سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :15

گهر جي جاءِ جي ڇت نينگر يعني اوچي هجي ۽ مٿان ٻوجهه يعني بار گهڻو هجي ته اوچتو ڪنهن نه ڪنهن مهل يا برسات وقت ڊهڻ جو ڊپ آهي. بهار جي موسم ۾ يا ٻئي وقت جڏهين وڻن ۾ ڦل لڳندا آهن ۽ اڃا ڪچا هوندا آهن، ان وقت جي ڏو واءُ، يعني ڪڏهين اتر کان ۽ ڪڏهين ڏکڻ يا ٻئي طرف کان هوا لڳندي آهي ته ڦل ڇڻي ويندا آهن، جيستائين ڀائر ڪنوارا هوندا آهن، تيستائين منجهن محبت رهندي آهي، پر شادي ڪرڻ بعد اها محبت نه رهندي آهي، يعني ماهيلي يا زال انهن جي وچ ۾ اڻبڻت جو ڪارڻ آهي، سا کين جدا ڪري وڇوڙو وجهندي آهي. برسات شروع ٿيڻ واري هوندي يا وسندڙ هوندي ۽ جي ان وقت آگتيو يعني اڀرندي طرف جو واءُ لڳو ته ڪڪڙ ٽڙي پکڙي ويندا ۽ برسات بند ٿي ويندي. سگهڙ چوي ٿو ته اهي چارئي حالتون خراب آهن.

(9)            چار ئي جوڀن

گانيان جوڀن گاس هي، تريان جوڀن آنَ،

ماهيلي جوڀن مَردَ هي، مردي جوڀن ڌَن.

هڪ سگهڙ چوي ٿو ته ڍڳين کي گاهه ڍءُ تي پيو ملندو ته کائي متاريون ٿينديون وينديون، اها انهن لاءِ جواني آهي، تـُريان يعني گهوڙين کي جي داڻو جام ملندو ته مواڙ رهنديون؛ ماهيلي يعني عورت جي سهاڳڻ آهي ته سدائين خوشيءَ ۾ هوندي ۽ جوان پيئي ڏسبي؛ ۽ مرد وٽ جي ڌن  آهي ته کيس ڪا به ڳڻتي نه هوندي ۽ هميشـﮧ خوشيءَ ۾ هوندو. جنهنڪري جوان پيو لڳندو: اهي چار ئي حالتون جواني پيدا ڪندڙ آهن.

(10)        چار ئي جوڀن

گانيان جوڀن برسات هَي، تـُريان جوڀن ڏئِت،

ماهيلي جوڀن مان هَي، مردي جوڀن ڇَتَ.

ٻئي سگهڙ چيو آهي ته گاهه ته ڍڳيون سدائين پئيون کائينديون آهن، مگر برسات وقت جڏهن تازو سائو گاهه ٿيندو آهي، اهو وقت ڍڳين لاءِ جوڀن جو وقت آهي. رڳو داڻو گهوڙين کي ڪجهه ڪو نه ڪندو، پر جڏهن گيهه مکڻ ۽ ٻيون شيون ڏبيون آهن، تڏهن انهن لاءِ جوڀن آهن. سڀني سهاڳڻ زالن وٽ مرد آهن، پر تنهن هوندي به ڪيتريون سدائين غمگين ڏسبيون آهن، پر جنهن زال جي مرد وٽ عزت آهي، اها جوان آهي. مرد وٽ رڳو ڌن هجي، پر جي ڇَت يعني ايمان يا مهل تي مردانگيءَ جو جوهر نه هوندو، ته ڍن جو بچاءُ به ڪري نه سگهندو، ۽ نڪو پنهنجي عزت برقرار رکي سگهندو، تنهنڪري ايمان ئي مرد جو جوڀن آهي. مٿيون چار ئي حالتون جواني پيدا ڪندڙ آهن.

(11)     چار ئي ڪم نه ڪجن

نه ڪَسيئي ڪَماڻ، نه پَڙيئي جماڻ،

نه ٽپيئي ڪوئا، نه رَميئي جوئا.

ڪمان تي هر هر تير نه ڪشجي، ڇو ته جي هٿان ڇٽو ۽ مبادا جي ڪنهن کي لڳو ته نقصان ڪندو، ڪنهن جو به ضامن نه پئجي، ڇو ته اڄ اعتبار وارا ٿورا آهن؛ ۽ ڪوئا يعني کوهه جي مٿان ٽپو نه ڏجي، پير جي ٿڙيو ته جان جوکو آهي؛ ۽ جوئا راند نه ڪجي، جا نقصان واري آهي: سگهڙ چوي ٿو ته اهي چار ئي ڪم نه ڪجن.

(12)        چار ئي خراب

ڏاڙ کٽوڪي ڪاڪِرو، جَم رَجي کٽوڪي نيڻَ،

گيو کٽوڪي والمو، موئي وسري ويڻَ.

کاڌي کائڻ وقت ڏاڙ يعني ڏاٺ يعني ڏاٺ جي هيٺان پٿر ذرو اچي، يا اک ۾ رَجي يعني تمام ٿورو ذرو گند پوي ته پيو کٽڪندو. ڪنهن زال جو مڙس (والمو) پرديس ويل هوندو ته کيس نه وسرندو. جي ڪنهن ڪڏهين بدشد ڳالهايو هوندو ته اهي اکر انسان کي مرڻ بعد وسرندا. سگهڙ چوي ٿو ته اهي چارئي حالتون خراب آهن.

(13)        چارئي نه وسرن

موران نان ميههَ نه وسري، مَنگَتَ نان ڏاتار،

ماهيلي نان پيهَرَ نه وسري، هاري نان ڀَتوئار.

سگهڙ چوي ٿو ته مور پکي ميهه يعني برسات کي هر وقت ياد ڪندو آهي، تنهنڪري کيس اها نه وسرندي آهي؛ منگت يعني پينو فقير کي ڏاتار يعني سخي مرد نه وسرندو؛ ماهيلي يعني پرڻجي ويل ڪنوار کي پيهَر يعني مائٽاڻو ڳوٺ نه وسرندو؛ ۽ ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ هاريءَ کي ڀتو ئارڻ، يعني ڀتو يا کاڌو آڻيندڙ (سندس زال) نه وسرندي آهي. (هاري صبح جو سوير ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ويندو  آهي؛ سندس زال گهر جو ڪم ڪار لاهي، ماني پچائي ٻنيءَ تي کڻي ويندي آهي، جنهن کي ڀتو آڻيندڙ يا ڀتوئارڻ چئبو آهي.)

(14)        چار ئي سڌارين

ميهه سڌاري بجلي، سَرو وَرَ سـُڌاري پار،

ٻيٽو سـُڌاري ٻاپَ نان، گهر سڍاري نار.

ميهه يعني برسات اها، جنهن سان گڏ بجليءَ جا چمڪاٽ هجن، يعني گوڙ سان ايندڙ برسات سٺي آهي. سروور يعني تلاءَ جي ڪپ تي گپ هوندي آهي، جنهنڪري پاڻي ڀرڻ وقت پير گپ ۾ خراب ٿي پوندا آهن. پر جي پار يعني ڪنارو پڪسرو ٺهيل هوندو ته اهو عمدو تلاءُ ليکبو، ۽ ماڻهن کي پاڻي ڀرڻ، وهنجڻ، ڪپڙن ڍوئڻ، وغيره جي هرڪا سهوليت ٿيندي. ٻاپ يعني پيءُ جي ناموس ڪرڻ ۽ عزت وڌائڻ، ٻيٽي يعني پٽ جو ڪم آهي؛ جي ڪپوٽ هوندو ته پيءُ وٽ روز بروز ماڻهن جي گلا ايندي، پر جي سپوٽ هوندو ته سڀڪو واه واه ڪندو؛ انهيءَ ۾ پڻس جي به عزت آهي. زال گهر جي راڻي آهي، جنهن کي سڌارڻ سندس ئي  ڪم  آهي؛ مڙس کڻي ڪيترو ئي ڪمائي اچي، پر جي زال هٿ ڦاڙ هوندي ته پورت ڪا نه ٿيندي، پر جي زال سلڇڻي ۽ سگهڙ هوندي ته ٿوريءَ ڪمائيءَ مان به پيئي پورت ٿيندي، ۽ گهر جو ٺاهه ٺوهه اهڙو رکندي جو پيو ٻهڪندو.

(15)         چارئي ڏَهنَت

اڌ سکي وديا ڏهي، ڏهي ڪٻڌي ويرَ،

ڪُل هيڻ ڪامڻي ڏَهي، چنتا ڏهي سرير.

پوري تعليم پرائڻ ڪري انسان کي ڄاڻ پوندي آهي، پر اَڌوري علم سکڻ ڪري پاڻ هٺ وڌندو آهي ته مون جهڙو ٻيو هوشيار آهي ئي ڪو نه. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اهڙا ماڻهو ٻئي جي سچي ڳالهه به نه مڃيندا آهن ۽ ضدي ٿيندا آهن. سمجهو ماڻهن کي وري اهو افسوس ٿيندو آهي ته وقت اجايو وڃائي ڇڏيم، مگر علم پورو ڪو نه پرايم، انهيءَ ڪري سدائين ڳڻتي رهندي. جيڪڏهين ڀاءُ ڪٻڌي ]ڪ = نه، ٻڌي =  سمجهه: بيسمجهه[  هوندو ته ڪي نه ڪي اجايا ڪم ڪندو، جنهنڪري ماڻهن سدائين گلا ڏيندا رهندا، جا ٻڌي ٻڌي سدائين ڳڻتيءَ ۾ رهبو بيڪار ۽ بدلڇڻيءَ زال جي ڪري، جنهن کي پنهنجي ڪل جي عزت جو خيال نه هجي، مرد کي سدائين ڳڻتيءَ ۾ ڳرڻو پوندو. ڪهڙي به چنتا هوندي ته انسان بدن ۾ ڳرندو ويندو. سگهڙ چوي ٿو ته اهي چار ئي ڳالهيون انسان لاءِ هميشه ڳڻتيءَ جو ڪارڻ آهن ۽ دل تي پيئون کٽڪنديون.

(16)        چار ئي ساکي

ميهان ساکي مارگو، سيئان ساکي اڪَ،

ڏاتار ساکي منگتا، سوران ساکي ڌڪ.

ڪٿي به برسات پوندي آهي ته ايندڙ ويندڙ ]مارگ = واٽ، رستو مارگو= واٽ ويندڙ، مسافر[  جتان لنگهندا، اتان ڳالهيون ڪندا ويندا، جنهنڪري يڪدم گهڻي ملڪ ۾ خبر پئجيو وڃي: چئبو آهي ته ”وٺي جون خبرون واٽهڙو ڏيندا.“ سيءُ پوندو آهي ته وڻ سڙي ويندا آهن. ٻيا وڻ گهڻي سيءُ جي ڪري سڙندا اهن، پر اَڪ کي ٿوري سيءَ جي لهس آئي ته سڙي ويندو – يعني اڪ پهريون ئي وڻ آهي، جنهن تي سيءَ جو وار جلد ٿيندو آهي. سخي مرد ڪڏهين به سواليءَ کي خالي نه ڇڏيندا آهن، تنهنڪري منگتا يا سوالي انهن جي جتي ڪٿي پيا ساراهه ڪندا آهن. سورهيه يا بهادر جو ڍڪ لڳل لڪو نه رهندو آهي، ڦٽ ڇٽي سگهي ٿو، پر نشان گم نه ٿيندو. سگهڙ چوي ٿو ته اهي چارئي هڪ قسم جا ساکي، يعني شاهد آهن.

(17)        چار ئي موجود

داتا اتي مَنگتا، سَرو وَرَ اتي هَنسَ،

راجا اتي رهاڻيون، مورک اتي بحثَ.

جتي سخي مرد هوندو اتي سوين سوالي ايندا. جتي تلاءُ ڀريل هوندو، اتي هنس پکي ضرور هوندا. راجا هوندو، اتي سدائين ماڻهن جا ميڙاڪا، مجلسون ۽ ڪچهريون هونديون. مورک ماڻهو هوندو، اتي سياڻپ جي ڪا ڳالهه ڪا نه هوندي، پر خسيس ڳالهين تي به اجايو بحث هوندو. سگهڙ چوي ٿو ته مٿين حالتن ۾ اهي چا ئي ڳالهيون موجود هونديون.

(18)        چار ئي ڍَڪَ

ڪوئا ڍاڪَڻ ڍاڪڻو، کيتر ڍاڪڻ واڙَ،

ٻاپَ ڍاڪڻ ٻيٽڙو، گهَر ڍاڪڻ نارِ،

ڪوئا گهر ۾ رکيل شيون زيان ڪري ويندا آهن؛ زالون انهن جي بچاءَ لاءِ مٽيءَ جو ڍاڪو ٺاهي، ان جي هيٺان شيون رکنديون آهن ته بچاءُ ٿيندو آهي. ٻنيءَ جي چوڌاري  ڍنگهرن جو لوڙهو ڏبو ته بچاءُ ٿيندو. پيءُ جا افعال کڻي ڪهڙي به هجن، پر جي پٽ سپوٽ ٿيو ته مائٽ جا اوگڻ لڪي ويندا ۽ پاڻ نيڪي  ٿيندي. گهر ۾ سنجم ۽ صرفي واري زال هوندي ته سڀڪنهن نموني، ٿوريءَ ڪمائيءَ مان به پيئي پورت ٿيندي، ڪڏهين به گهر جي اوگهڙ نه ٿيندي. سگهڙ چوي ٿو ته اهي چارئي شيون هڪ قسم جو ڍڪ، يعني بچاءُ يا پردو آهن.

(19)        پنج ئي ڪٽيا ڀلا

گڏهه، گولو، ڍول، ڪاڳر ۽ ڪپاهه،

پنج ئي ڪٽيا ڀلا، نه ڪٽيا تو وڻاهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com