سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :12

”انساني تهذيب جو مستقبل اديبن سان ئي وابسته رهيو آهي: ۽ هيءَ ثابت ڪرڻ به انهن جو ئي فرض آهي ته مستقبل معتبر هٿن ۾ آهي.“

 لوئي ارگاؤن.

1.

 تاريڪي ٻيهر ڦهلجي ويئي

- مولانا ابوالڪلام ’آزاد‘

سنڌيڪار: دلدار ”اديب“

2.

ابن يمن

- سنڌيڪار: رحيمداد خان، مولائي شيدائي

3.

نظم جا نوان نمونا

- پروفيسر منگهارام ملڪاڻي

4.

لوڪ ادب

- رائچند چيلهار

5.

حـُر مکيءَ جا

- لالچند امر ڏنو مل

6.

عطارد

- غلام علي عارباڻي

7.

افغان يا پٺاڻ قوم ۽ سندن زبان

-  ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

8.

”دُکي انسان“ (ناول)

(آڳاٽو ادب)

- وڪٽر هيوگو

سنڌيڪار: پروفيسر موٽومل منگهارام

9.

”مهراڻ“ جا موتي

-  ادارو

10.

سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

-  چونڊيندڙ

”جيڪو شخص جمال ۽ بصيرت ٻنهي لاءِ ڪوشش ڪري ٿو، سو عقلِ سليم ۽ رضاي اِلاهي ٻنهي لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. جيڪو شخص رڳو مشينن لاءِ ٿو ڪوشش ڪري، يا منافرت ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، سوچڻ ته بدنظمي ٿو ڦهلائي.

”ڪلچر مشينن کان گهڻو اڳتي ٿو ڏسي. ڪلچر منافرت کان نفرت ڪري. ڪلچر هڪ شديد جذبو رکي ٿو - ۽ اهو جذبو آهي جمال ۽ بصيرت جو! ڪلچر ۾ هڪ ٻيو جذبو، ان کان به وڌيڪ قوت وارو آهي - ۽ اهو آهي جمال ۽ بصيرت کي برتر ڪرڻ جو جذبو!

جيستائين اسين سڀ ڪامل انسان نه بڻجي وڃون، ڪلچر کي آٿت نه ٿي اچي سگهي. ڪلچر کي معلوم آهي ته چند ماڻهن جو جمال ۽ بصيرت حاصل ڪري وٺڻ، اصل ڪمال هرگز نه آهي: ڪمال صرف اِهو آهي ته انسانذات جا ناتجربيڪار ۽ علم جي روشنيءَ کان محروم فرد پڻ جمال ۽ بصيرت جو اِدراڪ حاصل ڪن.“ – مئٿيو آرنلڊ: ”ڪلچر ائنڊ انارڪي“.

مولانا ابوالڪلام ”آزاد“

سنڌيڪار: دلدار ”اديب“

تاريڪي ٻيهر ڦهلجي ويئي

اڄ دنيا وري تاريڪ آهي. هوءَ روشنيءَ لاءِ وري واجهائي ٿي. وري سمهي پيئي آهي انهيءَ ننڊ ۾، جنهن کان بار بار کيس جاڳايو ويو هو. انهيءَ مقصد کي وري وساري ڇڏيو اٿس، جنهن جي تلاش ۾ بار بار نڪتي هئي. هن جو اهو پراڻو اهنج، جنهن جي علاج لاءِ خدا جي رسولن آه زاري ڪئي هئي، ۽ جنهن کي ڇهين عيسوي صديءَ ۾ الله جي هٿان آخري مرهم نصيب ٿيو هو، اڄ وري تازو ٿي ويو آهي.

جنهن تاريڪيءَ ڇهين صدي عيسويءَ ۾ جنهن وقت اسلام جو ظهور ٿيو هو، جهالت ڦهلائي هئي، ساڳي تاريڪي اڄ تهذيب ۽ تمدن جي نالي سان ڦهلجي رهي آهي، ۽ اسلام وري پنهنجي غربت اوليٰ ۾ مبتلا آهي. جيڪڏهن انهيءَ زماني ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي تاريڪي بت پرستي هئي، ته اڄ ساڳي جڳهه نفس پرستيءَ والاري آهي. پهريائين انسان پٿر جي بتن کي پوڄيندو هو ته هاڻي پنهنجو پاڻ ٿو پوڄي. خدا جي پرستش ان وقت به نه هئي، ۽ ان جي پوڄڻ وارا اڄ به نه آهن.

دنيا جي اها ڪهڙي بيماري آهي، جنهن وري منهن نه ڪڍيو آهي؟ جڏهن هوءَ بيمار هئي ته ڇا، سندس حالت اهڙي ئي نه هئي، جهڙي اڄ اٿس؟ پهريائين (شايد) هوءَ پٿر جي ڇِپَ مٿان بيماريءَ سبب پاسا ورائيندي هوندي، ۽ هينئر چانديءَ ۽ سون جي پلنگ تي پيئي ڪراهي، پر بيمار جي بستري بدلجڻ سان ڪا بيمار جي حالت نه ٿي بدلجي.

جنسي ۽ نسلي ڪروڌن ڪروڙن طاقتور انسانن کي پنهنجو هٿيار بنائي رکيو آهي.ضعف ۽ ڪمزوريءَ کان وڌيڪ قومن ۽ ملڪن جي لاءِ ٻي ڪا خطا نه آهي. هر اها قوم جنهن وٽ طاقت آهي، سا خدا جي ساريءَ دنيا کي ڇڙو پنهنجي لاءِ ٿي سمجهي، ۽ باقي دنيا جي ڪمزور بندن لاءِ، عدالت جي هڪ جج وانگر، موت جي فتويٰ صادر ڪرڻ ۾ بلڪل بيخوف آهي. ”حق“ ۽ ”عدالت“ جا لفظ، لفظي طرح جيتريقدر زياده دهرايا وڃن ٿا، معنوي لحاظ کان اوتري ئي قدر متروڪ ٿي ويا آهن. نوعِ انساني جي مساوات ۽ امنيت جي حقيقت قوت جي زور ۽ طاقت جي دعويٰ اڳيان پائمال ٿي چڪي آهي.

انسان حياتيءَ جي لهو و لعب ۽ دولتمنديءَ جي نشه غرور ۾ شايد ئي ڪڏهن اهڙو بدمست ٿيو هوندو، جهڙو هن وقت ٿي رهيو آهي. سندس گناهه الودي قديمي آهي، ۽ شيطان ان وقت کان وٺي موجود آهي، جڏهن کان انسان موجود آهي. تاهم، گناهه جي حڪومت ايتري جابر ۽ قاهر اڳ ڪڏهن نه رهي هئي، ۽ شيطان جو تخت هن عظمت ۽ دٻدٻي سان ڪڏهن به زمين جي سطح تي نه وڇايو ويو هو، جهڙو اڄ قائم ۽ مسلط آهي. هيءُ سڀڪجهه جهالت جي سايي هيٺ نه ٿي رهيو آهي، بلڪه علم ۽ مذهبيت جي گهمنڊ ۾ ٿي رهيو آهي! بيماري اها ئي آهي، جنهن خاڪ ۽ گرد جي مٿان دنيا کي ليٿڙايو هو، البت هينئر اها سونهر ي مڇردانيءَ ۾ ليٽي پيئي آهي، ۽ موتين جي مڇردانيءَ جا پردا چئني طرفن ڏانهن ڪيرائي ڇڏيا ويا آهن.

ائين ٿيڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته چشمو خشڪ ٿي ويو آهي ۽ اهي ناليون مٽيءَ سان ڀرجي ويون آهن، جن جي آبپاشيءَ سببان خداپرستيءَ جو چمن شاداب رهندو هو. ”دنيا جي هر شي لوڻ سان لوڻياٺي بڻائي ويندي آهي، پر جي لوڻ جو ذائقو ڦڪو ٿي وڃي ته ان کي ڪهڙيءَ شيءِ سان لوڻياٺو ڪيو ويندو؟“ (متي – انجيل، 5 : 13)

جا قوم ساريءَ دنيا جي اصلاح لاءِ آئي هئي، سا جي پاڻ ئي اصلاح جي محتاج ٿي وڃي ته پوءِ ڪير آهي جو دنيا جي اصلاح ڪندو؟ خدا هميشه ان ڪم جي لاءِ پنهنجي جماعت دنيا ۾ موڪليندو آهي، ۽ خدا مسلمانن کي ئي ”حزب الله“ يعني پنهنجي جماعت قرار ڏنو هو. پوءِ جيڪڏهن اهيئي ماڻهو ”حزب الشياطين“ جو ساٿ ڏيڻ لڳن، ته الله وٽ وڃڻ وارا ڪنهن کي ڳولين؟

اڄ وقت اچي ويو آهي ته اسلام هڪ دفعو وري پنهنجي انهيءَ فرض کي دهرائي، جيڪو هڪ دفعو اڳ هو انجام ڏيئي چڪو آهي؛ ۽ مسلمان پنهنجي اصلاح خود پنهنجي لاءِ نه، بلڪه ٻين جي لاءِ ڪن، تا ته انهن جي سڌرڻ سان سڄو جهان سڌري پوي، ۽چشمي جي روانيءَ سان ساري زمين سرسبز ٿي وڃي.

اسلام جي مِشن اڃا ختم نه ٿي آهي. دنيا جيتريقدر ان جي تعليم جي انهيءَ وقت محتاج هئي، جڏهن ڇهين صدي عيسويءَ ۾ عرب جي اپٻيٽ ۾ ان پنهنجي صورت پسائي هئي، ان کان ڪي قدر وڌيڪ اڄ به سندس ڪارنامن جي محتاج آهي. کيس پنهنجي امن ۽ نظام جي لاءِ، پنهنجي عدالت ۽ صداقت جي قيام لاءِ، پنهنجين سفاڪين ۽ بيرحمين جي خاتمي ڪرڻ لاءِ، پنهنجي صلح ۽ امن عامه جي لاءِ، اسلام ۽ صرف اسلام جي ئي ضرورت آهي. اسلام جا فرزند خود اسلام کان بي نياز ٿي ويا هجن ته هجن، مگر دنيا اڃا بي نياز ٿي نٿي سگهي.

پر جيڪو آتشدان پاڻ باهه کان خالي ٿي ويو هجي، اهو ڪمري کي ڪيئن ٿو گرم رکي سگهي؟ تنهنڪري، ضروري آهي ته مسلمان سڀ کان اڳ ۾ خود پاڻ ۾ تبديلي پيدا ڪن، ڇاڪاڻ ته انهن جي تبديليءَ تي سڄي دنيا جي تبديلي موقوف آهي.

ان لاءِ رسمي انجمنون قائم ڪرڻ بيڪار ٿيندو، ۽ پئسن جي فراهميءَ سان خاطر جمعي ممڪن نه آهي. ان لاءِ اهي سڀيئي طريقا پڻ بيڪار ٿيندا، جن جو اعليٰ نمونو اڄڪلهه جا ڪم پيش ڪري سگهن ٿا، چڱن مقصدن جي صرف اعلان سان چڱا نتيجا نه ٿا حاصل ٿين، جيڪڏهن صرف مفيد نصيحتن ۽ وعظن جو دهرائڻ ڪنهن قوم ۾ تبديلي پيدا ڪري سگهي ٿو، ته هي طريقهء ڪار اڳ ۾ ئي ايتريقدر موجود آهي جو هاڻي ان جي لاءِ ڪنهن نئينءَ جماعت جي ضرورت ناهي. اصول معلوم آهن ۽ تعليمات لڪل راز ڪين آهن: ضرورت صرف هن ڳالهه جي آهي ته انهن ئي اصولن ۽ تعليم هيٺ اعمال ۽ افعال ۾ تبديلي پيدا ٿئي.

سنڌيڪار: مولائي رحيمداد خان شيدائي

ابن يمين

اسلام جو قالب اهڙي فولاد مان جڙيل آهي جو جن طاقتن ساڻس ٽڪر کاڌو،ل اهي پاش پاش ٿي ويون. تاتارين جو سيلاب ۽ صليبي ڪاهون مٿئين ثبوت لاءِ شاهد آهن. هر هڪ تصادم کان پوءِ اسلام نئين سر زندگي حاصل ڪئي. خاص طرح تاتارين جو خونريز حملو ۽  بغداد جي تباهي ۽ بربادي تاريخي اهميت رکي ٿي.

بغداد جي زوال کانپوءِ:

سن 656 هجريءَ ۾ بغداد جي تباهي ۽ برباديءَ جو خونچڪان واقعو ٿي گذريو، جنهن نه رڳو خلافت عباسيه جي پوئين تاجدار معتصم با الله جي حڪومت جي دفتر کي اٿلائي ڦٽو ڪيو، پر مسلمانن جي ڇهن صدين جي گڏ ڪيل علمي ۽ ادبي سرمايي ۽ تهذيب و تمدن جي مخزن جي به صفائي ڪري ڇڏي. هيءَ اوچتي دلد و ز آفت اهڙي تباهه ڪن هئي، جو شيراز جي خوشنوا بلبل سعدي رحه جي دل ڪنبي ويئي، ۽ ارمان ۽ مايوسيءَ جي حالت ۾ سندس زبان مان بي اختيار هيءَ صدا نڪتي:

”آسمان را حق بود گر خون ببارد بر زمين“

خلافت عباسيه جي ٽمڪندڙ شمع جي هنڌ تي تاتارين جي عروج جو آفتاب ايران جي گلريز زمين تي ضيا پاشي ڪرڻ لڳو. هلاڪو خان ۽ سندس جانشين، جي ايران جي تاريخ ۾ ”ايلخاني“ جي نالي سان مشهور آهن، حڪومت ڪرڻ لڳا. تعجب جو مقام چئبو، يا عجيب اتفاق چئجي، جو باديه نشين رهزنن جو هي گروهه، جو اصل ۾ قتل و غارتگريءَ جو دلداده هو، سو ايران جي تهذيب پرور فضا جي اثر ڪري پنهنجي خونخواريءَ کي وساري ويٺو، ۽ ايران جي ادب ۽ انشاءَ جي بيجان جسم ۾ سندن ادبي ۽ علمي خدمن جي ڪري تازو روح پيدا ٿيو. جيئن ته هن خونريز  قوم جي حڪومت اندر فنون جنگ جي آئينه بنديءَ سان گڏ علم هيت، هندسه، منطق، فلسفه، ڪلام ۽ تاريخ تي بي نظير ڪتاب ظهور ۾ اچڻ لڳا. اهل قلم کي اطمينان نصيب ٿيڻ کان پوءِ عربي ۽ فارسيءَ ۾ علوم عاليه تي بيشمار ڪتاب تصنيف ٿيا. ۽ عشق جي واردات جي بيان ۾ اهڙا گل ڪتريا ويا، ۽ اهڙيون پرسوز ۽ دلگداز نظمون لکيون ويون، جي ايراني ادب لاءِ طرهء امتياز آهن. تفسير بيضاوي، فصوص الحڪم (ابن عربي) طبقات الاطباءِ، الڪامل (ابن اثير) وغيره عربيءَ ۾، تاريخ جهان ڪشا (عطا ملڪ جويئي)، اخلاق ناصري (محقق طوسي)، گلستان سعدي، تاريخ وصاف، جامع التواريخ (رشيد الدين) تاريخ گزيده (حمد الله)، تاريخ بناڪتي (فخر الدين بناڪتي)، درة التاريخ (قطب الدين شيرازي) مشهور تاريخون آهن.

هن دور ۾ فن شاعري ۾ غزل، اخلاق ۽ تصوف ۾ رباعيون لکيون ويون، رزميه ڪلام جو به زور رهيو. هن فن ۾ فقط ظفرنامو مشهور آهي. مشهور شاعرن مان فريد الدين عطار، ڪمال اسماعيل، مولانا روم، سعدي شيرازي، مولانا جامي، امامي هروي، مجد همگر، عراقي، اوحد الدين ڪرماني، محمود شبستري ۽ همام تبريزي ٿي گذريا.

ايلخاني خاندان جو پويون حڪمران سلطان ابو سعيد هو. جنهن سن 736هه ۾ لاولد وفات ڪئي. سندس وفات کان 35 سال پوءِ ايران ۾ مرڪزي حڪومت تباهه ٿي، ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي. ننڍيون رياستون باهمي جنگ و جدل ۾ رڌل رهيون. انهن رياستن مان آل مظفر، فارس ۽ عراق تي حڪومت ڪندا هئا. هن خاندان جو باني مبار زالدين محمد هو، جنهن جو امير تيمور گورگانيءَ خاتمو ڪيو. حافظ شيرازي رحه هن خاندان جو مشهور شاعر هو. ٻيو خاندان جلائر هو، جنهن جي بغداد ۽ آزربائجان تي حڪومت هئي. سلمان سائوجي هن خاندان جي مداح رهيو. ٽيون خاندان سربدلان هو، جو پنجاهه سالن تائين سبزاوار تي حڪمران رهيو. خواجه علي موئد پويون فرمانروا هو. هن خاندان جو مشهور شاعر ابن يمين هو. چوٿين حڪومت هرات تي ڪرت خاندان جي هئي. معز الدين ڪرت، سربدران کي ختم ڪيو.  باقي ٻين رياستن جو امير تيمور خاتمو ڪيو هو.

ابن يمين – خواجه ڪرماني، ڪمال خجندي، مغربي، هافظ شيرازي ۽ سلمان سائوجي جو همعصر شاعر، مشهور فلسفي ۽ صوفي ۽ درويش ٿي گذريو. مٿين شاعرن مختلف اصناف سخن ۾ ڪمال حاصل ڪيو. منجهانئن ڪن غزلگوئي ۽ قصيده نگاريءَ ۾ داد حاصل ڪيو هو. مگر ابن يمن قطع نگاريءَ جي فن کي اختيار ڪيو هو. قطعه گوئيءَ جي لحاظ کان فارسي ادب ۾ يگانه عصر ٿي گذريو.

افسوس، هن صاحب ڪمال جي زندگيءَ جا حالات شرح ۽ بسط سان ڪنهن به تذڪري مان دستياب ٿي نه سگهيا، بلڪ نالي، ڄم جي تاريخ ۽ وفات متعلق تذڪره نگارن ۾ اختلاف آهي. توڙي جو دولت شاه سمرقنديءَ ”امير محمود ابن يمين الدين“ نالو لکيو آهي. پر صحيح نالو امير فخرالدين محمود ابن يمين آهي ۽ تاريخن ۾ فقط ”ابن يمين“ جي نالي سان مشهور آهي. سندس پيءُ امير يمين الدين (يمين الدوله) ترڪستان جو رهاڪو هو، ۽ مشهور شاعر هو. سلطان خدابنده جي ڏينهن تڪرستان کان خراسان جي هڪ ننڍي ڳوٺ فرمد ۾ مقيم رهيو، ۽ گذران لاءِ جائداد خريد ڪئي هئائين. ابن يمين سن 658هه = 1286ع ۾ ڄائو ۽ پيءُ کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪيائين ۽ پيءُ کان ئي فن شاعري حاصل ڪيائين:

چنين بود بدري، ڪش چنان بود بسري

چنين بود عرضي، ڪش چنين بود جوهر

فاضل پيءُ پنهنجي پٽ جي دل وڌائڻ ۽ قابليت کي پرکڻ لاءِ پنهنجن غزلن تي غزل لکرايا. ابن يمين جي هڪ جوابي رباعي گهڻو مشهور آهي:

داريم جفاي فلڪِ آئينه گون

پر آه دلي ڪه سنگ از و گرد د خون

روزي بهزار غم به شب مي آرم

تا خود فلڪ از پرده چه آرد بيرون

سلطان ابو سعيد جو وزير خواجه علاؤالدين، امير يمين الدين جو مربي هو. اهڙي لاگاپي ڪري تڪميل فن کان پوءِ ابن يمين کي آسانيءَ سان شاهي دربار ۾ رسائيءَ جو موقعو ملي ويو. هن پنهنجي پيءُ جي جيئري ئي شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيو هو. عربي، فارسي ۽ ترڪيءَ ۾ کيس ڪافي استعداد حاصل هو، جيئن هڪ تذڪري ۾ لکيل آهي:

”از فضلاي عهد بوده – اخلاق حميده و سيرت پسنديده داشته – طبعي ظريف و سخني دلپذير دارد و فضلائي و فقرا را زيارت ڪردي و اڪابر او را حرمتي زياده از و صف مي داشته اند“

سندس پيءُ سن 722 هه = 1322ع ۾ وفات ڪئي. ان وقت ابن يمين جي عمر 27 سال هئي. هن علاؤ الدين جي تعريف ۾ هڪ شاندار قصيدو لکي وٽس روانو ڪيو، جنهن ۾ ممدوح جي تعمير ڪيل شفاخاني جون خوبيون بيان ڪيل هيون ۽ انهن حسين ۽جميل خواتين جي ڪارڪردگيءَ جو بيان به ڏنل هو، جيڪي بيمارن جي تيمارداريءَ لاءِ نوڪر رکيل هيون.

ابن يمين جي زندگيءَ ۾ سن 736هه جو تاريخي واقعو وڏي اهميت رکي ٿو، جڏهن سلطان ابو سعيد انتقال ڪيو ۽ ايران ۾ طواف الملوڪي پکڙجي ويئي ۽ ساڳئي سال امير تيمور ڄائو هو. اهو ابن يمين جي شباب جو زمانو هو. سندس دل روزمره جي خونريزين ۽ خانه جنگين جي ڪري سرد ٿي وئي ۽ دنيا جي هنگامن کان منهن موڙي گوشه نشيني اختيار ڪئي هئائين. ليڪن سن 1342ع ۾ جڏهن امير مسعود جنگ ۾ شڪست کاڌي ۽ فوج جو سمورو سامان لٽجي ويو. هن هنگامي ۾ ابن يمين جو ديوان به ضايع ٿي ويو، گويا سندس اڌ عمر جي ڪمائي ناس ٿي ويئي! هن واقعي کان پوءِ ابن يمين شاهي دربارن سان تعلقات منقطع ڪري فقر ۽ قناعت ۾ زندگي بسر ڪرڻ لڳو. وٽس پيءُ جي زمين جو ٿورو ٽڪر هو،  جنهن ۾ هر کيڙي قوت گذران ڪندو هو. 8 جمادالثاني سن 769 هه =  1367ع ۾ وفات ڪيائين. مرڻ کان ٿورو اڳ مصلي تي ويٺي هيٺين رباعي پڙهي رهيو هو:

منگر ڪه دل ابن يمين پرخون شد- بنگر ڪه ازين سرائي فاني چون شد

مصحت بڪف و چشم بره روئي بدوست- با پيڪِ اجل غمده زمان بيرون شد

(هي نه ڏس ته ابن يمين جي دل رت سان ٻڏل آهي، پر ڏس ته هن دنيا کي ڪيئن ڇڏي ويو: هن طرح رخصت ٿيو، جو هن جي هٿ ۾ قرآن هو ۽ سندس اکيون جمالِ يار لاءِ منتظر هيون ۽موت جي فرشتي سان اشارا ۽ ڪنايا ڪري رهيو هو.)

ڪلام

اڳ لکي چڪا آهيون ته اسان جي شاعر جو ديوان جنگ ۾ ضايع ٿي ويو هو. ان واقعي کان ڏهه سال پوءِ ڪجهه پنهنجي حافظي جي زور تي ۽ ڪجهه دوستن جي بياضن مان پنهنجو ڪلام نقل ڪري، ان ۾ اضافو ڪيائين. سندس شاعريءَ جو پهريون دور ستين صدي هجريءَ جي اختتام تائين قائم رهيو، جڏهن سندس شباب جو دور هو. ان ۾ غزل ۽ قصائد جو زور رهيو. ٻيو دور سندس پيريءَ جو زمانو هو، جڏهن شاعر جي دل زندگيءَ جي ڪشمڪش کان عاجز ٿي چڪي هئي، انهيءَ سبب ڪري اخلاقي نظمون، خاص طور قطعات وجود ۾ آيا. پهرئين دور جي شاعريءَ جو نمونو گهٽ موجود آهي، تنهنڪري سندس شباب جي رنگينين تي روشني پئجي نه ٿي سگهي، ليڪن بعض اشعار جيڪي زماني جي انقلاب کان محفوظ رهيا، تن مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته اهي مايه دار آهن. مثلاً:

سرمده اي ديده هر دم اشڪ غماز مرا

تا نه سازد فاش پيشِ مرد مان راز مرا

(اي اک! هر دم لڙڪ نه وهاءِ، جن کان ماڻهن ۾ منهنجو راز کلي نه وڃي.)

زخود بيگانه بودن در رهِ عشق

بآن معشوق طرح آشنائي ست

(هر وقت گم سم رهڻ به ان معشوق سان راه ۽ رسم وڌائڻ جو طريقو آهي.)

پر ڏٺو ويندو ته سندس خاص رنگ اخلاقي شاعري آهي ۽ ان ۾ به قناعت ۽ خودداريءَ جي مضمونن کي مختلف پيرايي ۾ دلڪش انداز سان بيان ڪري ٿو، جوسندس ئي حصو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کان بهتر اڄ تائين ڪو ٻيو شاعر ادا ڪري نه سگهيو آهي. سندس ڪلام قلبي ڪيفيتن کي لفظي جامو پهرائي ڪاغذ تي جلوه گر ڪري ٿو. سندس بيان حال جي تصوير آهي ۽ خاص اثر ۾ ٻڏل هئڻ ڪري، دل تي نشتر جو ڪم ڏئي ٿو. سندس اخلاقي نظم فارسي ادب ۾ ممتاز حيثيت رکي ٿو. هو عربي ۽ ترڪي ادب کان به واقف هو ۽ سندس مشاهدي جي قوت به گهڻي تيز هئي. هو پنهنجي گرد و پيش جو غائر نظر سان مطالعو ڪري ٿو ۽ نهايت سليس ۽ شسته زبان ۾ حيرت ۽ استعجاب ۾ وجهندڙ فارسي ادب جا مرقعا پيش ڪري ٿو. هو انساني زندگيءَ جي عارضي ۽ چند ڏينهن واري قيام جا مختلف پهلو مختصر انداز ۾ پيش ڪري، حيات فردا جي خوش آيند خواب ۽ ان جي اميد افزا تصورات کي محض حماقت ۽ تضيع اوقات  سمجهي ٿو. هو عقل ۽ دليل جو قائم ۽ فهم ۽ فڪر جو مبلغ هو.  هن ننڍن ننڍن بحرن ۾ پنهنجن فلسفيانه خيالن کي پيش ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سندس شعرن ۾ مزاحيه رنگ به موجود آهي ۽ هجويه تلخي به نمايان آهي. هو عيش و نشاط جي محفلن ۽ احباب جي صحبت ۾ شراب جي لذت ۽ ڪباب جو دلدادو به هو. مرنجان مرنج زندگيءَ کي پسند ڪندڙ ۽ گوشهء سڪون و عافيت ۾ زندگي گذارڻ کي ناگوار سمجهي ٿو. هو صاف ۽ صريح لفظن ۾ ٻڌائي ٿو ته دنيا ۾ خوش خرمي ۽ هوشياريءَ سان زندگي گذارڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن فلسفي جي عميق رمزن ۽ تصوف جي نڪتن کي پيش ڪري ٿو، ليڪن زبان جي صفائيءَ ۽ استدلال جي قوت کي هميشه پيش نظر رکي ٿو، ۽ دقيق مطلب کي بلڪل آسان ڪري ٿو. قطعات جيڪي هن جي شاعري جي جان آهن، تن مان سندس مشاهدي جي قوت ۽ زندگيءَ جي تجربن جي وسعت جو علم حاصل ڪري سگهجي ٿو. تمثيلات ۾ هن جي تخيل جي قوت نهايت قوي ۽ بلند پرواز آهي. زبان سليس ۽ شسته آهي. جاه طلبيءَ جي مذمت جنهن پيرايي ۾ بيان ڪري ٿو، سا ملاحظه فرمايو:

دو قرص نان اگر از گندم است يا از جو

چار گوشهء ديوار خود بخاطر جمع

دوتائي جامه اگر ڪهنه است يا خود نو

ڪه ڪس نگويد ازين جا برخيز و آنجا رو

(ڪڻڪ جون ٻه مانيون هجن يا جَوَن جون، ٻه جوڙا ڪپڙن جا کڻي پراڻا هجن يا نوان، پنهنجي گهر جي چئن ديوارن جو سڪون، جتي ڪو ئي چئي نه سگهي ته اٿ ۽ هوڏانهن وڃ.)

هزار بار فزون تر به نزد ابن يمين

زفر مملڪت ڪيقباد و ڪيخسرو

(ابن يمين جي نظر ۾ ڪيقباد ۽ ڪيخسرو جي سلطنت ڪا وقعت نه ٿي رکي.)

زد ديوانه ڪرد روزي سوال

ڪه چون بيني ابن سلطنت ڪز پدر

چه خوش گفت ديوانه او را جواب

پدر مدتي آهن سرد ڪوفت

سليمان مرسل عليه السلام

مرا ماند با اين همه احتشام

ڪه چون نيست اين مملڪت مستدام

تو در باد پيمودني صبح و شام

(هڪڙي ڏينهن حضرت سليمان عليه السلام ديواني کان پڇيو ته هيءَ سلطنت منهنجي پيءُ کان مون تائين ڪيئن باقي رهي؟ اهو ٻڍي ديواني هن کي ڪهڙو نه سٺو جواب ڏنو، چيائين جڏهن ته دنيا جي حڪومت کي ثبات ڪونهي، ته تنهنجي حڪومت جي باري ۾ مان چوان ٿو ته تنهنجو پيءُ ڪنهن زماني تائين سرد لوهه ڪٽيندو رهيو ۽ تون صبح و شام هوا ۾ ٿو گهمين.)

حضرت دائود عليه السلام زرهون ٺاهيندو هو ۽ حضرت سليمان عليه السلام بابت مشهور آهي. ته ان جو تخت هوا تي اڏامندو هو. فارسيءَ ۾ ”آهن. سرد ڪوفتن“ ۽ ”باهه پيمردن“ جي معنيٰ آهي بيڪار ڪم ڪرڻ. ديواني حضرت دائود جي زرهن ٺاهڻ ۽ حضرت سليمان جي تخت کي هوا تي هلڻ کي ”آهن سرد“ ۽ ”باد پيمودن“ سان تعبير ڪيو آهي.

شاعر نڪته دان، زرپرست ۽ لالچيءَ جي شان ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

شاعري نيست پيشه ڪه ازان

راستي بخت زشت بي معنيٰ ست

زان بود ڪارِ شاعرن بي نور

رسدت نان و نيز تره و دوغ

آجر تي خواستن براي دروغ

ڪه ندارد چراغِ ڪذب فروغ

(شاعري اهڙو پيش نه آهي، جنهن کان توکي ماني، ساڳ  يا ڏهي ملي سگهي؛ ڪوڙ چئي ان جو معاوضو گهرڻ ڏاڍي خراب ڳالهه آهي، انهيءَ سبب ڪري شاعرن جي ڳالهه اوندهه وانگر آهي. ڇاڪاڻ ته ڪوڙي جو ڏيئو ڪڏهن نه ٿو ٻري)

شاعر معمولي واقعن مان،  جيڪي انسان کي زندگيءَ ۾ روزمره پيش اچن ٿا، نهايت مفيد ۽ حيرت انگيز نتيجا پيش ڪري ٿو. ڪو انهن جي تجربن ۽ نتيجن جي صداقت کي تسليم ڪري يا نه ڪري اها جدا ڳالهه آهي، ليڪن انهن کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ شاعر پنهنجي قوتِ مدرڪه جا گهڻيءَ حد تائين جلوا پيش ڪيا آهن، ۽ هن جي شاعريءَ جي چمنستان ۾ فطرت جي باغبان گلڪارين جا جاذب نظر گلدستا پيش ڪيا آهن. اهي گلدستا ابن يمين کي يورپ جي فطرت پرست شعراء جو همنوا ۽ هم پله ڪري ڇڏين ٿا. هو فطرت جي نيرنگيءَ جوپرستار آهي ۽ محنت و  مشقت سان روزي حاصل ڪرڻ کي بهتر سمجهي ٿو. جڏهن ته دور جديد ۾ مزدورن ۽ سرمائيدارن جي جنگ جاري آهي، ان حالت ۾ محنت، مشقت ۽ خوديا وريءَ کي عزت جو ذريعو قرار ڏئي ٿو. هو پنهنجي زمين جي ٽڪر تي سواءِ ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي قانع آهي ۽ ان ۾ هر کيڙي پيٽ پالڻ کي ميراثي ۽ مداحي ٿيڻ کان وڌيڪ پسند ڪري ٿو. هنگامن ۽ فسادن جي دور ۾ شاعر نااميدين ۽ مايوسين جوشڪار ٿيو، ان هوندي به عوام جي دلين ۾ سندس بيحد قدر  ۽ منزلت هئي. هن جي شاعريءَ ۾ عمر خيام جي شاعريءَ جو پرتو نمايان آهي، تنهنڪري آسماني گردشن جي تباهڪارين لاءِ پنهنجي همعصر شعراء کان وڍيڪ وضاحت سان مرثيه خوان آهي، ليڪن سچ چوڻ ۽ صداقت کي هٿن مان نه ٿو ڇڏي. هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو سبزاور، نيشاپور ۽ گرگان ۾ گذاريو ۽ شاهي دربارن ۽جنگ جي ميدانن ۾ کائڻ پيئڻ جي مسئلي کي پاڻ لاءِ دارالمطالعه ٺاهي، ان مان سبق حاصل ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com