سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :16

سگهڙ چوي ٿو ته گڏهه مانَ ۽ عزت مان نه سمجهندو آهي، کيس ڪجهه ماربو آهي، تڏهين ٺيڪ ڪم ڏيندو آهي، جيئن چوندا آهن ته ”سونٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.“ گولي يعني نوڪر تي به جيڪڏهين مالڪ ڪجهه ضابطو رکندو ته ٺيڪ ڪم ڏيندو، پر جي مالڪ ساڻس گستاخ ٿيو ته نوڪر ساڻس هجتي ٿي پوندو ۽ ڊپ نه رهندس، جنهنڪري ڪم چڱيءَ طرح نه ڪندو. ڍول يعني دهل به ائين پيو هوندو ته ڪنهن به ڪم جو نه آهي، پر ڏانڊئي يعني ڪاٺيءَ ٽڪر سان ڪٽبو يعني وڄائبو ته ڪم ڏيندو. ڪاغذ تي به قلم سان ڪجهه لکبو، تڏهين ڪم ڏيندو. ڪپهه کي به پڃائبو (سٽبو، ڪٽبو)، تڏهين نرم ٿيندي ۽ ڪم اچي سگهندي. اهي پنج ئي شيون مٿئين نموني ٿوريءَ تڪليف ڏيڻ سان ڪارآمد ٿينديون، نه ته انهن مان ڪو فائدو ڪو نه ٿيندو، پر اٽلو وڻاهه يعني نقصان رسندو.

(9)            پنج ئي نه وسرن

ميهه موران، بَنَ ڪونجران، آنٻان ڏار سوئان،

ويڻَ سَڄڻ، جنم ڀومي، وسرسي موئان.

مور پکيءَ کي ميهه يعني برسات، ڪونجر يعني هاٿيءَ کي بَن يا جهنگ، طوطي کي (سوئان)، جيڪو باغن ۾ رهندو آهي، انب جي وڻ ٽاري، ۽ مرد کي دوست جو ڪڙو ٻول ۽ پنهنجي جنم ڀومي يعني وطن اصل نه وسرندو آهي: اهي مرڻ کان پوءِ وسرندا شاهه صاحب به چيو آهي ته ”حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين وساريو.“

(10)        پنج ئي هڪ دفعو

شاهه وَچَن، شينهڻ گَمنَ، ڪيلو ڦري ايڪ وار،

تريئا تيل، همير هَٺَ، چڙهي نه ڏوجهي وار.

بادشاهه جو هڪ دفعو زبان سان قول ڪندو آهي، اهو پاريندو آهي. شينهن پنهنجي حياتيءَ ۾ فقط هڪ دفعو گمن يعني گرهست (ميلاپ) ڪندو آهي. ڪيوڙي جو وڻ فقط هڪ دفعو ڦل ڏيندو اهي. تريئا يعني زال لاءِ به پهريون دفعو لانئون لهڻ درحقيقت شادي آهي. بادشاهه کي به هڪ دفعي جيڪو خيال ٿيندو آهي، پوءِ اهو چڱو هجي يا خراب، ته به هو پورو ڪندو آهي، مڙندو نه آهي (همير هٺ = بادشاهي ضد). سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي ڳالهيون هڪ دفعو ٿينديون آهن، وري ٻيهر نه ٿينديون آهن.

(11)          پنج ئي ڀاڙي

پاڻ اڇا ڪپڙا ڪري، گهر ۾ جوءِ اگهاڙي،

ڪم پئي هڪل ڪجي، تڏهين کنهي ڪياڙي،

آڻ ڪوٺيو اتي وڃي، هڻي دُهل تي تاڙي،

عقل جو ايل پنوهار، گهڻي هڻي ڪچهريءَ ۾ ڄاڙي،

ٻه چوري ويڙهائي، ڏئي گهر کي اماڙي:

اهي پنج ئي ڀاڙي.

جو ماڻهو پاڻ سٺا ڪپڙا ڪري، گهر ۾ زال لاءِ سادو ڪپڙو به نه هجي ۽ ڦاٽل ٽٽل ۾ وقت ڪاٽي، اوچتو ڪو ڪم پئجي وڃي ۽ کيس مدد لاءِ سڏ ڪجي، تڏهين ڪياڙي کنهي، يعني انڪار ڪري يا گس گساءُ ڪري (ڪياڙي کنهڻ گيد پڻي جي نشاني آهي)؛ ڪو کيس سڏ نه ڪري، پر بنا سڏ جي ڪٿي وڃي ٻين جي ڳالهين ۾ ٽپي پوي (دهل تي تاڙي هڻڻ يعني اجايا يٽ شٽ هڻڻ يا ٻين جي ڳالهين ۾ ٽپي پوڻ)؛ بيوقوف، جو ڪنهن ڳالهه کي سمجهي ئي نه پر ڪچهريءَ ۾ اجائي ڄاڙي هڻي، يعني بڪ بڪ ڪري، جو ٻن ماڻهن جي وچ ۾ اجايون سجايون هڪٻئي جون گهٽ – وڌ ڳالهيون ٻڌائي، چغليون کائي، انهن کي ويڙهائي گهر ڦٽائي (گهر کي اماڙي ڏيڻ يعني ويڙهائڻ، گهر ڦٽائڻ) – سگهڙ چوي ٿو ته اهڙن پنجن ئي قسمن  جا ماڻهو ڀاڙي آهن.

(12)        پنج ئي مَي مَتَ

ارهه سٽاڻي ڪامڻي، مرد جوڀن گَتَ،

سوئر سڱا ڪڍيا، شينهن پهرين سَٽ،

تُري طبيلا ڇٽي، اهي پنج ئي مَي مت.

ڇوڪري جڏهين سترهن ارڙهن سالن جي ٿيندي آهي، تڏهين ارهه اٿڻ وقت جوانيءَ جو پور ۾ هوندي اهي، ان وقت سندس خيال جوانيءَ جي پور ڪري مستانا هوندا اهن، اهڙيءَ طرح مرد به جڏهن جوان ٿيندو آهي، تڏهين ساڳي حالت ٿيندي آهي؛ سوئر کي به جڏهين تازا ڏند نڪرندا آهن، تڏهين طاقت جي نشي ۾ مست هوندو آهي؛ شينهن پنهنجي شڪار تي جڏهين پهريون وار ڪندو آهي، تڏهن پوريءَ طاقت سان حملو ڪندو آهي؛ تري يعني گهوڙو جو سدائين طبيلي ۾ ٻڌل هجي، اتفاق سان جي ڇنائي نڪتو ته پوءِ کيس جهلڻ مشڪل ٿي پوندو آهي: سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي مٿين حالتن ۾ مي مت يعني طاقت جي نشي يا خمار ۾ مست هوندا آهن.

(13)                                   پنج ئي سهنج

گهرنديءَ ڪناري وٽ، هيج کير جو گنج،

ڀلو گهوڙو چڙهڻ لاءِ، مٿس سونا سنج،

زال هجي سلڇڻي، ٻيٽو جنهن جي هنج:

اهي پنج ئي سهنج.

مرد لاءِ حياتيءَ جي سک لاءِ  مٿيون نعتمون هجن – سندس گهر نديءَ جي ڪناري تي هجي، جيئن پاڻيءَ جي ڪا به تڪليف نه ٿئي؛ سواريءَ لاءِ ڀلو گهوڙو، سونن سنجن سان هجي؛ گهر ۾ سلڇڻي زال هجي، جنهن جي هنج ۾ پٽ هجي، يعني کيس اولاد جي سڪ به نه هجي (چوندا آهن ته دنيا ۾ پٽ جهڙو مٺو ميوو ڪو نه آهي)- سگهڙ چوي ٿو ته مرد لاءِ اهي پنج ئي سک آهن.

(14)                                   پنج ئي نه ٿيا

ڏچر گهوڙي، سچر زال، آڌارو وهانءُ

گهاٽا تِرَ، ڇڊي ڪڻڪ، پنج ئي نه ٿيا.

ڏچر يعني ٿورو کائيندڙ گهوڙي، سچر يعني گهڻو کائيندڙ زال (جي اهڙي زال هوندي ته گهر جو ڍينگو ئي ڍيري)؛ ڇڊي پوکيل ڪڻڪ ۽گهاٽا پوکيل تر هوندا ته فصل سٺو نه ٿيندو؛ شاديءَ وقت گهر ۾ ڪجهه نه هجي ۽ اڍارو وٺي، پٽي سٽي پورت ڪبي ته ڪهڙي خوشي هوندي: سگهڙ چوي ٿو ته انهن پنجن ئي حالتن ۾ ڪو فائدو ڪو نه ٿيندو.

(15)                                   پنج ئي بدنام

گابو ڪپڙ چٻڻو، نرَ گهوڙو وَهي ڊُگام،

ڪَرَههَ ڪري ڪامڻي، گهر آئي مزمان،

گانڊوُ ُ رڻِ نه چڙهي، گهَر هڻي شوغان،

راجا جوٺ ٻولي، اهي پنج ئي بدنام.

ڪن ڪن گابن جي عادت ٿيندي آهي جو اهي ڪپڙي جا ٽڪر چٻاڙيندا آهن؛ اهو گابو جي گهر ۾ هوندو ته ڪڏهين مالڪ جا ڪپڙا چٻاڙي، ٽُڪي، خراب ڪري، اٽلو نقصان ڪندو؛ نر گهوڙو جو پنڌ هلي نه سگهي ۽ ڊگام هلي، جنهنڪري سواريءَ ۾ اٽلو سوار کي ڪڪ ڪري، يا ڪن حالتن ۾ ڇِڪي وجهي يا چيلهه ۾ سور وجهي بيمار ڪري؛ ڪن زالن جي عادت ٿيندي آهي جو گهر ۾ جي ڪو مزمان آيو ته خواهه مخواهه پنهنجي منهن يا مڙس سا ڪرهه يعني کٽِ پٽ يا تڪرار ڪنديون آهن، اهڙي ڪامڻي يا زال گهر ۾ هئڻ مصيبت آهي؛ گيدي ماڻهو، جو بهادريءَ جهڙو ڪم هجي ته منهن نه ڏئي، پر گهر ۾ ويهي زال وٽ پنهنجي بهادريءَ جي ساراهه ڪري ۽ ڊاڙ هڻي (رڻ چڙهڻ = لڙائيءَ تي وڃڻ)؛ ۽ راجا، جو ڪوڙ ڳالهائي: سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي بدنام آهن.

(16)                                   پنج ئي پيٽ ٻارا

رات آنڌاري، ٻَڙِ ڌڪارا، گوچريو کيتر، پگان ۾ وارا،

ڏوسي ڪوهَڙِ، آڱڻئي سارا: اهي پنج ئي پيٽ ٻارا.

ڪاري رنگ جا ٻڙڌ يعني ڍڳا هجن ۽ جهنگ ۾ رهجي وڃن، مٿان اونداهي رات هجي ته انهن کي ڳولي لهڻ مشڪل آهي. گوچر يعني ڳوٺ جي وجه يپسگردائيءَ ۾ جي ٻني هوندي ته ڳوٺ جو مال  - گڏهه، گابو، رڍ، ٻڪري، ڇيلو، وغيره- اويل سويل وڃي ٻنيءَ ۾ پوندو، جنهنڪري ڀيل ٿيندي ۽ هاريءَ کي هر وقت پهري سجاڳ رهڻو پوندو، نه ته تڪليف ٿيندي؛ ۽ وري جي پگان يعني پيرن ۾ وارن جي بيماري (وار ڪينئون) هوندي ته اٿي به ڪو نه سگهبو، ۽ نڪو ٻنيءَ جي سنڀال ٿي سگهندي، اهڙيءَ حالت ۾ ٻيڻي مصيبت ٿيندي. گهر ۾ زال ڪوهڙ يعني کٽ پٽ ڪندڙ ۽ مڙس جو چيو نه مڃيندڙ هجي ۽ وري جي سالو به گڏ رهندڙ هجي، ته مڙس زال کي چئي به نه سگهندو ۽ پيو اندر ۾ ساڙ کائيندو. سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي حالتون تڪليف واريون، يعني اندر کي ساڙيندا آهن.

ڪي وري ساڳيو گفتو هيئن به چوندا آهن.

(17)                                   پنج ئي پيٽ ٻارا

رات اونداهي، ڏاند ڪارا، پوک جي ڀر تي ڪانبن وارا،

ٻار ننڍا، مٿان پون پارا، ڪلڇڻي نار، ساهراڻا پاڙا:

اهي پنج ئي پيٽ ٻارا.

ڏاند رنگ جا ڪارا ۽ اونداهي رات هجي، پوک جي ڀر تي ڪانبن يعني جهولين وارا هجن ته چورائي پوک لڻي وڃڻ جو خطرو آهي؛ ٻار ننڍا هجن ۽ سياري جي موسم هجي ته ٻارن جي مٿان هر هر ڪپڙو وجهڻو پوندو،جنهنڪري زال کي سجاڳ ۽ چست رهڻو پوندو؛  جي گهر ۾ ڪلڇڻي زال هجي، جنهن ۾ ڪو لڇڻ نه هجي، ۽ وري ساهرن جو ڳوٺ هجي، جيئن مڙس زال کي ڪجهه چئي به نه سگهي. سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي حالتون پيٽ ٻاريون آهن.

(18)                                   پنج ئي رهن مـُئا

اصل چوري، مَنڊ ۽ جوئا،

پَرَ گهر رلي ڪامڻي، کٽر گانءِ سوئا:

اهي پنج ئي رهن مئا.

چوري ڪندڙ کي هميشه پڪڙجڻ جو، ۽ جادوگر کي پنهنجي ڦند ظاهر ٿيڻ جو اونو رهندو آهي؛ جوئاري شخص به جي کٽيو ته اجايا خرچ ڪري پئسا وڃائيندو، پاڻ سڃي جو سڃو، ۽ جي هارايائين ته گهر جا ٽپڙ نيلام ڪرڻا پوندس، ازانسواءِ ٻارهو ئي پوليس جي ڊپ ۾ رهندو؛ پراوا گهر رلندڙ استريءَ جو مڙس سدائين ڳڻتيءَ ۾ هوندو؛ کٽر ڍڳي، جنهن کي ڏهڻ لاءِ اوهه ۾ هٿ وجهبو ته لتون هڻي ڀڄي ويندي، اهڙي جي سوئا يعني تازي ويايل هوندي، ته به مالڪ کي کير جي تولي جي به اميد نه هوندي: اهڙين حالتن وارا آدمي سدائين ڳڻتيءَ ۾، يعني جيئري ئي مئلن برابر آهن.

(19)                                   پانچي ڏَهَت سَريرَ

اپت اوپر خرچ ڪرڻا،ٻيجا بيچ ۾ ٻولڻا،

ٽيجو ندي کارو نيرَ، چوٿون گهر ۾ نار ڪنار،

پنجون ڪلڇڻو ٻيلي، پانچي ڏهت سرير.

اپت کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ، جنهنڪري سدائين پئسي جي تنگيءَ ڪري ڳڻتيءَ ۾ ڳرڻو پوي؛ ٻه ويٺا ڳالهائين ته هروڀرو وچ ۾ ٽپي پوڻ؛ ندي، جنهن جو پاڻي کارو هجي؛ گهر ۾ زال اڙانگي ۽ بدڪار هجي؛ نوڪر ڪلڇڻو هجي: اهي پنج ئي حالتون انسان جي لاءِ ڳڻتيءَ جو ڪارڻ آهن.

(20)                                  پنج ئي نه ٿيا

جوٺا پرين، کوٽو ٻَڙڌ، کٽرَ گانءِ،

ڇڊا گيهون، گهاٽا تِر، پنج ئي نه ٿيا.

ڪوڙو ماڻهو دوست نه ٿيندو؛ ڪنهن ڪنهن ڍڳي ۾ عادت ٿيندي آهي جو هَر يا گاڏيءَ ۾ ٻڌبو ته ويهي رهندو، اهڙي کي کوٽو ڍڳو چئبو آهي؛ کٽر گانءِ يعني اها ڍڳي، جنهن کي ڏهڻ لاءِ اوهه ۾ هٿ وجهبو ته لتون هڻي ڀڄي ويندي؛ ڪڻڪ جا ڇڊي پوکيل هوندي ۽ ترن جو فصل جو گهاٽو پوکيل هوندو، سونو ٿيندو: سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي حالتون بيڪار آهن.

(21)                                   پنج ئي نابينا

ٻل هوندي قياس نه ڪرنا، جوڀن ۾ مالڪ ڪو ڀولڻا،

پرايا گن ڇپاوڻ، ڪارج سرئي دوست ڪو منهن نه ڏيڻو،

پنجون پرک مهل پري ڀڄڻا، اهي پنج ئي نابينا.

جو طاقت هوندي قياس نه ڪري ۽ ظلم ڪري؛ جوانيءَ ۾ پنهنجي مالڪ جي ياد نيري نه ڪري ۽ ڀلجي وڃي؛ ٻئي ۾ ڪو عمدو لڇڻ هجي ته اهو لڪائي يا پاڻ تي ڪنهن احسان ڪيو هجي ته اهو نه مڃي؛ ڪم ڪٿي پنهنجي دوست کي منهن نه ڏئي؛ ۽ ڪم مهل ڀڄي وڃي: سگهڙ چوي ٿو ته اهڙا انسان سچ پچ ته نابينا يعني انڌا آهن.

(22)                                  پنج ئي جڳائي مرڻا

دوست دشمن ڪون نه پرکڻا،

ملئي وڏي مرتبي سنگت ڪو نه سڃاڻڻا،

مايا هٿ آئيي ڏکيا ڏينهن ڀولڻا،

ڪچهري وچ ننڍي وڏي ڪونه ڏيکڻا،

وديا پا وڻ سين وڏي ڪون مورک سمجهڻا:

اهي پنج ئي جڳائي مرڻا.

دوست دشمن جي پرک نه ڪري سگهندڙ“ دولت يا وڏي عهدي ملڻ بعد ننڍپڻ جي سنگتين کي نه سڃاڻيندڙ، غريب هجي پر اوچتو ملڪيت هٿ اچي وڃي ته ڏکيا ڏينهن ڀلجي ويندڙ، ڪچهريءَ ۾ وڃڻ سان ننڍي وڏي جي سندن شان موجب عزت نه ڪندڙ، علم پڙهي هوشيار ٿيڻ بعد وڏن کي مورک ۽ بيوقوف سمجهندڙ، سچ پچ ته انسان نه آهن. سگهڙ چوي ٿو ته اهڙن جي حياتيءَ مان ڪهڙو فائدو، تنهنڪري کين مرڻ جڳائي.

(23)                                  پنج ئي مرد نه مور

مذهب سين محروم رهيا ۽ دين ڪنُون دور،

چوري سين چاهه لڳائي، ۽ڪم ڪنون وڃي وهلور،

عمر ساري اپنا نفعا ڍونڍي، نت ڪري ڪلور،

چغليان تي عزت وڌائي، سچ ڪنون ٿئي سور:

اهي پنج ئي مرد نه مور.

جنهن ماڻهوءَ مذهبي تعليم نه پرائي ۽ نه انهيءَ بابت واقفيت رکي ۽ ساري عمر انهيءَ کان پري رهيو؛ چوريءَ سان چاهه رکي اها ڪندو رهيو ۽ حق حلال جي ڪمائيءَ کان پري ڀڄندو رهيو؛ ساري عمر خلق خدا جي فائدي جو ڪو به خيال نه ڪري، فقط پنهنجي فائدي لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو ۽ انهيءَ ڪري ڪيترا ظلم ڪرڻا پيا ته اهي به ڪندو رهيو؛ چغليون کائي، پاڻ کي ٻين وٽ سرخرو ڪري، پنهنجي عزت وڌائيندو رهيو ۽عمر ڪوڙ ۾ گذري ويس، ڪڏهين به سچ نه ڳالهائين: سگهڙ چوي ٿو ته اهڙن گڻن وارا ماڻهو ڪڏهن به مرد نه آهن.

(24)                                  پنج ئي گينوار

ڏينهان ڇَلو نه ڪري، ڪڪڙ سانجهي وار،

جوءِ پرائي پکڙي، مرد لهي نه سار،

جو ويٺي ساٿَ سمهي رهي، اهي پنج ئي گينوار.

جو مرد روزانو صبح جو ڇلو يعني سنان نه ڪري؛ ڪڪڙ هميشه اسر جو ٻانگ ڏيندو آهي، پر ان جي بدران شام جو ٻانگ ڏئي؛ زال جا ڌارئي مرد سان ڀڄي وڃي ان جي گهر ۾ رهي ۽ مرد اهڙيءَ حالت ۾ به يادگيري نه ڪري؛ ۽ جو مرد، سنگت ۾ دوست ويٺا هجن ته پاڻ سمهي رهي: سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي بيعقل آهن.

(25)                                  پنج ئي گهوچائي

ڪوڏر بنا کاٽي کڻي، بنا ڏالي هڻي لائي،

سَٿَ ويٺي سمهي رهي، نيچو وهي اونچو تري،

اڻڏٺي ڏي اوڳاهي، اهي پنج ئي گهوچائي.

کاٽيءَ جو ڪم ڪوڏر کان سواءِ نه ٿيندو آهي، جي ڪو بنا ڪوڏر کاٽي کڻڻ لاءِ سنڀري ۽ ڏاٽي کان سواءِ لڻڻ لاءِ تيار ٿئي، مجلس ۾ ماڻهو ويٺا هجن ۽ پاڻ سمهي پوي، هيٺ پاڻي وهندڙ هجي ۽ وهڪري کي ابتو تري، بنا ڏٺي ڪوڙي شاهدي ڏئي: سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي گهوچائي يعني ڏٽائي يا بيوقوف آهن.

(26)                                  پنج ئي بيڪار

نيچ ڪنڌو ٻڙڌيو، اونچ ڪنڌي نار،

راهه رڙڻو ڏاگو، ۽کٽل زميندار،

هيڪل هٽو واڻيو، اهي پنج ئي بيڪار.

ڪي ڍڳا اهڙا ٿيندا آهن جو هيٺ ڪنڍ ڪري هلندا آهن، اهڙي قسم جا ڍڳا کوٽا ٿيندا آهن ۽ ڪم جي مهل ويهي رهندا آهن؛ جنهن زال کي پنهنجي ۽ ڪل جي عزت پياري هوندي سا ادب، فضيلت ۽نئڙت سان هلندي، پر جا بدڪار هوندي سان ڪنهن جو به لحاظ نه ڪري، اگهاڙي منهن، اوچو ڪنڍ ڪري هلندي ۽ هيڏانهن هوڏانهن پيئي نهاريندي؛ ڪي اٺ اهڙا ٿيندا آهن جو رستي هلندي هر هر رڙندا آهن، جنهنڪري تکو هلي نه سگهندا آهن؛ ۽ اهڙو اٺ سوار لاءِ مٿي جو سور آهي ۽ بعضي ڪن ڳجهن ضروري ڪمن لاءِ وڃڻ ڪري خواهه مخواه رڙهڻ جي آواز تي ٻين کي سجاڳ ڪندو آهي زميندار جي کٽل هوندو ته حد ۾ ويٺل ماڻهو مٺا- هو شي شڪل، وقتي پئسو ڏوڪڙ گهرندو، ۽ نه ڏيڻ جي حالت ۾ انهن تي ظلم ڪندو، وغيره، شهرن ۾ جتي گهڻا دڪان آهن، اتي ماڻهو پڇا ڪري جتي سستي شي ملندي اتان وٺندو، پر ٻهراڙين ۾ اڪثر هڪڙو دڪان هوندو آهي (اڳي واڻين جا دڪان هوندا هئا)، اتي شي جو اگهه دڪاندار پنهنجي مرضيءَ تي، جو به وڻندو سو وٺندو، ۽ ماڻهن کي لاچار شيءِ وٺڻي پوندي، نه ته ٿوري گهڻي لاءِ هرڪو ماڻهو شهر ڏانهن وڃي ڪو نه سگهندو، تنهنڪري لاچار جو به اگهه واڻيو چوندو اوترا پئسا ڏيڻا پوندا: سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي بيڪار آهن.

(27)                                  پنج ئي گگهن گهور

ڪاڻي اک ڪجل پائي، ٻچي ڏاڙهي هٿ هڻي ٺاهي،

بني نڪ نٿ پائي، ٺوٺ گر، ماٺو ڍور:

اهي پنج ئي گگهن گهور.

جنهن جي اک  ڪاڻي هجي ۽ سونهن لاءِ ڪجل پائي؛ ڏاڙهي ٻچي هجي ۽هر هر هٿ هڻي پيو سنواري ۽ ٺاهي؛ ننڍو ۽ بندرو نڪ هجي ۽ ان ۾ نٿ پائي؛ استاد، جو ڏڏ هجي تنهن کان ڪهڙي سکيا ملندي؛ ۽ ماٺو يعني آهستي هلندڙ ڍورو هجي جو منزل تي به نه پهچائي سگهي: سگهڙ چوي ٿو ته اهي پنج ئي اجايا آهن، جن مان هوند نه شڪر.

(28)                                  هاٿ آوين موئان

ڪيهر مڇ، ڀوئنگ مڻ، ستي پهو سرڻي گت سوران،

ڪر پڻ ڌن، هاٿ اوين موئان.

شينهن پنهنجي جيئري مڇ جو وار پٽڻ نه ڏيندو. ڀوئنگ يعني نانگ جي مٿي ۾ جا مڻ ٿيندي آهي، سا جيئري هٿ ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. ستي استريءَ کي پنهنجو ڪرڻ بلڪل اڻٿيڻي آهي. بهادر وٽ وڃي پناهه وٺبي ته هو پنهنجي جيئري، دشمن کي ڪڏهين به ٻانهن نه ڏيندو.ڪر پڻ يعني ڪنجوس پنهنجي حياتيءَ ۾ وس پڄندي پنهنجو ميڙيل ڌن ڪنهن کي ڪو نه ڏيندو. سگهڙ چوي ٿو ته اهي شيون انهن کان  جيئري هٿ ڪرڻ نه رڳو مشڪل پر ناممڪن آهن، پر مرڻ بعد هٿ ڪري سگهجن ٿيون.

(29)                                  ست بکيون سنسار

ڌرتي ميگهه نه رجيئي، آگ نه رجيئي ساڙ،

راجا راج نه رجيئي، موت نه رجيئي مار،

عيشون نفس نه رجيئي، پرش نه رجيئي نار،

دونئنان نه رجيئي، ڏٺي سڄڻ ڪلتار.

ڪيترو به ميگهه يعني مينهن پوي، ته به اهو سمورو پاڻي ڌرتي آهستي آهستي چوسي ويندي ۽ ڍءُ نه ٿيندس. باهه جي سامهون جيڪا به شيءِ آئي، تنهن کي ساڙي ويندي، ۽ ته به ڍءُ نه ٿيندس. بادشاهه وٽ ڪيترو به ملڪ هجي، ته به ڀانئيندو ته اڃا ٻيا به ملڪ فتح ڪريان. ساهوارن جي مارڻ ڪري، موت کي ڍءُ نه ٿيندو، سدائين اهو دستور هليو ايندو. عيش عشرت مان نفس کي ڪڏهن به ڍءُ نه ٿيندو. پرش يعني مرد جو، نار يعني زال مان ڍءُ نه ٿيندو. ٻنهي اکين کي محبوب جي ڏسڻ مان ڪڏهين به ڍءُ نه ٿيندو. سگهڙ چوي ٿو ته دنيا ۾ اهي ست ئي شيون سدائين بکيون آهن.

(43)                                   اٺَ ئي الوٽ

جهونو منڊ، بڊي ڀنگ، گانجي پوئين سوٽ،

گهوڙو سر ميدان ۾، ڀري گاڏنيءَ سوٽ،

پرڻي رات پهرين، پپر پينگهه جهوٽ،

عشق اول کان لڳو، اهي اٺ ئي الوٽ.

جهوني جادوگر کي پنهنجي فن تي گهڻي تجربي جي ڪري بانور هوندو آهي. بڊي جي مهيني ۾ ڀنگ جو فصل ڀلو ٿيندو آحي، جنهن ۾ نشو گهڻو ٿيندو آهي. گانجي وارا جڏهين سلڦيءَ کي آهستي آهستي سوٽون هڻي مچائيندا آهن، تڏهن پوئين سوٽ زور سان هڻندا آهن، جنهنڪري نشو ايندو اٿن. گهوڙو ميدان ۾ جڏهين پورا سراڙي ۾ هوندو آهي، تڏهن کيس پنهنجي به سڌ نه رهندي آهي. نشئي ماڻهو جڏهين سوٽ تي سوٽ يعني دٻل سوٽ ڀريندو آهي، تڏهين خمار ۾ اچي ويندو آهي. شاديءَ جي پهرين رات گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ، جواني جي انڌ ڪري، مستاني رات هوندي آهي . پپر جي وڻ جي مٿانهيءَ ٽاريءَ ۾ پينگهه ٻڌل هجي ۽ لڏندڙ آهستي آهستي ڪري جڏهين مچائيندو آهي، تڏهين کيس فرحت پيئي ايندي آهي. شروعات ۾ جو عشق لڳندو آهي، پوءِ اهو ڪهڙو به هجي، ته به ان جو اثر انسان تي سدائين قائم رهندو آهي. سگهڙ چوي ٿو ته اهي اٺ ئي حالتون الوٽ، يعني خمار پيدا ڪندڙ آهن.

(44)                                   ٻارهن ئي ٻَن پيا

بادشاهه ديوانو نه ٿئي، هاٿيءَ ٿئي نه هار،

ڪلر ويري ڪوٽ جو، ۽ مڇيءَ ويري ڄار،

مرد ويري ننڊ، ۽ عورت ويري سينگار،

ڪچهريءَ ۾ گانڊو ڏيندو گار،

پَڇَ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي هجي تجار،

اهي هجن ستار، ته به ٻارهن ئي ٻَن پيا.

جيڪڏهين ملڪ جو بادشاهه چريو ٿيو ته اجايا حڪم ڪندو، جنهنڪري رعيت لاءِ ظلم ٿيندو، اهڙي ملڪ مان ڀڄڻ ٺيڪ آهي. لشڪر ۾ لڙائيءَ جي ميدان تي هاٿيءَ جيڪڏهن هار کاڌي، يعني پوئتي وريو، ته اٽلو پنهنجا ماڻهو لتاڙي ماريندو. ڪهڙو به عاليشان ڪوٽ هجي، پر جي ڪلر لڳو ته ناس ڪري ڇڏيندو. ڄار مڇيءَ جو دشمن آهي، جنهن ۾ هوءَ ڦاسيو پوي. ننڊ مرد لاءِ چڱي نه آهي، ڇو ته هميشه پهري سجاڳ رهڻ ٺيڪ آهي.“ عورت سينگار ڪري ٻاهر نڪرندي ته سڀني مردن جون نگاهون هن ڏانهن هونديون، جي نيٺ خرابيءَ جو باعث ٿينديون، يعني سينگار عورت جو دشمن آهي. جيڪو ٻڙڌيو يعني ڍڳو، لانٻڙ پونڇو (جنهن جو پڇ حد کان ڊگهو هجي) هوندو، تنهن ۾ کوٽائي يا ٽهڻ جو عيب هوندو آهي، جنهنڪري پورو ڪم نه ڏيندو. جا عورت هٿ پير اگهاڙا ڪري هلي، يعني بنا پردي ريل ڇيل گهمي، سا سلڇڻي نه هوندي. هاريءَ وٽ ٻنيءَ ۾ وڃبو ته هو اڀون، ڇانهين گدري، وغيره جي ضرور آڇ ڪندو؛ پر جنهن جي ٻنيءَ ۾ ڪجهه به نه هجي ته اهو ڪنهن به ڪم جو نه آهي. کوهه جي تر ۾ هيٺان چوڌاري پاڻيءَ جا نار يعني وهڪرا يندا آهن، جنهنڪري تري ۾ پاڻي ڪٺو ٿيندو آهي: جيڪڏهن ڪنهن کوهه ۾ کاري پاڻيءَ جو نار هوندو ته سڄو پاڻي کارو ٿي پوندو، يعني کوهه لاءِ کاري پاڻيءَ جو نار خراب آهي.  ڪميڻو ماڻهو، جنهن کي ڳالهائڻ جي فضيلت نه هوندي آهي، سو ڪچهريءَ ۾ هوندو ته به اجائي بڪ شڪ پيو ڪندو، گهٽ وڌ ڳالهائيندو ۽ گارگند به پيو ڪندو. جو اصل غريب هجي ۽ پوءِ ڪنهن نموني شاهوڪار ٿيو هجي، ان کي پڇ ڍائو يا پوءِ ڍاول چئبو آهي: اهڙي ماڻهوءَ کان قرض نه وٺجي، ڇو ته اهڙو ماڻهو گهرڻ وقت ٻئي جي حالت يا مجبوريءَ جو خيال نه ڪندو. سگهڙ چوي ٿو ته اهي ٻارهن ئي ٻَن يعني کڏ ۾ پون، انهن کان پري ڀڄجي ۽ بچيل رهجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com