سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1986ع (1)

 

صفحو :6

مقالا

مولانا محمد شفيع، سنڌ جي تاريخي آثارن جي بربادي ۽ زبون حالي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته جيتري حفاظت ٿيڻ کپندي هئي، سا ڪانه ٿي آهي ۽ اها پڻ شڪايت ڪئي اٿس ته محڪمه آثار قديمه کان کيس انهن آثارن متعلق ڪا ڄاڻ ڪانه ملي.

اها ڳالهه مولانا اڄ کان ڇٽيهه سال اڳ لکي آهي، ليڪن هيءَ صورتحال پاڪستان بنجڻ کان پوءِ به برابر سڳيءَ طرح قائم آهي، سواءِ انهن چند هنڌن جي، جي ٻاهرين مهمانن کي ڏيکارڻا پوندا آهن، باقي تاريخي آثار ڪسمپرسي ۽ ناگفته به حالت ۾ پيا آهن. هر نئون اچڻ وارو ڏينهن انهن جي تباهي ۽ برباديءَ لاءِ وڌيڪ سامان پيدا ڪري ٿو. پاڪستان جو ڪوبه خطو اهڙو ناهي، جتي اسان جي تاريخ جا نقش موجود نه هجن، خاص طرح سنڌ جي ته ڪنڊ ڪڙڇ اسلامي آثارن ۽ تاريخي عمارتن ۽ ان طرح جي آثار مِلي سان ڀري پيئي آهي، جنهن جو مولانا ذڪر ڪيو آهي. رهيو آثار قديمه جو تاريخ سان معلومات جو حال، سو ممڪن آهي ته اڄ به ان معيار ۽ سطح تائين نه پهتو هجي، جنهن جو متقاضي مولانا جو علم هو يا ٻين اهل علم ۽ اهل تحقيق جي ضرورتن جو تعلق آهي.

زنده ۽ خوددار قومن ۾ تاريخ ۽ تمدن جي تحفظ ۽ نگهداشت لاءِ وزارتون هونديون آهن، عالمن جون ڪميٽيون هونديون آهن، جتي ملازمت يا پروموشن جي پيماني جي قطعاً گنجائش نه هوندي آهي ۽ ڏٺو هي ويندو آهي ته علم ڪيترو آهي، لگن ۽ دلي لڳاءُ جي ڇا صورتحال آهي؟

- سيد حسام الدين راشدي

]برک عالم خانبهادر پروفيسر ڊاڪٽر مولوي محمد شفيع جي ڪتاب ”صناديدِ سنڌ“ جي مهاڳ مان ورتل اقتباس. جنوري 1970ع[

 

 

 

 

سنڌ- علم جو مرڪز

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي

 

]26- ربيع الاول 1402هه تي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ عيد ميلاد النيﷺ جي مبارڪ تقريب وڏي عقيدت ۽ احترام سنا ملهائي ويئي هئي. هن تقريب جو مهمان خصوصي علامه پروفيسر غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب هو. سندن سخن فهم تقرير جو متن ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو.[

جناب وائيس چانسلر صاحب، اُستادو ۽ منهنجا پيارا شاگردؤ، السلام عليڪم!

مون کي هتي پهچي تمام وڏي خوشي حاصل ٿي آهي. جيئن هن وقت اوهان ۾ ڪي تقرير ڪندڙ اهن ۽ ڪي قاري آهن، سو ساڳيءَ ريت ڪڏهن منهنجي به زندگي ائين ئي هئي. مگر هينئر هڪ تقرير ڪندڙ جي خيال کان نه، پر هڪ خيرخواهه ۽ پنهنجي ڪنهن نصيحت ڪندڙ واري لحاظ کان جيڪي ٻه- چار لفظ پيش ڪندس، تن تي ٿورو ڌيان ضرور ڌريندا.

نبي ڪريمﷺ جي سيرت بيان ڪندي، اسان جا اڪثر علماءَ بيان ڪندا آهن ته عرب جو خطو سڄو جھالت سان ڀريل هو. اُتي درندگي هئي. اُتي اهڙا ماڻهو هئا، هيئن هئا، هونئن هئا ۽ نبي ڪريمﷺ هنن کي سڌاريو هو. پاڻ تاريڪيءَ کي دور ڪري، عرب جي خطي کي منور ڪيو. پر آءٌ هن ڏس ۾ عرض ٿو ڪريان ته شايد توهان اهو پهريون دفعو ٻڌندا هوندا ته نبي اڪرمﷺ جن جيڪا شيءِ کڻي آيا، جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ به آهي ته، ”الله تعاليٰ پيغمبر کي هدايت ۽ دين حق ڏيئي موڪليو.“

اها هدايت ڇا آهي؟- هتي هدايت قرآن مجيد کي سڏيو ويو آهي، جنهن لاءِ سورة البقرة ۾ اچي ٿو ته، ”الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر کي هدايت ڏيئي موڪليو.“ انهيءَ کان پوءِ آهي ”دين حق“- جيڪا قرآن شريف جي تعليم آهي. نبي ڪريمﷺ جي تعليم آهي. نبي ڪريمﷺ جن انهيءَ شيءِ کي کڻي اڳتي وڌيا. اهڙي ئي ريت سورة يٰس ۾ قرآن پاڪ کي حڪمت جو ڪتاب ڪوٺيو ويو آهي. اهو غور طلب نڪتو آهي ته هن مقدس ڪتاب کي عقل، دانائي ۽ حڪمت جو ڪتاب سڏيو وڃي ٿو. هونئن به اسان سنڌي عام طور ڳالهه ٻولهه ۾ چوندا آهيون ته ”قرآن حڪيم“.

هتي قابل غور ۽ فڪر جي خاص ڳالهه اهائي آهي ته ”حڪمت“ جا مخاطب، جن سان حڪمت جي ڳالهه ڪجي، سي ڪي بدو ۽ ڳنوار نه ٿيندا آهن. اُهي سمجهدار ماڻهو هوندا آهن يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجھڻ گهرجي ته قرآن مجيد جا اولين مخاطب، جن سان قرآن حڪيم جو خطاب ٿيو هو، سي جاهل، بدو ۽ ڳنوار نه هئا. حضرت شاهه ولي الله جن فرمائين ٿا ”نبي ڪريمﷺ جن جا اولين مخاطب اهي ماڻهو هئا، جن ۾ حڪمت سمجھڻ جي جھجھي سُرت هئي. انهن کي متقين سڏيو وڃي ٿو.“ منهنجي استاد مولانا عبيد الله سنڌي (جيڪو وطن جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ ستاويهه ورهيه جلا وطن رهيو هو) فرمايو آهي ته ”متقين لاءِ قرآن پاڪ هدايت آهي—جي معنى سمجھڻ ۾ مون کي سڄا سارا ست سال لڳي ويا هئا. عام طور علماءِ، متقين لاءِ جيڪا معنى فرمائين ٿا سا منهنجيءَ دل کي لڳي ئي ڪانه ٿي ته ڪو قرآن مجيد رڳو انهن ماڻهن لاءِ هدايت آهي ته گناهن کان پري تقويٰ ۾ رهن.“ هتي اها به سوچڻ جي ڳالهه آهي. اڳتي هڪ هنڌ حضرت مولانا سنڌي فرمائي ٿو ته، حضرت پيران پير دستگير سيد عبدالقادر جيلاني فرمايو آهي ته ”تقويٰ جي معنيٰ آهي نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ، بڇڙائيءَ کان روڪڻ ۽ عدل و انصاف قائم ڪرڻ.“

قرآن مجيد جي شروعات ۾ ئي اهو بيان ٿيل آهي ته اُهي انسان، جيڪي دلين ۾ انقلابي فڪر رکن ٿا، دنيا مان برائي ڪڍڻ گهرن ٿا ته قرآن شريف انهن کي رستو ڏيکاري ٿو هي اٿو رستو ”هدي للمتقين.“ سو مولانا عبيد الله سنڌي صاحب جن فرمائين ٿا ته ستن سالن کان پوءِ مون کي اهو مطلب (پيران پير واري) ڪتاب مان مليو، جنهن منهنجيءَ طبيعت ۾ اطمينان پيدا ڪيو ته هدايت آهي ”قرآن مجيد“ ۽ دين حق آهي .قرآن ڪريم جي تعليم.“ اهائي ڳالهه آهي ته قرآن واري تعليم (دين) ٻين مذهبن مٿان غالب آهي، جيتوڻيڪ مشرڪين انهي کي سچ نٿا سمجهن. سو نبي ڪريمﷺ جن اُٿن ٿا ته اهي شخصيتون (جن جي دلين ۾ اهو جذبو موجود آهي. تاريخي لحاظ سان به شهادت ملي ٿي ته نبوت کان اڳ ئي) حضرت ابوبڪر صديق رضه ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي ماڻهو هئا، جن پاڻ ۾ گڏجي قسم کڻي اهو عزم ڪيو ته ”اسان مڪي مان، مڪي جي آسپاس مان ۽ عرب مان برائي کي ڪڍنداسين؛ ڪوبه ڪنهن سان ظلم نه ڪندو، چوري چڪاري ۽ ٻيون خرابيون نه ٿينديون ۽ هر هڪ انسان کي عدل ۽ انصاف ملندو.“ انهيءَ تي جيڪي ثابت قدم رهيا سي ئي متقي ليکيا ويا آهن. ٻنهي جهانن جي سردار کي نبوت ملڻ کان اڳ ۾ ئي اهي صحابي ڪرام ساڻن گڏ هئا، ڇو ته انهن جي دلين ۾ نيڪيءَ جو جذبو اڳيئي موجود هو. انهن انسانن مٿان ظلم ۽ قهر نٿي ڪيو. انهيءَ نڪتي کي وضاحت سان پيش ڪرڻ وقت شاهه ولي الله صاحب جن فرمائين ٿا ته ”نبي ڪريمﷺ جن کي پيغمبر ڪري موڪلڻ جو اصلي مقصد اهو ئي هو ته اهڙي وڃي حڪومت قائم ڪن، جنهن ۾ نيڪيءَ جو ڪم هجي، بُرائي کان روڪيو وڃي ۽ عدل ۽ انصاف جو راڄ هجي.“

تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته نبي ڪريمﷺ واري دور ۾ دنيا ۾ ٻه وڏيون حڪومتون هيون. هڪڙي هئي ايران جي، جنهن کي فارس سڏبو هو. انهي جي حاڪم کي ڪسريٰ ڪوٺيو ويندو هو. انهيءَ ڪسريٰ جا ماتحت ايران، عراق ۽ هاڻوڪي روس جا بخارا، سمرقند ۽ تاشقند وارا علائقا هئا. اهڙيءَ طرح تاريخ ۾ اچي ٿو ته سمورو برصغير (گڏيل هندستان) ڪسريٰ جي ڍل ڀريندو هو. اهو ڪسريٰ مجوس يعني آتش پرست مذهب جي نمائندي ڪندو هو. ٻئي طرف وري روم جي حڪومت هئي، جنهن جي حاڪم کي قيصر جو لقب ڏنو ويو هو. انهيءَ جي حڪومت ۾ شام، آفريقا جا ملڪ، يورپ ۽ ٻئي پاسي وارو سڄو علائقو، انهيءَ جي ماتحت هو. اهو قيصر وري عيسائيت جي نمائندگي ڪندو هو. يهوديت جو مذهب ته هو، پر انهن جي پوئلڳن جي ڪابه حڪومت نه هئي.ا نهن ٻنهي (قيصر ۽ ڪسريٰ) جو پاڻ ۾ هميشه تڪرار ٿيندو رهندو هو.

حضرت شاهه ولي الله جي تحقيق مطابق معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن حضور جن پيدا ٿيا هئا ته مڪي ۾ انهيءَ وقت ٽن قسمن جون سوسائٽيون قائم هيون. انهن مان هڪ گروهه کي ”متنصر“ سڏيو ويندو هو، جن پنهنجي آقا ۽ دين کان بيزار ٿي، عيسائيت کي قبول ڪيو هو؛ جيئن ورقه بن نوفل ۽ ٻيا جيڪي ٿورڙي تعداد ۾ هئا. ٻيو وڏي تعداد وارو گروهه مشرڪن جو هو، جن گهريو پئي ته ايران (فارس) جو حاڪم ڪسريٰ ترقي ڪري، جنهن جي ترقيءَ سان سندس پوئلڳن جي ترقي ٿيندي. ٻئي پاسي متنصرن گهريو پئي ته قيصر ترقي ڪري، ڇاڪاڻ ته سندن خيال مطابق انهي (قيصر) جي اوج سان سندن ترقي لاڳو آهي؛ مگر انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪڙي ٽين سوسائٽي به مڪي ۾ موجود هئي، جيڪي حضرت ابراهيم جي دين کي مڃيندا هئا. انهن جي تمنا هئي ته انهن لاءِ ڪو نبي پيدا ٿئي، جنهن جي رهبريءَ سان انهن ٻنهي (قيصر ۽ ڪسريٰ) حڪومتن تي قبضو ٿي وڃي جنهن کي ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ٻنهي حڪومتن مٿان حضرت ابراهيم جي دين جو غلبو قائم رهي. قرآن پاڪ جا اولين مخاطب به انهيءَ سوسائٽيءَ وارا هئا. جڏهن حضور جن انهن تائين الله جو پيغام پهچائين ٿا ته پوءِ اهي قرآن مجيد کي ”وصيّ الاهي“ ۽ حضور جن کي ”سچو نبي“ مڃي اڳتي وڌن ٿا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته ايڪهتر سالن جي عرصي ۾ (جڏهن حضور جن کي نبوت ملي) اهي ٻئي قيصر ۽ ڪسريٰ واريون شهنشاهتون ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ جتي پوءِ الله ۽ قرآن شريف جو نظام يعني عدل ۽ انصاف قائم ٿئي ٿو.

انهيءَ ڏس ۾ ڪيترا محقق قرآن مجيد جي اشاري جي وضاحت ڪندي بيان ڪن ٿا ته ”المُّ“ سورہ ۾ اهو عرصو ابجد مطابق ههڙي ريت ٿئي ٿو ته ”ا“ جو ”هڪ“، ”ل“ جا ”ٽيهه“ ۽ ”م“ جا چاليهه، جيڪي جوڙ ۾ ٿيا ايڪهتر؛ سو انهيءَ ايڪهتر سالن جي عرصي ۾ گويا اشاري طور ڄاڻايو وڃي ٿو ته قرآن پاڪ جو مقصد عدل ۽ انصاف جي حڪومت قائم ڪرڻ ۽ ٻين حڪومتن توڙي مذهبن مٿان اسلام کي غلبو ڏيارڻ آهي ۽ اهو مقصد ايڪهتر سالن ۾ پورو ٿي ويو. ”الم ذالڪ الڪتاب“- يعني ڪتاب به اهڙو، جنهن کي صدق دل سان پڙهي انهيءَ تي عمل ڪري، هڪڙي جماعت اڳتي وڌي ٿي ته اها وڏين شهنشاهتن کي ختم ڪري ڇڏي ٿي. حضرت مخدوم نوح سرور رح، فارسي ترجمي ۾ قرآن مجيد جا اهڙا ٻيا به ڪيترائي اشارا ۽ اسرار ڪيا آهن. حضرت مخدوم نوح جي وفات وقت حضرت امام رباني پنجويهن سالن جو هو. حضرت رباني پنهنجي پٽ حضرت خواجه محمد معصوم کي ويهاري قرآن مجيد جي مقطعات جا اسرار سمجهايا آهن.

زمين جي مٽيءَ (شرعي لحاظ کان معلوم آهي) ۾ به اثر ٿئي ٿو، انهيءَ سلسلي ۾ نبي ڪريمﷺ جن جي حديث آهي ته جڏهن حضرت آدم جي سرشت پئي ٺهي ته خدا تعاليٰ ملائڪن کي حڪم ڪيو ته مختلف ملڪن مان ٿوري ٿوري مِٽي کڻي اچو. ائين انهيءَ ڪري ٿيو، جو آدم سڀني انسانن جو ابو آهي؛ سو سڀني ملڪن جي ماڻهن جا احساس توڙي طبيعتون مختلف آهن، تن سڀني جو مجموعو حضرت آدم ۾ موجود هجي. جيئن شام جي مِٽيءَ ۾ اها طاقت آهي ته انهيءَ نبي پيدا ڪيا. اهڙيءَ طرح منهنجي استاد عبيد الله سنڌيءَ، حضرت امام ابو حنيفه کي هتان (سنڌ[1]) جو رهواسي سڏيو آهي، ڇو ته انهيءَ جا وڏا ڪابل جا رهواسي هئا. سو اهڙيءَ ريت خدا پاڪ حضرت مخدوم نوح کي به هن سرزمين تي جنم ڏنو. ساڳيءَ طرح ٺٽي جو سيد علي شيرازي به هڪ وڏو اهل الله هو ۽ حضرت مخدوم نوح جو معتقد ۽ مريد هو. سندس عقيدت ۽ نيازمنديءَ جو طريقو ايتري قدر مثالي هو، جو هڪ ڀيري پاڻ کي مهاڻن جي ذات ۾ شامل ڪري، پنهنجو رتبو گهٽ ڄاڻائي، حضرت مخدوم نوح کي لکي موڪليو ته:

آئون آهيان گندرو غريب، رهان ڪينجهر ڪنڌ تي،

تون آهين ڄام قريب، ڏن ڇڏائي ڏيج مون.

انهيءَ بيت جي باطني معنيٰ آهي ته تون نبي سڳوري جن جي قريب آهي، تن کان شفاعت و‎ٺي ڏي. انهيءَ تي حضرت مخدوم نوحؒ به جواب ۾ سنڌي بيت لکي موڪليس ته:

جي تون آهين گندرو[2] غريب، ته آهين پڻ چوکو مهاڻو،

ڄاڻينداسين ڄام کي، جو مڃيندو ماڻو،

ڪينجهر سندو ناڻو، ڪڏهن گهرندءِ ڪين ڪي.

- معنيٰ ته ڪينجهر جي ناڻي (محصول) متعلق توکان گهر ئي ڪانه ٿيندي.

بهرحال، نبي ڪريم جن انهيءَ خاص مقصد لاءِ موڪليا ويا هئا ته قرآن حڪيم ۽ اسلام کي ٻين سڀني مذهبن مٿان غلبو ڏنو وڃي. انهيءَ لاءِ سڀ کان اول پيغمبر اسلام تعليم جو نُڪتو شروع ڪيو. جيڪي جيڪي سندن اطاعت ۾ ايندا ويا، تن کي پاڻ تعليم ڏيندا رهيا، ڇو ته کين پهريون حڪم ئي ”اقراء“ جو مليل هو. ستن سالن جي عرصي ۾ اهو علم گهڻائي حاصل ڪري چڪا هئا. ايتري تائين جو اٺين سال ۾ يمن جي ڪن قبيلن اسلام قبو ڪرڻ بعد پاڻ ۾ ويهي اهو عهد ڪيو هو ته اسان فيصلن ۾ ٻئي ڪنهن جي به آڻ نه مڃينداسين، رڳو نبي سڳورن جو حڪم ۽ جيڪو قرآن جو حڪم هوندو، اسان اهو مڃينداسين. معنيٰ ته اٺين سال ۾ هڪ طرح جي سوشل گورنمينٽ قائم ٿي وڃي ٿي. سوشل گورنمينٽ (حڪومت) اها هوندي آهي، جنهن ۾ اقتدار نه هوندو آهي. جڏهن اها سوشل گورنمينٽ قائم ڪئي ويئي ته نبي ڪريم انهن (يمن وارن) ڏانهن ڪجھ اُستاد موڪليا ته جيئن انهن کي وڃي تعليم ڏين؛ اهو انهيءَ ڪري، جو علم کان سواءِ معاشرو بيمار جي حيثيت رکي ٿو.

حضور ڪريمﷺ جي عام تعليم جو اهو اثر ٿيو، جو پهرين هجري صديءَ جي پوئين ڏهاڪي ۾ جيڪو دنيا جو پهريون مولانا ٿيو، سو هن سنڌ خطي جي لاڙ واري علائقي ۾ پيدا ٿيو هو. هن جو پورو  نالو مولانا ديبلي[3] هو. پهرين هو هندو هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو. اهوئي مولانا ديبلي راجا ڏاهر جي درٻار ۾ پڻ ويو هو. انهيءَ دؤر ۾ مولانا ديبلي کي غور ۽ فڪر لاءِ صرف قرآن حڪيم هو. نه بخاري، نه مسلم ۽ نه ئي ترمذي وغيره جهڙو حديث تي ڪو ڪتاب هو. اهڙيءَ طرح انهيءَ دؤر ۾ قرآن حڪيم جي علمي برڪت پهرين هن خطي ۾ پهتي، جيڪا هتي جي سر زمين جي هڪ وڏي تاريخي ميراث آهي.

ابو جعفر ديبلي، جيڪو پڻ ديبل جو عالم هو، سوبه ناميارو عالم ٿي گذريو آهي. حضور ڪريم جن جي سيرت نگاري جي سلسلي ۾ ابو جعفر ديبلي دنيا جو پهريون عالم ليکيو وڃي ٿو. هن عالم نبي سڳوري جا خط جمع ڪيا ۽ ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيا هئا. افسوس آهي جو اهو ڪتاب هن وقت گم آهي. مون کي تازو اسلام آباد جي هڪ ڪتب خاني طرفان هڪڙو ڪتاب مليو آهي، جنهن ۾ نبي ڪريم جن جي خطن کي ڇپيو ويو آهي، ان ۾ ابو جعفر جا ڪجھ خط پڻ آهن. انهن خطن جي چونڊ (جيڪا هڪ گهڻي محنت طلب تحقيق آهي) کي ايڊٽ ڪري رهيو آهيان، جيڪو عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڇپبو. انهيءَ مان توهان هتي جي علم جو اندازو ڪري سگهو ٿا ته حضور ڪريم جي خطن کي سنڌي عالم ابو جعفر ديبليءَ ڪيڏي نه جاکوڙ سان گڏ ڪيو هوندو!

ڪجھ سال اڳ منهنجو روس وڃڻ ٿيو هو. اتي تاشقند جي گورنر سان ملاقات ٿي. اهو گورنر مسلمان هو ۽ فارسي تمام سٺي پئي ڳالهايائين. ڳالهيون ٻوليون ڪندي مون هن کي ٻڌايو ته توهان جي ملڪ ۽ اسان جي ملڪ جا ثقافتي لاڳاپا تمام پراڻا آهن. هتي هڪ هاڪاري عالم ٽين صدي هجريءَ جي آخر ۾ اٺاويهن جلدن ۾ هڪڙو ڪتاب لکيو هو، جيڪو هاڻ ڇاپي ۾ ارڙهن جلدن ۾ آهي. انهيءَ ايڏي وڏي ساري ڪتاب کي انهيءَ عالم جنهن صورتحال ۾ لکيو هو سو هڪ عبرت ڏياريندڙ واقعو آهي. اهو هيئن جو تنهن سمي بخارا جي هڪ نواب انهيءَ عالم کي ڪاوڙ مان جيل ۾ رکيو. جيل به ڪهڙو؟... کوهه ۾! اهڙيءَ طرح جو انهيءَ کوهه ۾ هڪڙو ننڍو تختو هڻائي انهيءَ تي ويهاريائينس. تختو ننڍڙو هو سو (عالم) مري به اتي ته جيئي به اتي ئي. ننڊ به اتي ئي ٿي ڪيائين ته سُرت به اتي ئي. ايڏي وڏي عالم کي اها سزا مليل هئي. ٿوري وقت بعد ماڻهن جي زور ڀرڻ تي هن کي ايتري اجازت ملي هئي ته سندس شآگرد اچي کوهه جي مٿان ويهن ۽ هو انهن شاگردن کي اهڙي صورتحال ۾ پڙهائيندو هو. هن وٽ ڪوبه ڪتاب نه هو. اهڙي مشڪل حالت ۾ سندس ڏنل درس مان ڪتاب جا اٺاويهه جلد تيار ٿي ويا هئا. استاد به اهڙا ۽ شاگرد به اهڙا! انهيءَ ايڏي وڏي عالم جو استاد سنڌ جو هو. انهيءَ متعلق وڌيڪ احوال دنيا جو وڏو تاريخدان استاد ابوزهره (جيڪو مصر ۾ تازو فوت ٿيو آهي) ڄاڻائي ٿو ته انهيءَ روسي عالم جو استاد شيخ الاسلام علي حسن سنڌي آهي، جنهن انهيءَ دور ۾ بخارا پهچي اتي انهيءَ (رومي عالم) کي پڙهايو هو.

روس جي دوري دوران تاشقند جي گورنر مون کي چيو ته ”اسان کي اوهان جي ملڪ مان تحفو (صحيح بخاري) مليو آهي، انهيءَ جي شرح اسان جي ملڪ جي هڪ عالم لکي آهي. اهو ٻارهين صدي جو عالم هو ابوالحسن سنڌي.“ مون چيو ته ”اسان کي ان جي طباعت جي سعادت نصيب ڪانه ٿي آهي سو توهان وڃي انهيءَ (ڪتاب) کي ڇپرايو، حالانڪ ڇپرائڻ ته اسان کي کپي ها.“ اتي جي مفتين چيو ته ”اسان کي خبر ئي ڪانه هئي ته اهو ڪو سنڌي هو. اسان ته انهيءَ کي سُندي يعني ”س“ مٿان زبر ڏيئي ٿا پڙهون.“ مون ٻڌايس ته ”اهو سنڌي هو ۽ اسان جي خطي جو هو.“ اها هئي هتان (سنڌ) جي عالمن جي عظمت، جنهن بابت روس مان واپسي وقت ريڊيو توڙي ٽي وي وارن کي انٽرويو ۾ ٻڌايم. سنڌ جي علمي تارخ بابت منهنجو ڏنل اهو انٽرويو اتان نشر ٿيو.

سنڌ جي علمي عظمت جي وڌيڪ شهادت اها ملي ٿي ته شاهه ولي الله صاحب ٻارهين هجري صديءَ جو تمام وڏو عالم ٿي گذريو آهي. ڀٽائي صاحب جو سنگتي آهي. ڀٽائي صاحب جو دوست علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي، شاهه صاحب سان دهلي ملڻ ويو هو. مخدوم معين کانئن عمر ۾ وڏو هو، پر تنهن هوندي به مخدوم معين ٽٺوي صاحب شاهه ولي الله کان حديث جي سند ورتي هئي.

شاهه ولي الله صاحب قرآن پاڪ جي ترجمي جي مقدمي ۾ لکن ٿا ته ”مان قرات ٺٽي جي قاري محمد فاضل ٺٽوي کان پڙهي آهي.“ انهيءَ وقت شاهه ولي الله صاحب جي عمر اوڻيتاليهه سال هئي. ايڏي وڏي عمر ۾ شاهه ولي الله صاحب قرات ٺٽي جي هڪڙي قاريءَ کان پڙهيو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به انهيءَ دؤر جي شخصيت آهي. 1175هه ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ 1176هه ۾ شاهه ولي الله وفات ڪئي آهي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته هي سنڌ جو خطو علم جو مرڪز آهي. هن نڪتي کي بيان ڪندي منهنجي توهان سڀني کي گذارش آهي ته توهان ٻين سڀني ڳالهين مٿان تعليم کي مقدم رکو.

 

 

 

سنڌ جا عالم ۽ علمي درسگاهون

(ڪوٽڙي ڪبير جا عالم ۽ علمي درسگاهون)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

]سنڌ جي علمي ۽ تعليمي تاريخ شاندار آهي. ماضيءَ ۾ سنڌ جي عالمن ۽ علمي درسگاهن سنڌ جو منهن مٿي ڪيو ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو. ”دائري واري سنڌي“ جي مقدمي ۾، ۽ ان بعد چوٽيارين ۽ ولهار جي درسگاهن بابت لکندي بنده راقم سنڌ جي عالمن جي عظمت ۽ سنڌ جي درسگاهن جي اهميت کي ڪي قدر اجاگر ڪيو آهي. مگر اها هڪ ابتدائي ڪوشش آهي، جنهن کي وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي تعليمي ۽ تدريسي تاريخ جي مطالعي لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ علمي گهراڻن بابت تحقيق ڪري وڌيڪ مواد هٿ ڪجي، جيئن دؤر- وار مسلسل تاريخ لکي سگهجي. هي مضمون انهيءَ ڪوشش جي هڪ ڪڙي آهي.

سنه 1967ع ۾ راقم جون ڪوٽڙي ڪبير جي صديقي گهراڻي جي سربراهه مرحوم ميان غلام قادر (وفات 1389هه-1969ع) سان ملاقاتون ٿيون، جنهن جي زباني هن علمي گهراڻي بابت معلومات حاصل ٿيا. گذريل سال ۽ هن سال، مرحوم ميان غلام قادر جي جاءِ نشين ۽ هن وقت هن خاندان جي علم دوست سربراهه ميان غوث محمد گوهر سان ملڻ ٿيو، جنهن کان وڌيڪ احوال مليو، ۽ پڻ هن صاحب اصل خانداني ڪتبخانو ڏيکاريو، جنهن ۾ محفوظ ڪتابن جي مطالعي مان هن گهراڻي جي عالمن فاضلن بابت ڪي وڌيڪ اهڃاڻ مليا. انهيءَ مختصر مطالعي جي آڌار تي ڪوٽڙي ڪبير جي هن علمي گهراڻي ۽ هتان جي درسگاهه بابت هيٺيون تفصيل ڏنو ويو آهي.[

***

ڪوٽڙي ڪبير جو قديم ڳوٺ پڪي شاهي رستي تي، هالاڻي ۽ هنڱورجا جي وچ تي تعلقي ڪنڊياري ۾ واقع آهي. غالبا سنڌ ۾ اسلام جي آمد يعني 2- صدي هجري (8 عيسوي) کان وٺي هيءُ ماڳ تعليم ۽ تدريس جو مرڪز بنيو. هتي جا عالم گهراڻا، خاص طرح صديقي، قاضي، انصاري، مخدوم (جن مان ڪي هتا لڏي ٻئي پاسي ويا) صدين کان وٺي هتي آباد ٿيل آهن[4]، ۽ انهن آڳاٽي وقت کان وٺي علمي درسگاهون قائم ڪري علم جو چراغ روشن ڪيو. مخدوم عبدالڪريم يا قاضي نظام الدين، جيڪي ڪوٽڙي ۾ مدفون آهن، انهن جو سلسلو هت باقي نه رهيو آهي، پر هتان جو صديقي گهراڻو، جنهن جي هڪ نيڪ ۽ نامور عالم ۽ بلند پايي جي صوفي درويسش ”شيخ ڪبير“، جنهن جي نالي پويان هيءُ شهر ”ڪوٽڙي ڪبير“ سڏجي ٿو، تنهن صدين کان وٺي اسلامي تعليم ۽ تبليغ جو سلسلو جاري رکيو آهي.

زباني طور مليل روايتن  ۽ ڪن قلمي ڪتابن ۾ درج ٿيل عبارتن جي آڌار تي هن گهراڻي جو (قدري اڻپورو) شجرو مرتب ڪيو ويو اهي، جنهن مان معلوم ٿيندو ته بزرگ درويش ۽ عالم ”شيخ ڪبير“ سندس وڏي ڏاڏي مخدوم شيخ اسحاق جي اٺين پيڙهي مان هو. شيخ اسحاق ڏهين صدي هجري ۾ گذاريو، پر سندس ولادت غالباً 9- صدي هجري ۾ ٿي. کانئس مٿي وارو شجرو سلامت نه رهيو آهي، پر هي بزرگ حضرت ابوبڪر صديق رضه جي اولاد مان آهن ۽ سندن وڏا آڳاٽي وقت کان هت مقيم ٿيا. مخدوم اسحاق جو پٽ مخدوم هارون ٿيو، جنهن سنه 971 هجري ۾ وفات ڪئي. سندس ترڀبت تي هيٺيون ڪتبو لڳل آهي(1):


 

[1]. سنڌ خطو اڳي هتان کان وٺي ڪشمير تائين ليکيو ويندو هو ۽ ٻئي طرف وري ڪابل تائين انهيءَ جون حدون هيون.

[2] . گندرو ذات، مهاڻن ۾ اُچي ذات ليکي ويندي آهي.

[3] . ديبل جو رهاڪو هئڻ ڪري، مولانا ديبلي جي نالي سان سڏبو هو.

[4] . ”ڪوٽڙي ڪبير“ وارو ماڳ انهيءَ رخ تي واقع آهي، جنهن رخ سان محمد بن قاسم ”ساوڙي“ (تعلقو نوابشاهه) کان پوءِ اروڙ طرف ڪوچ ڪيو ۽ واٽ تي ڪن ماڳن تي عرب قبيلن جا ڪي فرد آباد ڪيا. ڪوٽڙي ڪبير جو ”سوا لک مقام“ پڻ هن ماڳ جي قدامت تي شاهد آهي. ازانسواءِ هتي ڪن مقبرن ۽ مسجدن جي ”سِرن واري سٿ“ سان تعمير به انهيءَ اڏاوت جو نمونو آهي، جيڪا ڇهين صدي هجري يا ان کان اڳ رائج هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com