سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :9

 

امبر ايوب ٻرڙو

ازل کان...

تو اڻڄاڻيءَ ۾ هڪ رشتو جوڙيو جيڪو ننڍپڻ کان تنهنجي ذات سان جڙيل هو، ان رشتي جو پهرين ته ڪو نانءُ نه هو، پر ننڍپڻ جي شرارتن ۾ گذريل وقت ان رشتي کي دوستي جو نالو ڏئي ڇڏيو. اها دوستي جي جيڪا تمام گهري ٿي وڃي ۽ دل ۾ ڪي خوبصورت احساس پيدا ٿين ته پوءِ اها دوستي دل ۾ ڪا ٻي جڳهه ٺاهي وٺندي آهي. دوستي ته پهريون قدم آ، پر جڏهن ڳالهه اڳتي وڌي ٿي ته اها دل جو روڳ بڻجي ويندي آهي. جڏهن تون دوستيءَ کان اڳتي وڌي وئين ته توکي پاڻ کي اها خبر نه هئي ته ڪيترو اڳتي وڃي رهيو آهين. تو ته هڪ دوستي جي رشتي کي اڳتي وڌايو ۽ اهو ايترو وڌيو جو آخر تنهنجي دل ۾ ان لاءِ ڪجهه ٻيا احساس پيدا ٿيڻ لڳا. تو هر وقت ائين پئي چاهيو ته اسين ٻئي دنيا جهان کان بيخبر پنهنجي دنيا ۾ مگن هجون صرف هڪٻئي لاءِ هجون ڪوبه ٽيون اسان جي وچ ۾ نه اچي، ڇو ته توکي پنهنجي ذات سان ڪنهن ٻئي جي مداخلت بلڪل به پسند نه هئي ۽ اهو ماڻهو توکي زهر لڳندو هو. جيڪو اسان جي وچ ۾ اچي.

ائين ناهي ته تو پاڻ ڪڏهن جهڳڙو نه ڪيو هجي جڏهن به ملياسين ته موڪلائڻ کان پهرين ضرور وڙهندا هئاسين، ڀل اها ڪيتري به ننڍي ڳالهه ڇو نه هجي، پر وڙهڻ لازمي هوندو هو. هر اها ملاقات تيستائين ختم نه ٿيندي هئي، جيسين تون نه وڙهين ۽ ڪافي دفعا ته ائين به ٿيو جو مون سان ڪاوڙجي هليو ويندو هئين ڳالهه بلڪل به ننڍڙي هوندي هئي، جنهن جو نه ڪو مطلب، نه ڪا معنيٰ. پر پوءِ به هڪ ضد ته تو هيئن ڇو ڪيو؟ مطلب ته بي بنياد ڳالهيون ڪري ڪاوڙجي وڃڻ ۽ وري ناراض ٿيڻ کان پوءِ بي سڪون ٿي وڃڻ. ذهن ۾ هڪ ئي ڳالهه ته مون کي ائين نه چوڻ گهرجي ها، اها ته بلڪل ننڍڙي ڳالهه هئي، اها به ڳالهه هئي جنهن تي اسين بلڪل به ننڍپڻ وانگر پئي وڙهياسين: بس دل ۾ صرف اهو احساس ئي ڪافي هو، ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن دلين ۾ هڪٻئي جي لاءِ ڪيترو پيار ڀريل آهه. پر وري ڳالهه اچي پرچائڻ جي ته پهرين شروعات ڪير ڪري، ٻئي ضد ۾ ته هو پرچائي هو چوندو ته هو پرچائي. مان جيستائين تون کي سڃاڻان ته جيڪڏهن تنهنجو ٿورو به قصور هوندو ته ضرور تون پرچائڻ جي شروعات ڪندي، پر جي تو ائين سمجهيو ته مان قصوروار ئي نه آهيان ته تون ڪڏهن به پنهنجي ضد تان نه لهندي هئين. ڀل ته تنهنجي دل ڪيتري بيچين هجي. پر تون پنهنجي اندر ۾ تڙپندو هئين، پر ٻاهر ڪجهه نه ۽ آخر ۾ مان اچي توکي پرچائيندي هئس ڇو ته اڪثر ئي توکي پرچائيندي هئس توکان گهڻو واقف جو آهيان ته تون ڪيترو ضدي آهين پر خبر ناهي ڇو تون ان رشتي کي صرف دوستي واري پيار جو نالو ٿو ڏين تون ائين مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهين ته تون مون سان تمام گهڻو پيار ٿو ڪرين، ايتري قدر جو جيڪڏهن اها تنهنجي زندگي مان هلي وئي ته پوءِ تون بلڪل ان گل وانگر ٿي ويندين جيڪو ٽاري کان پٽجڻ کان پوءِ پنهنجي اهميت وڃائي ويهندو آهي.

مان تنهنجي ڪافي ڳالهين کان چڱي نموني واقف ٿي چڪي آهيان. منهنجو تنهنجي هر ڳالهه ۾ ذڪر ضرور هوندو آهي. تون هميشه ائين ئي چوندو آهين ته ان جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو ٿي ئي نٿو سگهي، ان جهڙو ڪوئي به مون کي چاهي نٿو سگهي. ان کان وڌيڪ مون کي ڪوئي به سمجهي نٿو سگهي. بس تنهنجي هر ڳالهه ۾ منهنجو هجڻ ئي مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ويو ۽ آخر جڏهن اها ڪنهن ٻئي جي ٿيڻ واري آهي ته تنهنجي دل اهو مڃڻ شروع ڪيو ۽ منهنجي مسلسل چوڻ کان پوءِ به تو صرف ائين چيو ته ها مان به ان سان تمام گهڻو پيار ٿو ڪريان اها منهنجي تمام سٺي دوست آهي ۽ ان کان وڌيڪ ڪڏهن به پنهنجي زندگي ۾ ٻئي ڪنهن سان ايترو پيار نه ڪري سگهندم، تو اهو سڀ چيو پر اهو نه مڃيو ته مان ان کي پنهنجو بڻائڻ پيو چاهيان. تنهنجي هر ڳالهه مان صاف ظاهر هو ته جڏهن مان ڪنهن ٻئي جي ٿيندس ته تون بلڪل به ٽٽي پوندين، ۽ توکي تمام گهڻو ٽائيم لڳندو پنهنجو پاڻ کي سنڀالڻ ۾. پر مان به تنهنجي لاءِ ڪجهه نه پئي ڪري سگهيس، ڇو ته تو ائين به چيو ته هوءَ هاڻي هوندي ته منهنجي اکين جي اڳيان، پر اها منهنجي نه هوندي، بلڪ منهنجي ئي گهر ۾ ڪنهن ٻي جي نالي سان ايندي، ته جنهن جي نالي سان هوءَ اچي رهي آهي اهو مون کي تمام گهڻو پيارو آهي. بس هاڻي اها اذيت مون کي پوري عمر سهڻي پوندي ته جڏهن اسان پري هوندا هئاسين ته جدائي جو ايترو احساس نه ٿيو، پر هاڻي ايترو ويجهو هوندي به هيءَ ويجهڙائي جدائي جو تمام گهڻو احساس ڏياريندي، ۽ تو ائين چيو ته مان ڪڏهن به هن کي ان ڳالهه جو قصوروار نه بڻائيندس، ڇو جو جيڪو ڪجهه به اسان سان ٿيو آهي اهو زماني وارن ئي ڪيو آهي ۽ زمانو ته ازل کان وٺي پيار ڪرڻ وارن جو دشمن رهيو آهي، انهن ڪڏهن به پيار ڪرڻ وارن کي ملڻ نه ڏنو آهي، انهن کي ڪو به احساس نه هوندو آهي ته جڏهن ٻه دليون هڪئٻي کان جدا ٿينديون آهن ته انهن ٻنڌڻ، انهن جا ٽهڪ عرش تي گوجندا آهن. پر اهو سڀ هي ظالم زمانو نه سمجهندو ڪڏهن به نه!؟ انهيءَ ڪري اسان پنهنجو پاڻ کي هن بيدرد زماني جي هٿن ۾ ڇڏي ڏنو آهي ۽ وري فيصلو آسمان وارو ڪندو!

 

سمرا گلزار

نيرن اسان جي لاءِ ضروري آهي

اسان مان ڪيترا ماڻهو اهڙا هوندا جيڪي نيرن کي ڪا خاص اهميت ڪونه ڏيندا آهن، جڏهن ته ڏينهن جي شروعات ڀرپور نيرن سان ڪرڻ گهرجي. ڏٺو ويو آهي ته ڪجهه ماڻهو ڊبل روٽي جي هڪ سلائس ۽ چانهه جي ڪوپ سان نيرن ڪندا آهن، ڪاش، اها نيرن اسان جي دل کي ڪو فائدو پهچائي سگهي. چڪنائي کان بغير نيرن اسان روز ڪريون ٿا، پر اها اسان جي صحت لاءِ فائدي واري ناهي. سٺي خبر اها آهي ته صحت بخش نيرن اسان کي ڀرپور طاقت ڏئي ٿي، صبح جي نيرن اسان لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. ڪهڙي نيرن ڪجي جيڪا اسان جي صحت ۽ دل جي لاءِ فائدي واري هجي.

ڀرپور نيرن جي لاءِ ٽن ڳالهين کي پنهنجي پلاند ۾ ٻڌي ڇڏيو پهرين شيءِ فائبر توهان کي اناج جي ٺهيل شين مان ملندو جهڙوڪ بريڊ، ماني، ڪڻڪ جو ڏارو. ٻيو ته ميوو ضرور کائڻ کپي، ٽئين شئي آهي پروٽين جيڪا توهان کي بيضي، مچي، کير ۽ گوشت وغيره مان ملندو، اهي ٽئي شيون هڪ سٺي نيرن لاءِ تمام ضروري آهن. فائبر خاص ڪري اسان جي لاءِ اهم آهي، ڇو ته ان سان دل جي بيمارين ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي اچي سگهي ٿي. فائبر جنهن مان ملي سگهي ٿو ان ۾ وٽامن بي، فولڪ ايسڊ آهن، هڪ سروي جي مطابق 27 کان 44 سالن جون عورتون روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار مائڪرو گرامز فوليٽ وٺي سگهن ٿيون. سان هائي بلڊ پريشر جي ليول گهٽ ٿيندي، جيڪڏهن توهان گهڻو فائبر استعمال ڪريو ته توهان جي ڪوليسٽرول جي ليول به گهٽ ٿي وڃي ٿي. فورٽي فائيڊ بريڊ اهڙي شئي آهي جنهن مان اسين فائبر حاصل ڪري سگهون ٿا. نيرن ۾ ان جو استعمال تمام بهترين آهي، ڪجهه کاڌا ۽ ڀاڄيون اهڙيون آهن، جن مان اسان پنهنجي مرضيءَ مطابق فائبر حاصل نٿا ڪري سگهون. هر صبح جو 5. 4 گرام فائبر ضرور هجڻ گهرجي. چڪن پيس ۾ گهڻو فائبر هوندو آهي. گجرون ۽ بغير ڇڻيل اٽي جي ماني يا بريڊ ۾ فائبر هوندو آهي،

ماهرين جي خيال ۾ روزانو اڍائي ڪپ ڀاڄيون 2 ڪوپ ميوو وٺڻ فائدي وارو آهي.

توهان پنهنجي کاڌي ۾ تازا ميوا خاص ڪري صوف جو اضافو ڪريو ته توهان وٽامن اي، سي ۽ اِي به حاصل ڪري سگهو ٿا. سڀ کان گهڻو فائدو صوفن ۾ آهي. نيرن نه ڪرڻ ايترو ئي نقاصانڪار آهي. جيئن نيرن ۾ بسڪيٽ ۽ ڪافيءَ جو استعمال. نيرن نه ڪرڻ سان، صرف توهان گهڻو فائبر ڇڏي رهيا آهيو. پر دل جي لاءِ صحت مند غذا ڇڏي رهيا آهيو ۽ ان سان توهان جو وزن وڌي سگهي ٿو. تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو صبح جو نيرن ڪن ٿا انهن جو وزن وڌيل نه هوندو آهي. پر انهن جي ڪوليسٽرول جي ليول به گهٽ هوندي آهي.

توهان اهو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو ته نيرن ضرور ڪرڻي آهي، پر فاسٽ فوڊ ۽ گهڻي سڻڀ کان پاسو ڪريو. پنير ۽ ساس وغيره کان احتياط ڪريو. هڪ فهرست ٺاهي ڇڏيو ته نيرن ۾ ڇا کائڻو آهي. اسان توهان کي ڪجهه صلاحون ڏينداسين ان تي عمل ڪرڻ سان توهان دل جي بيمارين کان بچاءُ به ڪري سگهو ٿا ته ذائقيدار کاڌا به واپرائي سگهو ٿا.

بيضي جو سينڊوچ:

اناج سان ٺهيل ڊبل روٽي 2 سلائز کڻو. هڪ بيضو ترڻ جي لاءِ نان اسٽڪ پين جو استعمال ڪريو. ان تي تيل جو صرف اسپري ڪريو. هڪ سلائس پنير ۽ هڪ ٽماٽو، هڪ سلائس، 1 عدد ڪوپ، ملائي لٿل کير، بوائل بيضو، مکڻ کان بغير ٽوسٽ ۽ هڪ تازو صوف، ملائي کان سواءِ چانهه، توهان جي صحت ۽ نيرن لاءِ ڪافي آهي.

 

سلميٰ چانڊيو

وارن کي خوبصورت ۽ مضبوط بنائڻ جا ديسي نسخا

وار قدرت طرفان انسان لاءِ هڪ انمول ۽ خوبصورت تحفو آهن: جيڪڏهن وار نه هجن ها، ته انساني چهرو پُر ڪشش ۽ جاذبِ نظر نه بنجي ها. اڪثر خواتين، وارن جي باري ۾ گهڻيون پريشان رهن ٿيون. ڪن جا وار تيزيءَ سان ڇڻندا رهن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ وارن جي چمڪ پڻ ختم ٿيندي ٿي وڃين. وار، ان وقت سهڻا لڳندا آهن، جڏهن اهي نرم، چمڪدار ۽ صحتمند هجن، ان ڪري وارن جي خوبصورتي ۽ سار سنڀال جي سلسلي ۾ جيڪي ڳالهيون ضروري آهن، سي هيٺينءَ ريت ڄاڻائجن ٿيون.

اڪثر عورتون وارن کي ڌوئڻ لاءِ مختلف قسمن جا صابڻ ۽ شيمپو استعمال ڪن ٿيون، ان کان بهتر آهي ته پنهنجو ديسي طريقو اختيار ڪيو وڃي. تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته ڏينهن ۾ ارڙهن يا ان کان گهٽ وار ڇڻن ٿا، انهن جي جاءِ تي ٻيا وار جلدي ڦٽي اچن ٿا، البته جيڪڏهن تيزيءَ سان ڇڻن ٿا ته پوءِ تشويش لازمي آهي. ان لاءِ اوهان کي گهرجي ته ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا وار کولي، چڱي طرح ڦڻيءَ سان سلجهايو، ان عمل سان رت تيزيءَ سان گردش ڪندو ۽ اهڙي طرح وارن جي جڙ کي خوراڪ ملي ويندي. پر جيڪڏهن اڃا به وارن جي جڙن کي مضبوط ڪرڻ چاهيو ته بيسڻ سان مٿي کي ڌوئو، ان سان به وارن جون جڙون مضبوط ٿي وينديون.

جيڪڏهن اوهان جا وار کهرا ۽ بي رونق آهن، ته زيتون جو تيل ننهن سوسوڙو ڪري، وارن کي لڳايو، ته ان سان به جڙون مضبوط ٿي وينديون. اوهان جا وار نرم ۽ چمڪيلا بنجي ويندا، پر جيڪڏهن وار تيزيءَ سان ڇڻي ان حد کي پهچن جتي گجني ٿيڻ جو خطرو هجي، ته ان لاءِ انجو مؤثر علاج اهو آهي ته آريٺي جي کلن سان وارن کي ڌوئو ۽ پوءِ ڪَٿي جي ٻجن جو تيل، ۽ ليمي جو رس ملائي، باقاعده استعمال ڪرڻ سان خطرو ٽري سگهي ٿو.

هي نسخو به وارن لاءِ بهتر آهي ته آنوارا، آريٺا ۽ سڪا ڪائي پيهي، رات جو پاڻيءَ ۾ پسائي رکو. ۽ ڏينهن جو ان کي باهه تي ٽهڪو ڏياري، ٿڌو ڪري مٿو ڌوئڻ سان وار خوبصورت ۽ مضبوط ٿيندا.

وارن جي حسن کي برقرار رکڻ لاءِ اهو پڻ ضروري آهي. ته کاڌي ۾ ڀاڄين سان گڏوگڏ گوشت، آنا ۽ کير به ان مناسبت سان استعمال ڪريو ۽ سڻڀين شين کان پرهيز ڪريو.

ان کان علاوه انهن ڳالهين جو به خيال رکڻ گهرجي ته هفتي ۾ ٽي چار ڀيرا تيل وارن کي هڻندا ڪريو، جيڪڏهن اوهان اهو به نه ٿا ڪري سگهو ته مٿو ڌوئڻ کان پهرين 10 منٽ اڳ ۾ تيل هڻو، پوءِ مٿي کي ڌوئي ڇڏيو. اهو به خيال رهي ته آلن وارن ۾ ڦڻي ڏيڻ سان وارن جون جڙون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون.

رات جو سمهڻ وقت وارن کي ڍلو ڪري ٻڌ جي يا کولي ڇڏجي ته کليا رهن. ۽ ڪوشش ڪجي ته خوشبودار تيل کان پرهيز ڪجي، ڇاڪاڻ ته خوشبودار تيل هڻڻ سان وار جهٽ اڇا ٿي ٿا وڃن ۽ انهن جون پاڙون به ڪمزور ٿي ٿيون وڃن.

* وارن کي ميٽ سان به ڌوئجي.

* وارن کي بيضو ۽ ڌونئرو ملائي ڪلاڪ ٻه هڻي ڇڏيو. ايئن ڪرڻ سان وارن ۾ خشڪي نه ٿيندي.

* ميندي پسائي رکو ڪلاڪ ٻن کان پوءِ وارن ۾ ليپ ڪري ڇڏيو. ان سان وار مضبوط ٿيندا ۽ ميندي ۾ هڪ قسم جو ڪنڊيشنر آهي.

* بيضي ۽ ليمي کي ملائي هفتي ۾ هڪ ڀيرو وارن کي هڻو. وارن جي خشڪي ختم ٿيندي ۽ وار چمڪندا.

* هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڪڙو تيل کڻي گهر ۾ وارن ۾ هڻو ۽ مالش ڪريو وارن ۾ جونءَ ڪونه پونديون.

 

باک پنهور

رڌ پچاءُ

فرائي فش سان ساس

گهربل شيون:

مڇي:          اڌ ڪلو

سڪل ٿوم:   ٻه چمچا

جيرو:           ٻه چمچا

ڪارا مرچ:     ٽي چمچا (يا ضرورت مطابق)

ڳاڙها مرچ:    هڪ چمچو

بصر:           ٽي عدد

ٽماٽا:          چار عدد

هيڊ ايتري جو سڄي مڇيءَ کي چڱيءَ طرح لڳي وڃي.

ترڪيب:

مڇي پيس ڪري ان کي ڌوئي صاف ڪري، لوڻ، سڪا ڌاڻا ۽ هيڊ ڏئي ٻن ڪلاڪن لاءِ رکي ڇڏيو. سڪل ٿوم، هيڊ، جيرو، ڪارا مرچ، ڳاڙها مرچ، ٿورو لوڻ، جيرو ۽ ڌاڻا سڀ ملائي ان کي ڪٽيو انهن سڀني مصالحن کي چڱيءَ طرح سان مڇيءَ جي ٽڪرن تي لڳايو. اڌ ڪلاڪ لاءِ رکي ڇڏيو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ تئي تي ايترو گيهه، يا آئل گرم ڪريو جنهن ۾ مڇي ترجي وڃي، مڇي مصالحي سميت هلڪي باهه تي تريو. جيئن برائون ٿي وڃي.

هاڻ بصرن کي ڳاڙهو ڪري ان ۾ ٽماٽا ڀڃي مڪسچر ٺاهيو، لوڻ، مرچ، سڪا ڌاڻا وجهو ۽ هاڻ تريل مڇيءَ جي مٿان اهو ساس وجهو 10 منٽ هلڪي باهه تي رکو هاڻ مڇي ڊش ۾ وجهي چانورن يا نان سان کائو.

 مڇيءَ جا ڪباب

گهربل شيون:

مڇي:          اڌ ڪلو

بيضا:          ٽي عدد

ٿورو مکڻ، ساوا ڌاڻا، ڦودنو، ساوا مرچ، ڳاڙها مرچ، ڪارا مرچ، لوڻ، هڪ ليمو ۽ ڊبل روٽيءَ جو چورو.

ترڪيب:

مڇيءَ جي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ لوڻ وجهي اُٻاريو پوءِ ان جي کل ۽ ڪنڊا الڳ ڪريو هاڻي ان کي هٿن سان پيهيو ان ۾ سائو مصالحو سنهون ڪٽي ۽ ليمي جو رس وجهي ملايو ٿورو مکڻ به ان ۾ ملايو ۽ بيضي جي زردي ان ۾ ملائي ڪباب ٺاهيو. فرائي پين ۾ مکڻ وجهو ڪبابن کي بيضي ۽ ڊبل روٽي جو چورو لڳائي تريو.

 

فرچ ٽوسٽ

گهربل شيون:

ڊبل روٽي:     هڪ عدد

بيضا:          چار عدد

کير:            هڪ پاءُ

کنڊ:           اڌ پاءُ

ملائي:         اڌ پاءُ

گيهه:          اڌ پاءُ

پستا ۽ چانديءَ جا ورق.

ترڪيب:

ڊبل روٽي جا 8 ٽوسٽ کڻي ان جا ڪنارا ڪٽيو، ۽ بيضا هڪ ٿانو ۾ وجهي خوب ملايو، هاڻ ان ۾ کير ۽ کنڊ به ملايو، هاڻ ان ۾ ٽوسٽ ڪجهه دير پسائي رکو. ان کان پوءِ هڪ فرائي پان ۾ گيهه وجهو ۽ هڪ هڪ ٽوسٽ ترينديون وڃو هاڻ هڪ وڏي پليٽ ۾ لاهي رکو ۽ مٿان بادام پستا وجهو ۽  چانديءَ جا ورق لڳايو..

 

قيمي ۽ پٽاٽن جا ڪٽلس

گهربل شيون:

قيمو:          هڪ پاءُ

پٽاٽا:          هڪ ڪلو

گيهه:          هڪ پاءُ

بصر:           هڪ پاءُ

ٿوم:           اٺ ڳڙيون

ادرڪ:          هڪ انچ جو پيس

لوڻ، ڳاڙها مرچ، گرم مصالحو، پيٺل ڌاڻا، ضرورت مطابق. سرڪو ٻه چمچا، ٽماٽو هڪ عدد، بيضا ٽي عدد.

ترڪيب:

بصر گول ڪٽي گيهه ۾ وجهو، بادامي رنگ ٿيڻ تي قيمو وجهي ڀڃو، هاڻ ان ۾ پيٺل ٿوم، ادرڪ ۽ سمورا مصالحا وجهي. ڳرڻ لاءِ رکو هاڻ چڱيءَ طرح ڀڃو، ان کان پوءِ لاهي رکو، گيهه تمام گهٽ هجي. پٽاٽا اٻاري ڇلي انهن کي پيهو، پيٺل پٽاٽن ۾ لوڻ، مرچ ۽ سرڪو ملايو هاڻي ٽن بيضن کي ٽوڙي ٻن جي ذردي پٽاٽن ۾ ملايو. باقي هڪ بيضو سفيدي سميت ملايو. هاڻي پٽاٽن جا رول ٺاهيو انهن جي سائيز پنهنجي پسند موجب رکو هاڻي انهن ۾ ٿورو ٿورو قيمو رکي انهن جو منهن بند ڪري هڪ ئي شڪل ٺاهيو ڊبل روٽيءَ جو چورو ۽ بيضو لڳائي ترينديون وڃون ڳاڙهي رنگ ٿيڻ تي سمجهو ته تيار ٿي ويا آهن ۽ گرم گرم ڪنهن چٽڻيءَ سان پيش ڪريو. قيمي جي جڳهه تي ڪڪڙ جو گوشت به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com