سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1968ع

مضمون:

صفحو :17

لطف الله بدوي

شاهه شجاع المُلڪ

قسط (1)

جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارون جوکو

سائين ڪري سوکو، وري سک سري ۾!

    (صنعت)

        تاريخ جي هيءَ المناڪ حقيقت آهي ته سنڌ کي هميشه بولان جي لڪ کان تڪليفون پهچنديون رهيون آهن، جنهن جو سنئون سڌو تعلق قنڌار سان رهيو آهي. اتان ئي ارغون ۽ ترخان سنڌ ۾ آيا، مگر ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ مسلسل پنجاهه سالن تائين قنڌاري طاقن جي حملن جو آماجگاهه بڻي رهي، هن تفصيلي ذڪر کان قطع نظر مون کي هتي دراني خاندان جي آخري تاجدار شاهه شجاع الملڪ جي حڪومت جي ايام جو ذڪر ڪرڻو آهي، جو ميرن جي دور جو اهم باب آهي.

تمهيد:

        شاهه شجاع الملڪ جنهن کي تاريخ ۾ شاهه شجاع به ڪري لکيو ويو آهي، اهو بدقسمت تاجدار هو جنهن جي حڪمراني جي هوس آخر ميرن جي مٿان به تباهي آڻي وڌي. شاهه شجاع کي سنڌ جو عوام شاهه سجاول جي نالي سان به سڏيندو آهي، جڏهن ڪنهن کي ڪو وڏي ڇنڊ ڦوڪ سان ڏسندو آهي ته چوندو آهي ته ”ڄڻ سجاول اچي ويو آهي“، اتر سنڌ ۾ هي شڪسته نالو جان تان گهڻو مشهور آهي، سلطنتن جي تباهي ۽ بادشاهه گردي، تاريخ ۾ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي تخت ميسر هو ته تختو به ان جي انتظار ۾ ٿي رهيو، هنن واقعن کان متاثر ٿي، شاعرن دنيا جي بي ثباتيءَ جي وڏي شڪايت ڪئي آهي. شيراز جو شاعر ، ”حافظ“ ان حقيقت کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ هيئن ٿو بيان فرمائي:

ڪم ڪن ز ڪبرو نازڪ، ديده ست روزگار

چين، قباي خسروي، طرف ڪلاه ڪي (1)

شاهه شجاع جي پر انقلاب حيات تي جيڪڏهن نظر ڪبي ته اسان کي دنيا جي بي ثباتيءَ جو هڪ عبرتناڪ نقش نظر ايندو.

شاهه شجاع دراني خاندان جو چشم و چراغ هو، سندس  ڏاڏي احمد شاهه ابداليءَ جي فتحمند ڪارنامن کي تاريخ جا ورق، قيامت تائين پنهنجي سيني سان سانڍي رکندا، سندس ڪاميابيءَ جو عظيم واقعو ”پاڻي پٽ“ جو ميدان آهي، جتي مرهٽن جي تاجدار، سڄي هندستان جي فوجن کي آڻي جمع ڪيو هو. هندو فوج جي شڪوه ۽ عزم کي ڏسي خود احمد شاهه ابداليءَ جي خير خواهن ۾ سرگوشيون پئي ٿيون ته ”هتان بادشاهه جو زنده بچي وڃڻ به ڪرامت ٿيندو“.  هن لڙائي جي هندو مورخ ڪانسي رام جي قول جي مطابق ”نجيب الدوله روهيلو پنهنجي سلامتيءَ لاءِ مرهٽا فوج جي سپهه سالار ڀائوءَ کان مخفي طور جان جي سلامتي جو پروانو حاصل ڪري چڪو هو (2). مگر هن بهادر شاهه جي تدبير ۽ شجاعت دشمن جي ٻه لک فوج جي سامهون، چاليهه هزارن جي مختصر جماعت کي آڻي بيهاريو. تاريخ شاهد آهي ته هن اها فتح حاصل ڪئي، جنهن کي ”فتح الفتوح“ چئجي ته به بجا آهي، مرهٽن جي وڌندڙ هوس اوج ۽ عروج جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي ويو ۽ سندن هندستان جي فتح جو خواب تنشه تڪميل رهجي ويو، زيرين هند تي پوءِ به سندن حڪومت رهي، مگر منجهن اهو دم ۽ خم نه رهيو، هنن ڀلجي به پوءِ اتر هندستان جي طرف اک نه کنئي، برفپوش وادين ۾ رهڻ وارن جو مٿن ايڏو ته خوف غالب رهيو جو دکن ۾ ابداليءَ جو نالو خوف ۽ خطري جو مثال بڻجي ويو، مورخن سچ لکيو آهي ته : ”هن تاجدار ڪڏهن شڪست جو نالو ئي نه ٻڌو هو“. فاعتبرو يا اولي الابصار!

احمد شاهه ابداليءَ جي وفات کان پوءِ سندس نامور فرزند تيمور شاهه ٿوري وقت جي ڪشمڪش کان پوءِ تخت تي ويٺو، افغانن جي طوطا چشميءَ جي باعث، سندس حڪومت جو ابتدائي دور بغاوتن ۽ شورشن جي ختم ڪرڻ ۾ گذريو. منظم ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجي فتوحات کي وسيع ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڏني. پنجاب، ڪشمير، ملتان، ديره جات، بهاولپور ۽ سنڌ ۾، جي ان وقت سندس زيرنگين هئا، انتشار ڇانيل هو. پنجاب ۾ سک نئين ريت منظم ٿي رهيا هئا ۽ هيءُ سٺ هزار خونخوار بگهڙن جو مجموعو، ديره جات تي حملي ڪرڻ لاءِ وڌيو. تيمور شاهه سندن خوني تحريڪ کي روڪڻ لاءِ پنهنجي سفير کي وٽن موڪلي ڏنو، مگر خالصا فوج جي سالار نهايت بيدرديءَ سان سفير ۽ سندس ساٿين کي تيرباران ڪيو (3). هيءَ خبر جڏهن تيمور شاهه کي پئي، تڏهن هو انتقام جي جوش کان ديوانو ٿي ويو، هن گلنار پوشاڪ پهري جا سندس غيظ ۽ غضب جي نشاني هئي، هو برفاني موسم ۾ برفپوش وادين کان تيزيءَ سان گذري، خيبر جي سنگلاخ زمين سان ٽڪرندو، سنڌونديءَ کان اٽڪ وٽ پار ٿيو. هو اهڙو ته خاموشي سان اڳتي وڌيو، جو سندس تڪڙي ڪوچ جي دشمن کي ڪا خبر پئجي نه سگهي. تيمور شاهه سندن سر تي ناگهاني آفت وانگر وڃي پهتو. تاريخ هن حقيقت جي شاهد آهي ته سندس حملو ايڏو ته دليرانه ۽ سخت هو جو ان سٺ هزار انسانن مان هڪ به جان بچائي نه سگهيو ۽ هڪ ڀيرو وري سڄو ئي ملڪ ”دولت درانه“ جي قبضي ۾ اچي ويو. سندس سلطنت جون حدون ترڪستان کان وٺي پنجاب ۽ ڪشمير جي انتهائي ڇيڙي تائين وسيع ٿي ويون. هيءُ خوشقسمت تاجدار، ٽيويهن سالن جي ڪامياب حڪومت کان پوءِ سن 1206 هجري ۾ وفات ڪري ويو. پنهنجي پويان اٺ فرزند ڇڏي ويو (4). جن مان همايون، زمان شاهه، محمود ۽ شجاع الملڪ جا نالا تاريخ ۾ خصوصيت سان مشهور آهن.

زمان شاه (1204هه-1207هه):

        جڏهن تيمور شاهه جو انتقال ٿيو، تڏهن اراڪين سلطنت هن کي مخفي رکيو، جڏهن سڀئي شهزادا بالاحصار جي قلعي ۾ گڏ ٿيا، تڏهن اميرن کين ٻڌايو ته بادشاهه وفات ڪري ويو آهي، اهڙيءَ حالت ۾ زمان شاهه کي تخت تي ويهاريو وڃي، جو شاهي حڪم موجب اڳ ۾ ئي ولي عهد نامزد ٿي چڪو هو. مگر افسوس جو تيمور شاهه جو هڪ فرزند عباس، زمان شاهه جي مخالفت تي اٿي بيٺو، پر اميرن موقعي کان ڪم وٺي عباس کي گرفتار ڪري ورتو ۽ زمان شاهه کي تخت تي ويهاريو.

        عباس کان پوءِ سندس وڏي ڀاءُ همايون شاهه، جو قنڌار جو حاڪم هو، بغاوت ڪئي، مگر زمان شاهه جي مقابلي ۾ پنهنجون اکيون وڃائي ويٺو، هنن بغاوتن کان متاثر ٿي، زمان شاهه سڀني ڀائرن کي بالاحصار جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو. گهرو جهڳڙن کان فارغ ٿي، هيءُ به پنهنجي پيشروئن وانگر فتوحات جي طرف ڏي رجوع ٿيو. تيمور شاهه جي وفات کان پوءِ سک وري منظم ٿي رهيا هئا مگر زمان شاهه سندن سرڪوبيءَ لاءِ وڃي پهتو. لاهور جو حاڪم نهال سنگهه، بادشاهه جي آمد جي خبر ٻڌي ايترو حراسان ٿي ويو جو قلعي جي دروازي جون ڪنجيون شاهه چراغ جي حوالي ڪري (5)، پاڻ وڃي امرتسر نڪتو. شاهه بنا ڪنهن مقابلي جي ، غره رجب 1210 هجري تي لاهور ۾ داخل ٿيو. اتي ٿوري وقت جي قيام کان پوءِ کيس خبر پهتي ته سک وڏي انداز ۾ شيخوپوره ۾ گڏ ٿي رهيا آهن. زمان شاهه پنهنجي وزير مختار الدوله شير محمد خان کي سندن سزا ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو، پر سندس پهچڻ کان اڳ ۾ سک منتشر ٿي ويا. زمان شاهه پنهنجي فتوحات جي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ ٿي گهريو، پر هڪ تيز رفتار قاصد کيس خبر ڏني ته سندس ڀاءُ محمود بالاحصار کان ڀڄي نڪتو آهي ۽ هرات تي قبضو ڪري مقابلي لاءِ ڪابل وڃي رهيو آهي. زمان شاهه هن خبر کي ٻڌندي ئي فتوحات کي ٻئي موقعي لاءِ ترسائي، تيزيءَ سان ڪابل روانو ٿيو، هرات جي نزديڪيءَ ۾ محمود شاهه بريءَ طرح شڪست کائي ڪوهستان جي طرف ڀڄي ويو، زمان شاهه هرات تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ، محمود جي تعاقب ۾ فوجون موڪلي ڏنيون ۽ پاڻ قنڌار کان ٿيندو ڪابل ۾ پهتو. افسوس، جو زمان شاهه هن مهم کي اڌورو ڇڏيو، جنهن جو نتيجو پوءِ خراب نڪتو.

        هيءُ اهو زمانو هو جڏهن انگريز پنهنجا قدم هندستان ۾ مضبوط ڪري چڪا هئا  ميسور جي مجاهد ۽ وطن پرست سلطان ٽيپوءَ سان دست بگريبان ٿي رهيا. فرانس جي انگريز دشمن بادشاهه نيپولين کان نااميد ٿي هن ان وقت جي اسلامي تاجدارن کي هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ جي دعوت ڏني. هيءَ گويا پهرئين ”پان اسلامڪ“ تحريڪ هئي، مگر افسوس جو هن دعوت تي زمان شاهه کان سواءِ ڪنهن ٻئي اسلامي تاجدار لبيڪ نه چئي. هڪ سياسي مبصر جي حيثيت سان زمان شاهه، فرنگين جي طاقت کي قريب کان وڌندو ۽ ويجهندو ڏٺو. بنگال ۽ ائوڌ انگريزي اقتدار هيٺ اچي چڪا هئا. دهليءَ جو مغل تاجدار پنهنجي طاقت وڃائي ويٺو هو، نظام مرهٽن جي خوف کان، انگريز جو حليف بڻجي چڪو هو. مرهٽا خود انگريزي طاقت کان لرزي رهيا هئا، فقط ميسور جي شير جي گاج هندستان ۾ گونجي رهي هئي. اهڙي افراتفريءَ جي دور ۾ انگريز جي فريبي چالبازين کان زمان شاهه جو متاثر ٿيڻ ضروري هو. سندس پهرين نظر سنڌ ڏانهن اٿي وئي، ان زماني ۾ مير فتح علي ٽالپر حڪومت جو باني تخت تي هو. بمبئيءَ جي گورنر سر جوناٿن ڊنڪن، پنهنجي حڪومت جي طرفان، ”ناٿن ڪرو“ کي سندس خدمت ۾ سفير ڪري موڪليو ته اهو واپاري سلسلو، جو ميان سرفراز شهيد جي حڪم سان منقطع ٿي ويو هو، وري جاري ڪيو وڃي. مير موصوف پنهنجي دريا دليءَ کان ڪم وٺي، هن غارتگر واپارين کي سنڌ سان وري تجارتي تعلقات قائم رکڻ جي اجازت ڏني. هنن فوري طرح هن اجازت جو فائدو وٺي ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ پنهنجيون تجارتي ڪوٺيون قائم ڪيون، مگر زمان شاهه جون مبصر اکيون، انگريزن جي هوس رانين ۽ ريشه دوانين کان بيدار ٿي چڪيون هيون. ظاهر ۾ سلطان ٽيپوءَ جي دعوت تي لبيڪ هئي، مگر باطن ۾ هو فرنگي سياست جي شطرنجي چال کان بيزار ٿي چڪو هو. هن مير فتح علي کي لکي موڪليو ته: فرنگي جي ڪوٺين کي هو پنهنجي قلمرو ۾ هڪدم بند ڪري ڇڏي، زمان شاهه جو هي حڪم اهڙو نه هو جو مير صاحب ان کان انڪار ڪري سگهي، ٻن ڏينهن ۾ تجارتي ڪوٺيون بند ٿي ويون ۽ انگريز گورنر هن بيعزتيءَ تي خاموشيءَ سان برداشت ڪيو (6)، پر ان برداشت جي اندر وڏو طوفان لڪل هو. مان هن حقيقت جي تفصيل ۾ نه ويندس، ڇو ته هيءُ منهنجي موضوع سان تعلق نٿو رکي، مگر سن 1799ع  ۾ سرنگانپٽم جي فتح ۽ سلطان جي شهادت کان پوءِ سر جوناٿن پنهنجو توجهه زمان شاهه جي طرف ڏ نو، جو ان وقت بلخ کان وٺي عربي سمنڊ تائين اها طاقت پئي سمجهيو ويو جنهن جي تسخير ميدان جنگ ۾ انگريزن لاءِ  بيحد مشڪل هئي. ”سرجان مالڪوم“ ان وقت جي انگريز گورنر جنرل لارڊمنٽو جي حڪم سان سفارت کي وٺي، ايران جي شهنشاهه ڏانهن روانو ٿيو، سرجوناٿن ڊنڪن هڪ ديسي ماڻهو مهدي علي خان جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون ته جيئن هو ايران جي دربار ۾ رهي، افغانستان جي خلاف شيعا ۽ سني جو نزاع پيدا ڪندو رهي. لارڊمنٽو هڪ خط ۾ بمبئيءَ جي گورنر کي لکيو هو ته (7):

     ”مان ان ماڻهوءَ ڏي اشارو ڪريان ٿو، جنهن کي اوهان هن خاص مقصد لاءِ انتخاب ڪيو آهي، هندستان تي زمان شاهه جي حملي کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته مهدي علي خان جي سرگرمين کي تيز ڪيو وڃي“.

        افسوس جو زمان شاهه انگريزن جي هن فتنه انگيزين جو شڪار ٿي ويو. هو پنهنجي مستقبل کان بي خبر هندستان ڏي روانو ٿيو. لاهور ۾ پهچي پنجاب جي بندوبست ۾ نئين سر لڳي ويو. سندس خواهش هئي ته پنجاب جي معاملن کان جلدي فارغ ٿي ڪابل پهچي وڃي. ايتري ۾ کيس ڪابل مان وقائع نويس جي عرضي پهتي ته محمود وري هرات ۾ ظاهر ٿيو آهي ۽ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو اٿس، ساڻس قنڌار جي ڪن سردارن جي به رفاقت آهي، هن خبر کي ٻڌي زمان شاهه بيتاب ٿي ويو. نهايت عجلت سان سنڌ کان ٿيندو قنڌار  پهتو. محمود جي ڪن رفيقن کي قتل جو حڪم ڏنائين. مگر سردار پاينده خان جي غلط مشوري تي لڳي ڪن بيگناهه سردارن ۽ رئيسن کي موت ۽ قيد جي سزا ڏني وئي. هن غير واجبي روش کان ماڻهو پاينده خان جي طرفن کان تشويش ۾ پئجي ويا. قنڌار جي ماڻهن گڏجي زمان شاهه کان پاينده خان جي خلاف ڪيتريون ئي دانهون ڏنيون، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو بادشاهه پاينده خان جي خلاف بدگمان بڻجي ويو. ايتريقدر جو سندس سلامي موقوف ڪئي وئي ۽ دربار ۾ سندس اچڻ تي بندش وڌي وئي. هن حالت کي ڏسي پاينده خان جي فرزندن ۾ جي سڀ تنومند ۽ بهادر هئا پريشاني پيدا ٿي. هنن کيس عرض ڪيو ته ”اسان ڏسون ٿا ته بادشاهه جي طبيعت ۾ انقلاب اچي ويو آهي، چڱو ائين ٿيندو ته اسان پنهنجي وطن پهچي وڃون، جيئن بادشاهه جي دستبرد کان بچي وڃون“. اگرچ هن صلاح ۾ دور انديشي ۽ مصلحت هئي، مگر پاينده خان وفا ڪيشي کي مدنظر رکي، پنهنجن پٽن کي چيو ته ”منهنجي خير خواهي، مون کي اجازت نٿي  ڏئي ته جنگ جي ميدان ۾ مان پنهنجي بادشاهه کي ڇڏي جان بچائي وڃان. موت اڄ يا سڀاڻ ايندو، مگر مان هيءُ نٿو چاهيان ته منهنجي مرڻ کان پوءِ ڪو اوهان کي ائين نه چوي ته اوهان هڪ غدار جي اولاد آهيو، ان ڪري اسان کي مشيت ايزدي جي آڏو نه اچڻ کپي“. افسوس جو زمان شاهه ناعاقبت انديشيءَ جي باعث سردار پاينده خان کي بيگناهه قتل ڪرائي ڇڏيو (8). جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سردار پاينده خان جا سڀئي فرزند محمود جا دوست بڻجي ويا. زمان شاهه قضا ۽ قدر جي ڪارخاني کان بي خبر اهڙي نازڪ وقت ۾ قنڌار کي ڇڏي ڪابل روانو ٿي  ويو. محمود پاينده خان جي فرزند فتح خان جي مدد سان قنڌار تي قبضو ڪري پنهنجي سلطنت جو اعلان ڪيو. بدقسمتيءَ سان زمان شاهه قابل کان ٿيندو ٽيون ڀيرو وڃي هندستان پهتو. محمود سندس غير حاضريءَ جو فائدو وٺي تيزيءَ سان ڪابل تي چڙهي ويو ۽ ان کي فتح ڪري ورتائين. زمان شاهه کي جڏهن هيءَ خبر لاهور ۾ پهتي ته حڪومت جو ڪاروبار رنجيت سنگهه جي حوالي ڪري (جو ان وقت سندس فوج ۾ ملازم هو) پاڻ طوفان وانگر افغانستان ڏي وڌيو(9). محمود به پنهنجي فوج سان اڳتي وڌيو، خيبر جي دڙي وٽ خونريز لڙائي لڙي وئي، قسمت زمان شاهه کي نه ڀڙايو. شڪست کائي قيد ٿي پيو، بيدرد ڀاءُ وڏي بيرحميءَ سان ان تاجدار جون اکيون ڪڍائي انڌو ڪري ڇڏيو، بعد ۾ کيس بالاحصار ۾ قلعي ۾ قيد ڪري رکيو ويو. زمان شاهه جي برباديءَ کان پوءِ شجاع الملڪ جو تاريخ ۾ نالو ٿو اچي.

 شاهه شجاع جي تخت نشيني.

شاهه شجاع، زمان شاهه جو سڳو ڀاءُ هو، پنهنجي والد جي وفات وقت سندس عمر سورنهن ورهيه مس هئي، سندس تربيت زمان شاهه جي نظر هيٺ ٿي هئي، هو هر سفر ۾ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ٿي رهيو ۽ سندس خيمو شاهي خيمن کان پري نه هوندو هو، شاهه زمان جي انڌي ٿيڻ کان پوءِ سندس اندر ۾ انتقام جي باهه ڀڙڪو کائي اٿي. هو ان وقت پشاور ۾ هو، جتي زمان شاهه جي فوجن جو سپهه سالار حافظ شير محمد باميزئي، پنهنجي آقا جي شڪست کان پوءِ اچي ساڻس گڏيو هو، هن شخص شجاع سان تعاون ڪيو. هن خيبر جي افغانن، باميزئي ۽ ٻين کي پاڻ سان ملايو ۽ شاهه شجاع کي تخت تي ويهاريو. شاهه شجاع جي هيءَ تخت نشينيءَ به غريب الوطنيءَ ۾ ٿي، نه چراغبندي هئي نه شاهاڻو جشن! نئون بادشاهه پنهنجي مستقبل کان به غير مطمئن هو. مگر سندس سرپرست مختار الدوله حاجي شير محمد وڏي طاقت واري شخصيت هو. سندس والد اشرف الوزراءَ شاهه ولي خان، احمد شاهه ابداليءَ جو وزيراعظم هو. ان ڪري سندس رسوخ خيبر ۽ سندس گرد و نواح جي قبائل ۾ تمام گهڻو هو. اگرچ درانين، شاهه ولي ۽ ان جي خاندان سان سخت بيمروتيءَ جي روش ورتي هئي، مگر ان هوندي به شير محمد جو زمان شاهه جي وفادار رفيقن مان هو، پنهنجي آقا جي انتقام لاءِ شاهه شجاع جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو، هن شاهه شجاع لاءِ وڏي فوج گڏ ڪري ورتي، ان فوج سان گڏ شاهه شجاع خيبر جي تاريخي دڙي کان اڳتي وڌيو. محمود جي فوجن سان ٽڪرندو، اڳتي وڌندو رهيو، محمود پنهنجي مخالف جي ارادن کان غير واقف نه هو، مگر ڪابل جي حالتن کان به غير مطمئن هو. افغانن جي بيمروتيءَ کان ڊنو ٿي. هن جنهن غاصبانه طريقي سان ڪابل جو تخت هٿ ڪيو هو، ان کان خوف پئي ٿيس ته متان سندس غير حاضريءَ جو وجهه وٺي، زمان شاهه جا طرفدار خود دارالسلطنت ۾ نه ڪو خلم ٻاري وجهن، ان ڪري ٻاهر نڪرڻ کان پئي ٿي ڪيٻايو. جيئن جيئن شير محمد کي وقت ملندو ٿي ويو، هو ويو ٿي پنهنجي فوج کي مضبوط کان مضبوط تر بنائيندو. تان جو شاهه شجاع پنهنجي فوج سان گڏ جلال آباد ۾ پهچي ويو. محمود، شجاع جي ڪاميابي کان پريشان ٿي ويو. هن پنهنجي وڏي پٽ ڪامران کي، شاهه شجاع سان مقابلي ۾ ڏياري موڪليو. جلال آباد جي قريب ٻئي فوجون هڪ ٻئي جي سامهون صف آرا ٿيون. ٻئي ڏينهن خونريز جنگ شروع ٿي وئي. ڪامران جي فوج دل کولي مقابلو ڪيو، مگر جهانديده جنرل حاجي شير محمد جي مقابلي ۾ ڪامران بيهي نه سگهيو. سندس فوج جو وڏو حصو ميدان جنگ ۾ مارجي ويو. پاڻ ٿورن سپاهين سان جان بچائي ڪابل روانو ٿيو. شاهه شجاع هن فتح کان پوءِ وڏي دليريءَ سان ڪامران جي تعاقب ۾ ڪابل ڏي وڌيو. محمود پنهنجي پٽ جي ناڪاميابيءَ کان دل ته هاري ويٺو، مگر دشمن سان آخري فيصلو ڪندڙ لڙائي لاءِ پوري فوج سان ڪابل کان ٻاهر نڪتو. ان وقت شاهه شجاع به اچي ڪابل جي نزديڪ پهتو هو، جتي هن محمود کي مقابلي جي لاءِ تيار ڏٺو. محمود بنا ڪنهن انتظار جي شاهه شجاع جي ٿڪل فوج تي حملو ڪري ڏنو، مگر شير محمد نهايت استقلال سان سندس مقابلي ۾ بيهي رهيو. هن پٺتي هٽڻ جو نالو وساري ڇڏيو.سڄو ڏينهن سخت لڙائي ٿيندي رهي، شام جو محمود جي فوجن ۾ پريشاني پيدا ٿي.  شير محمد وقت کي موزون ڏسي پنهنجي تازه دم فوجن سان دشمن تي فيصلو ڪندڙ حملو ڪري ڏنو. هيءُ حملو ايڏو ته سخت هو جو محمود جي فوج ان کي برداشت نه ڪري سگهي ۽ ڀڄڻ لڳي. محمود خود مشڪل سان پنهنجي جان بچائي ڪابل پهتو، جتي هر طرف انتشار پکڙيل هو، محمود ڪابل ۾ سلامتي نه ڏسي پنهنجي اهل ۽ عيال سان قنڌار جي طرف روانو ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com