سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ (رني ڪوٽ نمبر)

مضمون

صفحو :13

 

بشير انصاري

زميني علم ۾ رني ڪوٽ جي اهميت

هيءَ قديم اڏاوت، پنهنجي مضبوطيءَ، پائيداريءَ ۽ جٽاءَ جي ڪري، ڪيترين صدين کان سنڌوءَ جي اولهه ڪناري کان ويهه ميل پري، سنڌ جي سهڻي اڏاوت، پائيدار عمارت سازيءَ ۽ بي مثال رسمن جو هڪ اعليٰ نمونو ۽ سهڻو ڏيکاءُ آهي.

پنهنجي ڏوراهين فاصلي ۽ ڏکئي پنڌ جي ڪري هيءَ اڏاوت ڪيئي صديون تاريخدانن ۽ آثار قديمه جي ماهرن کان لڪل رهي، ايستائين جو سن 1876ع ۾ زميني علم جي هڪ ماهر مسٽر بلان فورڊ اولاهين سنڌ جي جبلن جو اڀياس ڪندي ڏسي ورتي ۽ پنهنجن ڪتابن ۾ انهيءَ جو ذڪر به ڪيو.

اڄ جي ڪن تاريخدانن، هن اڏاوت کي ٽالپورن جي حڪومت ۾، مير ڪرم علي خان جو ڪرشمو ڪوٺيو آهي، جڏهن ته ڪئين سال اڳ ميرڪ يوسف پنهنجي ڪتاب تاريخ  ”مظهر شاهجهاني“  ۾ ڪوهه ميري ۽ آمريءَ جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي، تنهن مان هن ڪوٽ متعلق پتو پوي ٿو. اڄ به هن قلعي جي هڪ دروازي کي ڪوٽ ميري ۽ هڪ ٻئي دروازي کي آمري ڪوٽ چيو وڃي ٿو.

هن قلعي جي اڏاوت ۽ پکيڙ مسٽر بلان فورڊ کي ايترو ته وڻي ۽ هو ان کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو هن صاحب جبلن جي هن قطار کي  ”رڻي ڪوٽ جنسار“  (Ranikot Formation) جي نالي سان ڪوٺيو. اهي جبلن جا تهه پاڪستان ۾ جتي ڪٿي به هجن، انهن کي رڻي ڪوٽ جنسار (Ranikot Formation) سڏيو وڃي ٿو. قلعي جو وڏو ڀاڱو انهن جبلن جي تهن تي پکڙيل آهي.

هن قلعي کي اتان جي رهواسين جي ٻولين پٽاندڙ ٽن لهجن ۾ مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن مان قلعي جي تاريخ تي به روشني پئجي سگهي ٿي. مثال طور ڪي چون  ”رني ڪوٽ“ ، معنيٰ  ”رن زال جو ڪوٽ“،  ٻيا چون  ”رڻي ڪوٽ“ ، رڻ يا بر ۾ ڪوٽ، ٽيان وري ان کي  ”راڻي ڪوٽ“ چوندا آهن، جنهن جي معنيٰ آهي  ”راڻيءَ جو ڪوٽ“ .

جيڪڏهن مٿين نالن جي روشنيءَ ۾ ڪوٽ جي تاريخ جي کوجنا ڪبي، ته اهو ڪوٽ هندو ڌرم ۾ عقيدو رکندڙ  ”رنن“  جو ڪوٽ هو. اهو چچ کان آڳاٽو دور آهي. ٻيءَ صورت ۾ هيءُ قلعو انهن ماڻهن طرفان آباد ڪيل ٿو ڏسجي، جيڪي رڻ جا رهواسي هئا يا ٽئين نالي مان هيءُ ڪوٽ  ”راڻي سونهندي“  جو ٿي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري جو  ”راڻي سونهندي“  کي سنڌ جي تاريخ ۾ تمام گهڻو ياد ڪيو وڃي ٿو. ننڍي کنڊ ۾ اها پهرين  ”راڻي“  هئي، جنهن سڌيءَ طرح عام ماڻهن تي حڪومت هلائي.

رني ڪوٽ جي تاريخ ۽ ڄمار بابت ڪو حتمي فيصلو ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته قلعي جي اڏاوت، عمارت ۾ ڪتب ٿيل مال، مثال طور سيمنٽ وغيره، يا رني ڪوٽ جي اڏاوت سان ملندڙ جُلندڙ ڀرپاسي وارين اڏاوتن ۽ جبلن جي تهن جو اڀياس ڪيو وڃي. ساڳئي نموني رني ڪوٽ جي تهن ۽ انهيءَ وقت جي جاندارن (وڻن، ٻوٽن ۽ جانورن) جو گهرو مطالعو به تمام اهم ۽ نهايت ئي ضروري آهي.

رني ڪوٽ جون ڀتيون (عالم پناهون) سخت چن جي پٿر، سرن ۽ ريتيلي پٿر جون جڙيل آهن، پر گارو ۽ گـچ (Cementing Material) مختلف جڳهين تي مختلف استعمال ٿيل آهي. انهيءَ جو ڪارڻ اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته ڪوٽ جي اڏاوت گهڻن مرحلن ۾ ٿي آهي ۽ انهن مرحلن جو ويڇو به ڪافي وڏو ٿو ڀانئجي، ايتري قدر جو ڪٿي ڪٿي اهو گارو موجوده سيمنٽ جهڙو آهي. تنهن جو مطلب ته وقت گذرڻ سان گاري جي ڄاڻ به وڌي آهي. انهيءَ گاري ۾ چـُـن، چيرولي ۽ چيڪي مٽي شامل آهن، جيڪي اڄڪلهه جي سيمنٽ جا مکيه ڪيميائي اجزا آهن. گاري ۾ جيڪي مٽيون استعمال ٿيل آهن، سي عام رواجي اليمينا مٽي کان مختلف ۽ جهجهي مقدار ۾ آهن. ان کان علاوه خود اليمينا مٽي به شامل آهي. ڪٿي وري قدرتي سيمنٽ ۾ پوسولونا مٽيون به ڪتب آندل ٿيون ڏسجن. اهو سمورو ڪچو مال، معدنيات ۽ پٿر اڄ به رني ڪوٽ جي اندر يا ان جي پسگردائيءَ ۾ موجود آهي.

رني ڪوٽ جا معمار ڪير به هجن، پر اها حقيقت آهي ته اهي معمار، انهن پٿرن (معدنيات) جي خاصيتن ۽ انهن جي استعمال بابت خوب ڄاڻ رکندڙ هئا. هنن پنهنجي ڄاڻ، سمجهه ۽ علم کي عمل آڻيندي ۽ رني ڪوٽ ۾ موجود وسيلن کي ڪتب آڻيندي، ڪيميائي جزن مان ٺهيل گارن کي استعمال ڪيو.

انهيءَ مان اها ڄاڻ به حاصل ٿئي ٿي ته انهيءَ زماني جا ماڻهو اعليٰ پائي جا معمار ۽ پنهنجي فن جي وڏي ڄاڻ رکندڙ هئا: هنن جي هنرمندي بيمثال هئي. انهن جي معدنيات متعلق ڄاڻ ڪئين هزارن سالن جي معلوم ٿئي ٿي. جنهن جو واضح ثبوت ننگرپارڪر جي ڀرسان  ”پاري نگر“  نالي سامونڊي تمدن ۽ تهذيب جي ترقي آهي. اهي آثار اڄ به اتي موجود آهن. انهيءَ تهذيب جا رني ڪوٽ ۾ اهڃاڻ آهن،  ”پاري نگر“  سرسوتي نديءَ جي ڇوڙ تي هو. اتي لوهه جي کورن جا پراڻا کنڊر آهن، جن جي ڀرسان لوهه جي کار (Slag) اڄ به پيو آهي. رڪ سازيءَ جي صنعت جو اهو نمونو، انهيءَ دور جي ڌاتو سازيءَ جي ڄاڻ جو هڪ اهم مثال آهي. انهيءَ ڪري اهو به چئي سگهجي ٿو ته ست هزار سال قبل مسيح اوڀر ۾ پاري نگر تهذيب هئي ۽ انهيءَ جي همعصر اولهه ۾ وري رني جي تهذيب هئي ۽ انهن تهذيب وارن ئي هن ڪوٽ کي اڏايو هوندو. وڏي اچرج جي ڳالهه آهي ته رني ڪوٽ جا بنياد تمام سخت ۽ مضبوط تهن تي ٻڌل آهن، جڏهن ته انهن تهن ۾ ڪئين قدرتي ڦاٽ ۽ ٻيا ڪيترا ڪمزور پهلو به آهن. ڏسجي ائين پيو ته سمورن زميني علم جي پهلوئن کي سامهون رکندي رني ڪوٽ جا بنياد کوٽيا ويا آهن ۽ قلعي جي ڀت کي اهڙي ته نسبت سان کڙو ڪيو ويو، جو اهي بنياد اڄ تائين صحيح سلامت ۽ پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ موجود آهن. جيڪڏهن علم الارض جي پهلوئن کي نظرانداز ڪيو وڃي ها ته پوءِ اهو پنهنجي موجوده حالت ۾ هرگز نه هجي ها. سمورين زميني علم جي خامين (جبلن ۾ ڦاڙ، ڏار ۽ چير) کي دور ڪرڻ جو اهو طريقو اختيار ڪيو ويو، جو انهن ڍورن ۽ ڦاڙن تي پليون ۽ بند ٻڌي، پاڻيءَ جي وهڪري کي سوگهو ڪيو ويو، انهيءَ کان علاوه پاڻيءَ جي وهڪري ۾ جيڪي روڪون ۽ رنڊڪون هيون، تن کي ختم ڪيو ويو.

قلعي ۾ جيڪي در آهن، انهن جا نالا به جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اهو در، جنهن جو منهن سن شهر ڏانهن آهي، انهيءَ کي  ”رني ڪوٽ“  يا  ”مک در“  چون، جيڪو در آمريءَ طرف آهي، تنهن کي آمري ڪوٽ چون، اهڙي ريت  ”ڪوهه ميري ڪوٽ“  انهيءَ جو منهن جبلن ڏانهن آهي. جيڪڏهن ڪوهه ميري جو ٽالپرن سان ڪو به واسطو هجي ها ته پوءِ سڀني درن جي نالن کي ميرن ۽ ٽالپرن جي وڏڙن جي نالن سان منسوب ڪيو وڃي ها، ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني جي اها هڪ عام ريت هئي.

ڍورن ۽ نالن جي مٿان جوڙيل پلين کي به ننڍڙن بندن طور استعمال ڪيو ويو، جنهن جو واضح ثبوت  ”مک در“  آهي، جتي اهڙي قسم جي وڏي پل جوڙيل آهي. جيڪڏهن انهن پلين کي غور سان ڏسبو ته پلين جي ٿنڀن (پيل پاون) ۾ پور وڇوٽي تي آمهون سامهون گول سوراخ نظر ايندا. انهن سوراخن جو اهوئي مقصد ٿي سگهي ٿو ته انهن سوراخن ۾ آمهون سامهون لوهه يا ڪاٺ جون لٺيون يا لڪڙا اٽڪائي، ڇاٻ هڻي، پاڻيءَ جو سطح مٿي ڪري، پاڻيءَ کي ڀر پاسن جي کڏن کوٻن، نالن ۽ ڍورن ۾ وهائي گڏ ڪيو ويندو هو. نالن ۾ اهو بند يا ڇاٻ ائين هنئي ويندي هئي ته جيئن نئن جي پاڻيءَ جو زور ٽٽي ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو به لڳاتار جاري رهي ۽ ان کان علاوه پل جي پيل پاون کي ڪو نقصان به نه رسي. اهڙي ساڳئي قسم جون اڏاوتون  ”پڌرو“  بند ۾ ڏٺيون ويون آهن، جيڪي اولهين ڪوٽ جي جبلن جي ٻئي طرف اولهه ۾ آهن.

رني ڪوٽ جي کنڊرن کي ڏسندي ائين به محسوس ٿئي ٿو ته ڪوٽ جون عالم پناهون ۽ انهن جي مرمت ڪيترن دورن ۾ ٿي آهي، ڇو جو ڀتين جون اڏاوتون وري وري ٿيل پيون ڏسجن. هن ڪوٽ جي مرمت سڪندر اعظم جي ڪاهه کان پوءِ يا رند جيڪي ايران کان ڀڄي هتي اچي لڪا، تن جي زماني جي ٿي ڀانئجي. ڪجهه مرمت ته ماڳهين ميرن جي دور جي ٿي پسجي.

پڊ وارو يا پڌ رارو، پڌرو بند ۽ نئينگ جون ڇپون، جيڪي رني ڪوٽ جي اولهه طرف بند جي اڏاوت ۾ لڳل آهن، اهي انهيءَ جو اهڃاڻ آهن ته اهو دور Foundation Engineering جي ترقيءَ جو دور هو ۽ هن خطي جي رهواسين کي انهيءَ فن جي ڪافي ڄاڻ حاصل هئي. ڇپن ۽ اهڙين ساڳين ٻين اڏاوتن، جيڪي ڪوٽ جي ڀرسان آهن، بابت جيڪڏهن کوجنا ڪئي وڃي ته رني ڪوٽ جي ڄمار متعلق وڏي معلومات ملي سگهي ٿي.

رني ڪوٽ جن جبلن جي تهن تي جوڙيل آهي، اهي جبلن جون قطارون سڄي پاڪستان ۾ پکڙيل آهن. اهي جبلن جون قطارون اٺونجاهه کان ٽيهٺ ملين سالن ۾ رني ڪوٽ سمنڊ جي سـُـڪڻ کان پوءِ اڀري ظاهر ٿيون آهن. هنن جبلن جي ڄمار ۾ ئي هتي کير پياڪ جانور، پکي، وڻ، ٻوٽا، حياتيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيا هئا. تازو هتي قديم ترين وهيل مڇي جو پنڊ پهڻ (Fossil) به لڌو ويو آهي. هنن جبلن جي جوانيءَ ۾ ٻرندڙ جبلن جو ريلو به آيل ٿو ڀانئجي، جو اتان اڄڪلهه قيمتي پٿر به لڀن پيا. جيڪي قيمتي پٿر مليا آهن، تن ۾ عقيق (Augata)، اوپل ۽ رنگين بلور (Quartz) شامل آهن. آمري تهذيب جي رهواسين هنن پٿرن کي پنهنجن زيورن ۾ استعمال ڪيو آهي. انهيءَ مان اها ڳالهه اخذ ڪري سگهجي ٿي ته آمري تهذيب وارا املهه پٿر ڳولڻ ۽ پائڻ جي گهڻي ڄاڻ رکندا هئا. اهي سڀ قيمتي پٿر رني ڪوٽ جي پئسالٽڪ ريلي (Pasaltic Lawa) ۾ آهن ۽ انهيءَ ريلي جي ڄمار اها ساڳي آهي، جيڪا دکن وارن ريلن (Lawas) جي آهي. انهيءَ ڪري اميد ڪري سگهجي ٿي ته اهي جبل هن خطي جي اقتصادي ترقيءَ ۾ ايتري ئي اهميت حاصل ڪندا، جيڪا هن وقت دکن جي جبلن جي آهي. ٻرندڙ جبلن جون قطارون هتي جي ماڻهن جي روزگار جا وسيلا پيدا ڪنديون.

رني ڪوٽ جبلن جي قطارن جو هجڻ، ملڪ ۾ تيل ۽ گئس ملڻ جي علامت سمجهيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ گهڻو ڪري اهڙن ئي جبلن ۾ تيل ۽ گئس هوندو آهي. سڄي پاڪستان ۾ هنن جبلن ۾ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا آهن. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ ڪوئلي جا پاڪستان جا وڏا ۾ وڏا ذخيرا آهن، جيڪي رني ڪوٽ کان وٺي جهرڪن ۽ بدين تائين پکڙيل آهن ۽ هڪ اندازي مطابق اهي ٻن بلين ٽنن کان به مٿي ٿيندا. انهن ڪوئلي جي ذخيرن جي پيش نظر سنڌ دنيا جي ڪوئلي واري نقشي ۾ اڀري اچي سگهي ٿي. اهي ڪوئلي جا ذخيرا ملڪ جي توانائيءَ واري کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن وقت رني ڪوٽ ڪوئلي کي پاڪستان ۾ هرهنڌ کوٽيو وڃي ٿو، تنهنڪري ائين چوڻ ۾ وڌاءُ ناهي ته ڪوئلي جون کاڻيون پاڪستان ۾ رني ڪوٽ ۾ آهن.

لاکڙا ڪوئلي جا پڊ، رني ڪوٽ جي اوڀر ڏکڻ ۾ ڏهن کان پندرهن ميلن تي واقع آهن، جتي ڪوئلي جي کاڻين تي ڪم هلي رهيو آهي، انهيءَ ڪوئلي تي حڪومت هاڻي بجلي گهر هڻي رهي آهي. اهو بجلي گهر نه رڳو دادو ضلعي جي درياهي نلن (پمپن) جي مدد ڪري سگهندو، پر صوبي جي توانائيءَ واري اهم مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ وڏي هـَـٿي ملندي. هن رٿا تي عمل ڪرڻ سان دريائي پڊن ۾ زرعي ترقي ٿيندي ۽ ساڳئي وقت ڏکڻ سنڌ ۾ صنعتي ترقيءَ جون نيون راهون کلنديون، جيڪا سڌي طرح سنڌ جي معاشي حالتن کي سڌارڻ ۾ اهم حصو ثابت ٿيندي.

رني ڪوٽ جبلن جون قطارون، ٻين گهڻين صنعتن جو ڪچو مال به پيدا ڪن ٿيون. جيئن ته شيشي جي ريتي، چن جو پٿر، آتشي مٽي، چيرولي وغيره وغيره، جيڪو نه رڳو سيمينٽ جي صنعت پر شيشي، رُڪ ۽ دوائن جي ڪارخانن ۾ به ڪتب اچي ٿو. جيتري قدر سيمنـٽ جو تعلق آهي ته رني ڪوٽ جي ڪچي مال مان هزارين سال اڳ ۾ ٺاهيو ويو هو. انهيءَ جو ثبوت اهو آهي ته رني ڪوٽ جي عالم پناهن جا اهي حصا، جيڪي يونانين جا ٺاهيل ٿا سمجهجن، انهن عالم پناهن جي گاري جو ڪيميائي تجزيو ڪيو ويو آهي، جيڪو پاڪستان جي هڪ ٻئي ڪوٽ  ”روتاهه“  جي عالم پناهن جي گاري جو آهي.

هن وقت به رني ڪوٽ جي جبلن جي ڪوئلي ملڪ جي هزارين ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو آهي ۽ اهو ڪوئلو ملڪ جي سـِـرن جي کورن جي ترقيءَ جو پڻ وسيلو آهي. هن ڪوئلي جي ڪري سنڌ جا ٻيلا ڪپجڻ کان بچي ويا آهن، نه ته هن وقت سڄي سنڌ گنجي ٽڪر وانگر وڻن کان وانجهي هجي ها.

رني ڪوٽ جي جبلن جي تهن سنڌ جي عمارتسازيءَ کي به هـَـٿي ڏني آهي. گهڻو ڪري سمورن قبن ۾ استعمال ٿيل پٿر، ان تي ميناڪاري ۽ خود پٿرسازيءَ جي اعليٰ هنرمندي ٺٽي ۾ ٿيل آهي، انهن ۾ رني ڪوٽ تهن جو پٿر ڪتب آندل آهي.

رني ڪوٽ يا ڳڙهه (مسٽر بلان فورڊ هنن کي ڳڙهه ٿو چئي) جيڪو اڄڪلهه اسان ڏسون ٿا يا جنهن جو وجود محسوس ڪريون ٿا، اهو اتي انهيءَ شڪل ۾ موجود نه هجي ها، جيڪڏهن مختلف دؤرن ۾ مختلف تهذيبون هتي اچي آباد نه ٿيون هجن ها. نه ته ڪڏهوڪو اهو قلعو ڊهي ڀـَـڄي ڀـُـري وڃي ها. جيئن هاڻي به ڪوبه توجه نه هئڻ جي ڪري اهو ڀـَـڄي ڀـُـري رهيو آهي. ماضيءَ ۾ مختلف دورن دوران ماڻهن جي ڪٽڪن، ڏک ڏاکڙا سهي، پنهنجن تجربن ۽ آزمائشن وسيلي هزارين سالن جي جاکوڙ کان پوءِ هن قلعي کي پنهنجي موجوده شڪل ۾ برقرار رکيو آهي. جيڪڏهن اهي ماڻهو ائين نه ڪن ها ته اهو ڪوٽ جنهن شڪل ۾ اڄ آهي، ان جو ڪو وجود به شايد نه ملي ها.

هر دور ۾ هن ڪوٽ ۾ جيت جڻين، انسانن ۽ حيوانن جي زندگيءَ جا آثار رهيا آهن. اهو انهيءَ ڪري جو هتي انهن جون سموريون ضرورتون موجود هيون. انهيءَ ڪري ڪڏهن ڀاڄوڪڙن جي، ڪڏهن قيدين جي ۽ ڪڏهن بيگاري ماڻهن جي حيثيت ۾ پناهه پئي ورتي وئي آهي. عالم پناهه جي اوساريءَ مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته ڪڏهين دلئون ته ڪڏهين بي دلئون (بيگاري) ڪم ٿيل آهي. پر انهن سڀني ۾ وڏي اهميت انهيءَ قلعي جي بنيادن جي آهي، جو اهي پيڙهيون تمام مضبوط ۽ جٽادار آهن. انهن سڀني ماڻهن، جن هن ڪوٽ جي جوڙڻ ۾ هٿ ونڊايو آهي، تن جو واسطو واقعي هڪ تهذيب سان ناهي، پر ان هوندي به، اهو قلعو انهن اهڙو جوڙيو آهي، جو سڄي دنيا جي قلعن ۾ اهو قلعو لاثاني اڏاوت جو مظهر بڻجي ويو آهي. اهو ڪارنامو انهن ماڻهن جو ته آهي ئي آهي، پر اهو انهيءَ وقت جي حڪمرانن، اڳواڻن، سپهه سالارن جي سمجهه، ٻڌي ۽ ڪم جي طريقه ڪار جو پڻ هڪ املهه مثال آهي. اهو مثال نه ته سندن همعصرن ۾ ملي ٿو نه ئي وري ٿورڙو پوين دورن ۾.

ڇا سچ آهي يا سچ ٿي سگهي ٿو، هن ڪوٽ جي ڄمار ۽ تاريخ متعلق مفروضا ۽ نظريا ڪهڙا آهن، اهو ڪم آثار قديمه جي ماهرن، تاريخدانن ۽ (سائنسدانن) جو آهي، جيڪي پنهنجي سمجهه، تجربي ۽ ٻـُـڌيءَ آهر پنهنجا فيصلا ڏيئي سگهندا. پر اها حقيقت آهي ته هزارين ورهين جو هيءُ جهونو قلعو اڄ به ملڪ جي زميني علم جي ماهرن لاءِ، همت، عزم ۽ جستجو جو هڪ اهم وسيلو آهي ۽ هميشه رهندو. هي قلعو هن ديس جي ماڻهن جي ترقيءَ جي مختلف شعبن ۾ مکيه ڪردار ادا ڪندو، پوءِ اهي شعبا معدني ڄاڻ جا هجن، يا تاريخ جا هجن يا انسان جي عزم همت ۽ اقتصادي واڌاري جا هجن.

حوالا

1. Dr: Blan Ford، geology of western sind 1876 - 1881.

2. Yusuf Meerik، Tarikh Mazhar Shah Jehani.

3. Strategraphy of Pakistan، g.s.p Vol: 12، 1997.

4. Bashir. A. Ansari، Earth Scientific، development in Sind

(Sindh Quarterly).

(مترجم: ظهور انصاري)

-------

 

 ميري ڪوٽ جو دروازو


 

 

خان محمد رانا

رني ڪوٽ - سيلا نين جي سيرگاهه

دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو رني ڪوٽ کيرٿر جبلن جي ويران سلسلي ۾ ٺهيل آهي. اهو جابلو سلسلو سنڌ صوبي جي الهندي سرحد وٽ 55" ء 27" اتر ويڪرائي ڦاڪ کان 15" ء 26" ڏکڻ ويڪرائي ڦاڪ تائين پکڙيل آهي. کيرٿر جبل ڪروڙين سال قديم ۽ گهڻو ڪري چـُـن واري پٿر جا آهن، پر انهن ۾ وارياسو پٿر ۽ ٻيا پٿر به عام جام ملن ٿا. اهو تاريخي قلعو دادو ضلعي جي ڪوٽڙي - لاڙڪاڻي ريلوي لائين تي، سـَـن ريلوي اسٽيشن کان ڏکڻ - اولهه پاسي 18 ميلن جي فاصلي تي ٺهيل آهي. ســَـن جو ننڍو ڳوٺ حيدرآباد شهر کان 56 ميل پري، اتر ۾ آهي. سـَـن ريلوي اسٽيشن جي لڳ، انڊس هاءِ وي کان سـَـن تائين وارياسو ۽ اڻانگو رستو آهي.

فوجي اهميت واري هنڌ تي ٺهيل اهو قلعو ڪيترن ئي نالن سان مشهور آهي، جئن رني ڪوٽ، روڻي ڪوٽ ۽ موئن ڪوٽ. ٽڪرين تي مٿي ٺهيل اهو قلعو 18 ميلن جي گهيري ۾ پکڙيل آهي. هڪ فاصلي تان ان ڏانهن ڏسڻ لڳندو ته اهو ٽڪرين، ماٿرين ۽ اونهن لڪن مٿان ور وڪڙ کائيندو ۽ ڪٿي اوچتي لاهيءَ تان ڄڻ رڙهندو پيو وڃي.

قلعبندي

قلعي جي ڀـِـت هيڊي رنگ جي چـُـن جي چؤرس پٿرن جي ٺهيل آهي. ان ۾ گهٽ وڌ فاصلي تي گول ۽ مستطيل ٺلهه ۽ منارا ٺهيل آهن. قلعي جي اڏاوت جو نمونو ڏاڍو وڻندڙ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي. پري کان ڏسبو ته ان جا ڪي حصا ٽڪرين جي مٿان ته ڪي وري هيٺ ماٿر ۾ ويندي نظر ايندا.

انهيءَ ايراضيءَ ۾ ٽن پاسن کان اها ديوار آهي، جڏهن ته اتر طرف اوچين ٽڪرين جون اتانهيون چوٽيون حفاظتي ديوار جو ڪم ڏين ٿيون.

فوجي ضرورتن پٽاندڙ قلعي جي ديوار ۾ اڍائي - اڍائي فوٽن جيتري فاصلي تي دشمن مٿان حملي ڪرڻ لاءِ ڳڙکيون يا مارا ٺاهيا ويا آهن. ديوار ۾ لاڳيتي ڪانس هجڻ جي ڪري قلعي جي ڀت ۽ ڳڙکين جي کانچن جي هڪجهڙائي نه رهي آهي. قلعي جي برج پٺيان هڪ هيٺاهين، پر ڪشادي گئلريءَ جهڙو لنگهه آهي. اها گئلري قلعي جي پهريدارن جي هلڻ لاءِ ۽ انهيءَ شاندار ٺلهن واري قلعي جي ٽيڪ طور به ڪم ايندي هئي. ان ۾ گهٽ وڌ فاصلي تي اڌ گولائيءَ وارا ٺلهه ٺهيل آهن. انهن مان ڪي ٺلهه ته قلعي جي ديوار کان به اوچا آهن، پر گهڻا ٺلهه ديوار جي اوچائيءَ جيترا آهن.

دروازا

انهيءَ مشهور قلعي جا چار دروازا يا لنگهه آهن: (1) سن يا اڀرندو دروازو، (2) آمري يا اتر - اوڀر وارو دروازو، (3) شاهه پير دروازو ۽ (4) الهندو يا مٿيون دروازو (موئن دروازو).

سن دروازو:

شاهي دروازو يا سن دروازو نظر کان اهڙيءَ طرح ته لڪل رکيو ويو هو، جو هڪ گول ٺلهه جي کاٻي پاسي گولائيءَ تي ڦري وڃڻ کان پوءِ اُن تائين پهچي سگهبو هو. جيستائين ان جي ڪنهن کي خبر ناهي، تيستائين ان کي ڳولي لهڻ ڏکيو ڪم آهي. اهو ٻڌائي ٿو ته هڪ اوپري ماڻهوءَ کي قلعي اندر سولائيءَ سان اچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪهڙي نه مهارت ۽ هنر کان ڪم ورتو ويو هو. ان ۾ اندرئين پاسي پيشانيءَ تي پانيل ۽ محرابون ٺهيل آهن. ان دروازي جي خصوصيت اها هئي ته اهو هڪ لنگهه به هو ته هڪ مٿي کڄندڙ پل به.

دروازي جي ساڄي پاسي هڪ چشمو آهي، جنهن جي مٿان ڪاٺ جي تختن جي مٿي کڄندڙ هڪ پـَـل ٺهيل هئي. اُها پـُـل اُڪري قلعي جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي وڃبو هو.

شاهه پير دروازو: ڏاکڻو دروازو يا شاهه پير دروازو آمري دروازي کان هيٺاهينءَ تي آهي.

موئن دروازو:  اُلهندو دروازو مٿيون دروازو آهي، جيڪو قلعي جي مٿئين حصي ۾ لڳل آهي.

آمري دروازو: آمري دروازو، آمري شهر جي سامهون ۽ قلعي جي اتر - اوڀر حصي ۾ آهي.

ميري ۽ شير ڳڙهه: قلعي ۾ اندر سن دروازي کان اتر طرف 4 - 5 ميل کن پرتي ٻه ٻيون عمارتون آهن. حقيقت ۾ اهي قلعي اندر جدا جدا سطحن تي ننڍا قلعا يا ڪوٽ آهن. هيٺئين سطح واري قلعي کي ميري ڪوٺيو وڃي ٿو، جڏهن ته مٿئين سطح وارو قلعو شير ڳرهه جي نالي سان مشهور آهي.

ميريءَ جو مطلب شايد شاهي رهائشگاهه ڀانئجي ٿو، جتي هن علائقي جي حاڪم خاندان جا ڀاتي اچي رهندا هئا. اهو قلعو مستطيل آهي، جنهن جي ماپ 100X90 وال کن ٿيندي. قلعي جي ديوار چؤرس اڌ گهڙيل پٿرن جي آهي، جيڪي اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان چـُٰـن جي گاري سان لنبيل آهن. انهيءَ ۾ هرهڪ ڪنڊ تي اڌ گولائيءَ وارا ٺلهه ٺهيل آهن. قلعي جي ديوار جي لاهيءَ جي جهـَـل يا ٽيڪ اهي نوڪدار اڌ گولائيءَ وارا ٺلهه آهن، جنهن ۾ قلعي جي ڏاکڻي پاسي کان هڪ مستطيل ٺلهه آهي، جنهن ۾ قلعي اندر داخل ٿيڻ وارو ٻه - طاقو دروازو ڏاڍيءَ حرفت سان لڪايو ويو آهي. اندر قلعو ٽن رهائشي ڪمرن ۾ ورهايل آهي. اُلهندي پاسي وارو ڪمرو لڳي ٿو ته شاهي خاندان جي رهڻ لاءِ هو.

ميري قلعي جي هيٺ سموري ماٿر ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا اوڀر کان اولهه تائين پکڙيل آهي. پراڻي زماني ۾ جڏهن اتي ماڻهو رهندا هوندا، تڏهن اتي وڏي رونق لڳل هوندي.

ميري قلعي کان اتر - اولهه طرف خاصي مٿاهين سطح تي شير ڳڙهه قلعو ٺهيل آهي، ان تائين وڃڻ لاءِ هڪ اڀڪپرو رستو آهي. ان قلعي جي ويجهو هڪ پراڻو قبرستان پڻ آهي. قلعي اندر ڪا به اڏاوت موجود ڪانهي. اهو قلعو رني ڪوٽ جي اُلهندي يا مٿاهين دروازي جي ويجهو ٺهيل آهي. بيڊؤلي شڪل جي ان قلعي جي مختلف ڪنڊن تي گول ٺلهه ٺهيل آهن.

اڏاوت جو زمانو

رني ڪوٽ جو اهو تمام وڏو قلعو ڪنهن ٺهرايو هو، ان باري ۾ ڪيترائي رايا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته اهو قلعو چوٿين صدي ق. م ۾ سڪندر اعظم جوڙايو هو، ۽ هيءُ اهو ئي نيرون ڪوٽ آهي، جنهن جو تاريخ ۾ ذڪر ٿيل آهي. ٻين جو خيال آهي ته سال 1812ع ڌاري اهو قلعو مير ڪرم علي خان ٽالپور ۽ سندس ڀاءَ مير مراد علي خان ٽالپور ٺهرايو هو، پر ميرن وٽ ايترا سارا وسيلا موجود ڪونه هئا جو ههڙو تمام وڏو قلعو ٺهرائي سگهن ها، جنهن تي ڪروڙين رپيا خرچ آيو هوندو. ٻيو ته ان جي اڏاوت جو نمونو تمام جهوني زماني جو لڳي ٿو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهو ڪنهن پراڻي زماني ۾ جوڙيو ويو هوندو. البت ان جي ڪن حصن جي مرامت ڪلهوڙن يا ٽالپورن جي حڪومت وارن ڏينهن ۾ ٿي هوندي، جن ڏکئي وقت ۾ انهيءَ ۾ پناهه وٺڻ جو ارادو ڪيو هوندو.

سيلا نين جون ضرورتون

هن شاندار قلعي کي سيلانين جي سير لائق بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته ملڪي ۽ غير ملڪي سيلانين جو ڌيان ان ڏانهن ڇڪائجي ۽ ان سلسلي ۾ کين هر ممڪن سهولتون ڏنيون وڃن. سيلانين جون اهي ضرورتون ٻن قسمن جون ٿي سگهن ٿيون:

(الف) ترقياتي رٿائون

(ب) حفاظت.

ترقياتي رٿائون:

(الف) رستو: رني ڪوٽ قلعي جي سير ڪندڙن جي پهرين ۽ وڏي ضرورت سن لڳ انڊس هاءِ وي کان قلعي جي سن دروازي تائين هڪ پڪو رستو آهي، وري قلعي جي سن دروازي کي ميري قلعي سان ڳنڍڻ لاءِ اهڙي رستي جي ضرورت آهي، جنهن تان جيپ هلي سگهي. اهو وچ وارو فاصلو 8 ڪلوميٽر آهي. ميري ۽ شير ڳڙهه جي وچ ۾ جيڪو رستو آهي، اهو سمورو کڏا کوٻا ۽ ايترو ته خراب آهي، جو شير ڳڙهه تائين پيدل وڃڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿئي ٿي. اهو رستو سٺيءَ طرح ٺاهڻ گهرجي، ته جيئن ان طرف پيدل ويندڙن لاءِ آساني ٿئي. سيلانين جو گهڻي ۾ گهڻو تعداد قلعي جي ٻاهرين ديوار جو وڏي ۾ وڏو حصو ڏسڻ پسند ڪندو، جيڪا 29 ڪلوميٽرن جي گهيري ۾ آهي. تنهنڪري انهيءَ ديوار سان لڳ 8 کان 10 فوٽ ويڪرو ۽ سڌو رستو ٺاهڻ گهرجي، ته جيئن سيلانين کي قلعي جي ديوار جي سمورين اڏاوتي خوبين کي ڏسڻ لاءِ سولائي ٿئي. اهڙن سيلانين جي لاءِ اُٺن جي سواريءَ جو بندوبست سن دروازي وٽ ٿي سگهي ٿو.

(ب) ريسٽ هائوس: ميري وٽ هڪ ٻن بسترن وارو ريسٽ هائوس ٺهرائڻ گهرجي، جنهن ۾ سيلانين جي رهائش ۽ کاڌي جي هر ڪا سهولت موجود هجي. اهو ان ڪري ته ميري، رني ڪوٽ جي بلڪل وچ ۾ آهي ۽ ٻيو ته هڪ ڳوٺ ۽ نئن جي پيٽ جي لڳ پڻ آهي.

(ج) جنريٽر: جيڪڏهن سيوهڻ يا سن کان بجلي اچڻ في الحال ممڪن ڪانهي ته پوءِ ريسٽ هائوس ۾ هڪ طاقتور جنريٽر هئڻ گهرجي.

(د) پاڻي: ريسٽ هائوس ۾ پيئڻ، رڌ پچاءُ ۽ وهنجڻ جي لاءِ مستقل پاڻيءَ جي ضرورت رهندي. ان لاءِ ميريءَ ۾ پمپنگ پلانٽ يا ٽيوب ويل جو انتظام ڪرڻ گهرجي.

(ح) اچ وڃ جي لاءِ سواري: جيڪي ماڻهو قلعو گهمڻ جي لاءِ اچڻ گهرن، انهن جي لاءِ سواريءَ جهڙوڪ ٽئڪسي يا بس جو انتظام ٿيڻ گهرجي، جيڪي يا ته حيدرآباد، سيوهڻ کان يا وري سن کان قلعي تائين هلن. اهڙي سواريءَ جو بندوبست هر روز يا هر ٻئي ڏينهن يا وري هفتي ۾ ٻه ڀيرا ٿيڻ گهرجي.

(ط) پاڻيءَ جا تلاءَ: هيڏي ساري سڃي جابلو پسگردائيءَ ۾ سيلانين جي وندر جي لاءِ ٿوريءَ محنت ۽ ننڍي خرچ سان هڪ تلاءُ ٺاهي سگهجي ٿو، جنهن ۾ مڇيءَ جو شڪار ۽ ٻيڙين هلائڻ جي لاءِ دائمي پاڻي هجي. مڇيءَ جو شڪار ۽ ٻيڙين هلائڻ جي ڪري ماڻهن ۾ يقيناً چاهه پيدا ٿيندو.

(ي) ڇـَـنا ۽ شاميانا: انهن هنڌن ۽ جاين تي، جتي سيلاني گهمڻ وڃن، ڇـَـنا ۽ شاميانا هنيا وڃن، ته جيئن اهي اتي آرام ڪري سگهن.

(ڪ) عملي جي رهڻ جا گهر: قلعي ۾ اندر ڪم ڪندڙ عملي جي رهڻ جي لاءِ مناسب هنڌن تي ڪوارٽر ۽ جهوپڙا ٺاهڻ گهرجن.

(ل) سن دروازي وٽ آڌرڀائي ڪمرو: قلعي جي سن دروازي وٽ هڪ موزون آڌرڀائي ڪمرو ٺاهڻ ضروري آهي، ته جيئن رني ڪوٽ ۾ ايندڙ سيلانين کي ضروري سهولتون ۽ معلومات ڏئي سگهجي. اتي هنن جي سواريءَ جهڙوڪ جيپ، اُٺ يا گهوڙن جو پڻ بندوبست هجي، ته جيئن سيلاني قلعي جا مختلف هنڌ گهمي ۽ ڏسي سگهن ۽ پڻ واپس سن وڃي سگهن، جيڪو انڊس هاءِ وي تي آهي.

حفاظت

جتي به ڪو ريسٽ هائوس، تفريح جو هنڌ، شاميانو وغيره هجي، اتي پٽيوالا ۽ چوڪيدار مقرر ڪرڻا پوندا، ساڳيءَ ريت اٺن جي پالنا ۽ انهن تي سواري کڻي وڃڻ جي لاءِ پڻ اوٺارن جي ضرورت ٿيندي.

حفاظتي ڪمن جي تعميل

ائنٽي ڪئٽيز ايڪٽ سال 1975ع هيٺ رني ڪوٽ کي محفوظ قديم آثار قرار ڏنو ويو هو. آباديءَ کان بنهه پري اهو قلعو هڪ ويران ايراضيءَ ۾ آهي، جنهن تائين پهچڻ جي لاءِ پڪي رستي يا ريلوي جو ڪو به ذريعو ڪونهي. قلعي جي سن دروازي تائين جيپ يا اهڙي ٻي ڪنهن سواريءَ جي ذريعي پهچي سگهجي ٿو. ويجهي ۾ ويجهو شهر سن ان کان 18 ميل پري آهي ۽ جنهن تائين ڪچو ۽ خراب رستو آهي. قلعي جي سن دروازي تائين جيپ هلائڻ جهڙو رستو آهي، پر ميري تائين فقط اٺن جي ذريعي ئي پهچي سگهجي ٿو. شير ڳڙهه ڏانهن وري هيٺاهينءَ تي هڪ سوڙهي سڙڪ وڃي ٿي، جنهن تائين رڳو پيدل وڃي سگهجي ٿو.

هن وڏي قلعي جي حفاظت ۽ مرمت جي گهربل سامان جهڙوڪ سيمينٽ، واري، چن، پٿر جا بلاڪ وغيره مختلف جاين تي پهچائڻ تمام اوکو ڪم آهي، تنهنڪري سن شهر کان وٺي سن دروازي تائين هڪ پڪو رستو ٺاهڻ تمام ضروري آهي، ته جيئن اهو اڏاوتي سامان اتي پهچائي سگهجي.

سار سنڀال ۽ حفاظتي ڪمن جي لاءِ پاڻي ضروري ۽ بنيادي گهرج آهي اهو پاڻي باراني نئن جي ٿوري ايراضي ۾ ملي ٿو، جيڪا پڻ هڪ موسمي آهي: تنهنڪري قلعي جي جدا جدا هنڌن تي اڏاوتي ڪمن جي لاءِ گهربل پاڻي هڪ تمام وڏو مسئلو ٿيندو. ان لاءِ بهتر آهي ته جتي جتي اهڙو ڪم ٿئي، اتي کوهه کوٽايا وڃن. انهيءَ ڪم جي لاءِ جيڪي مزور ۽ عملو گهربل ٿيندو، تن جي رهائش ۽ حفاظت جي لاءِ جوڳو بندوبست ڪجي. هنن جي لاءِ ننڍن ڪمرن ۽ خيمن جي ضرورت ٿيندي، ته جيئن اهي ماڻهو آرام سان ڪم ڪري سگهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com