سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :7

 

ضمير شيخ

ميڊم ارشاد پنهور جون ڳالهيون

ميڊم ارشاد پنهور گورنمينٽ گرلس پائلٽ هاءِ اسڪول دادو جي اها هيڊ مسٽريس آهي، جيڪا نهايت، محبتي رويو رکندڙ، هر وقت مسڪرائيندڙ، اسٽاف سان پنهنجن وانگر ورتاءَ ڪندڙ، نهايت شفيق ۽ مهربان قسم جي عورت آهي.

ميڊم ارشاد اسڪول جي تعليم بهتر کان بهتر ڪرڻ جو اونو رکندڙ ۽ حساس دل آهي، سندس ئي محنتن جي ڪري هن اسڪول جون ڇوڪريون نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين ۾ پوزيشن حاصل ڪنديون رهن ٿيون.

شاگردياڻين سان سندس سلوڪ هڪ ماءُ وارو هوندو آهي، هوءَ شاگردياڻين جي هر مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندي آهي.

ميڊم ارشاد جي محبت، خلوص ۽ مهمان نوازيءَ جي جيڪا به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، ان شفيق ۽ مهربان شخصيت جون ڳالهيون ٻڌون.

ضمير : اوهان جو تعارف؟

ميڊم ارشاد: منهنجو نالو ارشاد پنهور، تعليم M.A, L.L.B, B.Ed M.Ed مون مئٽرڪ گرلس هاءِ اسڪول دادوءَ مان ڪئي ۽ اڄ ان ئي اداري جي هيڊ آهيان. منهنجو گهر وارو ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ پروفيسر آهي.

ضمير : عورت اوهان جي نظر ۾؟

ميڊم ارشاد: منهنجي نظر ۾ عورت مان، شان، احترام ۽ عزت لائق آهي.

ضمير : اڄ جي عورت ڪيتري آزاد آهي؟

ميڊم ارشاد: اڄ جي عورت مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هر شعبي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو سندس حق به آهي، پر ڪافي علائقن ۾ عورت کي بلڪل آزادي نه آهي. هوءَ پڙهڻ لکڻ ۽ نوڪري ڪرڻ ته ڇا، پر پنهنجي راءِ جي اظهار ڪرڻ ۾ به آزاد نه آهي.

ضمير : عورت کي ڪيتري آزادي ملڻ گهرجي؟

ميڊم ارشاد: عورت کي حدن اندر آزادي ملڻ گهرجي، هن کي اظهار جي آزادي ملڻ گهرجي، آزاديءَ جو مطلب ڇڙواڳي نه آهي. مطلب ته جيتري هڪ انسان کي آزادي هجي عورت کي به اهائي آزادي ملڻ گهرجي.

ضمير : شادي لو ميريج ڪجي يا ارينج؟

ميڊم ارشاد: شادي ارينج ميريج ئي بهتر رهي ٿي.

ضمير : اوهان جي شادي لوميريج آهي يا ارينج؟

ميڊم ارشاد: اسان جي ارينج ميريج آهي.

ضمير : گهر ۾ حڪم ڪنهن جو هلندو آهي!؟ اوهانجو يا اوهان جي گهرواري جو؟

ميڊم ارشاد: گهر واري جو/ مڙس جو.

ضمير: گهر ۾ پنهنجي گهر واري کي ڪهڙي نالي سان سڏينديون آهيو؟

ميڊم ارشاد: آءٌ کيس سائين چوندي آهيان.

ضمير: اوهان کي گهڻا ٻار آهن ۽ اهي گهڻو فري ڪنهن سان آهن؟

ميڊم ارشاد: اسان کي ٽي ٻار آهن، جيڪي پنهنجي والد سان گهڻو فري آهن.

ضمير : اوهان جو گهر وارو گهر جي ڪمن ۾ اوهان جو هٿ ونڊائيندو آهي يا نه؟

ميڊم ارشاد: بلڪل به نه....

ضمير : پريمي جوڙن بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟

ميڊم ارشاد: پريمي جورا ڪورٽ ميريج سواءِ بدنامي ۽ برباديءَ جي ٻيو ڪجهه نه آهي مائٽ اولاد کي اعتماد ۾ وٺن.

ضمير : ڪارو ڪاري واقعا ڇو ٿا ٿين، انهن بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي ۽ ان ڪڌيءَ رسم کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو؟

ميڊم ارشاد: ڪارو ڪاريءَ جا 90% واقعا ڪوڙ تي ٻڌل هجن ٿا، ڪارو ڪاري جي رسم وڏيرن پنهنجن مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ عام ماڻهن تي مڙهي آهي، ڪڏهن ڪنهن وڏيري يا جاگيردار جو پٽ يا ڌيءَ ڪارو ڪاري نه ٿا ٿين، ڪڏهن ڪو وڏيرو يا ڪمدار ڪارو نه ٿيو آهي، پر هاري ڪمي ڪاسبيءَ جي ڌيءَ، ڀيڻ، زال هر روز ڪاري ٿي ڪسجي ٿي. ظلم جي انتها اها آهي جو 18 سالن جو پٽ 65 سالن جي ماءُ کي ڪاري ڪريو ماريو ڇڏي.... اهو ظلم ختم ٿيڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي، ڇو ته سماج جا ٺيڪيدار ائين ڪرڻ نه ڏيندا.

ضمير : مرد اوهان جي نظر ۾؟

ميڊم ارشاد: مرد جيڪڏهن پيءُ آهي ته شفيق آهي، ڀاءُ آهي ته مهربان آهي، مڙس آهي ته سهارو آهي، اولاد آهي ته خزانو آهي، مرد کي گهرجي ته پنهنجي عورت سان تعاون ڪري، ۽ ان جو احترام ڪري.

ضمير : اوهين هڪ  اداري جون سربراهه آهيو، ان حوالي سان ڪي ڏکيائيون؟

ميڊم ارشاد: اداري کي هلائڻ لاءِ جيڪي ڏکيائيون ۽ تڪليفون پيش اچن ٿيون، انهن کي حوصلي، همت ۽ خوش اصلوبيءَ سان منهن ڏيان ٿي، منهنجو اسٽاف ڪوآپريٽو آهي. اداري جي سربراهه جي حيثيت سان منهنجي خواهش آهي ته مان پنهنجي اداري کي مثالي ادارو بڻايان.

ضمير : عورتون وڌيڪ ذهين آهين يا مرد؟

ميڊم ارشاد: عورتون وڌيڪ ذهين آهن.

ضمير : عورت ظالم آهي يا مظلوم؟

ميڊم ارشاد: عورت مظلوم آهي.

ضمير : اڄ جي عورت ڇا ٿي چاهي؟

ميڊم ارشاد: اڄ جي عورت عزت جي دائري اندر آزادي ۽ جيئڻ جو حق چاهي ٿي، هوءَ چاهي ٿي ته کيس مردن جيترا حق ملڻ گهرجن.

ضمير : زندگي اوهان جي نظر ۾؟

ميڊم ارشاد: زندگي خدا تعاليٰ جي طرفان مليل هڪ عطيو ۽ حسين تحفو آهي، انهيءَ کي اهڙي نموني گذارجي جو ٻين لاءِ مشعل راه ۽ هڪ سٺي ياد هجي.

ضمير : توهان پنهنجي زندگيءَ مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟

ميڊم ارشاد: آئون پنهنجي زندگي مان هر طرح سان مطمئن آهيان.

ضمير : اوهان جو اسٽار ڪهڙو آهي؟

ميڊم ارشاد: منهنجو اسٽار ڪيپري ڪون (جدي) آهي.

ضمير : قسمت ۽ اسٽار تي يقين رکنديون آهي؟

ميڊم ارشاد: بلڪل يقين رکندي آهيان.

ضمير : اوهانجيون ڪي به پنج خوبيون؟

ميڊم ارشاد: 1. رحم دل، 2. غريبن جي مددگار، 3. سٺي سوچ رکندڙ، 4. بي ضرر/ ڪنهن کي ڪو به نقصان نه ڏيندڙ، 5. هر ڪنهن سان سٺو ورتاءُ ۽ شفقت سان پيش اچڻ.

ضمير : اوهان جون ٻيون مصروفيتون؟

ميڊم ارشاد: پنهنجي ڊيوٽي پابنديءَ سان ادا ڪرڻ، پنهنجو گهر، ٻار سنڀالڻ، گهر جو سڄو رڌ پچاءُ آءٌ پاڻ ڪندي آهيان، واندڪائي ۾ اخبار ۽ رسالا پڙهڻ يا ٽي- وي ڏسڻ، گهر کان ٻاهر گهٽ نڪرندي آهيان.

ضمير : اوهان جي ڪا خواهش؟

ميڊم ارشاد: ها! منهنجي خواهش آهي ته جج ٿيان ۽ عورتن جي لاءِ جاکوڙيان ۽ انهن کي پنهنجا حق ڏياريان.

ضمير : آخر ۾ ڀينرن لاءِ ڪو پيغام؟

ميڊم ارشاد: پنهنجي زندگي اهڙي نموني گذاريو جو ڪنهن کي به آڱر کڻڻ جو موقعو نه ملي ۽ اوهين ٻين لاءِ مشعل راهه بڻجي وڃو.

 ***


 

عاجز منگي

شهدادپور جي سڄاڻ نياڻي آمنه ملاح سان ڳالهه ٻولهه

سوال: ادي، توهانجو تعارف ۽ تعليم؟

جواب: ادا، منهنجو نالو آمنه ملاح آهي، آءٌ شهدادپور جي مشهور پورهيت اڳواڻ محمد قابل ميراڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيس. مون پرائمري تعليم ”مائي بختاور“ پرائمري اسڪول شهدادپور مان حاصل ڪئي ۽ سيڪنڊري تعليم گرلس هائر سيڪنڊري هاءِ اسڪول شهدادپور ۽ گريجوئيشن گورنمينٽ گرلس ڪاليج شهدادپور مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان سوشالاجيءَ ۾ ايم- اي ڪئي آهي. تعليم پوري ٿيڻ شرط مشهور سماجي اداري سافڪو ۾ 2001ع ۾ جوائن ڪيم.

سوال: سافڪو ۾ رهي توهان عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن؟

جواب: ادا، آءٌ سافڪو ۾ پنج سال اڳ سوشل آرگنائيزر طور شامل ٿيس، هن وقت سافڪو جي سوشل دولپمينٽ سيڪٽر جي پروگرام آفيسر آهيان، هن سيڪٽر جو مکيه ڪم ڳوٺاڻين عورتن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻيون تنظيمون قائم ڪرڻ، عورتن لاءِ هنري مرڪز، صحت جون سهولتون ڏيارڻ، بالغ عورتن جي لاءِ تعليم بالغان تربيتي ورڪشاپ وغيره آهي.

سوال: توهان جي اچڻ بعد عورتن جون گهڻيون تنظيمون قائم ٿيون آهن ۽ انهن جي سرگرميءَ بابت توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

جواب:ادا، منهنجي اچڻ بعد سافڪو ۾ 275 عورتن جون تنظيمون قائم ٿي چڪيون آهن. انهن ۾ سماجي سجاڳي پيدا ٿي آهي. اسان عورتن جي ذهني سجاڳيءَ لاءِ لائبريريون قائم ڪيون آهن ۽ ٻيون پڻ سرگرميون ڪندا رهون ٿا. اصل ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورتن ۾ وڏي ذهانت آهي. انهن کي رڳو تربيت ۽ رهنمائي جي ضرورت آهي.

سوال: ادي، سافڪو ۾ رهي توهان ٻيون ڪهڙيون سرگرميون ڪيون آهن؟

جواب: ادا، مون پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ عورتن جي بهتري ۽ سجاڳيءَ لاءِ ٿيندڙ پروگرامن ۾ عورتن جي نمائندگي ڪئي آهي، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ سنڌي ثقافت جا ميلا ۽ ثقافتي اسٽال لڳايا آهن. ان کان علاوه بنگلاديش ۽ ٿائلينڊ جا دورا ڪري عورتن جي سجاڳيءَ لاءِ ٿيندڙ پروگرامن ۾ سافڪو جي نمائندگي ڪئي آهي.

سوال: پسنديده اخبارون؟

جواب: ڪاوش، تعمير سنڌ ۽ سنڌو.

سوال: پسنديده لباس؟

جواب: سنڌي ثقافتي لباس.

سوال: پسنديده کاڌو؟

جواب: دال ۽ چانور.

سوال: پسنديده شخصيت؟

جواب: جيجل ماءُ.

سوال: واندڪائيءَ جي وندر؟

جواب: رِليون ٺاهڻ.

سوال: عورتن لاءِ پيغام؟

جواب: وقت جو قدر ڪريو. چڱن ڪمن ۾ وقت صَرف ڪيو نفرت گهٽايو، محبت وڌايو.

اوهان جي ائڊريس: هرداس پوره چوڪ نزد مائي بختاور اسڪول شهدادپور.

فون: 3355227-0308

 

 


 

ثمينه ميمڻ

اڄ جو ڏينهن

 

اڄ جو ڏينهن

تنهنجي نانءُ ڪيان ٿي

جيڪو ساکي آهي

پنهنجي پيار جو

نينهن سَنيهنِ سنديون

شامون ۽ راتيون

پيار ڀريون باتيون

نيون پراڻيون

اڻ کٽ پريم ڪهاڻيون

تنهنجو چاهه هو چريو

منهنجي اندر هو وَريو

ڪڏهن کِلياسين

ڪڏهن رُناسين

ڪيڏا نه روپ ۽ رنگ هئا

تنهنجي منهنجي پيار جا

جيون جو سندر سفر

ڪٽبو رهي ٿو

چاهه وڌندو رهي ٿو

جيون جا چوڏهن سال

تو مون گڏ گذاريا

اڄ جو ڏينهن

تنهنجي نانءُ ڪيان ٿي

جيڪو ساکي آهي

پنهنجي پيار جو.

 

مهر النساءِ سومرو

آس جو ڏيئو

ڪڏهن ختم ٿيندي هي الجهن

ڪڏهن کڻندس سک جو ساهه

لڳي ٿو هر هڪ پل هت عذاب

۽ ڄڻ هجان بند قيد خاني ۾

ڪڏهن ملندي آزادي

۽ ڪڏهن ٿيندو پورو خواب

ان کان اڳ جو آس جو

ڏيئو اجهامي وڃي

تون اچي پريم جي وٽ سور

*


 

برکا پنهور

ارم جتوئي خوبصورتيءَ جي ماهر جون صلاحون

ارم جتوئي M.B.A جي شاگردياڻي آهي. پاڻ پڙهائي ۾ تمام گهڻي  ذهين آهي، پر موڪلن وارن ڏينهن ۾ هوءَ پنهنجي شوق جي پورائي جي لاءِ مختلف ڪم ڪندي رهندي آهي، ۾ سلائي ۽ ڀرت جو ڪورس، گلاس ورڪ ۽ فلاور ميڪنگ جو ڪورس، رڌڻ ۽ پچائڻ جو ڪورس، بيوٽيشن جو ڪورس وغيره. هوءَ پنهنجي هر هنر ۾ ايتري ته هوشيار ۽ ڏاهي آهي، جو هُن جي هٿ جي ٺهيل شين کي ڏسي خوشي به ٿيندي آهي، ته حيرت به! واقعي، اهڙيون ڏاهيون ۽ هر ڪم ۾ ڀڙ ڇوڪريون به آهن جيڪي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ فخر جو باعث آهن، ارم جتوئي کان سرتيون جي پڙهندڙن لاءِ جيڪي صلاحون ورتيونسين اهي پيش ڪجن ٿيون - برکا.

برکا: پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟

ارم: منهنجو اباڻو شهر نوشهروفيروز آهي جتان مون پرائمري، سيڪنڊري تعليم ۽ انٽر گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ شوق هئم ته ميڊيڪل ۾ وڃان ۽ ڊاڪٽر ٿيان، پر نه وڃي سگهيس. هن وقت يونيورسٽي ۾ M.B.A ماسٽر آف بزنس ايڊمنسٽريشن جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي آهيان. ننڍي هوندي کان پڙهائي ۾ هوشيار هئس. مون کي ڪڏهن به فارغ ويهڻ ڪونه آيو. اسڪول جي موڪلن ۾ به سدائين گهر جي ٺاهه جوڙ ڪندي هئس. الماڙين جي سيٽنگ ڪرڻ، ڀرت ڀرڻ، سلائي ڪرڻ ۽ گهر ۾ مختلف کاڌا رڌڻ اهي منهنجا شوق هوندا هئا. انٽر کان پوءِ حيدرآباد آيس، انگلش لئنگيچ ڪورس ڪيم. ڪمپيوٽر جو ڪورس ڪيل اٿم. يونيورسٽي جي پڙهائي ته مشڪل هئي، پر مون هميشه محنت ڪئي ۽ هر سال سٺيون مارڪون کنيون آهن، سيڪنڊ ايئر ۾ سؤٽ سان شادي به ٿي وئي، ان به گهڻو ساٿ ڏنو، ان جي ساٿ ۽ همٿ افزائي سان هر ڪم وڌيڪ آسان ٿي پيو آهي.

منهجي پڙهائي ۾ بابا ۽ امان جو وڏو ساٿ رهيو انهن جي همت افزائي ۽ شوق جي ڪري سدائين پڙهائي ۾ اڳڀري رهيس. سٺي رزلٽ اچڻ جي ڪري بابا جن ڏاڍا خوش ٿيندا هئا ۽ منهنجي به همت وڌندي هئي. ميڊيڪل ۾ نه وڃڻ جي ڪري پريشان ٿيس ته بابا چيو ته ڪيترائي ٻيا شعبا آهن. جن ۾ تون ٽاپ ڪري سگهين ٿي، ان کان پوءِ مان مطمئن ٿي ويس. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران ويجهي مرڪز مان، مختلف ڪورس ڪيم. جيئن سلائيءَ جو ڪورس، ڀرت جو ڪوس، گلاس پينٽنگس جو ڪورس، فلاور ميڪنگ جو ڪورس ۽ بيوٽيشن جو ڪورس ڪيم، هاڻ خاندان ۾ جيڪي به شاديون ٿينديون آهن ته مان سڀني ڇوڪرين کي ميڪ - اپ ڪندي آهيان ۽ ميندي، هيئر اسٽائيل فيشل، وغيره ڪندي آهيان، خوشي ٿيندي اٿم ته منهنجي هنر جي ڪري ڪيترائي ڪم سولا ٿي پوندا آهن. ٻي ڳالهه ته ننڍي هوندي کان اها خواهش به هئم ته مان هر ڪم ۾ ڀڙ هجان ۽ هر ڪم مون کي ايندو هجي. مان اڄ به پنهنجو ڪم ڪنهن کي نه چوندي آهيان مزي جي ڳالهه ٻڌايان ته، مان درزي کان پنهنجا ڪپڙا ڪانه سبرايان ڇو ته درزي جيتريون منٿون ٿا ڪرائين اهي مان نٿي ڪري سگهان، ان ڪري پنهنجا ڪپڙا پاڻ سبندي آهيان ۽  ڊزائن ڪندي آهيان ۽ ستاري موتي ۽ ڪشميري پٽ ۽ شيشا پاڻ مڙهيندي آهيان ڇو ته پنهنجو ڪم جلدي ڪري وٺبو آهي ۽ ڪنهن جي ڪاڻ ڪانه ڪڍبي آهي. انڪري ئي مون سلائي ۽ ڀرت جو به ڪورس ڪيو. واقعي ارم جي گهر ۾ هر شئي سليقي سان رکيل هئي. لڳو ٿي ڄڻ هاڻ ئي ڪنهن گهر کي ويهي سجايو آهي.

ارم ٻڌايو ته مان وري به چوندس ته اهو ڪارنامو منهنجي گهر واري جو آهي جنهن جي ساٿ جي ڪري مان سڀ ڪم ڪري سگهي آهيان.

برکا: عورت پنهنجي پاڻ کي سينگاري ٿي، ٺاهي ٿي، ڇا اهو ضروري آهي؟

ارم: هر عورت جي خواهش هوندي آهي ته هوءَ سهڻي لڳي زيور به نئين اسٽائل جا هجن. ڪپڙا به سٺا هجن، پر جيڪا اهم ڳالهه ليکي وڃي ٿي سا آهي. مُنهن جي رونق ۽ ميڪ اپ!؟ سادي ۾ سادي ڇوڪري به پنهنجي چهري ۽ چمڙي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي آهي ته منهنجي ۽ اسڪن صاف، شفاف ۽ چمڪندڙ هجي.

برکا: اسڪن جي سنڀاڻ لاءِ توهان ڪهڙيون صلاحون ڏينديون؟

ارم: مُنهن تي ميٽ، چندن ۽ ڌونئرو مڪس ڪري هفتي ۾ هڪ ڀيرو لڳائڻ سان توهان جي مُنهن جي چمڙيءَ ۾ نکار ايندو. گرمين ۾ اهو نسخو بهترين آهي. ان کان سواءِ عورتون گهڻيون مصروف رهنديون آهن. ڪي نوڪري جي ڪري ڪي گهر جي ڪمن ڪارين جي ڪري اهي پاڻ کي وقت نٿيون ڏئي سگهن، پر مان انهن کي صلاح ڏيندس ته ايلو ويرا هڪ ٻوٽو آهي، ان جي پن مان لڳلڳدار پاڻياٺ نڪرندو آهي. ايلو ويرا (ڪنوار ٻوٽي) کڻي پنهنجي مُنهن تي اڌ ڪلاڪ کن هڻي گهر جو ڀلي ڪم ڪار ڪريو. پوءِ مُنهن ڌوئي ڇڏيو. ان سان توهان جو مُنهن ڪافي تازو توانو ٿي ويندو.

مُنهن تي جيڪڏهن داڻا هجن ته تازو ٽماٽو ڪٽي 20 منٽ مُنهن تي هڻجي يا ٽماٽي کي ڪٽي ان جو ليپ ڪري ڇڏجي ته داڻا آهستي آهستي ختم ٿي ويندا ۽ نشان به ڪين ٿيندا.

برکا: فيشل ڪڏهن ڪڏهن ڪرائڻ گهرجي؟

ارم: فيشل جي اصلي معنيٰ آهي مُنهن جي صفائي. ڇو ته ٻاهر، مٽي دونهون ۽ گند ڪچرو ۽ سخت تيز اس ۽ تيز هوا چمڙيءَ جي لاءِ گهڻي نقصانڪار آهي. جيڪي عورتون روز ٻاهر نڪرن ٿيون ۽ جيڪي عورتون گهر ۾ ويٺيون آهن انهن ٻنهي قسمن جي عورتن جي چمڙي ۾ ڪو گهڻو فرق ناهي. 20 ۽ 22 سالن جي عمر ۾ فيشل ڪرائجي. پر 30 سالن جي عمر ۾ باقائدي ڪرائجي. فيشل ڪرائڻ سان چمڙي خوبصورت ٿيڻ گڏ بلڊ پريشر به نارمل ٿو رهي ۽ ماڻهو گهڻو رليڪس ٿو رهي. هڪ عورت مون وٽ آئي فيشل ڪرائڻ ان شڪايت ڪئي ته ان کي مٿي ۾ سخت سور ٿو رهي سو هوءَ گهڻي پريشان ٿي رهي. مون ان کي صلاح ڏني ته تون مناسب سمجهين ته فيشل ڪرائيندي رهه تنهنجي تڪليف ختم ٿي ويندي. واقعي لاڳيتو فيشل ڪرائڻ سان هن جو مٿي جو سور بلڪل ختم ٿي ويو، ڇو ته فيشل هڪ مساج آهي ان سان رت جي گردش ٿئي ٿي. ان کان سواءِ هلڪو ميڪ اپ ڪرڻ سان به ماڻهو فريش ٿو رهي ۽ ٻاهر نڪرندڙ عورتون هلڪو سلڪو ميڪ اپ ڪنديون رهن ۽ وارن جي حفاظت ۽ سنڀال سان توهان جا وار نرم ۽ گهاٽا ٿيندا.

 

گلشن لغاري

پروين شاڪر جي جنم ڏينهن تي

اي محبتن جي شاعره!

اي آسماني اَپسرا!

شاعري تنهنجي آ، ڄڻ جادوگري.

ڄڻ تون هئينءَ ڪا، پرستانن جي پري!

راهه ڀلجي، هن زمين تي آئي هئينءَ.

يا وري،

بارشن جي موسمن ۾ بوند جان،

پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽي ۾،

جذب ٿيڻ لئه، ڄائي هئينءَ!

زندگيءَ کي ارپيا تو،

پنهنجي شعرن جا گلاب.

پر ان ڏنا توکي عذاب!

ڇو خوشي بڻجي ويئي تو لئه سراب؟

رهجي ويا سڀ اڌورا تنهنجا خواب!

بي خبر هن لوڪ کي ڪهڙي خبر؟

جنهن وقت ٿي اٿليا تنهنجا نيڻ- ساگر.

تن مان جي موتي ڇڻيا،

شعر هئا سيئي بڻيا!

هاڻ جي آهن بڻيل،

گهايل دلين جي لاءِ مرهم!

اڄ به بي حس، سرد خاني جهڙي دنيا ۾ رهيل،

ڪيترن زندهه لاشن جي دلين ۾ آدُکيل!

تنهنجي ڪَوتائن جي دم سان،

محبتن جي آگ مڌم!

تون مگر وئين ڇو ڇڏي، ”خوشبوءَ“ جا خواب؟

تشنه آرزئون تون ۽ سمورا اضطراب.

بند شعرن ۾ ڪِري، سڀ غم جا باب.

۽ وٺي راههِ اَجل، جل پَريَن جين،

جهٽ ۾ اوجهل ٿي وئينءَ!

تون جا ”اڄ“ ٿيڻي هئينءَ،

ڪيئن ”ڪلهه“ بڻجي وئينءَ؟!

اي محبتن جي شاعره!

اي آسماني اپسرا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com