سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ (رني ڪوٽ نمبر)

مضمون

صفحو :3

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ­

رني ڪوٽ جو بنياد ۽ ان جي تاريخ

ڪي ويهه ورهيه ٿيا ته 1950ع ۽ 1960ع جي ڏهاڪي دوران مون کي انهيءَ عظيم قلعي کي ڏسڻ جا موقعا ميسر آيا، جن مون کي ان جي تاريخي پس منظر ۽ بنياد جي حالات جي تحقيقات تي آماده ڪيو. تاريخي شواهد ۽ ٻئي موجود رڪارڊ تي مبني نتيجا 1968ع ۾ شايع ڪيا ويا هئا (1). آءٌ انهيءَ قلعي جي عام طور مشهور نالي  ”رني ڪوٽ“  جي اصليت تي مختصر بحث سان شروعات ڪريان ٿو:

ظاهر آهي ته  ”ڪوٽ“  جي معنيٰ آهي قلعو، پر پوءِ  ”رني“  جو مطلب ڇا آهي؟ اها وضاحت هن ڪري تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه وقت اڳ کان وٺي اسان ۾ ڳالهين جي اصل حقائق کي بيان ڪرڻ بدران، انهن جي متعلق اندازو ڪرڻ ۽ انومان ڪڍڻ جو رواج عام ٿي ويو آهي، ڇو ته  ”دور رس نتيجن جي حامل اصل فيصلن“  ڏيڻ جو اهو ئي (لفظن جي معنيٰ ڏانهن ڌيان ڏيڻ وارو) سڀ کان وڌيڪ آسان طريقو آهي.

اهڙي اندازي جو هڪ بهترين مثال، جيڪو رڪارڊ تي موجود آهي، ڪراچيءَ جي آسپاس موجود  ”چوکنڊي قبرن“  جي نالي جي اصليت جو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اهي قبرون هڪ قديم قبيلي جي ماڻهن جون آهن، جنهن جو نالو  ”چوکنڊي“  هو. هن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ته  ”چوکنڊي“  جي معنيٰ  ”بنا ڇت جي چوديواري“  آهي، جنهن جي اندر ڪنهن بزرگ شخص يا قبرستان ۾ دفن ٿيل ڪنهن اهم شخصيت جي قبر واقع آهي، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي روايتن متعلق ڪجهه ڄاڻ جو هئڻ ضروري هو. لفظ  ”چوکنڊي“  جي اصليت متعلق ڪيل انهيءَ اندازي جي مطابق ڪنهن صاحب هڪ دفعي اهو دليل پيش ڪيو هو ته  ”رني ڪوٽ“  ڪنهن اهڙي رومي يا يوناني سپه سالار جوڙايو هو، جنهن جو نالو  ”رينان“  (Renon) هو. ان کان علاوه هڪ ٻيو چڱو خاصو ڌُڪو اهو هنيو ويو هو ته انهيءَ قلعي جو بنياد هڪ اهڙي قديم قبيلي جي علافي ۾ رکيل آهي، جنهن جو نالو  ”رني“  (Ranni) هو، جنهن جي پٺيان قلعي کي  ”رني ڪوٽ“  سڏيو ويو.

هي افسوسناڪ ڳالهه آهي ته جن ملڪن کي بيٺڪي راڄ جي دور مان گذرڻو پيو آهي ۽ پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي، تن جي ماڻهن ۾ خودشناسي ۽ فڪري آزاديءَ جو مفهوم اڃا تائين پوريءَ طرح اڀري نه سگهيو آهي. اڄ ڏينهن تائين اسان جي خيالن ۾ اهو رجحان پوشيده آهي ته اسان هر اهڙي شيءِ جي اهميت کي، جيڪا مقامي يا ديسي نوعيت جي آهي، يا ته بلڪل ئي گهٽائي ڇڏيون، يا ان جي اهميت جو احساس ڏيارڻ لاءِ ان کي ڪنهن بيٺڪي ذريعي جي اختياريءَ سان منسلڪ ڪري ڇڏيون.

نالي جي اصليت:

عام فهم توڻي سائنسي ڄاڻ، ٻنهي جي تقاضا اهائي آهي ته اسين ڪنهن خيال جي اصليت ۽ بنياد کي سڀ کان اول انهيءَ معاشري ۾ ڳوليون، جنهن ۾ اهو پيدا ٿيو ۽ وڌيو ويجهيو آهي ۽ ڪنهن به يادگار يا اڏاوت جي بيخ و بنياد کي انهيءَ ملڪ ۾ تلاش ڪريون، جنهن ۾ اهو واقع آهي.  ”رني“  نالي جي اصليت ۽ بنياد کي سنڌي ٻوليءَ ۾ تلاش ڪرڻ گهرجي، جنهن سان ان جو واسطو آهي. اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته فقط هڪ لفظ  ”رني“  ئي نه، بلڪ ٻيا به اهڙا ڪيئي لفظ آهن، جيڪي ساڳئي بيخ ۽ بنياد مان نڪتل آهن ۽ جن جي معنيٰ، تعبير ۽ مفهوم به ساڳيو ۽ حسب نسب به مشترڪه آهي، يعنيٰ پاڻيءَ جو اهو رستو يا وهڪرو، جيڪو انساني هٿن جو ٺاهيل نه، بلڪ قدرتي آهي. اهي الفاظ هيٺين چئن قسمن ۾ ورهايل آهن:

(1) پهرئين طبقي ۾ ٻه لفظ رُوڻي (Roonn-i) ۽ روڻاءِ (Roonn-i) اچي وڃن ٿا، جنهن جو مطلب پاڻيءَ جو عارضي وهڪرو آهي، جيڪو مقدار ۾ نسبتاً ننڍي ۾ ننڍو هوندو آهي، يعني پاڻيءَ کي روڪيندڙ ڪناري يا بند جي هيٺان نڪتل هڪ سوراخ يا ننڍڙي مـُـنهن کان وٺي ٿي سگهي ٿو، جهڙي طرح ٻنيءَ ۾  ”ٻنو“  يا  ”اڏ“ ، يا ڪنهن ننڍي ڪڙيي يا وڌيڪ وڏي واهه يا چئنل جو بچاءُ بند. اهي ٻئي لفظ يعني روڻي ۽ روڻاءِ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪڙمي ڪاسبي ماڻهن طرفان عام طور ڳالهايا ويندا آهن،

(2) ٻئي طبقي ۾ ٻه لفظ  ”رني“  (Runn-i) ۽ روڻاءِ (Runn-i)، ۽ پهرئين طبقي جو  ”روڻي“  (Roonni) پنهنجي وسيع تر معنيٰ ۾ اچي وڃن ٿا. انهن ٽنهي لفظن جو مطلب پاڻيءَ جو ڪافي وڏو وهڪرو ۽ خصوصاً جبلن مان نڪرندڙ وڌيڪ وڏن موسمي وهڪرن جو آهي. اهڙيءَ طرح اسان وٽ رني پائتياڻي نالي هڪ جابلو وهڪرو آهي، جيڪو جنگشاهيءَ وارين ٽڪرين تي گڏ ٿيندڙ برساتي پاڻيءَ کي کڻي گهارو ڪريڪ ۾ پهچائي ٿو. ساڳيءَ طرح اسان وٽ هيءَ  ”رني“  (Runni) آهي، جنهن کي روڻي (2) (Roonni) به چيو ويو آهي، جيڪو خاص طرح سان وڌيڪ وڏو جابلو وهڪرو آهي، جيڪو کيرٿر جبلن جي انهيءَ حصي ۾ وسندڙ برساتي پاڻيءَ کي کڻي سن شهر جي ڀرسان سنڌونديءَ ۾ آڻي پهچائي ٿو.

(3) ٽئين طبقي سان وري ٻه لفظ ريڻي (Reinn-i) ۽ ريڻ  (Reinn) اچي وڃن ٿا، جن جو مطلب درياء مان نڪتل دائمي وهندڙ قدرتي ڦاٽ آهي، جيڪو پاڻيءَ جو ڪافي گهڻو مقدار کڻي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح تمام آڳاٽي زماني ۾ هاڪڙي درياء کي هڪ قدرتي ڦاٽ، نالي ريڻي (Reinn-i) هو، جيڪو موجوده رحيم يار خان ضلعي جي ڏاکڻي علاقي ۾، ۽ موجوده اٻاوڙي تعلقي جي اتر اڀرندي حصي ۾ واقع هو. ريڻي جو ٻيٽ سکر ضلعي جي ٽن تعلقن اٻاوڙو، ميرپور ماٿيلو ۽ گهوٽڪيءَ ۾ ڪافي نمايان ۽ واضح آهي. قديم زماني جي هاڪڙي جي انهيءَ ريڻيءَ کان علاوه، سنڌونديءَ جي وچولي ڪيٽيءَ واري حصي ۾ گوني نالي ريڻي شاخ پڻ موجود هئي، جيڪا موجوده حيدرآباد ضلعي جي ڏکڻ - اڀرندي حصي مان وهندي هئي ۽ انهيءَ شاخ ٽن صدين (نائين کان ٻارهين صدي هجريءَ جي وچين حصي تائين/سورهين کان ارڙهين صدي عيسويءَ جي وچ تائين) سڄي چاچڪان پرڳڻي جي (3) (ٽنڊو محمد خان تعلقي جي ڏکڻ اڀرندي ۽ موجوده بدين ضلعي جي سڄي علاقي کي) مغل شهنشاهن جي زماني کان اڳ ۽ مغلن جي راڄ دوران آبپاشي ڪئي هئي.

(4) چوٿين طبقي ۾ ٻه لفظ  ”راڻ“  (Rann) ۽  ”ران“  (Raann) اچي وڃن ٿا، جيڪي پاڻيءَ جي وڏي ۾ وڏي وهڪري جو مفهوم ادا ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح اسان وٽ لفظ  ”باران“  آهي، جيڪا وڏي کان وڏي جابلو نئن آهي ۽ بلوچستان جي مٿانهين علاقي مان برسات جي پاڻيءَ جو تمام گهڻو مقدار موجوده دادو ضلعي(1) جي تعلقي ڪوٽڙيءَ وچان کڻي اچي ٿي. ان کان پوءِ اسان وٽ لفظ  ”مهراڻ“  آهي، جيڪو قديم زماني کان وٺي اسان وٽ سنڌوندي جي نالي طور موجود آهي ۽ اهو درياءُ گهڻي کان گهڻو پاڻي کڻي اچي ٿو. انهيءَ نالي کي، جيڪو اوائل ۾ مها - راڻ (Maha-raan) هو، تنهن کي چوٿينءَ کان ڇهينءَ صدي عيسويءَ تائين، سنڌ صوبي تي ايران جي ساساني خاندان جي سياسي برتريءَ جي دوران، فارسيءَ جي صورت ڏئي مـِـهـِـه - راڻ (Mih-raan) جي صورت ڏني وئي.

چنانـچه، انهن لفظن جي معنائن جي ڀيٽا ڪرڻ بعد، لفظ  ”رني“  جي معنيٰ پاڻيءَ جي وهڪري جو مطلب ظاهر ڪري ٿي.

هيءَ حقيقت بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي هن ڳالهه کي ثابت ڪري ٿي ته  ”رني“  لفظ ڪو غير ملڪي يا بيروني لفظ نه، بلڪ خالص سنڌي لفظ آهي. اهڙيءَ طرح   ”رني ڪوٽ“  جي معنيٰ لفظي طور ٿيندي،  ”جابلو نئن وارو قلعو“  يا  ”جابلو نئن جو قلعو“ . اهو ئي نالو هن قلعي تي انهيءَ زماني کان وٺي عوامي نالي جي حيثيت سان پيل آهي، جڏهن کان وٺي اهو قلعو جابلو نئن تي تعمير ڪيو ويو هو، حالانڪ انهيءَ قلعي کي ڏنل نالو
 ”علي آباد“  هو. اها ڳالهه اسان کي ان جي تاريخ ڏانهن پهچائي ٿي، جنهن جو بيان هاڻي ٿيندو.

تاريخ:

سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي خاندان جي حڪومت جو تختو ٽالپرن هالاڻيءَ واري جنگ ۾ سال 1196هه، مطابق 1782ع ۾ اونڌو ڪيو. نون حڪمرانن جن پهرئين اهم ڪم ڏانهن پنهنجو توجهه مبذول ڪيو، سو سنڌ کي ڌارين جي حملن کان محفوظ ڪرڻ هو، جنهن ٽالپرن کان اڳ، آيل حڪمران گهراڻن کي ڪمزور ڪيو هو. انهيءَ لاءِ ٻه اهم قدم کنيا ويا: هڪ سنڌ جي سرحدن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جنگي نقطه نگاه کان اهم جاين تي قلعن ۽ ڪوٽن جي هڪ ڊگهي قطار تعمير ڪرائڻ ۽ ٻيو حمله آور دشمن جي فوج سان آخري مقابلي ڪرڻ لاءِ ملڪ جي اندروني علاقي ۾ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم قلعو اڏائڻ. تعميراتي رٿا جو پهريون مرحلو سال 1204هه مطابق 1790ع ۾، يعني اٽڪل ڏهن سالن جي مدت اندر مڪمل ڪيو ويو، جنهن جي دوران ٻه ننڍا قلعا سامونڊي ڪناري تي، وِڪـَـر (Vikkur) ۽ ڪوٽڙيءَ وٽ (ڪڇ ڏانهن ويندڙ سامونڊي رستي جي تحفظ لاءِ)، فتح ڳڙهه (نئون ڪوٽ) ۽ اسلام ڪوٽ نالي ٻه قلعا ۽ موجوده ٿرپارڪر ضلعي جي ڏاکڻين سرحد وٽ واقع مـِـٺي شهر ۾ هڪ ڪوٽ، تعمير ڪرائي راس ڪيو. باقي جيسين هڪ خاص ۽ مضبوط قلعي جي اڏاوت جو معاملو هو، ٽالپرن ميان نور محمد ڪلهوڙي جي انهيءَ غلطيءَ مان سبق سکيو هو، جنهن به هنگامي وقت ۾ پنهنجي آخري پناهگاهه ۽ بچاءَ لاءِ عمر ڪوٽ واري قلعي جو انتخاب ڪيو هو. بهرحال، جڏهن نادر شاهه هن کي انهيءَ هنڌ (29 ذوالقعد 1172هه مطابق 1640ع) تي اچي گـُـهٽيو، تڏهن کيس (ميان نور محمد کي) هٿيارن ڦٽي ڪرڻ ۽ پيش پوڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونه رهيو هو، ڇو ته هن جي پـُـٺ غير محفوظ هئي، ۽ هو ڪڇ ۽ مارواڙ جي علاقن طرف پٺتي هٽي نه پئي سگهيو.

انهيءَ (خاص ۽) مضبوط قلعي جي رٿابنديءَ ۽ اڏاوت جو ڪم نواب ولي محـمد خان لغاري جي سپرد ڪيو ويو، جيڪو هڪ قابل فوجي سپه سالار هئڻ کان علاوه انجنيريءَ جي فن جو پڻ ماهر هو. هن قلعي (رني ڪوٽ) جي اڏاوت جو هنڌ اهو ئي منتخب ڪيو، جتي امير پڻ (شڪار لاءِ) ويندا هئا، ڇو ته اتي جهنگلي جانور تمام گهڻا هئا ۽ شڪار جي مقصدن لاءِ اها بهترين جاءِ هئي. انهيءَ سرزمين جي چوڌاري هڪ اوچي قدرتي پهاڙي هئي، جنهن تي قلعي جي ٻاهرين فصيل جا بنياد آسانيءَ سان رکجي پئي سگهيا. پاڻي نه فقط مينهوڳيءَ جي موسم ۾، پر خود رنيءَ جي پيٽ ۾ هڪ قدرتي چشمي طور موجود هو. ان کان سواءِ زير زمين پاڻيءَ جو ذخيرو موجود هو، جيڪو کوهن کوٽڻ سان حاصل ٿي پئي سگهيو. چنانـچه غير معمولي طور خشڪ ساليءَ جي عرصي دوران پڻ پاڻي دستياب ٿي پئي سگهيو.

قلعن جي تعمير جو ڪم، سال 1196هه/1780ع ۾ ئي، جيئن ٽالپر اميرن ملڪ جي حڪومت جون واڳون سنڀاليون، شروع ڪيو ويو هو ۽ سال 1204هه/1790ع تائين، متعدد قلعن ۽ ڪوٽن جي اڏاوت جو ڪم پورو ٿي چڪو هو.

ممڪن آهي ته ابتدائي سروي جو ڪم ۽ قلعي جي اڏاوت لاءِ انهيءَ هنڌ جو انتخاب، جتي شڪار جا جانور (هرڻ ۽ جابلو ٻڪر) جام هئا، ۽ سنڌ جا امير ويندا رهندا هئا، انهيءَ ئي عرصي ۾ ٿي چڪو هجي.
مرزا قليچ بيگ جي مطابق (4) رني ڪوٽ ٻن وڏن اميرن، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي احڪامن تي 1812ع ۾ تعمير ڪرايو ويو. اهو ئي سال هو، جنهن ۾ وڏو امير غلام علي خان وفات ڪري ويو ۽ کانئس پوءِ، ٻيو وڏو ڀاءُ مير ڪرم علي خان سندس جاءِ تي، وڏو امير بڻيو. مرزا قليچ بيگ طرفان ڏنل سال، ٿوري گهڻي فرق سان، سال 1228هه سان ٺهڪي اچي ٿو ۽ اهو ئي سال هو، جو ٽالپرن عمر ڪوٽ جي قلعي تي حملو ڪري، ان کي فتح ڪيو ۽ ان جي تسخير نهايت آسان ڪم ثابت ٿي.(5)

رني ڪوٽ جي رٿابنديءَ ۽ تعمير جي ڪم جو بيان مير حسن علي خان (1240-ذوالحج 1324هه مطابق1907ع) پنهنجي تاريخي سنڌي مثنوي  ”فتح نامي“  ۾ نهايت جوش و خروش سان ڪيو آهي، هو چوي ٿو:

 ”مشهور و معروف رني ڪوٽ، جبلن جي وچ ۾ هڪ حيرت انگيز قلعو آهي، جيڪو منهنجن ابن ڏاڏن طرفان ڇڏيل هڪ يادگار آهي. سنگ تراشن انهيءَ جا پٿر فرهاد وانگر وڏي جانفشانيءَ سان ٽـُـڪيا هئا. سڄو قلعو پٿر جو ٺهيل آهي ۽ قلعي جي فصيل سان، جيڪا ڪيترن ئي ميلن ۾ پکڙيل آهي،گهڻا ئي برج ٺهيل آهن. ان جي اندر هڪ ٻيو ننڍو مضبوط قلعو ٺاهيو ويو هو، جنهن کي شير ڳڙهه چيو ويندو هو ۽ هڪ ٻـيو ڪوٽ به هو، جنهن کي  ”ميري“  (شاهي رهائشگاهه) جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ان جو هڪ عجوبو، اها جابلو نئن آهي، جنهن جي قلعي جي اندرين حصي ۾ پاڻي موجود آهي، پر ٻاهرين حصي ۾ پاڻي بلڪل ڪونهي. الهندي طرف جتي اها نئن قلعي جي اندر داخل ٿئي ٿي ۽ اوڀر ۾ جتي اها قلعي کان نڪري ٻـاهر وڃي ٿي، اتي سوين مڻ لوهه مان ڍليل ٻه مضبوط دروازا (نئن جي پيٽ ۾ پلين جي هيٺان) کوڙيا ويا هئا، پر پاڻيءَ جي زور انهن کي موڙي ڇڏيو. غير محفوظ دروازن سبب قلعي کي مستقل بنيادن تي آباد نه ڪيو ويو، جيتوڻيڪ ان کي وقتي طور استعمال ڪري سگهبو هو. هڪ رپورٽ مطابق، قلعي جي تعمير پوري ڪرڻ تي ڪـُـل سترهن لک رپيا خرچ ٿيا هئا.(6)

رني ڪوٽ جي تعمير ۽ تڪميل جي مڪمل ثابتي مير ڪرم علي خان ٽالپر (جمادي الاول کان 6- جمادي الثاني 1234هه)جي درٻاري شاعر مير غلام علي  ”مائل“  جي ٻن بيتن ۾ ملي ٿي، جنهن ۾ هن انهيءَ حيرت انگيز ڪارنامي لاءِ مير ڪرم علي خان جي تعريف ۽ توصيف ڪئي آهي. هن جي حوالن جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو:

(*) پهريون قطعـہ

(الف) قلعو جبل (7) جي اوچائيءَ تي (وچين ڪنڊي تي) ٺاهيو ويو هو، جنهن جا بنياد گولائيءَ ۾ هئا ۽ ان جي پکيڙ تمام گهڻي (8) هئي. اها سڄي اڏاوت پٿر جي آهي ۽ پٿر(9) جي مٿان تعمير ڪيل آهي. اهو هڪ عظيم الشان قلعو(10) آهي، جنهن جو ثاني نه روم ۾ آهي ۽ نه روس(11) ۾. ان جو نالو (12) علي آباد آهي. ان جي تعمير جو ڪم سال 1230هه (13) مطاق 1815ع ۾ شروع ٿيو.

(*) ٻيو قطعـہ

(ب) ان جو نالو علي آباد آهي(14). اهو ايترو بلند آهي، جيترو آسمان ۽ ايڏو وسيع جيڏي ڌرتي (15). اڏاوت ۾ اهو ڪامل آهي ۽ اوچائيءَ ۾ بلند و بالا(16). ان جي تڪميل جو سال 1234هه - 1819ع (17) آهي.

اهڙيءَ طرح قلعي جي تڪميل ۾ 5 سال لڳا، 1230 - 1234هه مطابق 1815ع کان 1819ع.

تاج پور وارن نوابن (18) جا، جيڪي نواب ولي محمد خان لغاريءَ جا پويان آهن، جنهن انهيءَ قلعي جي رٿابنديءَ ۽ تعمير جي نگراني ڪئي هئي، تن جا خانداني دستاويزات ۽ روايات پڻ قلعي جي اڏاوت جي انهيءَ بيان جي تصديق ڪن ٿا. هاڻي فقط قلعي مان گذرندڙ جابلو نئن جي پيٽ ۾، پلين جي هيٺان لوهه جي مضبوط سيخن سان دروازا ئي کوڙڻ باقي هئا، ته نواب ولي محمد خان لغاريءَ کي قنڌار جي شاهه شجاع الملڪ جي مقابلي ڪرڻ لاءِ منتقل ڪيو ويو، جيڪو سنڌ ۾ ڪاهي آيو هو، ۽ شڪارپور تي قبضو ڪري ويٺو هو. ان کان پوءِ اهي دروازا اطمينان بخش نموني سان نه لڳائجي سگهيا، جنهن ڳالهه قلعي کي حملي لاءِ آسان بڻائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ قلعي جي ٻن صدر دروازن جي برجن تي توبون نصب ڪيون ويون، ان جي باوجود ٽالپر خاندان جي آخري 25 سالن (1259ع - 1234ع) جي دوران هن قلعي جي مضبوط پناهگاهه جي حيثيت سان نئين سر آبادڪاري ٿي نه سگهي.

ڪن وقتن تي حقيقتون ڏند ڪٿائن کان وڌيڪ حيرت انگيز هونديون آهن. جڏهن انهيءَ عظيم قلعي جي بنياد پوڻ جي تاريخي پس منظر جو بيان پڙهجي ٿو، تڏهن ماڻهو هن سوال پڇڻ لاءِ ذري گهٽ مجبور ٿي پوي ٿو ته ڇا، سنڌ جي اميرن کي ايڏي ساري اٿاهه ڪم سرانجام ڏيڻ جي فهم ۽ فراست ۽ ان لاءِ ضروري وسيلا به موجود هئا يا نه؟ انهيءَ ئي سوال کي ذهن ۾ رکي، اسان جي نيڪ دل دوست ڪرنل اي. رشيد، جيڪو ڪنهن زماني ۾ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچيءَ جو ائڊمنسٽريٽو هو، هڪ مضمون لکي ورتو، جنهن ۾ موصوف انهيءَ قلعي کي غير ملڪي اصليت وارو قرار ڏئي ڇڏيو.

اصل مسئلو اهو آهي ته اسان پنهنجن ماڻهن جي ڪاميابين جو، سندن پنهنجن حڪمرانن جي زماني ۾ انگريزن جي ڪاهه کان اڳ واري دؤر ۾ آزادي جي فضا ۾ رهندي، انهن جي ڪارنامن جو صحيح اندازو ڪري ئي نه سگهيا آهيون. اسان کي اڃا پنهنجي تاريخ کي ان جي صحيح پس منظر ۾ پڙهڻو آهي، پنهنجي قوم جي ماڻهن جي ڪارنامن کي سڃاڻڻو آهي ۽ پنهنجي تاريخ نويسن جي بيانن کي خاطر خواهه اهميت ڏيڻي آهي.

هيءَ حقيقت قابل غور آهي ته همعصر شاعر مير غلام علي  ”مائل“  جي ٻن قطعات ۾ ڏنل حوالا، قلعي جي ٺهڻ جو بيان، جيڪو مير حسن علي خان پنهنجي ڪتاب  ”فتح نامه“  ۾ ڏنو آهي، نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي وارثن ۽ پوين جون خانداني تحريرون ۽ روايتون ۽ سنڌ جي جديد تاريخ نويس مرزا قليچ بيگ جا بيان، سڀ هن ڳالهه تي متفق آهن ته انهيءَ قلعي جو بنياد سنڌ جي ٽالپرن اميرن جي طرفان رکيو ويو هو. انهيءَ تحريري رڪارڊ کان علاوه، واقعاتي شهادت پڻ انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته انهيءَ قلعي جو بنياد ٽالپر دور ۾ ئي پيو هو. هن سڌي سادي حقيقت کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هن قلعي جي وجود جو ذڪر نه ته سنڌ جي آڳاٽن تاريخ نويسن مان ڪنهن به هڪ جي تحريرن ۾ موجود آهي، نه ئي ڪلهوڙا دور جي تاريخ نويسن ۽ مصنفن طرفان قلعي جي وجود جو ڪو ذڪر ملي ٿو. آڳاٽن تاريخ نويسن مان مير محمد معصوم، يا ڪلهوڙا دور جي مير علي شير قانع (1203 - 1789ع) جي تجسس ڀريل دل و دماغ، جنهن کان ڪابه معمولي کان معمولي چيز به رهجي وڃڻ مشڪل هئي، ڪنهن به ذڪر نه ڪيو آهي. مير معصوم ته پنهنجي ڪتاب  ”تاريخ سنڌ“  ۾ سبي ضلعي ۽ ان جي آسپاس وارن جبلن جي ننڍن ۽ معمولي  ”عجوبن“  کي به تحرير ۾ آڻڻ کان نه رهيو. هو سنڌ کان بهتر نموني ۾ واقف هو ۽ هن کان رني ڪوٽ جهڙي عظيم عجوبي جو ذڪر رهجي وڃڻ ممڪن نه هو. مير معصوم درحقيقت موجوده دادو ضلعي جو وڏو حصو سنڌ جي ٻئي ڪنهن به حصي جي ڀيٽ ۾ گهڻي قدر گهمي ڏٺو هو ۽ هو ان کان گهڻي قدر شناسا هو. هو شهنشاهه اڪبر جي لشڪر سان گڏجي ويو هو، جڏهن اهو خان خانان جي قيادت ۾ مرزا جاني بيگ ترخان کان (999 - 1000هه / 1590 - 1591ع) سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ آيو هو.

شاهي لشڪر، جيئن پاڻ مير معصوم لکيو آهي، سيوهڻ، انڙ پور ۽ سن ۾ ترسيو هو ۽ ڇانوڻي لڳائي هئي ۽ ان مينهوڳيءَ جي هڪ سڄي مند (19) سن ۾ گذاري هئي. جيڪڏهن اهو حيرت انگيز قلعو انهيءَ زماني ۾ موجود هجي ها، ته اهو ڪنهن به حالت ۾ فوجي نقطه نگاهه کان خان خانان جي نظرن کان يا تاريخي نقطهءِ نظر جي لحاظ کان مير معصوم جي ڌيان تي اچڻ کان، نه رهجي وڃي ها.

هن هنڌ تي، محض سوال پڇڻ خاطر ئي، اهو سوال پڇي سگهجي ٿو ته ڇا، سنڌ جي ٽالپر اميرن وٽ ايڏي اٿاهه قلعي تعمير ڪرائڻ لاءِ وسيلا به هئا يا نه؟ اهي ماڻهو، جن اسان جي ماڻهن ۽ سندن حڪمرانن جي ڪاميابين ۽ ڪارنامن جو خصوصاً جيستائين ملڪ جي ڪنهن به علائقي ۾ قلعن جي تعميرات جي مسئلي جو سوال آهي، سي اها ڳالهه فوري طور تي تسليم ڪندا ته هي عظيم قلعو اسان جي ماڻهن ۽ سندن حڪمرانن جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي انهيءَ دور جي عزم ۽ پختي ارادي جو زندهه يادگار آهي، جڏهن اهي بيٺڪي تسلط کان آجا هئا. ٽالپرن جي دور ۾، ته فقط اهو هڪ قلعو نه، پر سنڌ جي سرحدن جي تحفظ ۽ سلامتيءَ خاطر، وڏن ۽ ننڍن قلعن جو گهڻو تعداد تعمير ڪيو ويو هو:

(الف) چار ننڍا قلعا سامونڊي ڪنارن تي اڏايا ويا. اهي هئا: ڪراچي جي قريب منهوڙو، گهارو ڪريڪ (هن وقت زير آب) تي رتو ڪوٽ، وڪر (جاتيءَ جي ڀرسان) ۽ ڪوٽڙي، جيڪو انهيءَ ڪريڪ جي ڪڇ طرف وڃڻ واري هنڌ تي (لکپت جي آمهون سامهون)هو.

(ب) ڏاکڻين سرحد جي تحفظ لاءِ، جيڪا موجوده ٿرپارڪر ضلعي ۾ هئي، ست قلعا ۽ ڪوٽ اڏايا ويا. اهي هئا: فتح ڳڙهه يا نئون ڪوٽ، ڏيپلو ڪوٽ، سنگاريو ڪوٽ، علي ڳڙهه يا چيلهار ڪوٽ، مٺي ڪوٽ، اسلام ڳڙهه يا اسلام ڪوٽ جو قلعو، ننگر پارڪر جو قلعو.

(ث) جوڌپور ۽ جيسلمير جي اُڀرندي سرحد سان لڳ اٽڪل 10 قلعا ۽ ڪوٽ تعمير ڪرايا ويا، جيڪي اُتر ۾ ميرپور ماٿيلي کان شروع ٿي، ڏکڻ ۾ ننگر پارڪر تائين هليا ويا هئا. انهيءَ دفاعي لائين ۾ هيٺين نالن وارا ڪوٽ ۽ قلعا شامل هئا:

1- سوتيارو ڪوٽ (تعلقي ميرپورماٿيلي ۾)، 2- ليارو ڪوٽ (اٻاوڙي تعلقي ۾، رحيم يار خان ضلعي جي حدن کي وڃي لڳو هو)، 3- تانوٽ ڪوٽ (اٻاوڙو تعلقو)، 4- ڍنگو ڪوٽ (گهوٽاهارو کان 6 ميل پري اڀرندي ۾)، 5- دين ڳڙهه جو قلعو(تانوٽ کان 16 ميل اتر ۾)، 6- گڊڙي جو ڪوٽ، 7- کڏي ۾ (ڇاڇري کان 25 ميل اڀرندي ۾) شاهه ڳڙهه جو پٿر جو قلعو، 8- جهڏي جو ڪوٽ (شاهه ڳڙهه کان 40 ميل ڏکڻ ۾)، 9- ستي ڏيرا جو قلعو (موجوده ڇاڇري ۽ ننگر پارڪر تعلقن جي دنگ تي.)

نه فقط سنڌ جي ٽالپر اميرن سندن آزاديءَ واري دور ۾، پر بهاولپور جي اميرن پڻ ديراور کان وٺي هاڪڙا نديءَ جي ڪناري سان لڳ دفاعي حڪمت عمليءَ جي نقطه نگاهه کان ننڍن ۽ وڏن قلعن جو هڪ لاڳيتو سلسلو تعمير ڪرايو هو. انهن قلعن ۽ ڪوٽن جي ريگستان جي ڏورانهن هنڌن تي بيهڪ جون جايون ۽ فوجي لحاظ کان ڪيل اڏاوتون اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ساڳيءَ طرح سان حيرت انگيز آهن، جيڪو انهن ڪارنامن جو موازنو بيٺڪي راڄ جي صوبائي تعميرات عامه واري کاتي جي معيارن ۽ ڪارنامن جي معيارن سان ڪندو.

هن قلعي يا ٻئي ڪنهن به يادگار جي اهميت کي ان جي قدامت جي بنيادن تي حق بجانب ٺهرائڻ يا ان جي وجود لاءِ ڏند ڪٿـائي ماضيءَ جي ڪا خيالي تصوير پيش ڪرڻ لاءِ ڪو سبب ڪونهي. يادگار عمارتون فقط سندن قدامت سبب ئي عظيم نه هونديون آهن، انهن جي اهميت، آثار قديمه جي قدامت کان علاوه، انهيءَ قوم ۽ ملڪ جي ڄاتل ۽ معلوم تاريخ جي دائري اندر وڌيڪ بامعنيٰ ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ هي قلعو تاريخ ۾ نسبتاً وڌيڪ گهٽ ڄمار جو آهي، ان جي باوجود اهو پنهنجي ڊزائين ۽ اڏاوتي ڪم جي سرانجاميءَ جي لحاظ کان عظيم آهي. اهو اسان جي پوري توجه جي لائق آهي ڇاڪاڻ ته اهو اسان جي تاريخ ۾ عام طور ۽ قلعه سازيءَ جي فوجي تاريخ ۾ خاص طور، هڪ حيرت انگيز سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.

آخر ۾ هيءَ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته غلام علي  ”مائل“  جي ٻن قطعات ۾ فراهم ڪيل همعصر شهادت هن ڳالهه جي متعلق قطعي آهي ته انهيءَ قلعي جي اڏاوت سال 1230هه مطابق 1815ع ۾ شروع ٿي ۽ سال 1234هه مطابق 1819ع ۾ پوري ٿي. سنڌ جي تاريخ نويسن جا اهڙائي قابلِ اعتماد بيان، يعني مير حسن علي خان جو فتح نامي ۾، ۽ مرزا قليچ بيگ جو قديم سنڌ ۾، ۽ نواب ولي محمد خان جا خانداني دستاويز ۽ روايات اتفاق راءِ سان هن ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته انهيءَ قلعي جو بنياد ٽالپور دور ۾ وڌو ويو. واقعاتي شهادتون پڻ انهيءَ نقطه نگاهه جي مڪمل طور حمايت ڪن ٿيون. سڀ کان اول، انهيءَ قلعي جا سمورا تاريخي حوالا يا ته انهيءَ ئي دور جا آهن، يا قلعي جي اڏاوت کان بعد جا آهن. سنڌ جي قديم دور جي تاريخ ۾ سڌو يا اڻ سڌو ڪو هڪ به اهڙو ذڪر ڪونهي، جيڪو قلعي جي بنياد پوڻ ۽ تعميراتي سالن 1819-1815ع کان اڳ وارن سالن جو هجي. ظاهر آهي ته اهڙو ڪو ذڪر يا حوالو ٿي به نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته انهن سالن کان اڳ قلعي جو وجود ئي ڪونه هو. ٻيو ته ٽالپرن اميرن طرفان سنڌ جي بچاءَ کي مضبوط ڪرڻ جي جنهن حڪمت عمليءَ تي زور شور سان عمل ڪيو ويو، ۽ قلعي جي تعمير بابت رکيل سندن رڪارڊ پڻ هن باري ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش باقي نٿو ڇڏي ته سندن حڪومت کي انهيءَ پاليسيءَ تي ڪاميابيءَ سان عمل درآمد ڪرڻ جو جذبو ۽ صلاحيت مڪمل طور حاصل هئي، جيڪا سنڌ جي سرحدن سان لڳ، ويهن کان وڌيڪ ننڍن ۽ وڏن قلعن جي تعمير سان شروع ٿي، ملڪ جي اندروني علائقي ۾ واقع هن عظيم قلعي  جي تعمير سان پايئه تڪميل تي پهتي، جنهن کي ڪنهن ڌارئي حمله آور دشمن جي مقابلي ۾ آخري مورچي طور استعمال ڪرڻو هو.

فوٽ نوٽ ۽ حوالا

(1) ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1968ع ص85-82

(2) مير عبدالحسين خان سانگي جي بيتن جي هيٺان

(3) تاريخ طاهري از سيد طاهر محمد نسياني (ٺٽه) 1030هه مطابق 1662ع، مرتب: ڊاڪٽر اين.اي بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 77.

(4) قديم سنڌ (سنڌيءَ ۾) پهريون ڇاپو ص 59.

(5) عمر ڪوٽ جو قلعو ۽ ان جي آسپاس وارو علائقو ڪلهوڙا خاندان جي آخري حاڪم ميان عبدالنبي جوڌپور جي راجا کي ڏئي ڇڏيو هو، جو هن لاءِ هن مير بجار خان کي قتل ڪرايو هو. نواب ولي محمد خان لغاري انهن فوجي اڳواڻن مان هڪ هو، جيڪي عمرڪوٽ جي قلعي تي حملي ڪرڻ لاءِ ذميوار هئا، جيئن ته اهو قلعو واريءَ جي دڙن مٿان اڏيل هو، انڪري ان جي بنيادن هيٺان اونهيون کاهيون آسانيءَ سان کوٽجي سگهيون ۽ قلعي جي فصيل جا ڪجهه حصا بارود جي ڌماڪن ذريعي ڊاٺا ويا.

(6) انهيءَ موضوع تي لکيل متعدد بندن جو متن - فتح نامي جي ڇاپي ۾، جيڪو (سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد سنڌ 1938ع، ص 92)  ”سنڌ جو شاهنامو يا ته ڪلهوڙن جي هار“  جي نالي سان شايع ٿيل آهي، فقط پندرهن بند ڏنل آهن.

(7) کردند طرح برسرِ کوهي فلک شکوه.

(8) گردون بنا وسيع فضا.

(9) سنگين بکوه آمد برسنگ اين حصار.

(10) عالي حصار.

(11) بهرِصفات محکمينش کي تران نمود - باشد بـہ روم و روس کجا همچنين حصار.

(12) بگرفته طرفه با علي آباد اشتهار.

(13) سال شروع اين علي آباد حصن - بهرِ نشانِ نام شهانِ نکوشعار.

(*) فرمود بامراد چنين صبحدم خرد -  ”کـَـرد از کرم، کرم علي آباد اين حصار“

1230

(14) علي آباد نام اين حصن است

(15) آسمان رفعت و زمين وسعت

(16) باکمال متانت ورفعت

(17)گفت سال از ستايشِ هاتف -  ”علي آباد بـہ متين حصن است“

1234

- اهي ٻه قطعات شاعر جي پنهنجي بياض جي مسودي واري ڪاپيءَ ۾ ڏنل آهن، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري جي لائبريريءَ ۾ محفوظ آهي. اهي قطعا (ناقص مسوده جي صورت ۾) پير حسام الدين راشديءَ طرفان، سنڌي ادبي بورد جي ٽماهي رسالي مهراڻ نمبر 2 سال 1955ع، ص 175-174 تي پڻ شايع ڪيا ويا هئا.

(18) جيئن ته انهيءَ قلعي جي بنياد پوڻ جو واقعو حيرت انگيز نوعيت جو هو، ان ڪري اهو نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي خانداني روايتن ۾ محفوظ رهندو آيو. سال 1950ع ۽ 1960ع جي ڏهاڪي ڌاري منهنجي طرفان ڪيل تحقيقات دوران، انهيءَ بياض جي تصديق نواب خاندان جي انتهائي مشهور و معروف ۽ باخبر افراد، جهڙوڪ نواب مرحوم گل محمد خان، نواب شفيع محمد خان ۽ نواب عرض محمد خان طرفان ڪئي وئي، جيڪي سڀ جا سڀ گذريل صديءَ جي پوئين اڌ حصي ۾ ڄاوا هئا ۽ اهڙيءَ طرح اهي قلعي جي بنياد پوڻ واري واقعي کي هڪ سؤ سال وڌيڪ قريب هئا.

(19) تاريخ سنڌ، فارسي متن، ايڊيٽر ڊاڪٽر يو. ايم.دائود پوٽه، پونو 1938ع، ص 0256.

(مترجم: سومار علي سومرو)

------


(1) هاڻي ڄام شورو ضلعو آهي. (ادارو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com