع ٿيو، ۽ ڪاوڙ وچان هي چوندي هلي ويئي: ”ذليل انسان! منهنجي دل ۾ هاڻي تولاءِ نفرت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.“

        مون کي لادن جي ان خفگيءَ جو شديد صدمو محسوس ٿيو، ليڪن ان سان گڏ، مون هڪ عجيب قسم جي دلي راحت پڻ محسوس ڪئي، بيحد عجيب!

        منهنجي بيمار زال اڃا تائين زندهه هئي، بظاهر ته هوءَ موت جي نزديڪ اچي چڪي هئي، معلوم ائين ٿي رهيو هو ته ڄڻ هوءَ موت سان لڪ لڪوٽي راندي کيڏي رهي آهي.

        هار ۽ جيت جو ڪوبه پتو  نٿي پيو، زال  جي ان زندگيءَ ۽ موت واري ڪشمڪش، ۽ پنهنجي هن تازي محبت جي ناڪاميءَ ڪري بيحد غمگين ٿي چڪو هوس: طبيعت ۾ به سخت چڙ پيدا ٿي چڪي هئي. ڪنهن محفل ۾ دل نٿي لڳي، دل چاهيو ٿي ته ڪپڙا ڦاڙي ڪنهن ويراني ۾ هليو وڃان. ڄاڻو دوستن منهنجي هن حالت کي محسوس ڪندي مون کي وندرائڻ لاءِ رقص ۽ نغمي جي محفل ۾ وٺي وڃڻ شروع ڪيو. ان قسم جي هڪ رنگين محفل ۾ مون پهريون  دفعو سوسن کي رقص ڪندي ڏٺو. سندس خدوخال بيحد دل آويز هئا. اکين  ۾ سمنڊ جي گهرائي ۽ سندس مرڪڻ جو خاص انداز، ڇا ڳالهه ڪجي! هن کي ڏسي مهينن کان پوءِ، وري مون ۾ تازي زندگيءَ جا آثار پيدا ٿيا، مون هن جي رقص ۾ خاص دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، ۽ منهنجي ان دلچسپيءَ جي پيش نظر، منهنجي هڪ عزيز دوست، مون کي سوسن سان باقاعده متعارف ڪرايو. پهرينءَ ئي ملاقات ۾ اسين پاڻ ۾ گهرا ٿي وياسين هوءَ هڪ حسين، صحتمند، خوش اخلاق ۽ مهذب ڇوڪري پئي معلوم ٿي. هڪ مشهور  ۽ سٺي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هئي ۽ رقص ۽ نغمه سان کيس دلي چاهه پيدا ٿي چڪو هو.

        هوءَ لادن کان به هر اعتبار کان بهتر ٿي ڏٺي، هن کي ڏسي مون ۾ هي احساس بار بار ٿي اٿيو ته ڄڻ هوءَ چئي رهي آهي ته:  آءٌ اگر تنهنجي قريب رهان ته دنيا جو ڪو به غم تو وٽ ويجهو ڪونه ايندو“.

        لادن جيڪو بي مهريءَ بي مروتيءَ جو زخم منهنجي دل تي پيدا ڪيو هو، سو سوسن جي سحر انگيز شخصيت تمام جلدي ڀري ڇڏيو، اسان جي ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، ايتريقدر جو هڪ ڏينهن جڏهن  آءٌ کيس پاڻ چوڻ وارو هوس ته ”سوسن تو کان سواءِ مان زنده رهي نٿو سگهان“، تڏهن هن پاڻ مشڪندي ۽ شرمائيندي چئي ڏنو: ”تون منهنجي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي چڪو آهين“، سندس ايترو چوڻ ڇا هو، هي زندگيءَ جو هڪ انتهائي مسرور ڪن لمحو هو، جو مون لاءِ بهار آفرين ثابت ٿيو، مان ان هڪ لمحي جي سحر انگيزيءَ ۽ مسرت جي صحيح ڪيفيت،چند لفظن ذريعي، بيان به نٿو ڪري سگهان.

        محبت جي هن اعتراف واري ڏوريءَ ۾ ٻجهي، اسين ٻيئي ڄڻا، دنيا و مافيها کان بيخبر ٿي وياسين، مون کي پوري شدت سان خواهش پيدا ٿي چڪي  هئي ته: آءٌ سوسن سان جلد از جلد شادي ڪري وٺان ، پر ڇا ڪجي، منهنجي بد بخت بيمار زال اڃا بدستور زنده هئي، ۽ موت ۽ زندگيءَ جو دل ڏاريندڙ رقص اڃا جاري هو.

        ان ڪشمڪش ۾ ڪيترا اهڙا موقعا به آيا، جڏهن اسان ٻئي ڄڻا، جذبات جي لهرن ۾ لڙهندي، سڀ ڪجهه فراموش ڪري ڇڏڻ لاءِ آماده ٿي وياسين ٿي، پر هر موقعي تي منهنجي بيمار ۽ بدبخت زال جي هيبتناڪ ۽ ڀيانڪ تصور مون کي سختيءَ سان روڪيو ٿي ۽ محبت جي ان پيشڪش جي سامهون پاڻ کي سر جهڪائڻ جي لاءِ ئي نٿي سمجهيم.

        هن زماني ۾ جڏهن آءٌ ۽ سوسن محبت جي وادين ۾ گم ٿي چڪا هئاسين، اچانڪ هڪ ڏينهن منهنجي سهري مون کي گهرائي چيو: ”اسٽاڪ هوم ۾ هڪ مشهور ڊاڪٽر آهي جو ان بيماريءَ جو اسپيشلسٽ آهي، پر ان کان قطع نظر، تون ته هن بدنصيب ڇوڪريءَ جو مڙس به آهين ۽ ان سان گڏ انسانيت جي به اهائي تقاضا آهي ته تون هن کي ان مصيبت کان نجات ڏيارين“. ائين چئي سهري پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجهي چيڪ ڪڍي مون ڏانهن وڌايو ۽ چيو: ”هي ڏهن هزارن جو چيڪ آهي، تون فورن پنهنجي زال کي سويڊن وٺي وڃ، اڃا به وڌيڪ پيسن جي ضرورت ٿئي ته پوءِ مون کي اطلاع ڏجانءِ“. هي ٻڌي منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي، ۽ آءٌ سوسن، لادن ۽ ٻين اهڙين هزارين خوشگوار يادگيرين کي سيني سان لڳائي، پنهنجي نصيبن تي رئندي، تهران کان روانو ٿيس، وڃڻ وقت منهنجي اکين ۾ برسات وانگر ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ آءٌ بار بار رومال سان اکيون صاف ڪري رهيو هوس.

        اسٽاڪ هوم آئي، مون کي پنڌرهن ڏينهن گذري چڪا هئا، زال اسپتال ۾ داخل ٿي چڪي هئي ۽ ڊاڪٽر پوري توجهه سان سندس علاج ڪري رهيو هو، علاج جي سورهين ڏينهن مون کي ان وقت انتهائي تعجب ٿيو، جڏهن منهنجي قريب المرگ زال اکيون کولي مون کي بود ۾ ڀرجي، عجيب نظرن سان ڏٺو، ان مهل سندس اکين ۾ الائجي ڪهڙو جادو هو ، جو آءٌ بي ساخته مشڪڻ لڳس ۽ بي اختيار منهنجو هٿ وڃي سندس لاغر هٿ تي پهتو.

        تقريبن ڇهه مهينا اسپتال ۾ گذي ويا، انهن ڇهن مهينن ۾ منهنجي لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم ڪار ڪونه هو، ته آءٌ پنهنجي زال جي سيرانديءَ وٽ ويٺو رهان، خبر نه آهي ته هن الائي ڪهڙو منڊ پکيڙيو هو، جو منهنجي ۽ سندس درميان پيدا ٿيل اجنبيت جا سڀ پردا هٽي چڪا هئا، هن جي مشڪڻ ۾ پنهنجائپ ۽ سندس لهجي ۾ عجيب قسم جو دلاويز خلوص هو، هن جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو انداز به بلڪل بدلجي چڪو هو، ڄڻ ته آءٌ هن لاءِ دنيا جي سڀ کان قابل اعتماد شخصيت بنجي چڪو هوس، تعجب جي ڳالهه اها آهي ته جنهن بد مزاج عورت جو مون موت چاهيو ٿي، سا هاڻي مون کي ايتريقدر ته عزيز محسوس ٿي رهي هئي، جو بيان ڪري نٿو سگهان.

        جڏهن هوءَ اسپتال مان صحتياب ٿي نڪتي، تڏهن بلڪل بدليل هئي، سندس اکين جي چوڌاري پيدا ٿيل ڪارا داغ غائب ٿي چڪا هئا، منهن جي زرديءَ جي جاءِ تي گلاب جهڙي سرخي نمودار ٿي چڪي هئي، هن ڳالهه ڳالهه تي مسڪرايو ٿي، آواز ۾ لوچ ۽ نرمي پيدا ٿي چڪي هئي، ائين ٿي معلوم ٿيو ته ڄڻ علاج سندس ذهن ، دل ۽ انداز فڪر کي به بلڪل بدلائي ڇڏيو آهي، آءٌ نٿو چئي سگهان ته اهو منهنجو قصور هو يا منهنجي اکين جو، سندس حسن کي ڏسي مون کي لادن ۽ سوسن سندس ٻانهيون ٿي معلوم ٿيون، اسپتال ڇڏيندي ڊاڪٽر جي هدايت مطابق اسان هڪ سال کن تائين يورپ جو سير ڪندا رهياسون، هن سير سفر جي دوران مون کي اهو تجربو ٿيو ته هوءَ ويچاري مون کي ديوانه وار چاهي ٿي ۽ منهنجي معمولي کان معمولي ضرورت جو به خيال رکي ٿي، منهنجي آرام ۽ آسائش جي خاطر پنهنجي وجود جو آرام ۽ آسائش کي به وساري ٿي ڇڏي، ظاهر آهي ته اهڙي وفا شعار، خوش اخلاق  زال جي موجودگي ۾ سوسن ۽ لادن جو تصور به منهنجي ذهن ۾ نٿي اچي سگهيو، چنانچه اسين ٻئي هڪ سال جي سير سفر کان پوءِ، جڏهن تهران پهتاسين، تڏهن آءٌ هڪ اهڙو مثالي مڙس بنجي چڪو هوس، جنهن جي دل تي صرف زال جي حڪومت هئي ۽ منهنجو گهر ئي منهنجي لاءِ جنت هو، تهران جي ڪا به عشرت گاهه ۽ هنگامهء رقص و سرود  جي ڪا به محفل، مون لاءِ هاڻي دلچسپ نه رهي هئي، آءٌ پنهنجي وڃايل جنت حاصل ڪري چڪو هوس، گهر جي اندر منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه هو: ۽ گهر کان ٻاهر ڪجهه به نه هو.

        انهن واقعن کي گذرئي پنجويهه سال ٿي چڪا آهن، منهنجا ٻه پٽ آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ ۽ ٻه پٽ تهران ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ٻن ڇوڪرين جي شادي سٺي جاءِ تي ٿي چڪي آهي، ۽ هو پنهنجن مڙسن ۽ ٻارن سان گڏ مطمئن زندگي گذاري رهيون آهن.

هن سال جي شروع ۾ جڏهن منهنجي زال اڃا ميٽرنٽي هوم ۾ زير علاج هئي تڏهن مون کي هڪ شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻو پيو، وقت گذري رهيو هو، مگر اڃا تائين تقريب جي خاتمي ۾ دير هئي، آءٌ هڪ ڪنڊ ۾ سوچي رهيو هوس ته زال کان سواءِ هن قسم جي مجلسن ۾ اچي، پاڻ کي تنها ڇو محسوس ڪري رهيو آهيان، ته ايتري ۾ هڪ خوش لباس عورت، باوقار انداز سان هلندي، منهنجي اڳيان اچي لنگهي، هن مون کي ڏٺو، چند قدم هلي وري مون تي نظر وڌائين ۽ پوءِ اچانڪ منهنجي قريب اچي هن مون کي سلام ڪيو، مون هن کي ڪونه سڃاتو، مگر اخلاقن جواب ڏيڻو پيو.

        هوءَ منهنجي قريب اچي ويٺي ۽ مرڪندي پڇيائين:

”ڇا اوهان مون کي ڪونه سڃاتو؟“

          ”جي نه“                 

        ”جي نه ! آءٌ ته توهان کي سڃاڻان ٿي“. ائين چئي هن پنهنجي نوجوان ڇوڪريءَ کي آواز ڏنو، جيڪا مون کان ڪجهه پرڀرو، ٻين چند ڇوڪرين سان ڳالهين ۾ مشغول هئي، مون کي خيال آيو ته هن عورت جو چهرو مون شايد ڪٿي ڏٺو آهي، پر ڪٿي؟ اهو ياد ڪونه هو.

        ايتري ۾ ڇوڪري به قريب آئي، هن عورت مون سان کيس متعارف ڪرائيندي، کيس چيو: ڌيءَ هن سال مل! هي آهي اهو ماڻهو، جنهن جو ذڪر مان اڪثر موقعن تي ڪندي آهيان، هن ئي مون کي نيڪ و بد ۾ تميز ڪرڻ سيکاري“.

        ڇوڪريءَ ادب سان مون کي سلام ڪيو، مگر آءٌ حيران هوس ته هيءَ عورت آخر آهي ڪير؟

        ”آءٌ لادن آهيان لادن! تون منهنجو محسن آهين، تو مون کي زندگيءَ جو حسن ۽ ڪردار جي پاڪيزگي عطا ڪئي آهي، آءٌ تنهنجي عظمت جو اعتراف ڪريان ٿي، منهنجي تمنا آهي ته منهنجا دوست ۽ مڙس تو جهڙا مثالي انسان ثابت ٿين: دراصل منهنجي خوشگوار زندگي تنهنجي احسان مند آهي، سچ ٿي چوان، هاڻي به اڪثر ڪري ان تصور کان خوفزده ٿي ويندي آهيان ته اگر انهن گذريل لمحن ۾ جڏهن مون جوانيءَ جي جوش ۾ اچي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو، خدانخواسته تون به مون وانگر جذباتي بنجي وڃين ها ته پوءِ هوند منهنجو ڪهڙو حشر ٿئي ها ۽ آءٌ ڇا هجان ها! اي عظيم انسان ! تون شال هميشه خوش هجين!“ ائين چئي نهايت باوقار انداز مان ٻئي طرف هلي ويئي، ان وقت سندس چهري تي معصوميت هئي.

        اتفاق جي ڳالهه آهي ته لادن جي ملاقات جي هڪ هفتي کان پوءِ مون کي تجارتي ضرورت سان لنڊن وڃڻو پيو، جتي منهنجي سوسن سان به ملاقات ٿي، هوءَ لنڊن ۾ پنهنجن ٻارڙن وٽ، جيڪي هتي زير تعليم آهن، موڪل گذارڻ آيل هئي.

        سوسن مون کي پنهنجي گهر ۾ پرتڪلف دعوت ڏني، مانيءَ جي دوران هن ڳالهيون ڪندي چيو: ”شادي کان پوءِ به مان ڪيتري سالن تائين، تنهنجي دشمن هيس، توکي بي وفا ۽ نا اهل جهڙن لقبن سان نوازيندي رهندي هيس، ليڪن هاڻي جڏهن ٻارن جي ماءُ ٿي آهيان ۽ منهنجو گهر جنت بنجي چڪو آهي، تڏهن مون کي اهو احساس ٿيو آهي ته حقيقي محبت ۽ انساني عظمت ڇا ۾ آهي“.

        مون کلي چيو ته ”ڇڏ گذريل ڳالهين کي“.

        منهنجو هي جملو ٻڌي سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ انتهائي ڏک ڀرئي لهجي ۾ چيائين:

        ”يقين ڪر ! آءٌ تو سان اڃا تائين محبت ڪريان ٿي، بي مثال محبت! ليڪن هيءَ محبت ان کان مختلف آهي، جا اڳ هئي. هاڻي مون کي تنهنجي ڪردار ۽ تنهنجي عظمت سان پيار آهي، سچ ته هي آهي ته تو ئي مون کي مڙس ۽ ٻارن سان سچي محبت ڪرڻ سيکاري آهي، اگر تون ان زماني ۾ منهنجي انداز سپردگيءَ کان متاثر ٿي جذباتي بنجي وڃين ها ته پوءِ اڄ منهنجي هن ننڍڙي بهشت جو وجود ئي نه هجي ها: جنهن ۾ منهنجي مڙس جي حڪمراني آهي، جتي نيڪ ۽ سعادتمند ٻار آهن، جتي مامتا جو اصل روپ آهي“.

        پوءِ هوءَ خاموش ٿي ويئي، مانيءَ کان پوءِ جڏهن آءٌ وڃڻ لڳس، تڏهن هن دردناڪ لهجي ۾ چيو:

        ”مون کي خبر ناهي ته تون ڪهڙيءَ طرح گذاري رهيو آهين، ليڪن مون کي يقين آهي ته تون يقينن خوش قسمت هوندين، ڇو ته اهڙو انسان ڪڏهن به بدقسمت نٿو ٿي سگهي: جو ٻين کي عفت مابيءَ، معصوميت، پاڪبازيءَ ۽ خوش اخلاقيءَ جي مفهوم کان آشنا ڪري ٿو، ۽ جوانيءَ جا جذبات به جنهن جي ڪردار سان ٽڪرائجي پاش پاش ٿي ٿا وڃن.

سلام اي بلند انسان!

        آءٌ هليو آيس، ليڪن رکي رکي اهو خيال اچي ٿو ته لادن ۽ سوسن منهنجي جنهن عظمت کي خراج عقيدت پيش ڪري چڪيون آهن، ان جو صحيح مستحق ڪير آهي؟ مان ته بلڪل نه، البت عظمت ۽ عقيدت جي حقدار منهنجي زال آهي، ڇو ته ان دور ۾ جڏهن هوءَ نهايت ويڙهاڪ ۽ بدمزاج زال هئي، تڏهن جي منهنجي ذهن تي مسلط نه هجي ها، ته پوءِ الائي آءٌ ڪيترين زندگين جي تباهيءَ جو باعث بنجي چڪو هجان ها! اهو بلڪل سچ آهي، جڏهن اها ساري ماجرا پنهنجي زال کي ٻڌائيندو آهيان تڏهن هوءَ محبت پاش نگاهن سان ڏسندي، فقط ايترو چئي هلي ويندي آهي:

”دنيا ۾ ڪو به انسان برو پيدا نٿو ٿئي،

ماحول ۽ زمانو هن کي برو بنائين ٿا -!“

يونس رمزي

مترجم: وليرام ”ولڀ“

نــيــڻ تـــارا

ڍاڪه بنگلاديش روڊ تي، سرڪاري ڊاڪ بنگلو، شهر ۽ بستيءَ جي وچ ۾ تير وانگر اڏيل هو، ڊاڪ بنگله روڊ تي پري کان ڪچنار ۽ گل مهر جا گهاٽا ۽ سائيدار وڻ هئا، بهار جي مند ۾، خصوصن ڪچنار ۾ سرخ گلن جو هئڻ، آگ لڳڻ جهڙو لڳو ٿي، اتي ئي ڊاڪ بنگله جي ڀرسان منهنجي ملاقات ”نيڻ تارا“ سان ٿي. ياد رکڻ خاطر ”نيڻ تارا“، اهو خوبصورت نالو ئي ڪافي هو ليڪن ...

”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ سندس رانديڪن کي اٿلائي پٿلائي کانئس پڇيم.

”آمر نام هي!“ هن آهستي مشڪيو، جنهن ۾ ڪچنار ۽ گل مهر جي سائيدار درختن جهڙي ٿڌاڻ هئي.

        ”نيڻ تارا“، مون ڇرڪ ڀريو ۽ پوءِ سندس اکين ڏانهن ڏٺم، جنهن ۾ تارن جهڙي چمڪ هئي، ڪجل جي گهرين ليڪن جي وچ ۾ سندس اڌ ٻوٽيل اکيون، جيئرو جاڳندو خواب هيون، هونئن ته هوءَ خدوخال واري ڇوڪري هئي پر منجهس جا خوبصورتي هئي، اها سورنهن –سترنهن ورهين جي عمر جي ڪري هئي: انهيءَ ڪري انهيءَ خوبصورتيءَ ۾ چهري کان زياده جسم جي حسين ساخت جو دخل هو، مثلن ڪلهن جي بيهڪ، ٻانهن جو گداز، ڀريل بدن.

          نيڻ تارا رانديڪا وڪڻندي هئي، مون هڪ ڏينهن سندس هڪ رانديڪو پنهنجي هٿ ۾ کڻي، کانئس پڇيو ، ”هي ڇا آهي؟“

”رانديڪو“ هن چيو.

”۽ تون؟“

”مان؟“...  مان”نيڻ تارا !“

        رانديڪو، جو منهنجي هٿ ۾ هو ڏاڍي خوبصورتيءَ سان منيپوري نرتڪي (رقاصه) جي روپ ۾ آندل هو، هن جو گهاگهرو ( پڙيءَ)، چيلهه جو پٽڪو، ڳچيءَ جي خم کان سيني ۽ چيلهه تائين سرخ ڪپڙي جي پٽي، ٺونٺن تائين نرت (رقص) جي انداز ۾ کنيل هٿ، ڪنن ۾ لٽڪندڙ ٻُندا، ڪارن وارن تي پيل رئو، ڏاڍي ڪاريگري هئي انهيءَ گڏي ۾،

”اها منيپوري نرتڪي (رقاصه) ڪيتري ۾ ڏيندينءَ؟“ مون کانئس پڇيو.

”هڪ رپئي ۾، بابو جي“ نيڻ تارا هڪدم چيو.

”صرف هڪ رپيو؟“

        ”ها صرف هڪ رپيو“، ڏس ڪهڙي نه سندر نرتڪي آهي، بابي ان کي ڏاڍي محنت سان ٺاهيو آهي!“

        مون کي خاموش ڏسي، هوءَ پنهنجي ٻين رانديڪن ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳي: ”اهو نه وٺين ته نه وٺ، هي ته وٺندين؟ ڏاڍي سستي گڏي آهي، فقط ٻن آنن ۾، ٻارهن پئسن ۾ گڏي، هان وٺ!“ ۽ سندس اکين جي پلڪن جو مٿي ٿيڻ ۽ جهڪڻ ڏسندو رهيس، انهن ڏياٽين جي چوڌاري ڀٽڪندو رهيس، جي هن پنهنجي اکڙين ۾ جلائي رکيون هيون، پوءِ سوچيم ته اهڙين ڏياٽين جي روشني ته لوڪ ۽ پرلوڪ جي وچ واري انڌاري کي به دور ڪري سگهي ٿي.

”چڱو ڀلا، سڀني نمونن ما هڪ هڪ ڏي!“

”هان! ايترا سڀ؟“

        ”ها“ مون وراڻيو ۽ هن حساب لڳائي ٻڌايو ته ”منيپوري نرتڪيءَ سان گڏ هنن سڀني رانديڪن جو ملهه، ٻه رپيا ٻارنهن آنا ٿئي ٿو“.

        ”بس !“

        ”ها، ايترائي ته ٿين ٿا، تون چئين ته ٻيا به رانديڪا سڀاڻي کڻي آڻي ڏيکاريانءِ؟“

”ضرور ، ضرور !“ مون بي خيالي ۾ چئي ڇڏيو.

        ”پر هيترا سارا رانديڪا تون ڪيئن کڻي ويندين؟“ هوءَ مشڪندي چئي ويٺي.

        ”تون فڪر نه ڪر!“ مون ڊاڪ بنگلي جي ملازم کي سڏي ورتو، جو مون پويان رانديڪا کنيو آيو، مگر ائين لڳم ته هو انهيءَ ڇوڪري مان خوش نه هو، جو سندس چهري تي بدمزگي هئي، هن جلدي جلدي ڇوڪريءَ جي هٿن مان رانديڪا کسيا هئا ۽ منهنجي پويان هليو آيو هو، ڊاڪ بنگلي جي ڪمري ۾ پهچنديئي، مون  اهي رانديڪا مينٽل پيس تي سينگاري رکيا، انهن سڀني مان منيپوري نرتڪي نمايان هئي، ڪجهه ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ اجهوڪي اجهو رقص شروع ٿيو، مديرا جو آواز گونجي ويندو ۽ گهمڪ گهمڪ جي تال تي نرتڪيءَ جا پير رقص ۾ اچي ويندا ۽ پوءِ سارو ڊاڪ بنگلو جهومي اٿندو ۽ پوءِ ميگهنا برهمپترا جو شور به هڪ کن لاءِ بيهي ويندو. مون انهيءَ منيپوري نرتڪيءَ جو نالو ”نيڻ تارا“ رکي ڇڏيو، ”نيڻ تارا“ به بلڪل اهڙي ئي هئي، منيپوري نرتڪي وانگي، ڪڏهن ڪڏهن مون کي محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ مينٽل پيس تي ”نيڻ تارا“ نرت جي انداز ۾ بيٺي آهي ۽ سندس ڇير جي ڇم ڇم، ٽڪر ٽڪر ٿيل شيشي جي ٽڪرن جيئان منهنجي دل ۾ وڍ ٿي وجهي.

        صبح جو  ڏهين وڳي، جڏهن ڊاڪ بنگلي مان ٻاهر نڪرندو هوس، تڏهن ”نيڻ تارا“ انهيءَ ڪچنار جي وڻ هيٺان هڪ ڳوڻ وڇائي، رانديڪن کي ٽوڪريءَ ۾ وجهي، سامهون ويٺل نظر ايندي هئي، هڪ ڏينهن مون کي بيهاري پڇيائين:

”سازينده وٺندين، سازينده؟“

”تون سازينده به وڪڻين ٿي؟“ مون سوال جي جواب ۾ سوال ڪيو. 

        ”ها، هي ڏس! شهنائي وارو، جانجهه وارو، کڙتال وارو ۽ مديرا وڄائڻ وارو !“ اهي رانديڪا واقعي ڏاڍا خوبصورت هئا، مان داد کان سواءِ رهي نه سگهيس.

”چڱو مان اهي ويندي وقت وٺي ويندس“.

”هاڻي ئي وٺ نه !“

”هاڻي ته مان ڪم سان وڃي رهيو آهيان“.

”پوءِ ڪڏهن ايندين؟“

”شام جو موٽي ايندس“.

”مگر، شونڌا بيلا تو ؟“

”اوهه  تڏهن تون شام جو هلي ويندي آهين؟“

”ها !“

”ته پوءِ سڀاڻي، سڀاڻي آچر آهي ۽ مان ڊاڪ بنگلي ۾ ئي هوندس“.

      ”چڱو !“ هن پنهنجي گردن کي خاص انداز ۾ موڙو ڏنو.

        مگر شام جو موٽڻ مهل جڏهن مان ڊاڪ بنگلي روڊ تي پهتس،  تڏهن به هوءَ  پنهنجو ننڍڙو دڪان کوليو ويٺي هئي ۽ ريزگاري ڳڻي رهي هئي، جا مشڪل سان هڪ رپيو مس هوندي.

        ”ڪيترا رانديڪا وڪيا اٿئي؟“ هن ڇرڪ ڀريو ۽ ريزگاري سندس هٿن مان ڪري پئي.

        ”ڪجهه به نه !“ هن اداس لهجي ۾ چيو ۽ ريزگاري سميٽڻ لڳي.

”تون گهر نه وئينءَ، هن وقت تائين؟“

        ”سوچيم تون موٽندين ته هي سڀ رانديڪا وڪڻي پوءِ گهر وينديس“  هن زخمي هرڻيءَ جيان گهور ڪري مون ڏانهن ڏٺو ۽ وري چوڻ لڳي:

”ته هي وٺين ٿو نه سازينده؟“

”هينئر نه، مان جلدي ۾ آهيان، سڀاڻي اچج !“

”چڱو“ هوءَ آهستي ڀڻڪي رانديڪا سميٽڻ لڳي.

ٻئي ڏينهن آچر هو ۽ صبح جي وقت، منهنجي اڳيان ٻن ڏينهن جون پراڻيون اخبارون ۽ هڪ چانهه جو ڪوپ سامهون ميز تي رکيا هئا، ته ڪنهن جي آهٽ محسوس ڪيم، مون ڄاتو ٿي ته اها ”نيڻ تارا“ هوندي.

        ”ڇا تون سازينده وڪڻڻ آئي آهين؟“ مون کيس دروازي ۾ گهڙندي ئي ڇرڪ ۾ وجهي ڇڏيو.

        ”ها!“ هن پنهنجي ٽوڪري فرش تي رکي ۽ چانديءَ جو ڪنگڻ هٿ ۾ ڦيرائڻ لڳي. پوءِ ڪمري ۾ ائين ئي بي اختيار هيڏانهن هوڏانهن نهاري هڪ ڪنڊ ۾ بيهي رهي، جتي هڪ خراب ٿيل بتي پيئي هئي.

        ”نيٺ تون اچي وئينءَ؟“ ڊاڪ بنگله جي چوڪيدار کيس اکيون ڏيکاريندي چيو.

”ها ! ته ڇا ٿيو“. هن اڪڙجي جواب ڏنو.

”وري بتيءَ کي ڀڃندينءَ ڇا؟“

”ها هي بتي هن ئي ڀڳي آهي؟“ مون چيو.

”ها سائين هن هتي جون ڪيتريون ئي شيون ڀڳيون آهن، ڏاڍي شيطان آهي هي ڇوڪري!“

”نه نه، هي ته ڏاڍي سمجهدار ڇوڪري آهي!“

”جي! تڏهن ته مڙس کان ڀڄي نڪتي آهي.“ چوڪيدار اطلاع ڏنو.

        ”ته ڇا ٿيو، پيڪن ۾ سندس دل زياده لڳندي هوندي، هائو نه ؟“ مون کانئس پڇيو ۽ هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.

        ”هل ڀڄ، هتان کڻ پنهنجا رانديڪا!“  چوڪيدار کيس ڌمڪي ڏني ۽ جواب ۾ هن مون ڏانهن نظرن سان ڏٺو ڄڻ پڇي رهي هجي: ”تون ڇا ٿو چئين، ڇا واقعي هلي وڃان؟“

”ويهڻ ڏينس، هن کي ته مون ئي گهرايو آهي“

        ”اڇا!“ سندس لهجي ۾ قدري حيرت هئي، هو فورن منهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو ۽ ويندي ويندي دروازو به ٻيڪڙي ويو، ڇوڪري مون ڏانهن عجيب ڊپ وارين نگاهن سان ڏسي رهي هئي، سندس چهري تي ڊوڙي اچڻ سببان، رستي جي دز نظر اچي رهي هئي، دروازو تقريبن بند هو ۽ ”نيڻ تارا“ ڊگها ساهه کڻي سهڪي رهي هئي، سندس دل جي ڌڙڪن ۽ ساهه جي خوشبوءَ مان بلڪل قريب محسوس ڪري رهيو هيس، ۽ سامهون مينٽل پيس تي منيپوري نرتڪي ڄڻ واقعي نچي رهي هئي-هڪ، ٻه، ٽي، هڪ تال ٻه تال ڇم ڇم ڇما ڇم... مون وڌي دروازو کولي ڇڏيو، صبح واري خوشگوار هوا جي لهر آئي، جا ”نيڻ تارا“ جي وارن سان اچي لڳي.

       ”نيڻ تارا“ تون ڪٿي رهندي آهين؟“ مون کانئس پڇيو.

”سامهون گرام (ڳوٺ) ۾“ هو فرش تي پلٿي ماري ويهي رهي.

”تنهنجو گرام ڪهڙو آهي؟“

”تمام سندر-“.

”تو وانگي؟“

”مون کان به وڌيڪ سندر“. هُن کلندي چيو.

”تنهنجا رانديڪا ڪير ٺاهيندو آهي؟،

”منهنجو باپو!“

        ... ۽ ٽٽل ڦٽل بنگاليءَ ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”سندس پيءُ هڪ مهان ڪلاڪار (عظيم فنڪار) آهي، جيڪڏهن هو يورپ ۾ پيدا ٿئي ها ته هو هڪ عظيم مجسمه ساز ليکجي ها، سندس شاهڪار ميوزم جي زينت هجن ها، افسوس جو هن جا شاهڪار تون ٻن ٻن آنن ۾وڪڻين ٿي!“ منهنجون اهي ڳالهيون ٻڌي، هوءَ شايد مون کي پاڳل سمجهي مشڪندي رهي.

”توکي گهڻا ڀاءُ ڀيڻ آهن؟“ مون گفتگو جي موضوع کي بدلائيندي چيو:

”چار ننڍا ڀاءُ، ڀيڻ ۽ هڪ اپاهج ماءُ اٿم!“

”ڪمائيندي صرف تون آهين؟“

”ها، صرف مان!“

”ڪيترو ڪمائيندي آهين؟“

        ”رپيو ٻارنهن آنا“. ۽ هن ٻڌايو ته رپئي ٻارنهن آنن ۾ گذران مشڪل سان ٿيندو آهي، انهيءَ ڪري جو پڻس وٽ ڪو ٻني ٻارو ڪونهي، باغ ڪونهي، تلاءُ ڪونهي، فقط ٻه هٿ آهن وٽس، جنهن سان رانديڪا ٺاهيندو آهي، چانور تمام مهانگا آهن، لوڻ به سستو ڪينهي، مڇيءَ جو اگهه ته پاڻ تيز آهي.

        ”آشا ڪري تون هي سڀ رانديڪا وٺ، جيئن مان پنهنجي باپوءَ لاءِ هڪ ڌوتي وڃي خريد ڪري سگهان!“

”ايتري پيسن مان ڌوتي خريد ڪري سگهنديئن؟“

        ”ڪجهه مون وٽ اڳ ۾ جمع آهن، بس تمام غريب آهيون، ڇا ڪريون!“

        ”تمام غريب ته ناهين، تنهنجي ساڙهي اهو ته نٿي ٻڌائي ۽ نه وري تنهنجون ڪجل واريون اکيون ۽ تنهنجي پيرن جا رڱيل ننهن، سنواريل وار ۽ سنواريل سينڌ ۽ نه ئي هي خوبصورت چولي!“

        ”تون ته مذاق ٿو ڪرين بابو! سچ پچ غريب آهيون، جيڪڏهن مان هي رانديڪا نه وڪڻان ته جيڪر هڪ ٽاڻو به پوري ماني نصيب نه ٿئي!“

”تون ساهري گهر ڇو نٿي وڃي رهين؟“

        ”اهو نه پڇ“. هن پنهنجي غم کي پيئندي چيو ۽ وڌيڪ مون به نه پڇيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com