سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1968ع

مضمون:

صفحو :9

” اسان کي گهرجي ته سوانح نگاري ۽ تنقيد نگاريءَ ۾ ڪجهه فرق محسوس ڪرڻ سکون، ڇو ته اهي ٻئي هڪ ٻئي کان بلڪل جدا گانه حيثيت وارا ”فن“ آهن، ”سوانح“ فقط هڪ لحاظ سان مفيد آهي، جو ”سوانح“ جي تشريح سان، واقعات کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه وڌيڪ سهولتون پيدا ٿين ٿيون، مگر ان سان گڏ اهو به خيال ڪرڻ گهرجي ته هڪ سوانح نگار، اسان ۽ اوهان جو توجهه، فقط ”شاعر“ جي ذات تائين ٿو پهچائي ۽ ائين ڪندي اسان ۽ اوهان کي ”شاعري“ کان بلڪل پري ٿو رکي، اسان تي لازم آهي ته ڪنهن به شاعر جي ڪلام جي تشريح ۽ فهم کي، ان شاعر جي متعلق سوانحي معلومات، سندس معاشري جي حالت، سندس دور جي فڪر ۽ نظر، سندس دور جي علمي ۽ ادبي ذوق، سندس دور جي زبان ۽ ان جي ادائگي سان ملائي نه ڇڏيون“.

                                ٽي. ايس. ايليٽ

 

افـــســانـــا

 

1.      وفادار دوست           - آسڪر وائلڊ

 مترجم: محمد دائود بلوچ

 

 

2.     ڇانهان                 -عبدالقادر جوڻيجو

3.     دائرا                    - حسين قلي مستعان

 مترجم: شوڪت حسين

 

4.     نيڻ تارا                -يونس رمزي

 مترجم: وليرام ”ولڀ“

 

5.     بک بڇڙو ٽول ...     - جيمس اسٽيفن

 مترجم: غلام نبي ميمڻ

 

6.     خدا ڏانهن خط                - گريگور يولاپيز

 مترجم:  نجم عباسي

 

ناٽڪ

 

1.      پُنرو بَڊام              - ممتاز مرزا

 

”اوهان جو چوڻ آهي، ته فلاڻي سائنسدان، خنده روئيءَ سان پاڻ کي سائنسي اخلاق جي هڪ سرور آفرين خواب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سائنس ۾ لامحدود اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ڇو ته کيس اهو يقين آهي ته سائنس سان دنيا ۾ هڪ تبديلي پيدا ٿيڻ واري آهي، ڇو ته سائنس جي ذريعي سان دنيا کي تهه و بالا ڪري سگهجي ٿو. خلا ۾ اڏاري سگهجي ٿو، سمنڊن جي تري ۾ رهي سگهجي ٿو ۽ پهاڙن کي هٽائي سگهجي ٿو، اهو سڀ چڱو-

”پر مون کي معاف ڪيو وڃي، مان انهن خيالن کي هڪ خواب ئي سمجهان ٿو، سائنس سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي، پر اها اسان کي ”ديوتا“ ته نٿي بنائي سگهي!

”مان اها به دعويٰ نٿو ڪريان ته منهنجي اندر ۾ ”الوهيت“جو ڪو خزانو موجود آهي، پر اهو ته چئي ٿو سگهان ته منهنجي اندر ۾ ”الوهيت“ جو ڪو عنصر  آهي ضرور، پوءِ ڇو نه اهو ٿوروئي هجي!- ۽ اهو ٿورو ”عنصر“ مون کي عزيز به آهي ۽ مون لاءِ ڪافي به آهي، مان ته پنهنجي ان ناتوانيءَ ۽ ناتماميءَ سان مرڻ جي گهڙيءَ تائين وابسته رهندس ڇو ته اهو ئي زندگيءَ جو مقصد آهي، ۽ منهنجي ناچيز هستيءَ جو جوهر آهي“.

                                                -اناطول فرانس

 

آسڪر وائلڊ                

مترجم: محمد دائود بلوچ

وفــــادار دوســت

هڪڙي ڏينهن صبح جو دستور موجب، پاڻيءَ جي پوڙهي ڪُئي پنهنجي ٻر مان منهن ڪڍيو، سندس اکيون ننڍڙيون ۽ چمڪندڙ هيون ۽ کيس ڀوريون مڇون ۽ سنهو ۽ ڊگهو پڇ هو، پاڻيءَ ۾ ننڍڙيون بدڪون هيڏانهن هوڏانهن تري رهيون هيون، هنن جي بيحد سفيد رنگ واري ماءُ، جنهن جون ٽنگون سرخ هيون، هنن کي پاڻي ۾ ٽٻي هڻڻ ۽ مٿي ڀر بيهڻ سيکاري رهي هئي.

        ”جيستائين اوهين ائين پنهنجن مٿن تي بيهي نه سگهندا، تيستائين اوهان کي پنهنجي معاشري ۾ صحيح مقام ملي نه سگهندو“، بدڪ چوندي رهي ۽ هوءَ بار بار هنن کي ٻڌائيندي رهي ته ائين ڇو ڪيو وڃي ٿو، مگر ننڍڙن ٻچن هن طرف ڪو توجهه ڪونه ڏنو. اهي ٻچا ايترا ته ننڍا هئا، جو هو اهو به سمجهي نٿي سگهيا ته معاشري ۾ صحيح مقام حاصل ڪرڻ مان ڪهڙا فائدا آهن.

        ”هي ٻچا ڪهڙا نه نافرمانبردار آهن، سچ پچ هي ته غرق ٿيڻ جي لائق آهن“. پاڻيءَ جي ڪُئي چيو.

        ”ڪا خاص ڳالهه ڪانهي، بعضي جڏهن ڪو نئون ڪم شروع ڪري ٿو، ته ان جا والدين بي خبرا ٿي پون ٿا“ بدڪ جواب ڏنو.

        افسوس! مان ته والدين جي جذبات کان بلڪل بيخبر آهيان، مان ٻارن ٻچن وارو ناهيان- دراصل مون شادي به نه ڪئي آهي ۽ شاديءَ جو ارادو به نٿو رکان، محبت پنهنجي جاءِ تي چڱي چيز آهي، مگر دوستي انهيءَ کان تمام بلند آهي، مان دنيا ۾ ڪا به اهڙي چيز نٿو سمجهان، جا دوستيءَ کان زياده اعليٰ ۽ ڪامياب هجي. پاڻيءَ جي پوڙهي ڪُئي چيو.

        ”چڱو ٻڌاءِ ته هڪ وفادار دوست جي فرضن متعلق تنهنجا ڪهڙا خيالات آهن؟“ هڪ سائي رنگ واري پکيءَ پڇيو، جيڪو ڀر واري وڻ تي ويٺل هو.

        ها مان به اهو ئي ڄاڻڻ چاهيان ٿي“. بدڪ چيو ۽ ترندي ٻئي ڪناري طرف ويئي ۽ ٻارن جي سامهون هڪ چڱي مثال پيش ڪرڻ لاءِ پاڻي ۾ مٿي، ڀر بيٺي.

        ڪيترو نه احمقانه سوال آهي، مان ته پنهنجي دوست مان اها ئي توقع رکندس ته هو مون سان وفادار رهي. پوڙهي ڪئي چيو.

مان تو کي انهيءَ موضوع تي هڪ ڪهاڻي ٻڌايان ٿو. پکيءَ چيو.

        ڇا اها ڪهاڻي مون بابت آهي، پاڻيءَجي ڪُئي چيو، جيڪڏهن ائين آهي ته مان ضرور ٻڌندس، ڇا ڪاڻ ته مان قصن ڪهاڻين ٻڌڻ جو تمام شوقين آهيان.

        ”تو ڏانهن به هن جو اشارو ٿي سگهي ٿو“. پکيءَ جواب ڏنو ۽ اڏامي هيٺ ڪناري تي ويهي، وفادار دوست جي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو:

        ”هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ نهايت ئي ديانتدار ماڻهو هوندو هو، جنهن جو نالو هنس هو ...“

”ڇا هو ڪا ممتاز هستي هو؟“ پاڻيءَ جي ڪئي پڇيو.

        ”نه، هو ڪا به ممتاز هستي نه هو، هو هڪ رحمدل هو، هن جو چهرو گول هو ۽ هو هميشه خوش مزاج رهندو هو، هڪ ننڍڙي جهوپڙيءَ ۾ رهندو هو ۽ هر روز پنهنجي باغ ۾ ڪم ڪندو هو، سڄي ڳوٺ ۾ هن سان باغ ۾ هر وقت مڌر مڌر خوشبو موجود هوندي هئي، ننڍڙي هنس جا ڪيترائي دوست هوندا هئا، هن جو سڀني کان گهرو دوست مل وارو هو، مل وارو امير، هنس جو ايترو ته گهاٽو دوست هو، جو جڏهن جڏهن باغ وٽان لنگهندو هو، تڏهن ڪيترائي گل يا ڪا نه ڪا شئي پٽڻ کان سواءِ نه ويندو هو، جيڪڏهن گلن جي موسم هوندي هئي ته هو پنهنجا کيسا گلن سان ڀرڻ کان رهي نه سگهندو هو“.

        ”سچن دوستن جي هر ڪا چيز گڏ هئڻ گهرجي.“ مل وارو اڪثر ڪري چوندو رهندو هو، ننڍڙو هنس، مٿي سان ها ڪندو ۽ مشڪندو رهندو هو، هنس اهڙي بلند خيالن واري انسان کي پنهنجو دوست سمجهڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو عجب کائيندا هئا ته مل وارو، هنس کي بدلي ۾ ڪجهه به نٿو ڏئي، حالانڪه هن جي مل ۾ اٽي جون سوين ٻوريون رکيل هونديون هيون: ان کان سواءِ هن وٽ کير ڏيندڙ ڇهه گانيون ۽ رڍن جو ڌڻ به هو، مگر هنس ڪڏهن به اهڙو خيال نه ڪيو ۽ ڪا به چيز کيس ايتري خوشي ڪانه ڏيندي هئي، جيترو مل واري جون اهي ڳالهيون ڏينديون هيون، جيڪي کيس بي لوث دوستيءَ متعلق ٻڌائيندو رهندو هو. هنس پنهنجي باغ ۾ ڪم ڪندو رهندو هو. بهار توڙي اونهاري جي موسم ۾ هو تمام خوش هوندو هو، ليڪن جڏهن سيارو ايندو هو ، تڏهن هن وٽ مارڪيٽ ۾ نيڻ لاءِ نه گل هوندا هئا  نه ميوو، هن کي سياري ۾ اڪثر ڪري سرديءَ ۽ بک کان تمام گهڻي تڪليف پهچندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ته بکارو ئي سمهي پوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه خشڪ ميوو کائي وقت گذاريندو هو، سياري ۾ هو اڪيلو رهندو هو، ڇا ڪاڻ ته مل وارو سياري ۾ ساڻس ملڻ نه ايندو هو، مل وارو پنهنجي زال کي چوندو هو: ”جيستائين برف باري ٿئي ٿي، مون کي هنس سان ملڻ مان ڪهڙو فائدو؟ جڏهن ماڻهو مصيبت ۾ هجن، تڏهن انهن کي سندن حال تي ڇڏي ڏيڻ گهرجي، ٻين کي گهرجي ته انهن کي تڪليف نه ڏين، دوستيءَ متعلق منهنجو اهو ئي نظريو آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته مان صحيح آهيان. مان بهار جي موسم تائين انتظار ڪندس ۽ پوءِ هن سان ملڻ ويندس، هو مون کي موسمي گلن جون ڀريل ٽوڪريون ڏيندو“.

        ”يقينن تون ٻين جو ڏاڍو خيال رکندو آهين“. مل واري جي زال چيو، ”دوستي متعلق تنهنجون ڳالهيون راحت ڏيندڙ آهن، مون کي يقين آهي ته خود پادري به اهڙيون عمديون ڳالهيون ٻڌائي نه سگهندو، جهڙيون تون ٻڌائيندو آهين. حالانڪه هو هڪڙي سٺي گهر ۾ رهندو آهي ۽ سونيون منڊيون پائيندو آهي“.

        ”ڇا، اسان هنس کي هتي گهرائي نٿا سگهون؟ جيڪڏهن غريب هنس تڪليف ۾ آهي ته مان پنهنجي کاڌي مان اڌ کيس ڏيندس ۽ کيس پنهنجا سها ڏيکاريندس“. مل واري جي ننڍي پٽ چيو.

        ” تون ڪهڙو نه بيوقوف ڇوڪرو آهين، توکي اسڪول موڪلڻ مان ڪهڙو فائدو؟ مان سمجهان ٿو ته تو ڪجهه به نه پرايو، جيڪڏهن هنس هتي اچي، اسان جي گهر ۾ گرم باهه، عمدو کاڌو ۽ سرخ شراب جا ڊرم ڏسي ته هو حسد ڪندو، حسد تمام بُري چيز آهي ۽ انسان جي فطرت بگاڙيو ڇڏي، مان هنس جي سڀاءُ کي بگڙڻ نه ڏيندس، مان هن جو بهترين دوست آهيان ۽ هميشه هن تي چوڪسي رکندس ته جيئن هو ڪنهن لالچ ۾ نه ڦاسي. ان کان سواءِ جيڪڏهن هنس آيو ته ٿي سگهي ٿو ته هواسان کان اٽو اڌارو گهري، مان ائين ڪري نٿو سگهان، ڇا ڪاڻ ته اٽو هڪڙي شئي آهي ۽ دوستي ٻي چيز آهي، انهن ٻنهي جي پاڻ ۾ ملاوٽ نه هئڻ گهرجي. ڀلا لفظن جون اعرابون ڇو  ڏنيون وڃن ٿيون، انهن سان معنيٰ ڇو مختلف ٿئي ٿي، هر شخص اها ڳالهه سمجهي سگهي ٿو“.

        ”تون ڪهڙيون نه سٺيون ڳالهيون ڪرين ٿو“. مل واري جي زال ، گرم گرم بير هڪ وڏي گلاس ۾ نائيندي چيو، ”سچ پچ ته مون کي ڄڻ نشو ٿي ويو آهي، هي ڳالهيون ته بلڪل گرجا ۾ ٿيڻ جهڙيون آهن“.

”گهڻائي ماڻهو چڱا ڪم ڪن ٿا“، مل واري چيو، ”مگر تمام ٿورا ماڻهو چڱيءَ طرح ڳالهيون ڪري سگهن ٿا. ظاهريءَ طرح ته ٻنهي مان ڳالهيون ڪرڻ مشڪل ڪم آهي ۽ عمدو ڪم به“. ائين چئي هن سختيءَ سان پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺو، جنهن کي پنهنجو پاڻ تي ايترو شرم آيو جو هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو.

”ڇا ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي اها ئي آهي؟“ پاڻيءَ جي ڪئي چيو.

”بلڪل نه اڃا ته شروعات ٿي  آهي“. پکيءَ چيو.

        ”تڏهن ته تون زماني کان تمام پوئتي آهين“. پاڻيءَ جي ڪُئي چيو، ”هر سٺي ڪهاڻي ٻڌائڻ وارو پڇاڙيءَ کان شروع ڪري، شروعات تي  پهچي ٿو ۽ وچ ۾ ختم ڪري ٿو، اهو نئون طريقو آهي، ڪالهه مون اها ڳالهه هڪ اهڙي نقاد کان ٻڌي، جيڪو هڪ نوجوان سان تلاءُ تي گهمي رهيو هو: هن انهيءَ معاملي ۾ تمام تفصيل سان گفتگو ڪئي ۽ مون کي يقين آهي ته هو ضرور سچو  هوندو، ڇا ڪاڻ ته  هن کي نيري عينڪ هئي ۽ هن جو مٿو گنجو هو ...“

        ”مهرباني ڪري تون ڪهاڻي جاري رک، مان مل واري کي بيحد پسند ڪريان ٿو، منهنجا جذبات به نهايت سٺا آهن ۽ اسان ٻنهي ۾ نهايت همدردي آهي“.

        ”ٺيڪ آ!“ پکي ڪڏهن هڪ ٽنگ تي ۽ ڪڏهن ٻيءَ تي ٽپندي چيو، ”جيئن ئي سيارو ختم ٿيو، گلاب جا گل ٽڙڻ لڳا ته مل واري پنهنجي زال کي چيو: هاڻي مان هنس سان ملڻ ويندس“.

        ”تنهنجي دل به ڪيتري نه سٺي آهي“، هن جي زال چيو، ”تون هميشه ٻين جو خيال ڪندو رهين ٿو، ۽ خيال رک ته تون گلن لاءِ وڏي ٽوڪري کڻي وڃين“.

        مل واري، هوا جي زور سان هلندڙ مل کي لوهه جي وڏي زنجير سان ٻڌو ۽ ٽوڪري کڻي پهاڙيءَ تان هيٺ لهي ويو.

”صبح جو سلام، ننڍڙا هنس“ مل واري چيو.

”صبح جو سلام“ هنس جواب ڏنو.

”سياري ۾ تنهنجو ڪهڙو هال هو؟ مل واري چيو.

هنس چيو، ”اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان اهو پڇيو، منهنجو اهو وقت تمام ڏکيو گذريو، مگر هاڻي بهار آيو آهي ۽ مان ڏاڍو خوش آهيان، سمورا گل ٽڙي رهيا آهن!“

” اسان سياري ۾ اڪثر ڪري تنهنجو ذڪر ڪندا هئاسين ۽ سوچيندا هئاسين ته تنهنجو الائي ڪهڙو حال آهي“، مل واري چيو.

”اها اوهان جي مهرباني، مون کي ته ذري گهٽ اهو به خيال ٿيندو هو ته توهان مون کي وساري ڇڏيو آهي“.

”هنس ! مون کي تنهنجي انهيءَ ڳالهه تي حيرت لڳي ٿي، ياد رک ته دوستي ڪڏهن به وسري نٿي سگهي ...ها، تنهنجا بسنتي گلاب ڪيترو نه پيارا لڳن ٿا“. مل واري چيو.

”سچ ! اهي ڏاڍا پيارا آهن، منهنجي ڪيتري نه خوشنصيبي آهي، جو گل ايترا ججها ٿيا آهن، هاڻي ستت مان مارڪيٽ ۾ وڃي وڪڻندس،  پوءِ انهن پئسن سان هڪڙي هٿ گاڏي خريد ڪندس“، هنس چيو.

”هٿ  گاڏي وٺندين؟ انهيءَ جو مطلب ته تو پهرين هٿ گاڏي وڪڻي ڇڏي، اها تنهنجي ڪهڙي نه چريائپ هئي“.

”حقيقت هيءَ آهي ته مون کي اها وڪڻڻي پئي، اوهان کي خبر آهي ته سياري جي موسم منهنجي لاءِ تمام خراب ثابت ٿئي ٿي، مون وٽ مانيءَ خريد ڪرڻ لاءِ پئسو نه هو، انهيءَ ڪري سڀ کان اول، مون پنهنجي آرتوار تي پائڻ واري ڪوٽ جا چانديءَ جا بٽڻ وڪيا، پوءِ وري مون پنهنجي چانديءَ جي زنجير وڪي: ان کان پوءِ مون پنهنجو وڏو پائيپ وڪيو، سڀ کان آخر مون پنهنجي هٿ گاڏي وڪي، مگر هاڻي مان اهي سموريون شيون وري خريد ڪندس“.

        هنس کي، مل واري چيو: ”مان توکي پنهنجي هٿ گاڏي ڏيندس، جيتوڻيڪ اها پوريءَ طرح ٺيڪ ڪانهي، هن جو هڪڙو پاسي آهي ئي ڪونه، ڦيٿن جون تارون به ٺيڪ نه آهن، ليڪن انهيءَ جي باوجود مان اها گاڏي توکي ڏيندس، اها منهنجي تمام وڏي سخاوت چئبي، گهڻا ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته آءُ گاڏي ڏيئي وڏي نالائقي ڪري رهيو آهيان، مگر مان دنيا وارن جهڙو نه آهيان، مان سمجهان ٿو ته فياضي دوستيءَ جو  جوهر آهي، انهيءَ کان سواءِ منهنجي پنهنجي استعمال لاءِ مون وٽ ٻي هٿ گاڏي آهي، توکي ڪا به ڳڻتي ڪرڻ نه گهرجي، مان توکي پنهنجي هٿ گاڏي ضرور ڏيندس“.

        ”واقعي اها اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي“، هنس چيو ۽ هن جو گول گول چهرو خوشيءَ مان ٻهڪڻ لڳو، مون وٽ گهر ۾ هڪڙو تختو پيو آهي، انهيءَ سان هن جي مرمت ڪرائيندس“.

        ”ڪاٺ جو تختو“، مل واري چيو، ”مون کي پنهنجي گدام جي ڇت جي لاءِ هڪڙي تختي جي ضرورت آهي، جاءِ جي ڇت ۾ هڪڙو وڏو سوراخ آهي، جيڪڏهن مان انهيءَ کي بند نه ڪندس ته سموري ڪڻڪ پسي ويندي، ڪيتري نه خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي جو تو ان جو  ذڪر ڪيو آهي، هيءَ ڪهڙي نه توجهه طلب ڳالهه آهي ته هڪ سٺو ڪم ٻئي سٺي ڪم کي جنم ڏئي ٿو، مون تو کي پنهنجي هٿ گاڏي ڏني ۽ تون مون کي پنهنجو تختو ڏئي رهيو آهين، جيتوڻيڪ هٿ گاڏي جي قيمت تختي کان وڌيڪ ٿيندي، مگر سچي دوستي اهڙيون ڳالهيون نٿي ڏسي، مهرباني ڪري اهو تختو مون کي آڻي ڏي، مان اڄ ئي ڀانڊي جي ڇت جو ڪم شروع ڪرايان“.

        ”حاضر!“ ننڍڙي هنس رڙ ڪري چيو ۽  هو ڊوڙي پنهنجي منهن ۾ ويو ۽ تختو ڇڪي ٻاهر آيو.

        ”هي ڪو وڏو تختو ناهي“، مل واري تختي کي ڏسندي چيو، ”۽ مون کي خوف آهي ته جڏهن مان پنهنجي ڪوٺيءَ جي ڇت جي مرمت ڪندس ته تنهنجي گاڏي  جي مرمت لاءِ تمام ٿورو ٽڪر باقي بچندو، پر ان ۾ منهنجو ڏوهه ناهي، مان بهرحال توکي پنهنجي هٿ گاڏي ڏيئي رهيو آهيان ۽ مون کي اميد آهي ته تون ان جي بدلي مون کي ڪجهه گل ضرور ڏيندين، اجها  هيءَ ٽوڪري حاضر آهي، مهرباني ڪري سڄي ڀري ڏجانءِ“.

        ”سڄي !“ هن افسوس سان چيو، ڇا ڪاڻ ته ٽوڪري تمام وڏي هئي ۽ هنس ڏٺو ته جڏهن اها ڀري ته پوءِ وٽس مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ لاءِ ڪي به گل نه بچندا ۽ هو چانديءَ جا بٽڻ واپس وٺڻ لاءِ بيتاب هو.

        مل واري چيو ”ڏس نه! مون تو کي پنهنجي هٿ گاڏي، بنا ڪنهن اجوري ڏيڻي ڪئي آهي، هاڻي موٽ ۾ تو کان گلن جي گهر بيواجبي ته نه آهي، شايد مان غلطيءَ تي هجان، مگر مون کي ته اهو ئي خيال اچي ٿو ته سچي دوستي، هر قسم جي خودغرضي کان پاڪ هئڻ گهرجي“.

        ”منهنجا عزيز دوست ! منهنجا بهترين دوست“، هنس رڙ ڪري چيو، ”تون باغ جا سمورا گل کڻي وڃي سگهين ٿو، مان پنهنجي چانديءَ جي بٽن خريد ڪرڻ کان تنهنجي سٺي راءِ حاصل ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪريان ٿو“، هو ڊوڙندي ويو ۽ گلن سان ٽوڪري ڀري کڻي آيو.

        ”خدا حافظ ننڍڙا هنس !“ مل واري چيو ۽ تختي کي ڪلهي تي رکي، وڏي ٽوڪريءَ ۾ هٿ وجهي پهاڙيءَ تي چڙهي ويو، هنس به ”خدا حافظ“ چئي، اتي ئي ويٺي ڪاٺيءَ سان زمين کوٽڻ لڳو، دراصل هٿ گاڏيءَ جي ملڻ تي تمام خوش هو.

        ٻئي ڏينهن هو دالان ۾ ڪجهه ٻوٽن هڻڻ لاءِ ڪلا ٺوڪي رهيو هو ته اوچتو مل واري کي رستي تان آواز ڏيندي ٻڌو، هو ڊوڙندو باغ جي ديوار تائين آيو، هن ڏٺو ته مل وارو اٽي جي هڪ وڏي ٻوري کنيو بيٺو هو!

        ”پيارا هنس !هيءَ ٻوري مارڪيٽ تائين کڻائي هلين ته وڏي مهرباني“.

        هن چيو. ”اڄ ته مان ڏاڍو ڪم ۾ رڌل آهيان، مون کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، معافي ٿو گهران“.

        ”خير ...! مل واري چيو، ”پر اهو نه وسارج ته مان توکي پنهنجي هٿ گاڏي ڏيڻ وارو آهيان ۽ تنهنجو هن ڪم ۾ انڪار ڪرڻ دوستيءَ جي خلاف آهي“.

        ”ٻيلي ائين نه چئو“، ننڍي هنس رڙ ڪري چيو، ”مان دوستيءَ تي دنيا جي هر چيز قربان ڪري سگهان ٿو“. هو ڊوڙندو پنهنجي ٽوپي  پائي آيو ۽ ٻوري  ڪلهي تي رکي هلڻ لڳو.

        اهو ڏينهن تمام گرم هو  رستي تي ڏاڍي ڌوڙ هئي، جڏهن هنس ڇهين ميل واري پٿر وٽ پهتو، تڏهن هو ايترو ٿڪجي پيو، جو هن کي ويهي آرام ڪرڻو پيو، تڏهن به بهادريءَ سان هلندو رهيو، آخر مارڪيٽ ۾ پهتو، ڪجهه انتظار بعد هن اٽي جي ٻوري سٺي قيمت تي وڪي ۽ پوءِ هڪدم گهر موٽي آيو، ڇا ڪاڻ ته هن کي ڊپ هو ته تمام دير ٿي ويندي ته پوءِ رستي ۾ کيس ڌاڙيل نه ملي وڃن.

        ” اڄوڪو ڏينهن منهنجي لاءِ تمام خراب هو“، هنس سمهڻ مهل سوچيو. ”پر مون مل واري سان انڪار نه ڪيو سا سٺي ڳالهه آهي: ڇا ڪاڻ ته هو منهنجو بهترين دوست آهي، پر انهيءَ کان سواءِ هو مون کي پنهنجي هٿ گاڏي به ڏيئي رهيو آهي“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com