سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :3

 

Happy Birthday to you!“..... جيئن ئي ثوبيه ڪاليج جي گيٽ اندر قدم رکيو ته پويان ايندڙ ارم کيس وش ڪيو ۽ پوءِ اسٽاف روم ۾ پهچي وري کيس ڀاڪر پائي ”مبارڪ“ ڏني. ۽ موبايئل سيٽ جو تحفو کيس هٿ ۾ ڏنائين. سڄو ڏينهن سڀ ليڪچررز ۽ شاگردياڻيون کيس جنم ڏينهن جون واڌايون ڏينديون رهيون ۽ وٽس تحفن جو ڍير ٿي ويو. هن به پنهنجي طرفان سڀني کي ٽريٽ ڏني ۽ گهر ۾ قدم رکيو ته سندس ٻارن ۽ ماءُ پيءُ ”Happy Birthday“ چوڻ شروع ڪيو. انهن اڳ ۾ ئي ٽيبل تي هڪ خوبصورت ڪيڪ گهرائي رکيو هو. هن کان ڪيڪ ڪٽرايو ويو ۽ پوءِ هر هڪ کيس تحفا ڏنا. ايڏيون محبتون پائي ثوبيه جي اکين ۾ آلاڻ اچي وئي ۽ هن بي اختيار رب جا ٿورا مڃيا. پر.... دل .... جي ....... هڪڙي ڪنڊ ۾ هڪ خال هڪ خواهش هئي:

”هو ڪٿي آهي؟ هن اڃا تائين فون ڇو ناهي ڪئي. مبارڪ ڇو ناهي ڏني؟“

وري پاڻ کي تسلي ڏيندي چيائين ته: ”اڃا ته آفيس ۾ ئي هوندو. واندڪائي ملندس ته فون ضرور ڪندو.“

پر.... صبح کان شام ٿي ۽ شام کان رات ٿي وئي. پر ڪاشان فون نه ڪئي. ثوبيه جا ڪن هن جي آواز ٻڌڻ لاءِ آتا هئا. سڀ ڪيترو به پيار ڪن پر جي هن ياد نه ڪيو ته پوءِ اهو ڏينهن ڪهڙو اهم ٿيو. نيٺ هن خود کيس فون ڪئي ۽ شڪايت ڪندي چيائين:

”اڄوڪي تاريخ تي ڪو اهم ڏينهن هوندو آهي.... جيڪو هاڻي توکي ياد نه هوندو آهي.“

”اوهه!.... ڪٿي اڄ تنهنجي برٿ ڊي ته نه آهي. ماءِ گاڊ واقعي، منهنجي ذهن تان اها ڳالهه لهي وئي. مون کي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ لڳو پئي ته هنن ئي  ڏينهن ۾ تنهنجو جنم ڏينهن ايندو آهي. اڄوڪي  ڏينهن ۾ تنهنجو جنم ڏينهن ايندو آهي. اڄوڪي ڏينهن تي شڪ هئم پر پڪ نه هئي ان ڪري وش نه ڪيم.“

”سڪ هو ته فون ڪري پڪ ڪري وٺين ها. صبح کان الائي ڪيترن ماڻهن مون کي وش ڪيو آهي، پر منهنجا ڪن فقط توکان ڪي لفظ ٻڌڻ جا منتظر رهيا.“ ثوبيه شڪايتي انداز ۾ چيو.

”چيم نه ته I am Sorry ڏس هن وقت آئون ڪٿي ٻاهر آهيان. مون سان گڏ ڪي ٻيا ماڻهو به آهن، ان ڪري وڌيڪ پوءِ ڳالهائينداسين.“

”ڪاشان! آئون اهي جملا ٻڌي ٻڌي تنگ ٿي چڪي آهيان. تون مون کان لنوائيندو ڇو آهين؟“ ثوبيه ڪاوڙ ۾ چيو.

”چيم نه ته پوءِ ڳالهائينداسين.“ چوندي هن فون بند ڪري ڇڏي ته ثوبيه ويتر چڙي پئي ۽ ڪاوڙ مان وري سندس نمبر ڊائل ڪيائين ته موبائيل بند هو. هوءَ صفا آئوٽ ٿي وئي ۽ سوچيائين ته تون ڇا ٿو چاهين فقط آئون ئي تنهنجي لاءِ مرندي وتان هاڻي آئون به تنهنجي پرواهه نه ڪندس. ائين ڪجهه ڏينهن گذريا. ويڪ اينڊ آيو ته ڪاشان به حيدرآباد آيو. هو بيحد ٿڪل ۽ بيمار ٿي لڳو، پر ثوبيه سندس حال احوال پڇڻ بدران کائنس لنوائيندي رهي. ڪاشان سندس رويي کي محسوس ڪيو پر ڪجهه چيو نه. ٻئي ڏينهن موڪل جو سمورو ڏينهن ائين ئي گذريو. ڪاشان سڄو ڏينهن ماءُ پيءُ جي ڪمري ۾ ويٺو رهيو. شام جو دير سان وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ته ثوبيه کي چيائين:

”ڪالهه کان ڳالهائين نٿي پر هاڻي ته مرڪي رخصت ڪر، وري خبر ناهي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ اچان.“

”توکي منهنجي مرڪڻ جي ضرورت آهي؟ لڳي ٿو ته هاڻي توکي منهنجي ضرورت ئي نه آهي.“

”ضرورت ڇو نه آهي. پر تو ڪڏهن ويهي منهنجو اندر جو حال پڇيو، توکي ته پنهنجي مصروفيتن مان فرصت ئي ڪانهي. پنهنجي ور جي خوشيءَ کان وڌيڪ توکي Ph.D. جي ڊگري عزيز آهي.“ هن ڏک مان چيو.

”ته ايئن چئو نه ته تون به روايتي مرد نڪتين. جيستائين آئون گهر تائين محدود رهيس، تون مون کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي خوش ٿيندو رهئين. مون نوڪري، ڇا ڪئي توکان منهنجو ٽئلنٽ، منهنجي حيثيت ۽ رتبو سٺو نه ٿيو. منهنجي Ph.D. ڪرڻ توکي شديد احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي......“

.....هميشه جيان ثوبيه جي زبان بي قابو ٿيندي وئي ۽ هوءَ ٻيو به کيس گهڻو ڪجهه چوڻ لڳي ڪڏهن ”ڌوڪي باز“ ته ڪڏهن ”ٻن چهرن“ وارو ته ڪڏهن وري ”بي وفا“.... ۽ .... سدائين خاموشيءَ سان سندس هر ڳالهه ٻڌڻ وارو ڪاشان ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ پهريون ڀيرو تيز آواز ۾ چيائين:

”بس ڪر ثوبيه! مون تنهنجون تمام گهڻيون ڳالهيون سٺيون آهن. مون تنهنجي هر ڳالهه کي لنوائي توکي جواب نه ڏنو ته شايد توکي پنهنجي غلطين جو احساس ٿئي. مون تنهنجي لاءِ ڇا نه ڪيو. پر تو منهنجي پيار جو قدر نه ڪيو. هاڻي ايترو ڀرم رهڻ ڏي جو اسان جا اختلاف هن بيڊ روم مان ٻاهر نڪري امان بابا ۽ ٻارن ۽ اڃا به اڳتي نه پهچن.... زبان کي روڪي ڇڏ.... خدا جي واسطي هاڻي بس ڪر.....!“

اهو چوندي هو ڪمري کان ٻاهر هليو ويو. ۽ پوءِ امان بابا جي دعائن جي ڇانوَ ۾ رخصت ٿيڻ لڳو ته پريان بيٺل ثوبيه کي احساس ٿيو ته سفر تي ويندڙن کي محبتن ۽ دعائن جا گل ڏئي رخصت ڪبو آهي نه ڪي نفرتن جا ڪنڊا ڏئي. هو هليو ويو ته ثوبيه کي لاپرواهين جو احساس ٿيندو رهيو ۽ پڇتاءُ وڪوڙڻ لڳس.

”ڪا ڳالهه ڪانهي. آئون Sorry چوندس ته ڪاوڙ لهي ويندس. هو مون کان ناراض رهي نٿو سگهي.“ هن سوچيو. پر.... هن ڀيري هو سچ پچ ايترو ته ناراض هو جو هن ثوبيه جي ڪابه ڪال اٽينڊ نه ڪئي. ٻه ٽي ڏينهن ايئن ئي گذري ويا. يا ته ڪاشان جو موبائيل بند هوندو هو يا وري هو سندس ڪال اٽينڊ ئي نه ڪندو هو. هاڻي ته ثوبيه ڏاڍي پريشان ٿي. هڪ ڏينهن کيس ان موبائيل جو خيال آيو جيڪو ارم کيس برٿ ڊي تي گفٽ ڪيو هو. ڪاشان ان ڪري فون اٽينڊ نٿو ڪري جو هوءَ گهر جي نمبر تان فون ڪندي هئي. ڪاشان کي هن موبائيل بابت ڄاڻ نه هئي، ان ڪري هو ان کي ڪنهن ٻي جي ڪال سمجهي ضرور اٽينڊ ڪندو. اهو سوچي موبائيل کڻي ڪاليج وئي. جڏهن ٿورو فري ٽائيم مليس ته ڪاشان جي موبائيل تي ڪال ڪيائين:

”هيلو!“ ٻئي پاسان ڪاشان جو آواز ٻڏائين ته دل چيس ته روئي ڏي. ساڻس وڙهي، شڪايتون ڪري پر.... هوءَ.... ايئن نه ڪري سگهي ۽ فون بند ڪري ڇڏي. دل جي ڪنهن ڪنڊ مان وري درد جاڳيو ته ڪاشان سندس ڪابه ڪال اٽينڊ نه ڪئي، پر هڪ نامعلوم ڪال ضرور رسيو ڪيائين. پهريائين سوچيائين ته اڳي جيان وري کيس پنهنجو آواز ٻڌائي حيران ڪري ۽ ست سريون ٻڌائيس پر سوچيائين ته ايئن ته هوءَ اڳي به ڪري چڪي هئي، جنهن مان ڪجهه به حاصل نه ٿيس ان لاءِ هن ڀيري هن کي دانشمنديءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي ڇو ته هو سندس ڪال ته اٽينڊ ڪندو ئي نه هو. هاڻي فقط هي موبائيل ئي سندن وچ ۾ رابطي جو واحد ذريعو هو، ان ڪري جيڪڏهن کيس خبر پوندي ته اهو ثوبيه جو موبائيل هو ته هو هاڻي ان جي ڪال به اٽينڊ نه ڪندو. هن سوچيو هوءَ اڳ ۾ ئي پنهنجي بي وقوفين سبب پنهنجي گهر جو سڪون برباد ڪري چڪي هئي، پر هاڻي آهستي آهستي احساس جاڳيو ته هر قدم سوچي سمجهي کڻڻ گهرجي.

ٿوري دير کان پوءِ ارم کي ڪاريڊور جي ڪنڊ ۾ بيهي عرفان سان موبائيل تي ڳالهائيندي ڏٺائين ته کيس پنهنجو ۽ ڪاشان جو شاديءَ کان اڳ وارو دور ياد آيو. ڪنهن زماني ۾ هو به هڪٻئي سان ڳالهائيندي نه ٿڪجندا هئا. هن ڏک سان سوچيو:

”شاديءَ کان اڳ واري محبت الائي ڇو خود اسين پنهنجي ناسمجهين ۽ لاپرواهين سبب پنهنجن ئي هٿن سان وڃائي ويهندا آهيون.“

ان ڏينهن هوءَ ايڏي اداس هئي جو ارم هر هر کائنس پڇي رهي هئي.

”ثوبي! تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه. گهر ۾ ته سڀ خير آهي نه.“

”ها“ هوءَ فقط اهوئي چئي سگهي هئي. ارم سندس گهري ساهيڙي ضرور هئي پر هوءَ ساڻس پنهنجا انتهائي ذاتي مسئلا ڊسڪس نه ڪندي هئي. ان ڏينهن گهر اچي منجهند جي ماني کان پوءِ آرام خاطر بيڊ تي ليٽي ته وري ڪاشان ياد پيس. هاڻي کيس احساس ٿيو ته هن ساڻس ڪيتريون نه ڏاڍايون ڪيون هيون. هن پنهنجي ذات کان سواءِ ڪنهن جي باري ۾ سوچيو به نه هو. ڪاشان ته بيحد سٺو انسان هو. انتهائي پيار ڪندڙ ٻين جو احساس رکندڙ. هن به ته ڪڏهن کيس سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. هن بي اختياريءَ مان پنهنجو موبائيل کنيو ۽ ڪاشان جو نمبر ڊائل ڪري رنگ ڏنائين ته جواب ۾ هن به رنگ ڏني. سندس چهري تي مسڪراهٽ اچي وئي. سڌي طرح نه سهي اڻ سڌي طرح ئي سهي هو کيس سٺو ريسپانس ڏئي رهيو هو، پر.... وري..... هميشه جيان شڪي سوچ.....

”منهنجي لاءِ وقت ڪونهي باقي ٻين لاءِ وقت آهي پوءِ هو چاهي ڪو نامعلوم شخص ئي ڇو نه هجي.“

هن ٻيهر ڪاشان کي رنگ ڏني. هن به رنگ ڏني. ثوبيه پوءِ اطمينان سان سمهي رهي اهو سوچي.

”توکي ٺيڪ ڪرڻ جو طريقو مون سوچي ورتو آهي.“

ٻئي ڏينهن به صبح کان هوءَ بار بار ڪاشان کي رنگ ڏيندي هئي ۽ کيس سٺي موٽ ملندي رهي. منجهند جو ٻار به سمهي رهيا ۽ هوءَ به پنهجي بيڊ تي اچي ويٺي ته موبائيل کڻي سوچيل منصوبي موجب ڪاشان کي sms ذريعي لکيائين:

”مون کي ناهي خبر ته توهان کي منهنجي ڳالهه جو اعتبار ايندو يا نه، پر ڪالهه جڏهن کان مون اتفاق سان مليل توهان جي نمبر تي ڪال ڪئي ته مون کي لڳو ته توهان سٺا انسان هوندا. آئون انتهائي مجبور ۽ ڏکايل ڇوڪري آهيان. آئون توهان کي دوست سمجهي پنهنجي اندر جو حال اورڻ چاهيان ٿي.“

ٿوري دير ۾ ڪاشان ڪال ڪئي. هن رسيو ڪئي. پر ڳالهايو ڪونه، ڪاشان پاڻ ئي چيو.

”آئون شڪر گذار آهيان ته توهان مون کي سٺو انسان سمجهيو. آئون بالڪل توهان جو سٺو دوست ثابت ٿيندس جيڪڏهن توهان مون سان ڌوڪو ڪرڻ بجاءِ مون سان سچ ڳالهائيندا. توهان چاهي ڇوڪري نه هجو، ڇوڪرا ئي هجو، پر ڳالهائيندا ئي نه ته پوءِ توهان مون سان پنهجو ڏک ڪيئن ونڊيندو. توهان ڇوڪرا به آهيو ته پريشان نه ٿيو آئون توهان جو دوست ثابت ٿيندس.“

سندس ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ثوبيه وري sms ذريعي لکي موڪليو.

”نه اها حقيقت آهي ته آئون ڇوڪري آهيان. منهنجي ڪهاڻي ڏکن سان ڀريل آهي. آئون پنهنجي زندگيءَ کان بيزار آهيان. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيان.“ آئون توهان سان ڳالهايئندس نه، پر فقط لکي ڳالهه ڪندس ۽ جواب خاطر توهان کي ڪال ڪري جواب ٻڌندس.“

اهو لکي موڪلڻ بعد هن کيس ٿوري دير بعد ڪال ڪئي ته ڪاشان چيو:

”توهان جي نه ڳالهائڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان کي مون تي اعتماد ئي ناهي ته پوءِ آئون توهان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهندس. باقي ايترو ضرور چوندس ته مايوسي ڪفر آهي. ان لاءِ پاڻ کي ختم ڪرڻ بابت سوچڻ غلط سوچ آهي. توهان مون کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌايو. جيڪڏهن آئون توهان جي مدد ڪري سگهندس ته مون کي خوشي ٿيندي مدد نه ڪري سگهيس ته ڪو بهتر مشورو ڏيندس. ايئن به نه ڪري سگهيس ته گهٽ ۾ گهٽ توهان جي ڏک جي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندس مون کي سڀڪجهه ٻڌائڻ سان ٻيو نه ته به توهان جي دل جو بار ئي هلڪو ٿي پوندو.“

ثوبيه لکي موڪليو: ”نه منهنجي ڳالهائڻ جو سبب اهو ناهي ته مون کي توهان تي اعتماد ناهي، پر ان جو سبب اهو آهي ته آئون ڳالهائڻ جي صلاحيت کان محروم آهيان. توهان جو خوبصورت آواز ٻڌم ته لڳو ته توهان خود به خوبصورت ۽ سٺا انسان هوندا. سڀاڻي ويڪ اينڊ آهي. آئون رات جو دير تائين جاڳندي آهيان. توهان جيڪڏهن ان وقت واندا هجو ته آئون توهان کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندس.“

ڪاشان جواب ۾ چيو: ”ها بالڪل آئون واندو هوندس. بلڪه آئون خود هڪ تنها شخص آهيان. اڪيلو رهندو آهيان. گهٽ ۾ گهٽ توهان جو ساٿ ئي ملي پوندو.“

اها ڳالهه ٻڌي ثوبيه اداس ٿي وئي. پر پوءِ سوچيائين ته نفسيات جي ليڪچرر ٿي به هوءَ کيس سمجهي نه سگهي ۽ کيس اڪيلو ڪري ڇڏيائين. پر هاڻي هوءَ نفسياتي طريقي ڪار سان سندس دل جو حال معلوم ڪندي. ثوبيه جي حيثيت سان نه سهي ڪنهن اڻڄاتل ڇوڪريءَ جي حيثيت سان ئي سهي. هن پوءِ ساڻس رسمي طرح موڪلايو ۽ ٻئي ڏينهن رابطو ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ فون بند ڪري سمهي پئي.

ٻيو سڄو ڏينهن ڪاليج ۾ به هوءَ سوچيندي رهي ته آخر اڄ هوءَ ڪاشان کي ڪهڙي ڪهاڻي ٻڌائيندي ۽ پوءِ منجهند تائين نيٺ هن هڪ ڪهاڻي سوچي ورتي هئي. هن ثوبيه جي حيثيت سان ٻه ٽي ڀيرا کيس فون ڪئي، ۽ ڪاشان جي موبائيل تي رنگ ويندي رهي پر هن فون رسيو نه ڪيو.

”خير سائين! ثوبيه جي حيثيت سان تون ڀلي مون سان ناراض رهه، پر اڄ ويڪ اينڊ تون منهنجي ئي ساٿ ۾ گذاريندين.“ هن سوچيو ۽ مرڪي ڏنو.

شام جو هوءَ رڌڻي ۾ چانهه ٺاهي رهي هئي ته هن موبائيل جي رنگ ٻڌي ته بي اختيار مرڪي سوچيائين:

”اوهه! ايڏي بي صبري. يعني منهنجو منصوبو ڪامياب ٿي رهيو آهي.“

هوءَ چانهه جو مگ کڻي ڪمري ۾ آئي. شام جو ٽائيم ٿي رهيو هو. هن sms لکيو:

”جيئن ته پنهنجي ڪهاڻي آئون يڪي نٿي لکي سگهان ان ڪري مون کي ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ sms جي ذريعي قسطن ۾ لکڻي پوندي، ان ڪري هر sms پڙهڻ کان پوءِ مون کي رنگ ڏجو ته جيئن مون کي خبر پوي ته توهان هر پيغام پڙهي رهيا آهيو. ٻي ڳالهه اها ته آئون هڪ هاسٽل ۾ رهندي آهيان اسان جي هاسٽل جي وارڊن ڏاڍي سخت عورت آهي ۽ هن وقت رائونڊ تي آهي، ان ڪري آئون وڌيڪ ٽائيم نه ڏئي سگهندس. آئون رات جو يارهين کان پوءِ توهان سان رابطو ڪندس.“

پيغام جي جواب ۾ رنگ ٻڌي هن ڪال ڪئي. ڪاشان چيو:

”ٺيڪ آهي. پر پهرين توهان مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو.“

”منهنجو نالو رمشا آهي.“ هن لکي موڪليو ۽ رنگ اچڻ تي ڪال ڪئي. ڪاشان چيس:

”رمشا! مون کي توهان جي ڪال جو انتظار رهندو.“ ڪال ختم ٿي ته هن سوچيو.

”ڪافي مزيدار سچئويشن آهي. اڄ لڳي ٿو ته اسان جي زندگيءَ جو هڪ يادگار ڏينهن هوندو.

هن اڄ خريد ڪيل ٻن پنجن پنجن سون جا ڪارڊ موبائيل ۾ فيڊ ڪيا ۽ پوءِ پنهنجي سوچن ۾ گم ٿي وئي.

*

رات جا ساڍا يارنهن ٿيا ته هر پاسي سانت ٿي چڪي هئي. سڀئي پنهنجن بسترن ۾ هئا. ثوبيه بيڊ تي اچي ويٺي. تيز لائٽ آف ڪري هلڪي خوابناڪ روشنيءَ ۾ ويهاڻي جي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ثوبيه موبائيل کنيو ۽ ڪاشان کي رنگ ڏني. جواب ۾ فوراً رنگ آئي. رنگ يڪي وڄندي رهي ته هن ڪال اٽينڊ ڪئي. ڪاشان چيس:

”پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ کان اڳ پهرين منهنجي هڪ سوال جو جواب ڏيو. مون ته ٻڌو آهي ته گونگا ماڻهو ٻوڙا به هوندا آهن پر توهان ته سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ سمجهي وٺنديون آهيو.“

جواب ۾ ثوبيه لکي موڪليو:

”اهو ضروري ناهي ته جيڪو ماڻهو گونگو (dumb) هجي اهو ٻوڙو (deaf) به هجي. ها جيڪو پيدائشي ٻوڙو هوندو آهي. اهو گونگو ٿي سگهي ٿو. پر ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي. ڪي ٻار ٻوڙا ته هوندا آهن پر گونگا ناهن هوندا پر جيئن ته هو ڪجهه ٻڌندا ئي نه ته ڳالهائيندا ڇا؟ ان ڪري جو ٻار پهرين ٻڌندو آهي پوءِ اهي ٻڌل الفاظ ڳالهائيندو آهي. اهڙن ٻوڙن ٻارن کي جيڪي گونگا نه هوندا آهن، جيڪڏهن خاص ٽريننگ ڏني وڃي ته اهي به ڳالهائڻ لڳندا آهن. جهڙيءَ طرح مشهور سماجي ڪارڪن Helen Keller هئي. هوءَ نابين ۽ ٻوڙي هئي، پر گونگي نه هئي. ٻن سالن جي عمر تائين هوءَ نارمل ٻار هئي پر پوءِ هڪ شديد بيماريءَ سبب سندس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت ختم ٿي وئي. پر پوءِ خاص ٽريننگ ملڻ تي هن اٺن سالن جي عمر ۾ ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن ٻوڙا ٻار به ڳالهائي سگهن ٿا ته پوءِ جيڪي ٻوڙا نه آهن اهي خاص ٽريننگ سان لکي پڙهي ڇو نٿا سگهن.“

ايترو لکڻ سان هن وقفو ڏنو. ٿوري دير بعد رنگ ٻڌي هن باقي ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي. هر مختصر قسط پڙهڻ کان پوءِ ڪاشان کيس رنگ ڏيندو رهيو. ثوبيه لاءِ اهو تجربو بيحد دلچسپ ۽ تجسس وارو رهيو. ڪهاڻي لکندي هوءَ اهڙي ته مگن ٿي وئي، جو کيس محسوس ٿيو ته هوءَ واقعي رمشا هئي. سندس لکيل ڪهاڻي هن ريت هئي:

”آئون پيدائشي گونگي ناهيان. البت جڏهن مون ڳالهائڻ شروع ڪيو ته نارمل ٻارن وانگر آئون سڀ لفظ چٽا نه ڳالهائي سگهندي هيس ۽ اٽڪي اٽڪي ڳالهائيندي هيس. ڊاڪٽرن جو خيال هو ته اها هڪ قسم جي ڪمزوري هئي جيڪا وقت گذرڻ سان ٿي ويندي آهي. اسان جي گهر جو ماحول پرسڪون نه هو. منهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي محبت جي شادي هئي، پر مون جڏهن کان هوش سنڀاليو ته کين جهيڙو ڪندي ڏٺو. هو ٻئي شڪي مزاج هئا ۽ هڪٻئي تي شڪ ڪندا هئا ۽ الزام لڳائيندا هئا. آئون ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ سندن ڪيتريون ئي ڳالهيون سمجهي نه سگهندا هئاسين، پر جڏهن کين زور زور سان ڳالهائيندي ۽ هڪٻئي تي رڙيون ڪندي ڏسندا هئاسين ته ڏاڍا خوفزده ٿي ويندا هئاسين ۽ هڪ ٻئي سان چنبڙي روئڻ لڳندا هئاسين. ڊاڪٽر منهنجن Parents کي چوندا هئا ته اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن آئون خوفزده رهيس ته منهنجي زبان جي ڪمزوري صحيح ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. منهنجا ماءُ پيءُ اهو ٻڌي ڪجهه وقت لاءِ پنهنجو رويو صحيح ڪندا هئا پر.... پوءِ.... وري ساڳيو هنگامو هوندو هو. نيٺ منهنجي زبان جي ڪمزوري اهڙي ماحول ۾ وڌندي رهي. جڏهن آئون ڪجهه وڏي ٿيس ته سندن ڪافي ڳالهيون سمجهڻ لڳس تڏهن خبر پئي ته ان وقت تائين بابا جي زندگيءَ ۾ هڪ ٻي عورت داخل ٿي چڪي هئي، ان ڪري هاڻي جهيڙن ۾ وڌيڪ شدت اچڻ لڳي هئي. ۽ پوءِ..... هڪ ڏينهن ته حد ٿي وئي. هنن ۾ ايتريقدر جهيڙو ٿيو جو ڪاوڙ ۾ بابا امان تي پستول تاڻي بيهي رهيو. اسين ٻار ڏاڍا خوفزده ٿي وياسين. منهنجو ننڍو ڀاءُ روئڻ لڳو ۽ مون کي ته ڄڻ ڪو دورو پئجي ويو ۽ آئون رڙيون ڪندي ڪندي بيهوش ٿي ويس. جڏهن هوش ۾ آيس ته اسپتال ۾ هيس پوءِ منهنجو ڪيترو ئي عرصو اتي علاج هلندو رهيو. مون کي دورا پوندا  هئا ته آئون بيهوش ٿي ويندي هيس ۽ منهنجي زبان ته ڄڻ بالڪل بند ٿي وئي. ڪافي علاجن کان پوءِ منهنجي طبيعت ڪجهه بهتر ٿي ته آئون گهر آيس. پر هاڻي گهر ساڳيو نه رهيو هو. سڀ ڪجهه بدلجي چڪو هو امان ۽ بابا جي وچ ۾ divorce ٿي چڪي هئي. جڏهن مما مون سان ملڻ ايندي هئي ته بابا کيس مون سان ملڻ نه ڏيندو هو. آئون وڌيڪ ٽٽي پيس. ڳالهائڻ جي ٽريننگ ۽ فزيو ٿراپي لاءِ مون کي باقاعده اسپتال موڪليو ويندو هو، پر سچ ته اهو هو ته هاڻي مون کي زندگيءَ ۾ ڪائي ڪشش محسوس نه ٿيندي هئي نه ئي هاڻي مون کي ڳالهائڻ سان ئي ڪا دلچسپي هئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آئون خود ڳالهائڻ جي ڪوشش نه ڪنديس ته growing age گذرڻ بعد آئون شايد ڪڏهن به صحيح طرح ڳالهائي نه سگهان، پر مون انهن سان بلڪل به سهڪار نه ڪيو.... اهڙيءَ طرح آئون ڳالهائڻ جي قابل نه ٿي سگهيس. جسماني طرح آئون نارمل هئيس ان ڪري مون وري اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. منهنجو بابا تمام وڏو ماڻهو  آهي ان لاءِ هن اسڪول جي انتظاميه ۽ ٽيچرز کي اڳ ۾ ئي منهنجي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ کين منهنجو خاص خيال رکڻ جو تاڪيد ڪيو ان لاءِ سڀ منهنجو گهڻو خيال رکندا هئا ۽ مون کي منهنجي معذوريءَ جو احساس نه ڏياريو ويندو هو. آئون پڙهائي ۾ ٺيڪ ئي هيس. منهنجي لاءِ بابا ٽيوٽر رکيا هئا، ان ڪري مونکي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪا خاص ڏکيائي پيش نه آئي. مون ميٽرڪ ڪئي ۽ هڪ پرائيوٽ ڪاليج مان انٽر ۽ بيچلرز ڊگري ورتي. ان ڪاليج ۾ ئي منهنجي ملاقات اويس سان ٿي. اويس مون کان هڪ سال سينيئر هو ۽ منهنجي سٺي سهيلي جو ڀاءُ هو. سندس تعلق مڊل ڪلاس سان هو. مون ضرورت وقت هميشه ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جي مالي مدد به ڪئي. مون کي اويس سان محبت ٿي وئي ۽ جڏهن اويس ان ڪاليج مان ماسٽرز ڊگري ورتي ته مون بابا کان چورائي کيس سٺي نوڪري وٺرائي ڏني. اهو ٻڌائنيدي هلان ته ان دوران بابا ۽ امان ٻي شادي ڪري چڪا هئا. نئين ماءُ کي نه ته مون قبول ڪيو هو نه ئي هن مون کي. جڏهن بابا منهنجي ننڍي ڀاءُ کي نئين ماءُ جي چوڻ تي هاسٽل ۾ داخل ڪرايو ته اهو گهر منهنجي لاءِ وڌيڪ اوپرو بنجي ويو. ويڳي ماءُ جو رويو مون سان ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندو ويو. تڏهن مون کي لڳو ته مون وٽ فقط هڪ ئي رستو بچيو هو ته اويس مون سان شادي ڪري مون کي روز روز جي عذاب کان ڇوٽڪارو ڏياري. مون جڏهن اويس سان اها ڳالهه ڪئي ته هو مختلف بهانا ڪري جان ڇڏائڻ لڳو. مون کيس چيو ته بابا اسان کي گهر وٺي ڏيندو. مون کي منهنجي معذوريءَ جو احساس هو ان ڪري مون کيس اهو به چيو ته هو چاهي ته پوءِ ڀلي ٻي شادي ڪري...... پر...... هن ته....... مون کي هميشه لاءِ اونداهين ۾ ڀٽڪڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو. پوءِ مون به گهر ڇڏي ڏنو سفارش تي مون کي هڪ پرائيوٽ ڪاليج جي Admin بلاڪ ۾ نوڪري ملي وئي ۽ هاڻي آئون اتي جي هاسٽل ۾ رهندي آهيان. هاڻي منهنجي فقط اها خواهش آهي ته آئون خود خاص ٽريننگ وٺي ڳالهائي سگهان ۽ پاڻ جهڙن ٻارن جي خدمت لاءِ Special Education حاصل ڪريان. سندن مدد ڪريان، خدمت ڪريان. پر ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ کان ئي بيزار ٿيڻ لڳندي آهيان.“

ثوبيه ڪهاڻي لکي پوري ڪئي ته سندس اکين ۾ سچ پچ لڙڪ اچي ويا. رات جو هڪ ٿي ويو هو. هوءَ وقفن ۾ اها ڪهاڻي ايڏي دير ۾ لکي سگهي هئي. سندس آڱريون ٽائپنگ ڪري ڪري ٿڪجي پيون هيون. اها ڪهاڻي پڙهي ڪاشان رنگ ڏنس ته هن کيس ڪال ڪئي ۽ سندس ڳالهه ٻڌڻ لڳي.

”منهنجي فرينڊ! مون توهان جي ڪهاڻي تمام غور سان پڌي. پر...... ان ڏک ڀري ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ به آئون توهان سان همدردي نه ڪندس. ڇو ته همدردي انهن ماڻهن سان ڪبي آهي جيڪي ”ويچارا“ هوندا آهن. ۽ پاڻ کي ڪڏهن به ”ويچاري“ نه بڻائجو. توهان ته تمام همٿ واريون آهيو. ٻي ڳالهه آئون اها چوندس ته توهان اويس کي وساري ڇڏيو. هو توهان جي زندگيءَ ۾ آيو ۽ نڪري ويو. جيڪو هليو ويو ان کي وساري ڇڏيو. توهان جي اڳيان ته زندگي پئي آهي. توهان کي ڪو ٻيو ۽ بهتر شخص ملي ويندو ۽ جيڪڏهن توهان مائينڊ نه ڪريو ته آئون اهو چوندس ته هو توهان جي قابل هو ئي نه. هو بيحد ڪم ظرف ڇوڪرو نڪتو.

ٻي ڳالهه ته آئون خود بيحد دکي شخص آهيان. پر اڄ توهان جي ڪهاڻي پڙهي احساس ٿيو ته هن دنيا ۾ مون کان ڪيئي ڀيرا دکي ماڻهو موجود آهن. آئون توهان لاءِ دعا ڪندس. توهان به منهنجي لاءِ دعا ڪجو. پاڻ سٺا ساٿي بنجي سگهون ٿا.... ۽.....“

ثوبيه اڃا ڪاشان جي آواز ۽ لفظن جي سحر ۾ ٻڏل هئي ته سندس ڪمري جي بند دروازي تي زور زور سان ٺڪاءُ ٿيڻ لڳا ۽ سندس ننڍڙي ڌيءُ جو آواز ٻڌائين:

”امي.... امي! در کوليو.“

ثوبيه يڪدم فون ڊسڪنيڪٽ ڪئي ۽ دروازي ڏانهن ڊوڙي. در کولي ذونس کي ڪچ ۾ کنيائين، هوءَ شايد ڪچيءَ ننڊ مان اٿي ڊوڙي وٽس آئي هئي. هن کيس پيار ڪيو ۽ پنهنجي ڀرسان سمهارڻ لڳي، پوءِ هن پيغام لکيو موڪليو:

”هن وقت آئون هاڻي تمام گهڻو ٿڪي پئي آهيان. وڌيڪ سڀاڻي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.“

جواب ۾ ڪاشان ڪال ڪري چيس:

”مون دروازي تي ٺڪاءَ جا آواز ٻڌا هئا (شرارت مان) ڪٿي توهان واري خطرناڪ وارڊن ته نه هئي؟ خير ته آهي نه؟“

”سڀ خير آهي. توهان به هاڻي آرام ڪريو. گڊ نائٽ“

ثوبيه لکيو ته جواب ۾ ”گڊ نائٽ“ جو مئسيج آيو. هن موبائيل آف ڪيو ۽ سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي پر ذهن بار بار هڪ ڳالهه تي اٽڪي ٿي پيو ته ڇا ڪاشان فقط هڪ ڏينهن اڳ مليل ڪنهن اجنبي ڇوڪريءَ سان پنهنجا ڏک شيئر ڪري ٿي سگهيو؟؟ مٿس اعتبار ڪري ٿي سگهيو؟ پوءِ الائي ڪيڏي مهل اک لڳي ويس.

*

اڳين ڪجهه ڏينهن ۾ عجيب صورتحال رهي. ڪاشان ثوبيه سان ته ناراض هو، پر رمشا سان روز موبائل تي رابطو رهندو هئس. ٻئي هڪٻئي سان حال احوال اورڻ لڳا. ڪڏهن ڪڏهن ته ”ثوبيه“ کي ”رمشا“ جي وجود کان ساڙ محسوس ٿيندو هو ڇو ته ثوبيه ته ڪاشان کان پري ٿي چڪي هئي، جڏهن ته رمشا ڏينهون ڏينهن ويجهي ٿيندي پئي وئي. ڪڏهن ته هوءَ سوچڻ لڳندي هئي ته:

”هي مون ڇا ڪيو؟ خود پنهنجي هٿن سان پنهنجي ۽ ڪاشان جي وچ ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو وجود آڻي ڇڏيو. ثوبيه کان هو تمام پري هو، پر رمشا سان هر ڳالهه شيئر ڪرڻ لڳو هو. هاڻي ڇا ڪريان.....؟ رمشا جي صورت ۾ سندس دوست بنجي سندس ڏکن سکن کي شيئر ڪريان يا رمشا جي وجود کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيان.....؟“

هڪ ڀيري هن (رمشا) ڪاشان کان پڇيو:

”توهان ڪنهن سان محبت ڪئي آهي؟“

ڪاشان چيو: ”لڳي ٿو ته نه. ڇو ته شايد جنهن کي مون محبت سمجهيو اهو دوکو هو. فقط دوستي هئي.“

اهو ٻڌي ثوبيه وڌيڪ سڙي وئي. هن ته سندس نالو هن جي واتان ٻڌڻ ٿي چاهيو. تڏهن هن لکي موڪليو:

”مون کي توهان جي جملي مان ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڪنهن توهان جي دل کي رنجايو آهي. ڏسو مون توهان کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي هاڻي توهان کي به پنهنجي باري ۾ مون کي سڀڪجهه ٻڌائڻو پوندو.“

.... ۽ پوءِ.... انهن ان رات رابطو رکڻ جو پروگرام ٺاهيو. ثوبيه کي اڻ تڻ هئي ته هاڻي ڏسجي ته هو هڪ اڻ ڏٺي ڇوڪريءَ سان ڪوڙ ٿو ڳالهائي يا وري سچ.

*

ان رات...... ڪاشان رمشا کي پنهنجي متعلق ٻڌائڻ شروع ڪيو. پڙهائيءَ جو احوال، شادي ٿيڻ جو احوال ۽ شادي کان پوءِ سندن وچ ۾ ذهني هم آهنگي نه هجڻ جو احوال.... هن سڀ ڪجهه سچ پئي ڳالهايو. ثوبيه کي ڪاوڙ لڳي ته هڪ اجنبي ڇوڪريءَ اڳيان هو پنهنجي دل کولي رکندو ۽ سندس بابت سڀڪجهه ٻڌائيندو؟! هن ته ائين سوچيو به نه هو. هو چئي رهيو هو:

”شادي کان پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته مون ثوبيه کي غلط سمجهيو هو. مون کي سندس بابت جيڪي اميدون هيون هوءَ اهڙي نه هئي. ٿي سگهي ٿو ته توهان سوچينديون هجو ته آئون توهان کي تصوير جو فقط هڪ رخ ڏيکاري رهيو هجان. يقيناً مون ۾ به گهٽتايون هونديون. شايد آئون به سندس اميدن تي پورو نه لٿو هئس، پر مون جڏهن به هن آڏو پنهنجي دل کولي رکڻ چاهي ته هن مون کي ڪجهه چوڻ ۽ کائنس ڪجهه ٻڌڻ جو موقعو ئي نه ڏنو. هوءَ هر وقت جهيڙي جي موڊ ۾ هوندي هئي. گهر جي معاملن ۾ دلچسپي نه وٺندي هئي.......“

هو ڳالهائي رهيو هو، پنهنجي ڏکن کي هن سان شيئر ڪري رهيو هو تڏهن ثوبيه سوچيو:

”اڄ رمشا جي حيثيت سان آئون سندس هر ڳالهه صبر ۽ غور سان ٻڌي ۽ سمجهي رهي آهيان...... ڪاش...... ثوبيه جي حيثيت سان ايئن ڪريان ها.“ ڪاشان چوندو رهيو:

”آئون پنهنجي ڪٽنب کان گهڻو پري رهي نٿو سگهان اهو ڄاڻندي به هن مون سان ڪراچي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن مون کي اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ نفسيات جي شعبي سان لاڳاپيل هئڻ جي باوجود اهو نه سمجهي سگهي ته آئون ڪراچي وڃڻ کان اڳ ئي ڊپريشن ۾ مبتلا ٿي رهيو هئس. ”.... پوءِ.... ڪراچيءَ ۾ سڄو ڏينهن هڻ هڻان کان پوءِ جڏهن گهر ايندو هئس ته گهر جي اڪيلائي مون کي ويتر اڪيلو بنائي ڇڏيندي هئي. اها حقيقت آهي ته مون کي اتي اهڙيون ڇوڪريون به مليون جيڪي مون سان دوستي ڪرڻ ۽ تنهائيءَ جو ساٿي ٿيڻ تي به راضي هيون، پر مون سندن آڇ قبول نه ڪئي..... آئون نٿو چوان ته آئون وڏو پارسا آهيان ۽ مون ڪڏهن ڇوڪرين سان دوستي نه رکي هوندي، پر شاديءَ کان اڳ توڙي پوءِ مون ڪڏهن به حد کان وڌيڪ ويجهو ٿيڻ نه چاهيو. آئون ثوبيه آڏو هڪ مهيني جي موڪل دوران رهيس پر هوءَ پنهنجي پڙهائي، سماجي مصروفيتن ۽ ٻين مصروفيتن سبب ايتري مصروف رهي جو هن ڪڏهن مون کان منهنجو احوال نه پڇيو. ... کيس خبر هئي ته آئون اهڙو ته نه هئس جهڙو هاڻ ٿي ويو هئس.... مايوس... نا اميد.“

........ ڪاشان ايترو چيو ته ثوبيه جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. هو چوندو رهيو.

”.... ۽ ..... پوءِ اتي ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن منهنجي هڪ شفيق ۽ مهربان آفيسر جي فيملي منهنجو خيال نه رکي ها ته آئون جيترو هاڻي ٽٽل آهيان ان کان به وڌيڪ ٽٽي پوان ها. هو مون کي هڪ سٺي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويا جنهن ٻڌايو ته آئون شديد ڊپريشن جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي چڪو هئس ته علاج سان گڏوگڏ جيڪڏهن منهنجو آفيسر ۽ سندس گهر واري منهنجو اولاد وانگر خيال نه رکن ها ۽ مون کي پنهنجي گهر گهرائي منهنجو ڏک نه ونڊين ها.... ته..... شايد.....“

ڪاشان جو آواز لڙڪن هاڻو ٿي ويو..... ۽ ثوبيه جا لڙڪ ته ڄڻ لارون ڪري وهڻ لڳا. هن ڪيترو ئي روڪيو، پر لڙڪن کي نه روڪي سگهي. سندس سڏڪن جي آواز تي ڪاشان چيو:

”توهان روئو پيا. پليز ائين نه ڪريو. آئون توهان کي ڏکوئڻ نٿو چاهيان...... توهان اڳ ۾ ئي ڏکويل آهيو.“

ان ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ثوبيه جي شخصيت ئي بدلجي وئي. دل چاهيس جيڪر پر هجنس ته اڏامي وڃي ڪاشان وٽ پهچي ۽ هن کي سميٽي ڇڏي. هر ڪوتاهيءَ ۽ لاپرواهيءَ جو ازالو ڪري. رمشا جي حيثيت سان ته هوءَ اهو سڀ ڪجهه چئي نٿي سگهي، ان ڪري ٻئي ڏينهن آچر تي صبح جي نائين لڳي هن ڪاشان جي ڪراچي جي نمبر تي گهران فون ڪئي. ڪاشان شايد رنگ جي آواز تي ننڊ مان اٿيو هو. سندس آواز ننڊ جي خمار سبب ڳورو هو. ثوبيه چيو:

”ڪاشان! تون ڪيئن آهين؟ ٺيڪ ته آهين نه؟“

 

”مون کي لڳي ٿو ته مون توکي ننڊ مان اٿاريو آهي.“

”خير آهي.“ هن چيو.

”چڱو تون پهرين فريش ٿي وٺ. مون کي توسان ضروري ڳالهائڻو آهي.“

”ڇو....!؟“ هن طنز سان چيو ”اڄ صبح سان ئي جهيڙي جو موڊ آهي ڇا....؟ جيڪو به چوڻو اٿئي اهو چئي وٺ...! آئون ٺيڪ آهيان؟“

”ڪاشان!“ ثوبيه جذباتي ٿيندي چيو: ”تون ڇو ٿو پاڻ کي اڪيلو سمجهين. آئون آهيان نه. آئون توکي ٽٽڻ نه ڏيندس.... وکرڻ نه ڏيندس.“

”پر.... توکي اوچتو اهو خيال ڪيئن آيو... ۽ ...“

هن انتهائي ڏک مان چيو ”تون خود ئي ته مون کي ٽوڙي چڪين آهين ۽ هاڻي آئون ايترو ته وکري ويو آهيان جو ڪير به مون کي سميٽي نٿو سگهي.“

”ائين نه چئو پاڻ گڏجي پنهنجي گهر کي پر سڪون ۽ خوبصورت بنائينداسين. آئون هاڻي توکي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندس. مون کي هڪ موقعو ته ڏي.“ ثوبيه چيو.

ڪاشان: ”ڪهڙو گهر؟ شايد آئون ئي غلط هئس جو مون سمجهيو ته مون گهر ٺاهيو هو... خدا جي واسطي هاڻي مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي... مون کي ڪجهه به نٿو گهرجي...“

ثوبيه ”چڱو ڀلا! اهو ٻڌائي ته گهر ڪڏهن ايندين. مون وٽ تو لاءِ ڪجهه اهم خبرون آهن.“

ڪاشان: ”ڪهڙيون خبرون؟“

”اهي توکي تڏهن ٻڌائيندس جڏهن پاڻ پنهنجي گهر ۾ آمهون سامهون ويٺل هونداسين. آئون تنهنجو شدت سان انتظار ڪندس.“

ثوبيه جي حيثيت سان ته هن اهو سڀ ڪجهه چئي ڇڏيو ۽ جڏهن رمشا جي حيثيت سان ساڻس موبائل تان رابطو ڪيائين ته ڪاشان چيس:

”رمشا! توهان ٻڌايو هو ته توهان حيدرآباد ۾ رهو ٿا. آئون هڪ ٻن ڏينهن ۾ حيدرآباد اچان پيو. آئون پنهنجي سٺي فرينڊ سان ملڻ چاهيان ٿو. توهان مون کي پنهنجي ايڊريس ڏيو.“

هاڻي ثوبيه منجهي پئي ۽ پوءِ لکي موڪليائين:

”جڏهن توهان حيدرآباد پهچندا ته پوءِ توهان کي ايڊريس ڏيندس.“

*

هن ڀيري جڏهن ڪاشان گهر آيو ته ثوبيه جي شخصيت ئي بدليل لڳس. خوشي سندس چهري مان ظاهر هئي. هن پنهنجي هٿن سان سندس پسند جون ڊشون ٺاهيون. اڄ هوءَ تمام خوبصورت لڳي رهي هئي. هن تمام سهڻي ڊريسنگ پاتي هئي ۽ هلڪو ميڪ اپ پڻ.

”ڇو اڄ وري ڪنهن پروگرام ۾ وڃڻو اٿئي؟“ هن پڇيو.

”نه... ڇو...؟“

ڪاشان سندس سموري وجود جو جائزو وٺي لاپرواهيءَ سان چيو:

”نه... بس... ايئن لڳو ته... خير.“

اڄ سڀني گڏجي رات جي ماني کاڌي ۽ پوءِ جڏهن سڀ پنهنجن ڪمرن ۾ ٽڙي پکڙي ويا ته ڪاشان پڇيس:

”توکي شايد ڪجهه اهم خبرون ٻڌائڻيون هيون.“

ثوبيه: ”ها! پهرين ته اهو ٻڌايو ته توهان هڪ اجنبي ڇوڪريءَ سان دل جو حال اوريندا رهيا ۽ مون کان ڇو پري ڀڄندا رهيا؟“

ڪاشان: ”ڇا مطلب؟... ڪهڙي اجنبي ڇوڪري؟“

ثوبيه: ”ڪاشان! تون ڄاڻين ٿو ته آئون ڪنهن جي ڳالهه پئي ڪريان. منهنجو اشارو رمشا ڏانهن آهي.“

ثوبيه ته سمجهيو هو ته رمشا جو نالو ٻڌي هو ڇرڪي پوندو، ڪنفيوز ٿي ويندو. پر... هن... هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو... ۽ پوءِ چيائين:

”ها، رمشا!... مون ان ڪري هن سان دل جو حال اوريو جو هوءَ مون کي سمجهي ٿي. مون کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي ۽ مون کان دل جو حال پڇي ٿي. هوءَ مون سان ملي نٿي، پر فقط منهنجي لهجي جي اسٽائل مان ئي سمجهي ٿي وڃي ته آئون ڪهڙي موڊ ۾ آهيان، ڪهڙيون ڳالهيون مون کي خوشي ٿيون ڏين ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ڏک. هوءَ منهنجي سچي فرينڊ آهي. مون ان لاءِ به هن سان دل جو حال اوريو ته هوءَ انتهائي سادي يا بيوقوف آهي، پر اجنبي بهرحال نه آهي؟“

ثوبيه: ”ڇا مطلب؟.... تون....؟؟!!“

ڪاشان: ”ها! پهرين ڏينهن آئون يقيناً ٻڏتر ۾ هئس ته رمشا واقعي حقيقت آهي يا ڌوڪو پر جلد ئي خبر پئجي وئي ته هوءَ ڪير آهي.“

ثوبيه: ”ڪير آهي هوءَ ۽ ڪيئن خبر پئي توکي.“

ڪاشان: ”ياد اٿئي جڏهن هن مون سان ڳالهايو پئي ۽ دروازي تي زور دار ٺڪاءَ ٿيا هئا؟“

ثوبيه: بي اختيار ”ها“ چيو. ڪاشان وري کلندي چيو:

”هن بيوقوف پنهنجي پر ۾ ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري ڇڏي هئي، پر حقيقت ۾ لائن disconnect نه ٿي هئي ۽ مون سندس ۽ پنهنجي بيحد پياري ننڍڙي ذونش جو آواز ٻڌو پئي....“

”اوهه! ته اها ڳالهه آهي.“

”ان کان علاوه....“ هن وڌيڪ مزو وٺندي چيو:

”منهنجي ڳالهين دوران هڪ ڀيرو هن ويچاريءَ ”گونگيءَ“ بي اختيار ”هون“ چيو هو. ڇا آئون تنهنجي ”هون“ به نه سڃاڻندس؟!....“

”اوهه!“ ثوبيه کلندي چيو ”يعني ته منهنجو منصوبو ناڪام ويو. ابتو آئون ئي بيوقوف بڻجي ويس.“

”جيڪي ماڻهو ٻين کي بيوقوف بنائيندا آهن اهي درحقيقت پاڻ کي بيوقوف بنائيندا آهن.... پر.... نه.... آئون ان منصوبي کي ناڪام نه سمجهندس. ڇو ته رمشا جي حيثيت سان تو مون کي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو موقعو ڏنو.... جيئن ته هوءَ ويچاري گونگي هئي انڪري خاموشيءَ سان منهنجي ڳالهه ٻڌندي رهي نه ته ثوبيه ته ڳالهائڻ ڄاڻندي آهي ٻڌڻ نه....! چڱو هاڻي ٻي خبر ٻڌاءِ. اها ته پراڻي نڪتي.“

”ٻي خبر هيءَ آهي.“ ثوبيه هن ڏانهن هڪ پيپر وڌائيندي چيو ته ڪاشان اهو پڙهي ڪجهه حيران ٿيو ۽ چيائين:

”تون Long Leave لاءِ اپلاءِ پئي ڪرين. ڇو؟ ۽ هو تنهنجو Ph.D. جو پروگرام.... تنهنجي جاب، تنهنجو ٽئلنٽ....“

ثوبيه چيو: ”تو کان وڌيڪ ڪجهه به ته نه آهي. اها ڳالهه مون هاڻي سمجهي. آئون توکي هاڻي اڪيلو نه ڇڏينديس. مون توکي ڏاڍي تڪليف ڏني آهي. پاڻ ئي ڀوري ڀور ڪري ڇڏيو آهي اڳي وري نه چئجان ته تون اڪيلو آهين. اسين سڀ ڪراچي هلي رهنداسين.“

”نه.... هاڻ: ان جي ضرورت ڪونهي.“

ثوبيه: ”لڳي ٿو ته اڃا ناراض آهين.“

ڪاشان: ”نه.... پر.... مون وٽ به هڪ اهم خبر آهي.“ هن به پنهنجي فائيل مان هڪ پنو ڪڍي ثوبيه کي ڏنو. هن پڙهيو ۽ پوءِ حيرت ۽ خوشي مان چيائين:

”تنهنجي بدلي حيدرآباد ٿي وئي آهي.“

ڪاشان: ”اها به منهنجي شفيق ۽ مهربان آفيسر جي مهرباني آهي، جنهن خود ڪوشش ڪري اهو ڪم ڪرايو.“

”آءِ ايم ساري ڪاشان! ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته جيڪي ماڻهو گڏ رهندا آهن هڪٻئي کي سمجهي نه سگهندا آهن ته ڪڏهن اهي ماڻهو جيڪي غير هوندا آهن. جلد هڪٻئي کي سمجهي اجنبيت جون ديوارون ڊاهي ڇڏيندا آهن. آئون تنهنجون پريشانيون سمجهي نه سگهيس، پر هڪ غير شخص تنهنجا مسئلا سمجهيا ۽ تنهنجي خوشيءَ جو احساس ڪيو.“ اهو چوندي ثوبيه جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.

”غلطيءَ جو احساس ٿي وڃي ته اهو اڳتي اهڙيون غلطيون نه ڪرڻ ڏيندو آهي. مون کي تنهنجي خوشي عزيز آهي. تون جاب ڪرڻ چاهين يا پڙهڻ، آئون توکي نه روڪيندس. بس هڪڙي گذارش آهي ثوبيه جي حيثيت سان منهنجي ڳالهه نه سمجهين سگهين ته پوءِ رمشا ٿي وڃجانءِ.“

”ڇا مطلب؟.... توکي ثوبيه کپي يا رمشا؟“

.... ۽ تو اهو ڇو چيو ته تو محبت ناهي ڪئي ۽ ڪنهن توسان محبت ناهي ڪئي؟.... ۽ .... هاڻي توکي فيصلو ڪرڻو آ ته ثوبيه کپي يا رمشا؟“

”ڏس“ .... هن ٽهڪ ڏيندي چيو: ”شروع ڪري ڇڏيئي نه جهيڙو. مون کي ٻيئي کپن.“

ثوبيه چڙندي چيو: ”آخر ٻئي ڇو؟.... هاڻي.... رمشا جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“

”دراصل....“ ڪاشان کلندي چيو: ”رمشا ۾ هڪ اهڙي خاص خوبي آهي جيڪا هر شادي شده مرد جي دل وٽان آهي.“

”ڪهڙي خوبي آهي اها....؟!“ ثوبيه حيران ٿي   پڇيو ته ڪاشان مزو وٺندي چيو:

”خوبي اها آهي ته هوءَ ”گونگي“ آهي.“

اها ڳالهه ٻڌي ثوبيه کي به کل اچي وئي ۽ ٻنهي کي کلندي ڏسي ڄڻ سندن ننڍڙي گهر جو ذرو ذرو به ساڻن گڏ شامل ٿي ويو. گهر جو ماحول ئي بدلجي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com