سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :6

”مون کي ته واندڪائي ڪا نه ملندي آهي. سارو ڏينهن پٿر ڪٽيندي آهيان، يا مٽي ڍوئيندي آهيان، شام جو ساري ڪٽنب لاءِ ماني تيار ڪندي آهيان، رات جو واندي ٿيندي آهيان، چڱو، ڪڏهين واندي ٿيس ته اينديسانءِ“.

ان ڏينهن ئي رات جو، جڏهين هر طرف سانت ڇانئجي ويئي، تڏهين هري آئي، ته تنبوءَ جي در وٽ بيهي، نيڻ کڻي مون ڏانهن نهارڻ لڳي. هن جي نيڻن ۾ خودسپردگي ڇوليون هڻي رهي هئي، ۽ هن جي چپڙن تي حيا ۾ ٻڏل هلڪي هلڪي مرڪ هئي. مون اٿي هن کي ٻانهن کان جهليو. هن جو جسم کوري ۾ تتل ٽامي جيان ٻري رهيو هو. منهنجي هٿ جي ڇهاءُ سان هوءَ شرمائجي ويئي، ۽ شرم وچان، رئي جي پلاند سان کڻي منهن ڍڪيائين. اڄ هن جو هٺ ۽ هن جي بيحجابي الائي ڪيڏانهن هليا ويا هئا، ۽ هن جو عورتپوڻو اڀري آيو هو. عورت ڪيتري به هٺيلي، ڪيتري ئي بيحجاب ڇو نه هجي، پر جڏهين هوءَ مڙد جي گهر جي چانئٺ ٽپندي آهي، تڏهين هن جو سارو هٺ، ساري بيحجابي الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويندي آهي، ۽ هن جو عورتپڻو پنهنجين سڀني رعنائين سان اڀري ايندو آهي. مڙد جي پاڇي پوڻ سان ئي هوءَ، شرم ٻوٽيءَ وانگر پاڻ کي ويڙهي سيڙهي، پنهنجو پاڻ ۾، پنهنجي وجود ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. ائين، هڪ وار مڪمل طرح سان بند ٿي کان پوءِ ئي هوءَ ٽڙندي آهي. ائين، هزار پڙدن ۾ پاڻ لڪائي، پاڻ ڇپائي، هوءَ پنهنجن ازلي اسرارن ۽ ڳجهن سميت ظاهر ٿيندي آهي. مون هن کي ٻانهن کان جهلي کٽ تي ويهاريو، ۽ هن سان ريهاڻ ڪندو رهيس.

ڪنهن کي خبر ڪا نه هئي ته انهن ڪڇي مزدورن جو وطن ڪهڙو هو، ۽ ديس ڪهڙو. جتي هنن کي ڪم لڳندو هو، اتي اچي هو پنهنجا پکا اڏيندا هئا، اها جاءِ ئي هنن جو ديس ٿي ويندي هئي. پوءِ جڏهن ڪم ختم ٿي ويندو هو، تڏهن گڏهن تي سامان لڏي مزوري جي تلاش ۾، ڳڀي جي ڳولا ۾ نڪري پوندا هئا. ڪنهن گڏهه تي ڪڪڙيون ويٺيون ڪـُڙ ڪـُڙ ڪنديون هيون، ته ڪنهن تي ڪڇي عورتون ويٺيون پنهنجن ڪارن، ڪوجهن ۽ گر چڙهيل ٻارن کي گهگهري مان ڇاتي ڪڍي کير پيارينديون هيون، ۽ مرد مزدور پنڌ ئي پنڌ گڏهه هڪليندا هلندا رهندا هئا- هڪ نئين ماڳ ڏانهن جتي سنَڌ سنَڌ ڏکوئيندر مزدوري ٺيڪيدارن جا وڏا وڏا ۽ ڪڏهين نه ڀرجڻ وارا پيٽ ۽ اڻپوري خوراڪ، ازدها وانگر وات ڦاڙي، هنن جي انتظار ۾ هوندا هئا.

ڪڇي عورتون ڏاڍيون محنتي ۽ مضبوط هونديون هيون. هنن جي جسمن ۾ نه ته شاخِ گل واري لچڪ هوندي هئي ۽ نه ئي رابيل جي گلن واري هٻڪار. هنن جا جسم ڪٽ چڙهيل ٿانون جيان ڪارا هوندا هئا، ۽ منجهانئن پگهر جي بدبوءِ پيئي ايندي هئي. ڪڇي مڙد، عورتن جي ڀيٽ ۾ ڏاڍا سست هوندا هئا. هو پاڻ سولو ڪم ڪندا هئا، ۽ پنهنجين عورتن کان ڏکيو ڪم وٺندا هئا. سارو ڏينهن چرس پيئندا هئا؛ داروغن ۽ ٺيڪيدارن جي منشين جون گاريون کائيندا هئا. جمعي رات جو ڪچو شراب پي، بدمست ٿي، هڪٻئي سان وڙهندا هئا؛ يا ساري رات پنهنجين زالن جون ٻوٽيون پٽيندا هئا.

جنهن ننڍي شهر کي وڏي شهر سان ملائڻ لاءِ اها سڙڪ تعمير ٿي رهي هئي، ان شهر ۾ جلال جي آفيس هئي. هو هفتي مان ٽي ڏينهن اتي رهندو هو، ۽باقي چار ڏينهن هتي اچي گذاريندو هو. هڪڙي ڏينهن جلال آيو ته هن سان گڏ هڪ وڏيءَ عمر جو شخص ۽ هڪ نوجوان ڇوڪري به هئي. جلال جڏهن اسان جي واقفيت ڪرائي، تڏهين مون کي خبر پيئي ته اهو پوڙهو شخص رٽائرڊ انجنيئر هو، ۽ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ”واپڊا“ کاتي ۾ ساڳي نوڪري ڪئي هئائين. هن جي عمر پنجاهه يا سٺ ورهيه هئي، پر هو مون کان ۽ جلال کان به وڌيڪ جوان ٿي ڏسڻ ۾ آيو. هن جو قد ڊگهو هو. جسم مضبوط، ۽اکين ۾ زندگيءَ جي چمڪ هيس. هن جا وار صفا اڇا هئا، ڄڻ چانديءَ جي تارن جو ڇٽ مٿي تي رکيل هوس. هن جو آواز هن جي شخيت وانگر رعبدار ۽ گجندڙ هو. هر سنجيدگيءَ ڳالهه کي شسته ۽ وڻندڙ مزاح جو رنگ ڏيئي، ڪو ٽوٽڪو ٻڌائي، وٺي ٿي ٽهڪ ڏنائين. هو اصل ۾ ڪشمير جو رهاڪو هو، پر گهڻي وقت کان لاهور ۾ اچي رهيو هو. اها نوجوان ڇوڪري هن جي ڌيءَ هئي. هن جو نالو نسرين هو، ۽ هوءَ ڪراچي جي ڪنهن ڪاليج ۾ ڊاڪٽريءَ جي آخري سال ۾ پڙهي رهي هئي. هينئر ڪاليج ۾ موڪليون هيون، ۽ هوءَ موڪلن گذارڻ لاءِ پيءُ وٽ آيل هئي. هن ۾ به پيءُ واريون سڀ خوبيون هيون. فرق رڳو ايترو هو جو هن جي آواز ۾ رعب جي بدران عجيب ميٺاج هو. هن به ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي ٽهڪ ٿي ڏنو. هن جي ٽهڪ جي آواز ٻڌڻ مان ائين ٿي احساس ٿيو، ڄڻ تهه سيءَ ۽ جهڙ ۾ يڪدم گرم ۽ روشن اس نڪري آئي هجي؛ يا ملهار جي موسم ۾ اوهين ماٺ ڪري چانهه پي رهيا هجو، ۽ ڪنهن ”سارنگ“ ڇيڙي ڇڏيو هجي. اڄ جڏهن جلال هيڏانهن اچي رهيو هو،ته هن نسرين ۽ سندس پيءُ کي رستي تي وڻ هيٺ بيٺل ڏٺو. ٻيئي ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪتا هئا، پر هنن جي گاڏي خراب ٿي پيئي هئي ۽ هو ٻيئي وڻ هيٺان پريشان بيٺا هئا. جلال هنن کي پنهنجيءَ جيپ تي هتي وٺي آيو هو، ۽ هنن کي چانهه وغيره پياري هئائين. (نسرين سان ملڻ لاءِ قدرت جلال کي ڪهڙو نه سهڻو موقعو ڏنو هو!)

نسرين جي پيءُ، چانهه پيئندي، پنهنجي مخصوص رعبدار لهجي ۾ مون کان پڇيو: ”اوهين ڇا ڪندا آهيو؟“

”مان.....“ مون اڃا جواب ڏنو ئي ڪونه، ته جلال منهنجيءَ ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي چيو، ”هن ايم . اي . پاس ڪئي آهي. في الحال ته ڪنهن نوڪريءَ وغيره جو خيال ڪونهيس، سارو ڏينهن ويٺو ڪتاب پڙهندو رهندو آهي.“

”الائي اوهين واندا ڪئين ٿا ويهي سگهو. مان جڏهين رٽائرڊ ٿيس، تڏهن سوچيم ته آرام ڪندس، ۽ پر ٻن ٽن ڏينهن جي بيڪاريءَ ۽ واندڪائيءَ ۾ ساهه منجهڻ لڳم. يڪدم هٿ پير هڻي، ”واپڊا“ ۾ نوڪري ورتم.“

”اصل ۾ ادبي ذوق وارا ماڻهو ٿيندا ئي ائبنارمل آهن.“ جلال چيو.

”مان اوهان سان ان ڳالهه ۾ متفق ڪو نه آهيان.“ هن گجندڙ آواز ۾ چيو. منهنجي ڌيءَ، نسرين، جو ئي مثال وٺو. ”غالب“ ۽ ”مير“ پڙهي پڙهي، ڊاڪٽر ٿيڻ واري آهي. منهنجي خيال ۾ ته منهنجي ڌيءَ جهڙيون نارمل ڇوڪريون اوهان کي ورلي ملنديون.“

پنهنجي پيءُ جي ڳالهه ٻڌي، نسرين مشڪي ڏنو. عجيب مشڪ، جنهن ۾ خوبصورتي به هئي ته اڻ لکي لڄ به.

هن ڳالهه بدلائيندي مون کان پڇيو: ”اوهين سارو ڏينهن اڪيلا ويٺا ڇا ڪندا رهندا آهيو؟ اسان وٽ ايندا ڪريو. مان به سارو ڏينهن اڪيلي ويٺي هوندي آهيان. ايندا ڪريو ته ڳالهيون ڪري پيا وقت گذارينداسين.“

مان ته هر روز اوهان جي ڪئمپ جي اورئين طرف واري باغ ۾ گهمڻ لاءِ ايندو آهيان. هڪ ته مون کي اوهان جي خبر ڪا نه هئي، ۽ ٻيو ته واقفيت به ڪا نه هئي، نه ته جيڪر مان ته هر روز اچان ها.“ مون چيو.

”هاڻي ته واقفيت ٿي ويئي، هاڻي ته ايندا ڪريو.، نسرين چيو.

نسرين جي پيءُ اسان کي ٻئي ڏينهن لاءِ چانهه جي دعوت ڏني، ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ جلال هنن کي جيپ تي سندن ڪئمپ ۾ ڇڏي آيو.

ٻئي ڏينهن شام جو مان ۽ جلال هنن جي ڪئمپ ۾ وياسين. هنن ڏاڍيءَ حب سان اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو، ۽ اسان کي ساري ڪئمپ گهمايائون. اصل ۾ اها ڪئمپ آمريڪي انجنيئرن لاءِ بنائي ويئي هئي. ان ڪري ئي هن جهنگ ۾، جتي دور تائين ٽمٽائيندڙ ڏيئو به نظر نه ٿي آيو، اتي بجليءَ جو بندوبست ٿيل هو. رهائش لاءِ ريل جي گاڏن جيان ٽين جا ٽي گاڏا بيٺل هئا، جن ۾ وري ايئرڪنڊيشن جو بندوبست رکيل هو. پر پوءِ آمريڪي انجنيئر واپس هليا ويا هئا ۽ اهي گاڏا نسرين جي پيءُ کي رهائش لاءِ مليا هئا. هنن اسان کي هڪ گاڏي ۾ آڻي ويهاريو. اسان کي چانهه پياريائون، ۽ پيار ڀريل ڳالهين سان اسان جي دل وندرايائون. نسرين جي پيءُ ۽ جلال ته پنهنجيءَ انجنيئرنگ جي ٻوليءَ ۾ ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون. مان ۽ نسرين پاڻ ۾ ڳالهائيندا رهياسين. جڏهين اسين موٽڻ لڳاسين، تڏهن جلال چيو، ”يار، هيءَ مڇي ته  تنهنجي ڄار ۾ اچي ڦاٿي آهي، هتي اسان جو ڪم نه آهي. مون مشڪي ڳالهه کي نٽائي ڇڏيو. جلال وري چيو، ”يار، عورت کي سمجهڻ خدا کي سمجهڻ  کان به وڌيڪ ڏکيو آهي. مڙد جي الائي ڪهڙي ادا عورت کي وڻي ويندي آهي. خير ڪجهه به هجي، هي شڪار تنهنجو آهي.“

ٻئي ڏينهن تي، صبح جو سوير، باغ ۾ وڃڻ ۽ واهه جي ڪپر تي هريءَ سان ملڻ جي بجاءِ، مان سڌو نسرين سان ملڻ هليو ويس.

نسرين ۽ مان واهه جي ڪپر تي سير ڪرڻ لاءِ نڪتاسين. جهونجهڪڙي جو وقت هو. افق وٽ ڇانيل هلڪن سفيد بادلن ۾شفق جا رنگ رلجي ويا هئا. ڄڻ آسمان ۾ ديوين ۽ ديوتائن ڪو ڏڻ ملهايو هو، ۽ رنگن جي پچڪارين سان هڪٻئي جي لباس کي رنگارنگي ڪري ڇڏيو هئائون. هوا جي هلڪي جهوٽي سان، نسرين جي وارن جي چڳ هن جي ويڪريءَ ۽ روشن پيشانيءَ تي لهرائڻ لڳي. هن شفق ڏانهن نهاريندي چيو:

”هتي زندگي ڪيتري نه حسين ۽ ڪيتري نه پر سڪون آهي! مون ته ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن به شفق کي ههڙو حسين ڪو نه ڏٺو هو. هتي اچڻ کانپوءِ ائين ٿو احساس، ٿئي ڄڻ اسين وڇڙيل ماءُ جي گود ۾ پهچي ويا آهيون، ۽ اسان جي ماءُ اسان کي پکين جي لاتين جون لوليون ڏيئي سمهاري رهي آهي.“

اسين جڏهين واپس ورياسين، ته پريان پل وٽ ”هري“ نظري آئي. هوءَ دلو ڀري واپس وڃي رهي هئي. اسان کي ڏسي، هوءَ ٿوري دير بيٺي، ۽ پوءِ تکا تکا قدم کڻندي، پڙو لهرائيندي، هلي ويئي.

رات جو مان کٽ تي ليٽيس، ته منهنجين اکين آڏو نسرين جا کـُلي بند ٿيندڙ ۽بند ٿي کلندڙ چپ، ۽ هوا جي هلڪي جهوٽي سان هن جي چنڊ جيان ٻرندڙ پيشانيءَ تي لهرائيندڙ وارن جي چڳ ڦرڻ لڳي. هن جي هلڪڙن هلڪڙن ٽهڪڙن جو سنگيت منهنجي روح ۾ اوتجڻ لڳو. مون کي جلال جا لفظ ياد اچڻ لڳا- ”مڙد جي الائي ڪهڙي ادا عورت کي وڻي ويندي آهيئ“ منهنجي دل ٽڙي پيئي، ۽ مان مشڪي ويٺس. وري منهنجين اکين آڏو هريءَ جو جوان ۽ مضبوط جسم ڦهلجي ويو. هن جي جوڀن جي بوءِ منهنجن حواسن تي ڇانئجڻ لڳي. هري ڪنهن سگهڙ جوسادو، سلوڻو ۽ جذبن سان ٽمٽار بيت هئي، ته نسرين ڪنهن مهاڪويءَ جي ڪوتا: هري ڪنهن تلاءَ جو بيٺل ميرانجهڙو پاڻي هئي، ته نسرين آبِ زمزم! مون پنهنجي ازلي اڃ جي شدت کان مجبور ٿي، ان ميرانجهڙي پاڻيءَ مان ٻڪ ڀري پيتو هو، نه ته جي آبِ زمزم ملي وڃي، ته پوءِ ڪير ميرانجهڙو پاڻي پيئندو؟

مان اهي ڳالهيون سوچي رهيو هوس ته تنبوءَ ۾ هري داخل ٿي. هن جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو هو، ۽ هن جو سارو جسم ڌڪي رهيو هو. هوءَ سڌي اچي منهنجي مٿان بيٺي، ۽ ڪاوڙ مان پڇيائين:

”اڙي، اها ڀوري ڀولڙي ڪير هئي؟“

”ڪهڙي؟“ مون کٽ تي اٿي ويهندي چيو.

”ڪهڙي!“ هن منهنجا ويچارا ڪڍيا. ”ڄڻ توکي خبر ئي ڪانهي! اها رَنَ، جيڪا صبح توسان ساڻ هئي!“

”ڪير؟ نسرين؟ اها  ته انجنير جي ڌيءَ آئي“

”انجنير جي ڌيءَ هجي کڻي لاٽ جي ڌيءَ هجي، جي وري توسان ڏٺو مانس ته مترڪي سان ميڄالو ڪڍي ڇڏينديسانس!“

مون هن کي ٻانهن کان جهلي کٽ تي ويهاريو، ۽ هن جي منهن کي ٻنهي هٿن ۾ جهليندي مون چيو: ”توکي پنهنجي ٻاپوءِ تي اعتبار ڪونهي؟ چري، مان ڪو توکان منهن موڙي سگهان ٿو!“

هن جي اکين مان لڙڪ وهي آيا، ۽ منهن منهنجي گود ۾ رکي، هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.

مان هر روز پرهه ڦٽيءَ وقت نسرين وٽ ويندو هوس. نسرين ۽ مان گڏجي واهه جي ڪناري تي سير ڪرڻ وينداهئاسين. جهنگلي پکين جون مٺڙيون مٺڙيون لاتيون ٻڌندا هئاسين، شفق جو نظارو ڪندا هئاسين، ۽ سورج کي اڀرندو ڏسندا هئاسين. اهڙيءَ طرح، اسين ٻيئي هڪٻئي جي ويجهو ايندا وياسين. ايترو ويجهو، جو هن جو مصحتمند ساهه ۽ منهنجو بيمار ۽ سلهه جي جيوڙن سان ڀريل ساهه هڪ ٿي ويا. پر ڪير ٿو چوي ته منهنجي ساهه ۾ سلهه جا جيوڙا هئا؟ مان ته بنا علاج جي ئي چڱو ڀلو ٿي ويو هوس. ڀلا، پيار ۽ سندرتا کان وڌيڪ به ڪو علاج ٿي سگهي ٿو! مان زنديءَ ۾ هن مهل تائين ان ڪري ئي دک سهندو آيو هوس جو قدرت مون کي خوشين جو ههرو خزانو سونپڻ ٿي چاهيو. مان هن مهل ائين اڪيلائيءَ جي برپٽ ۾ ان لاءِ ئي ڀٽڪندو ٿي رهيس، جو قدرت مون کي ههڙو ساٿي سونپڻ ٿي چاهيو. مبارڪ آهي اهو غم، جنهن جو عروج ههڙي خوشي اهي، ۽ مبارڪ آهي اها اڪيلائي، جنهن جي انتها ههڙو ساٿ آهي!

رات جو جڏهن کنگهه ٿيندي هيم، تڏهين احساس ٿيندو هوم ته مون کي سلهه آهي، ۽ هي گذرندر هڪ هڪ گهڙي، هڪ هڪ پل، مون کي موت ڏانهن ڌڪي وٺي وڃي رهيا آهن. جيئن ڪنهن بيگناهه کي جلاد ڍڪا ڏيندا سوليءَ ڏانهن وٺي ويندا آهن. نه نه... مان مرڻ نه ٿو چاهيان! مان جيئڻ ٿو چاهيان. مان اها زندگي ماڻڻ ٿو چاهيان، جنهن ۾شفق جا رنگ آهن، پکين جون مٺڙيون لاتيون آهن، نسرين آهي، سونهن آهي، سچائي آهي، پيار آهي... پر، جيڪڏهين نسرين کي خبر پئجي ويئي ته مون کي سلهه آهي، ته ڇا پوءِ به هن جي پيار ۾ اها سچائي رهندي؟... مان هن کي ٻڌائيندس ئي ڪونه! جڏهين هوءَ موڪليون گذاري ڪراچيءَ هلي ويندي، تڏهين مان ڪنهن سينيٽوريم ۾ داخل ٿي علاج ڪرائيندس- نئين صحت ماڻيندس؟ نئين زندگي پرائيندس!

مون هريءَ سان ملڻ صفا ڇڏي ڏنو. ويچاري هريءَ نه ته مترڪي سان نسرين جو ميڄالو ڪڍيو، ۽ نه ئي مون کي ڪجهه چيائين. هن رڳو مون سان ملڻ ڇڏي ڏنو. سارو ڏينهن ماٺ ڪريو پيئي ڪم ڪندي هئي. هريءَ کي ڏسي، مان پنهنجي اندر ۾ ليئو پائ ان جذبي کي ڳوليندو هوس، جنهن هريءَ جي جسم مان بهار جي بوءِ سنگهي هئي. پر مون کي پنهنجي اندر ۾ ان جذبي جوڪو نشان نظر نه ايندو هو. شايد اهو جذبو بدبودار پگهر جيان منهنجي جسم جي پورن مان نڪري ويو هو. هينئر منهنجي اندر ۾ صرف هڪڙو جزبو هو. نسرين کي پنهنجي بڻائڻ جو جذبو- نئين زندي ماڻڻ جوجذبو!

هڪڙي ڏينهن مان نسرين سان ملڻ ويس. نسرين اتي ڪا نه هئي. هن جو پيءُ ويٺو هو. ٽيبل تي ٽنگون ڊگهيري، پائيپ پي رهيو هو. مون کي ڏسي هن جي نراڙ تي گهنج پئجي ويا، ڄڻ منهنجو اچڻ هن کي ڏاڍو ناگوار گذريو هجي. مون هن کان نسرين جي باري ۾ پڇيو. هن ڏاڍي اڻوڻندڙ ۽رکي انداز ۾ جواب ڏنو: ”نسرين ٻاهر گهمڻ ويئي آهي.“ مان هن جي سلوڪ تي حيران ٿي ويس. مون هن کان وڍيڪ ڪي پڇيو ئي ڪين هن چيو، ”معاف ڪجو، مان ڏاڍو ٿڪل آهيان ۽ ڪجهه آرام ڪرڻ ٿو گهران-“

منهنجيءَ دل کي زور جو ڌڪو لڳو.مان سمجهي نه سگهيس ته مون سان اهو برتاءُ ڇو ٿي ڪيو ويو. مان گاڏي کان ٻاهر هليو آيس، ۽گذريل واقعن کي ياد ڪري،ڪنهن اهڙي واقعي کي ڳولڻ لڳس، جيڪو ان برتاءَ جو سبب ٿي سگهيو ٿي؛ پر مون کي ڪو به اهڙو واقعو سمجهه ۾ نه ٿي آيو. ٻاهر مون سان ڊرائيور مليو. مون ڊرائيور کان نسرين جي باري ۾ پڇيو. هن ٻڌايو ته ”اوهان سان گڏ جيڪو صاحب ايندو آهي، بيگم صاحب ان سان گڏ گهمڻ ويئي آهي.“ مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو. دماغ ۾ خيال برپٽ ۾ چڪر کائيندڙ واچوڙن جيان چڪر کائڻ لڳا. مان اندر جي اُڻتڻ سان تکا قدم کڻندو ان طرف وڃڻ لڳس. جنهن طرف جلال ۽ نسرين ويا هئا. مون کي پريان جلال ۽ نسرين ايندا نظر آيا. مان يڪدم رستي جي ڪناري تي بيٺل وڻن جي اوٽ ۾ لڪي ويس. نسرين ۽ جلاج جي ڳالهائڻ جو آواز منهنجي ويجهو ايندو ٿي ويو، ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪڻ جو شور بلند ٿيندو ٿي ويو. مون ساهه منجهائي، هنن جون ڳالهيون ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کي نسرين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. نسرين چئي رهي هئي:

”هاءِ هاءِ! اوهين مون کي پهرين ته ٻڍايو ها! مون هيترا ڏينهن هن سان گڏ گذاريا آهن، مون کي ته اهو ڊپ آهي ته متان منجهن ڦڦڙن تي به اثر نه پئجي ويو هجي! مان سڀاڻي ئي ڪراچيءَ ويندس، ۽وڃي ”ايڪس ري“ ڪرائينديس ۽ سيون هڻائينديس.“

منهنجو سارو وجود لـُڏي ويو- ڄڻ ڪنهن بيخبريءَ ۾ منهنجي دل ۾زهر ۾ ٻڏل ڀالو ٽنبي ڇڏيو هجي. ڄنگهون ٿڙڪڻ لڳيون،بت ڏڪڻ لڳو، ۽دل اجهامڻ لڳي. مان ٻئي هٿ مٿي کي ڏيئي، اتي ئي زمين تي ويهي رهيس. ويٺي ويٺي، مون کي رت جي الٽي آئي. زمين جو سارو ٽڪرو ڳاڙهو ٿي ويو. اڇيءَ قميص تي ڳاڙهي ڳاڙهي رت جا داغ چمڪڻ لڳا. مان آهستي آهستي، ڏاڍيءَ ڏکيائيءَ سان اٿيس، ۽ٿڙندو ٿاٻڙندو تنبوءَ ڏانهن هلڻ لڳس. تنبوءَ کان ٿوري مفاصلي تي هريءَ جي ڀيڻ گجري لنگهي رهي هئي. هوءَ حيران ٿي مون ڏانهن نهارڻ لڳي. تنبوءَ وٽ پيهچي مون کي رت جي ٻي الٽي آئي، ۽مان اتي ئي تنبوءَ کان ٻاهر زمين تي ويهي رهيس. گجريءَ اکيون ڦاڙي مون ڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ وٺي ڀڳي. مون ڪنڌ کڻي آسمان ڏانهن نهاريو.سج لهي چڪوهو. ۽ افق تي شفق جي ڳاڙهاڻ ڇانيل هئي.

اڄ شفق جو رنگ تيز تکو ۽ ڳوڙهو ڳارهو هو- ڄڻ سج کي به سلهه ٿي پيئي هئي. ۽ اونداهيءَ ۾ غرق ٿيڻ کان ٿوري دير اڳ، رت جي الٽي ڪري، ساري افق کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هئائين. آسمان مان ٽمندڙ ڳاڙهي ڳاڙهي رت ۾، ڀر وارا وڻ خاموش بيٺا هئا، ۽ سانجهيءَ جو پنهنجن پنهنجن آکرين ڏانهن موٽندڙ پکين چرٻر لائي ڏني هئي. هوا جي هلڪي جهوٽي سان فضا ۾ عجيب، پراسرار چر پر پيدا ٿي ويئي هئي- ڄڻ موت جو فرشتو پر ڦڙڪائي رهيو هجي. انهن وڻن جي پرينءَ ڀڪ، ڪڇي مزدورن جي جهوپڙن مان عورت جي روئڻ جو آواز اچي رهيو هو. مان آهستگيءَ سان زمين تان اٿيس ۽ تنبوءَ ۾ اچي کٽ تي ڪري پيس، منهنجو سَنڌ ُ سَنڌ ُوسامڻ لڳو، سنڌ سنڌ ۾ ڪئليون چڪ پائڻ لڳيون، ۽ اکين اڳيان ڪارا ڪارا پاڇا نچڻ لڳا، ۽ پوءِ هر طرف اوندهه ڇانئجي ويئي- ٻاٽ اوندهه. پوءِ، چنڊ ۾ وات ڦاڙي ويٺل اسرافيل ڦوڪ ڏني. آسمان ڦاٽي پيو. زمين ڏري پيئي. ستارا ٽٽي پيا. سج جو ٻرندڙ ٿال زمين تي ڪري پيو. هر طرف موت، هر طرف ڳاڙهو ڳاڙهو رت، هر طرف روڄ راڙو، دانهون، ڪيڪون ۽ رڙيون- بچايو! .... بچايو!....بچايو....!

مان دانهن ڪري اٿي ويٺس، اکيون ڦاڙي پنهنجي چوڌاري نهارڻ لڳس. ايتري ۾ هري تنبوءَ جو پڙدو هٽائي، رڙ ڪري، اچي منهنجي مٿان ڪِري- ”توکي ڇا ٿي ويو آهي، ٻاپو!“ مون هن کي زور سان سيني سان چنبڙائي ڇڏيو ۽ روئڻ لڳس. هوءَ به منهن منهنجي سيني ۾ لڪائي روئڻ لڳي. ٻئي ڏکايل، ٻئي ڦٽيل، اوڇنگارون ڏيئي روئندا رهياسين، پوءِ جڏهين لڙڪن جي کاري پاڻيءَ ۾ هر دک، هر درد ڌوپجي ويو ۽دل هلڪي ٿي پيئي، تڏهين مون هريءَ کي چيو:

”هري، تون مون کان پري ٿي، مون کي سلهه آهي! مون رت جون ٻه الٽيون ڪيون آهن. تون منهنجي ويجهو رهندينءَ ته توکي به سلهه جا جيوڙا چنبڙي پوندا!“

هن منهنجيءَ گود ۾ منهن لڪائيندي چيو، ”مون کي تنهنجيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه ٿيون اچن، ٻاپو! مان ته چاهيان ٿي ته ڀڳوان منهنجو جيون به توکي ڏئي، تون سکي رهين!“

ڪيتري نه سچائي هئي هن جي پيار ۾! ڪيتري نه سندرتا هئي هن جي اڻڄاڻائيءَ ۾ نسرين ڏاهيءَ مون کي ڏک ڏنا هئا، ۽ هيءَ اڻڄاڻ مون کي اننت پيار ڏيئي رهي هئي! ڇا، سچائيءَ کان وڌيڪ به ڪا سندرتا آهي؟ ڇا، هن دنيا ۾ اڃا ههڙي سندرتا ۽ ههڙو عظيم اننت پيار آهي؟ جي سچ پچ دنيا ۾ ههڙي سندرتا ۽ ههڙو پيار آهي، ته پوءِ زندگي حسين ۽ رهڻ جي قابل آهي. يڪدم منهنجي بيمار ۽ڦٽيل روح مان زندگيءَ جا امنگ ڦاٽ کائي نڪري آيا. مون ٻئي ٻانهون ڊگهيري، هريءَ کي سيني سان لائي ڇڏيو- ڄڻ مان هڪ نئينءَ زندگيءَ کي سيني سان لائي رهيو هوس.

مون صبح سان، سوير، جلال کي پنهنجي تنبوءَ ۾ سڏرايو، ۽ کيس ٻڌايم ته مان هريءَ سان شادي ڪري رهيو آهيان. منهنجي ڳالهه ٻڌي، هن کان ڇرڪ نڪري ويو. پر پوءِ منهنجي منهن تي بکندڙ عزم کي ڏسي (يا پنهنجي ڪنهن فائدي کي ڏسي) هو راضي ٿي ويو. ۽ مون کي هر قسم جي مدد ڏيڻ جو واعدو ڪيائين. ان ڏينهن ئي مان سينيٽوريم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪوهه مريءَ روانو ٿي ويس.

چار سال گذري ويا آهن. مابن سينيٽوريم مان چڱو ڀلو ٿي واپس موٽي آيو آهيان، ۽ هڪڙي ڪاليج ۾ پروفيسر آهيان. نسرين ۽ جلال جي شادي ٿي ويئي آهي، ۽ٻئي ڄڻا ڪراچيءَ ۾ رهندا اهن. نسرين اتي ڊاڪٽر آهي، ۽جلال ڪنهن فرم ۾ انجنيئر آهي. منهنجي ۽ هريءَ جي به شادي ٿي ويئي آهي. اسان جي شادي ڪيئن ٿي، اها هڪ جدا ڪهاڻي آهي. ٻن جدا جدا مذهبن، ٻن جدا جدا قومن جو پاڻ ۾ ٽڪرائجي، ٽٽي، ٽڪرا ٽڪرا ٿي، هڪ ٿي وڃڻ جي ڪهاڻي!

هاڻي جڏهين مان ويٺو هيءَ ڪهاڻي لکي رهيو آهيان، تڏهين هري ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي، ۽ منهنجي ٽيبل تي نوڙي (جيئن هو مَٽ کڻائڻ لاءِ نوڙي هئي)، منهن منهنجي منهن ۾ وجهي پڇي ٿي: ”ڇا ٿولکين؟“ مان هن جي جسم مان اٿندڙ بهار جي بوءِ کي ساهه سان سيني ۾ سانڍيندي چوان ٿو: ”لکان ٿو ته نيٺ بهار آيو!“ هوءَ ڪجهه نه سمجهي، مرڪي ٿي ڏئي- عجيب ۽ اڻڄاڻ مرڪ. ان عجيب ۽ اڻڄاڻ مرڪ سان هن جي چپڙن مان ڄڻ گل ڇڻي ٿا پون. مان دريءَ جو پڙدو هٽائي، ٻاهر نهاريان ٿو. سج لهي ويو آهي، ۽شفق ٽڙي بيٺي آهي. اڄ شفق جو رنگ هلڪو گلابي آهي- ڄڻ افق وٽ گلاب جا هزارين گل ٽڙي پيا آهن.   

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com