سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -1

باب: -

صفحو :16

شهزادو ۽ فقير

 

هڪ بادشاهه هوندو هو، جنهن کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. هن هڪ ٻئي پٺيان  اولاد لاءِ ست زالون ڪيون، پر قدرت سان هڪڙيءَ مان به اولاد ڪونه ٿيس. هن انهيءَ لاءِ گهڻيئي ڏس پنڌ پڇيا، فقيرن جا در ڀيٽيا، مگر ڪجهه ڪين وريو. هڪڙي ڏينهن بادشاهه سان وزير ڳالهه ڪئي ته ”قبلا، پنهنجي شهر جي ٻاهران هڪ اهڙي فقير اچي ڌوڻي هنئي آهي جو جيڪو به ڪنهن به سوال لاءِ وٽس وڃي ٿو، ته ان جو مطلب پورو ٿئي ٿو- سو، انهيءَ بزرگ وٽ هلي سوالي ٿجي، من ڪا مراد پوري ٿئي!“ بادشاهه چيو ته ”سڀاڻي صبح جو هلنداسين.

ٻئي ڏينهن، بادشاهه ۽ وزير ٻئي گڏجي، فقير ڏي ويا، ۽ فقير کي پنهنجو دلي مطلب ٻڌايائون ۽ عرض ڪيائونس ته ”اي سائين بابا، بادشاهه جي حق ۾ ڪا دُعا گهرو!“ فقير چيو ته ”اي بادشاهه، سڀاڻي صبح جو تير ڪمان کڻي پنهنجي باغ ۾ وڃجو، ۽ ڌڻيءَ کي ياد ڪري ٻير جي وڻ ۾ تير هڻجو- جيترا ٻير ڪِرندا، اوترا اوهان کي پُٽ ڄمندا، ۽ جيترا پن ڪِرندا اوتريون ڌيون.... پر، شرط اهو آهي ته هڪ پٽ مون کي ڏيندا.“ بادشاهه هائو ڪئي، ۽ فقير کان ادب سان موڪلائي، ۽ وزير سان گڏجي پنهنجي محلات ڏي موٽي آيو.

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، بادشاهه تير ڪمان کڻي، پنهنجي باغ ۾ وڃي پهتو، ۽ ٻير جي سامهون بيهي تير ڪمان تيار ڪري، وٺي جو ٻير جي وڻ ۾ تير هنيائين، ته قدرت سان ڪل ست ٻير اچي زمين تي ڪِريا. بادشاهه اهي ٻير کڻي، سڌو پنهنجي محلات ڏي آيو، ۽ هر هڪ راڻيءَ کي اچي هڪ هڪ ٻير کارايائين. خدا جي قدرت اهڙي، جو سڀني راڻين کي ڏهين مهيني پٽ ڄائو. بادشاهه خوش ٿيو، پر وري اچي فڪر لڳس ته  فقير سان وعدو ڪيو هوم ته هڪڙو پٽ کيس ڏيندس- سو، دل ئي نه چويس ته ڪو پٽ فقير کي ڏيان. نيٺ هڪ وڏو ڪوٽ ٺهرايائين، جنهن جي اندر ست ئي شهزادا پئي نپنيا ۽ چوبدارن کي حڪم ڪيائتن ته ڪوبه شهزادو ڪوٽ کان ٻاهر نه ڪڍيو وڃي. اهڙيءَ طرح ڪيترا ڏينهن گذري ويا... ۽ شهزادا، اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، اچي سمجهه ڀريا ٿيا، هڪڙي ڏينهن، فقير کي ويٺي ويٺي دل ۾ خيال آيو ته بادشاهه کي ته ضرور پٽ ڄاوا هوندا، پر بادشاهه مون کي هڪ شهزادو نه ڏنو؛ هاڻي هلي، بادشاهه کي ڏسان ته ڪهڙي حال ۾ آهي؟ سو سڌو آيو بادشاهه جي محل ڏي. چوبدارن وڃي بادشاهه کي ٻڌايو ته ”قبلا، هڪ درويش آهي، جو اوهان سان ملاقات ڪرڻ ٿو گهري.“ بادشاهه ٻڌڻ شرط يڪدم سمجهي ويو ته لاشڪ ساڳيو فقير آهي، جنهن سان قول ڪيو هوم... پر خير هلي ٿو منهن ڏيانس. پوءِ حڪم ڪيائين ته فقير کي باعزت وٺي وڃي مهمان خاني ۾ ويهاريو وڃي. چوبدارن فقير کي باعزت وٺي، وڃي مهمان خاني ۾ ويهاريو. بادشاهه به ٺهي سنڀري فقير وٽ ويو، ۽ وڏيءَ عزت سان فقير سان گڏيو. فقير بادشاهه سان حال احوال ڪندي، اشارو ڏنس ته ”سائين هاڻي پنهنجو قول پورو ڪريو!“ بادشاهه فقير کي صاف جواب ڏنو ته ”سائين، بابا، مون کي اڃا ڪو اولاد ڪونه ٿيو آهي.“ فقير کي پڪ هئي ته بادشاهه کي ست پٽ ڄاوا آهن، پر چپ ڪري، بادشاهه کان موڪلائي، واپس ويو، ۽ وڃي بادشاهه جي ڪوٽ جي ٻاهران، هڪ وڻ   هيٺ دونهين دکائي ويهي رهيو.

هڪڙي ڏينهن اهڙو اتفاق اچي بنيو، جو بادشاهه جي ستن ئي شهزادن پاڻ ۾ کينهي راند پيئي ڪئي، ته کينهو وڃي ڀت کان ٻاهر ڪريو. سڀني ڀائرن گڏجي ٻن ڀائرن کي مٿي چاڙهيو، ته وڃي بال کڻي اچن، جيئن هو ٻئي ٻائر هيٺ لٿا تيئن درويش به هنن کي ڏسي ورتو، ۽ يڪدم ڊوڙي اچي شهزادن وٽ پهتو. شهزادن کان پڇيائين ته ”اوهين بادشاهه جا

 

پٽ آهيو؟“ شهزادن چيو ”هائو، سائين بابا!“ نيٺ ڇوڪرن کي فقير چيو  ته ”بابا، منهنجو هڪڙو ڪم آهي- اهو ته مهرباني ڪري، ڪري آڻي ڏيو!“ شهزادن چيو ته ”هائو، بابا ٻڌاءِ!“ فقير هڪڙو لوٽو ڏيئي چين ته ”بابا، هي ته مون کي ماڪ سان ڀري آڻي ڏيو.“ شهزادا

”حاضر سائين“ چئي، ڀرسان ننڍڙن بيٺل ٻوٽن ڏي روانا ٿيا، اُتي وڃي هنن گهڻي ڪوشش ڪئي، ته ماڪ لوٽي ۾ گڏ ٿئي پر لوٽي ۾ ته ماڪ جو ڦڙو به نه پيو گڏ ٿئي. نيٺ هڪڙي چيو ته ”ادا ڪپڙو جهل ته آءٌ ان تي ماڪ کي ڌوُڻ ڏيان، ۽ پوءِ جڏهن اهو سڄو پُسي پوندو، تڏهن لوٽي ۾ نپوڙي وجهنداسين.“ ٻنهي ڄڻن ائين ڪيو، ته ٿوريءَ ئي ويرم ۾ لوٽو ماڪ سان ڀرجي ويو. پوءِ ٻنهي ڄڻن لوٽو آڻي فقير کي ڏنو، فقير لوٽو ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ شهزادن کان پڇيائين ته ”بابا، اهو ڪنهن جو عقل هو؟“ هڪڙي شهزادي ٻئي ڏانهن اشارو ڪري چيو ته ”اهو هن شهزادي جو عقل آهي.“ پوءِ ته فقير نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم، کڻندي اُن شهزادي کي رفو چڪر ٿي ويو، ۽ ان کي کڻي، اچي پنهنجي ملڪ کان نڪتو.

هڪڙي ڏينهن صبح ساڻ، فقير شهزادي کي چيو ته ”وڃي جهنگ مان ڇيڻا چونڊي آءُ، ته باهه ٻاريون.“ شهزادو ڪپڙو کڻي نڪتو ڇيڻا چونڊڻ، اڃا ٿورو اڳڀرو ويو ته ڏٺائين ته هڪ وڻ تي ٻه سرڻيون ويٺيون آهن، پر هڪڙي روئي پيئي ۽ ٻي ويٺي کلي. شهزادي کي تعجب لڳو سو سرڻين کان پڇيائين ته ”ڇو هڪڙي روئي ويٺي ۽ ٻي کِلي ويٺي؟“ تڏهن هڪڙيءَ جواب ڏنو ته ”تنهنجي سهڻي صورت ڏسي کلان ٿي؛“ ۽ ٻيءَ جواب ڏنو ته ”تنهنجي حياتي آهي باقي اڄوڪو ڏينهن، تننڪري ٿي رُئان.“ شهزادي چيو ”سو وري ڪيئن؟“ سرڻ جواب ڏنو ته ”هن بي ايمان فقير جو اهو دستور آهي جو جيڪو سهڻو ٻار آڻي، تنهن کي ائين ڇيڻا گڏ ڪرايو، پوءِ هڪڙي وڏي تئي چاڙهي، ان هيٺان باهه ٻاريندو آهي؛ پوءِ تئي گرم ٿئي، تڏهن اڳيان ڪري ڇوڪري کي ۽ پٺيان ٿئي پاڻ، ۽ وٺيو ڪڻاهه کي ڦِري؛ پوءِ ٻٽي ڦيرا ڏيو کنيو ڇوڪري کي ڌڪو ڏئي، ته ڇوڪرو ڌُو ڪڻاهه ۾، جتي ترجو ٽِڪي ٿيو پوي، ۽ هي آدمخور ان کي ڪڍيو کايو ڇڏي.“ شهزادي چيو ته ”پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟“ سرڻين چيس ته ”تون هاڻي هيئن ڪج، جو جيڏي مهل فقير توکي چوي ته ”ڦِر ڦِر چيلا؛“ ته تون چئجانس ’آگي گرو ته پيڇي چيلا!‘ شهزادو پوءِ ڇيڻا چونڊي، ڀري ٻڌي، سڌو اچي فقير جي آستاني تي پهتو. فقير به دستور موجب چلهه جي مٿان هڪ وڏي ڪڻاهه رکي، کڻي تيل سان ڀري ۽ چلهه ۾ ڇيڻا وجهي، وٺي ڇيڻن کي باهه ڏنائين. ڪجهه مهل کانپوءِ، جڏهن تيل ٽهڪڻ لڳو، تڏهن شهزادي کي چيائين ته ’ڦِرڦِر چيلا!“ ته شهزادي يڪدم چيو ته ”آگي گرو، ته پيڇي چيلا!“ فقير اهو ٻڌي، اڳيان پاڻ ٿي ڦرڻ لڳو، ۽ پٺيان شهزادو. اڃا ٻه ڦيرا مس ڏنائون ته وٺي جو شهزادي فقير کي ٿيلهو ڏنو ته ڌُوڪڻاهه ۾ اندر- بس ترجي ٽڪي ٿي پيو. شهزادي پوءِ يڪدم فقير جي ڪوٺيءَ مان ڪنجيون کڻي وڃي ٻيون ڪوٺيون کوليون ته گهڻيئي مال متاع ڏٺائين. پر هڪڙي جاري تي هڪڙو موتي پيل ڏٺائين، جو ڏاڍو پئي جرڪيو. هن اهو موتي کڻي کيسي ۾ وڌو، ۽ انهن ئي پيرن اتان وٺي ڀڳو. رستي تي آيو ته ڏٺائين ته اهي ئي سرڻيون ويٺيون آهن، پر کلن پيون. شهزادي انهن کان پڇيو ته ”هاڻ اوهين کلو ڇو پيون؟“ سرڻين جواب ڏنو ته ”اي شهزادا، اسين تنهنجي عقل تان کلون ٿيون، ته اهو تنهنجي کيسي ۾ جو موتي پيو آهي، سو تو ائين بيڪار سمجهي کڻي کيسي ۾ وڌو آهي، پر حقيقت ۾ اهو ڏاڍي ڪم وارو آهي!“ شهزادي پڇيو ته ”هن ۾ ڀلا ڪهڙو اسرار آهي؟“ سرڻين جواب ڏنو ته ”اهو موتي وات ۾ وجهڻ سان جهڙي شڪل تون چوندين اهڙي ٿي پوندي، ۽ وري وات مان ڪڍڻ سان اڳي وانگر ساڳيو ئي ماڻهوءَ جي شڪل ٿي پوندين. شهزادي آزمودي وٺڻ لاءِ موتي وات ۾ وجهي، وٺي چيو ته ”ڍڳو ٿي پوان!“ ته يڪدم شهزادو ڍڳو ٿي پيو ۽ وري موتي وات مان ڪڍيائين، ته ساڳئي صورت ۾ اچي ويو.

پوءِ شهزادو واٽ وٺي، پنهنجي ملڪ ڏي روانو ٿيو. ٿوري پنڌ کان پوءِ هڪ واٽهڙو گڏيس، جنهن چيس ته ”آءٌ غريب ماڻهو آهيان، منهنجي مدد ڪر!“ شهزادي چيس ته ”چڱو، آءٌ ڍڳو ٿي ٿو پوان، تون مون کي هلي وڪڻ- جيڪي پئسا ملنئي، سي وٺي وڃي حال پنهنجي مهل ڪجانءِ!“ اُن غريب شخص سندس شڪرانا بجا آندا، ۽ چيائينس ته ”اهو ته تون مون سان وڙ ٿو ڪرين!“ تنهن کانپوءِ، ڇوڪر مَڻڪو کڻي وات ۾ وڌو، ته ڍڳو ٿي پيو... ۽ اُهو غريب شخص اُن کي ڪاهي اُٿي هليو، رستي تي هڪڙا ڪُڙمي گڏين، جن کي ڍڳي جي ضرورت هئي. انهن اُن غريب شخص کان پڇيو ته ”ڀائو، اهو ڍڳو ڪيڏانهن ٿو ڪاهي وڃين؟“ اُن شخص وراڻي ڏني ته ”ادا وڪڻڻ ٿو وڃان.“ ُانهن پڇيس ته ”گهڻو ملهه آهي تنهنجي ان ڍڳي جو؟“ ان شخص پوءِ ڍڳي جو ملهه ٻڌايو... ۽ ڪڙمين کي به هئي جا ضرورت، سو جيترا هن پئسا چيا، اوترا پئسا هن کي ڏيئي، ڍڳو خريد ڪري، وڃي گهر بيهاريائون، جڏهن رات ٿي، تڏهن شهزادي وات مان موتي ڪڍيو، ته وري ساڳيو شهزادو ٿي پيو ۽ اُتان ڀڄي وري اچي انهيءَ ساڳي غريب شخص وٽ پهتو، ۽ چيائينس ته ”هاڻي آءٌ گهوڙو ٿي پوان، ۽ تون وري مون کي وڪڻي، ٻيا پئسا ڪماءِ، ۽ اڳو پوءِ قرض پکا لاهي، پنهنجا بند آزاد ڪراءِ.“

هوڏانهن قدرت سان  ڏاڍو ڪو اچي مينهن پيو- سو مينهن جون ڦڙيون جو اُن تر تي ٽِڪي ٿي ويل فقير تي پيون، ته يڪدم ٽِڪيءَ مان ڦري، وري اهو ساڳيو فقير ٿي پيو، اُٿڻ شرط هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ته ڏٺائين ته شهزادو به ڪونهي. وري يادگيري پيس ته شهزادو ته مون کي هن ڪڻاهه ۾ ڌڪو ڏيئي ڀڄي ويو هو. بس پوءِ ته نڪا ڪيائين هم نڪا تم، ورتائين کڻي رستو. نيٺ شهزادي کي ڳوليندي ڳوليندي، ڪنهن مهل ان شخص تي وڃي نظر پيس، جو اهو گهوڙو ڪاهيو پئي وڪڻڻ ويو. هيءُ به وڌي اچي گهوڙي وٽ پهتو ۽ ڏٺائين ته برابر اهو ساڳيو شهزادو آهي، پوءِ اُن شخص کان پڇيائين ته ”ميان، گهوڙو وڪڻندين؟“ واٽهڙوءَ جواب ڏنو ته ”هائو- انهيءَ لاءِ ته وٺيو پيو وڃانس.“ نيٺ فقير منهن گهري رقم هن کي ڏيئي اهو گهوڙو خريد ڪيو، ۽ خوش ٿي اچي پنهنجي ماڳ تي پهتو، ۽ گهوڙي کي خوب مضبوط ڪري ٻڌي ڇڏيائين. صبح جو گهوڙي کي وٺي واهه تي پاڻي پيارڻ لاءِ آيو. شهزادو يڪدم موقعو جانچي، ڏيڏر ٿي واهه ۾ گهڙي ويو، ۽ تکو تکو ترندو اُٿي ڀڳو. فقير به ڄرڪو بڻجي سندس ڪڍ ورتي. ڏيڏر ٻي ڪا واهه نه ڏسي، هڪدم هڪ مائيءَ پاڻيءَ جو دلو پئي ڀريو، اُن جي دلي ۾ گهڙي ويو ۽ مائي دلو کڻي پنهنجي گهر ڏي رواني ٿي. فقير به مائيءَ جي پٺ وٺي هلڻ لڳو، ۽ مائيءَ کي چيائين ته ”توکي هي پئسا ٿو ڏيان، تون اهو دلو ڀڃ.“ مائيءَ پهريائين ته فقير کي چريو ڪري سمجهيو، پر نيٺ جڏهن ڏٺائين ته فقير هيترا پئسا ڪڍيو پيو ڏي، تڏهن پئسا وٺي يڪدم کڻي دلو ڀڳائين. دلي جو ڀڄڻ ۽ پاڻيءَ جو وهي اُٿي هلڻ... پر ڏيڏر به ٽپڪيون ڏيندو، اُتي جو اُتي گاهه ۾ لڪي ويو. پوءِ فقير بيهي ڏيڏر کي ڳولڻ لڳو! اتفاق اهڙو ٿيو، جو اُتي هڪ مينهن پئي چِنو، سو گاهه سان گڏ اُن ڏيڏر کي به کائي ويئي. فقير ڏٺو ته اهو ته ظلم ٿي ويو جو مينهن ڏيڏر کي کائي ويئي، سو  ڀڄندو ڀڄندو سڌو آيو مينهن جي ڌڻيءَ وٽ، ۽ چيائينس ته ”مينهن جا پيسا وٺ، ۽ مينهن کي هتي جو هتي ڪُهه- گوشت توهان کائو، باقي پتو رڳو مون کي ڏجو!“ مينهن جي مالڪ قبول ڪيو ۽ مينهن جي قيمت وٺي مينهن کي کڻي ڪٺائين... پر وڌيندي ٽڪيندي اها ڳالهه وسري ويس ته پتو ڪو فقير کي ڏيڻو آهي، سو پتو ڪڍي، کڻي پري ڦٽو ڪيائين، مڄاڻ هڪ سرڻ اوڏيءَ مهل گوشت تي پئي لامارو ڏنو، تنهن کڻندي پتو وٺي مٿي لُوهه ڪئي. فقير به نڪا ڪئي هم نڪا تم، گرڙ پکي ٿي وٺي سرڻ جي پٺيان اُڏاڻو، سرڻ لامارو ڏيئي، اچي بادشاهه جي محلات تي ويٺي. فقير به سرڻ کان پتي ڇڏائڻ لاءِ، جهڙو لامارو ڏنو، تهڙو سرڻ جي چنبن مان پتو ڪري پيو ۽ وڃي بادشاهه جي محل ۾ ڪريو. شهزادو يڪدم هڪ بنهه انمول، نولکو هار بنجي وڃي شهزاديءَ جي ڳچيءَ ۾ پئجي رهيو. فقير يڪدم وري پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ ٿي، اچي محلات جي در تي صدا هنئي، ته ”الله جي نالي، اهو نو لکو هار ڏيو!“ شهزاديءَ فقير کي چيو ته ”اي فقير، ٻيو جيڪي کپئي سو گهر، پر نو لکو هار نه ڏينديس.“ نيٺ فقير انهيءَ ڏينهن ويو هليو، ۽ وري ٻئي ڏينهن آيو ۽ اچي محلات تي ڌرڻو ماري ويهي رهيو، شهزاديءَ گهڻو ئي سمجهايس، پر فقير باز نه آيو. نيٺ شهزاديءَ ڪاوڙ مان فقير جي اڳيان وٺي هار توڙيو، ته موتي موتي جدا ٿي ويو، ۽ اهي ڦري مڪائيءَ جا داڻا ٿي پيا. فقير، جو اهو حال ڏٺو، سو يڪدم ڪڪڙ ٿي ُاهي داڻا چڳڻ لڳو، اڃا پڇاڙيءَ جو داڻو ٿي چڳيائين، ته شهزادو يڪدم هڪ ٻلو ٿي پيو، ۽ وٺي جو ڪڪڙ جي ڳچيءَ ۾ وات وجهي سٽ ڏنائين ته فقير جو ڪنڌ ڀڄي پيو، بس پوءِ ته اُتي جو اُتي شهزادو يڪدم پنهنجي اصلوڪيءَ شڪل ۾ اچي شهزاديءَ جي سامهون بيهي رهيو. هيڏانهن شهزادي به ڏاڍي خوش ٿي... ايڏي خوش ٿي، جو بس چوڻ کان ٻاهر!

ٿورن گهڻن ڏينهن بعد، نيٺ شهزاديءَ جي شهزادي سان شادي وڏي ڌام ڌوم سان ٿي، ۽ پوءِ شهزادو پنهنجي ملڪ، راڻيءَ سميت روانو ٿيو ۽ اچي پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن سان  گڏيو.

 

●●●

 

فقير ۽ شهزادي

هڪڙو درويش فقير هو، جنهن کي هڪ ئي پٽ هو. سندس زال رضا ڪري ويئي هئي. پاڻ پيرسن ٿي چڪو هو، جنهنڪري ٻاهر نڪري نه سگهندو هو، ڇوڪرو پني ايندو هو، تڏهن پيٽ گذران ڪندا هئا. هڪ ڏينهن، فقير جو پٽ بادشاهه جي گهر پنڻ ويو. بادشاهه جي گهر وڏور ڌيءُ هن کي خيرات آڻي ڏني. ڇوڪرو شهزاديءَ جي حسن تي اڪن ڇڪن ٿي پيو، دل ۾ خيال ڪيائين ته ’بابي کي چوان ته بادشاهه کان ڌيءُ جو سڱ وٺي ڏي.‘ مڪان ۾ آيو ته گودڙي ڦٽي ڪري، لت ڏيئي، سمهي پيو. نه رڌائين نه پچايائين. پڻس چيس ته ”ابا اُٿي ماني پچاءِ ته کائون.“ ڇوڪري ڳالهائڻ کڻي بند ڪيو، چپ ڪيو پيو رهيو. فقير ڪيترو ئي مٿو هنيو، مگر ڇوڪرو ائين ڪڇي جهڙي ڀت. آخر فقير اُٿي پاڻ ماني ڪئي. ڪاوڙ مان پٽ کي مانيءَ جو ڀور به نه ڏنائين. پاڻ کائي، بالم ٿي، سمهي رهيو. ڇوڪر سڄي رات لنگهڻ ڪڍيو، صبح ٿيو ته فقير پٽ کي اٿارڻ لڳو، پر ڇوڪرو بت بڻيو ليٽيو رهيو. فقير وڏا وس ڪيا، پر ڇوڪري کڻي اکيون ٻوٽيون، سارو ڏينهن سمهيو رهيو. فقير گهڻو وقت هن جي آسري تي ويٺو، مگر هو اصل نه اٿيو. نيٺ هو پاڻ پنڻ لاءِ ويو، ۽ پني اچي رڌي پچائي کاڌائين، برابرٽي ڏينهن گذري ويا. ڇوڪري جون اکيون ڏرا ڏيئي ويون. تڏهن فقير پڇيس ته ”ڀلا، تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“ ڇوڪر اکيون کولي چيو ته ”بابا جيڪڏهن مون کي بادشاهه جي ڌيءُ پرڻائيندين ته اٿندس، نه ته مرندو مري ويندس، کٽ تان هيٺ نه لهندس.“ فقير اهو ٻڌي باهه ٿي ويو- چي، ”تون سڄو ڏينهن پنين سڪا ٽڪر، ۽ پرڻجين ٿو بادشاهه جي ڌيءُ!“ سڄي حياتي خواب لهندين ته به ڪجهه نه ورندءِ.“ڇوڪري کي ٽي چار ڏينهن گذري ويا،  ته نه کاڌو نه پيتو- سو پوين پساهن ۾ اچي ٿيو. فقير ڏٺو ته هاڻي ڇوري جو سر ٿو وڃي، مري ٿو، تنهنڪري پٽ کي چيائين ته ”اُٿ، کاءُ پيءُ، مان وڃان ٿو بادشاهه وٽ، جيڪڏهن ڪاوڙيو ته مارائيندو... باقي سڱ ڪونه ڏيندو.“ تڏهن ڇوڪرو ٽپ ڏيئي اُٿي کڙو ٿيو.

فقير صبح جو سويل اٿندي ئي وڃي بادشاهه جو در ورتو. بادشاهه به اک کولي، ته خبر پيس ته فقير در تي بيٺو آهي. بادشاهه پڇيس ته ”فقير، ڇا جو سوالي آهين؟“ فقير خوف کان ڏڪڻ لڳو. آخر ڏڪي ڏڪي، عرض ڪيائين ته ”سائين عرض ڪيان پر گناهه معاف ٿئي.“ بادشاهه کي هن تي ترس اچي ويو، ۽ چيائينس ته ”توکي گناهه معاف  آهي.“ فقير چيو ته ”سائين، منهنجي پٽ کي اڄ چوٿون ڏينهن ٿيو آهي، جو مانيءَ پاڻيءَ کي اکئين نه ڏٺو اٿس، چوي ٿو ته ’مون کي بادشاهه جي ڌيءُ پرڻاءِ.‘ سو سائينءَ جن وٽ عرض کڻي آيو آهيان... قبول پوي!“ بادشاهه ويو ته سڙي، مگر وعدو ڏيئي ويٺو هو، تنهنڪري ماٺ ۾ ويهي، فقير کي چيائين ته ”صبح جو سويل پنهنجي پٽ کي موڪل، ته مون سان ملي وڃي.“ فقير، اهو حڪم ٻڌي، وٺي ڀڳو، ۽ شڪرانا ڪيائين ته جان بچي. هاڻي پاڻيهي ڇورو بادشاهه جي منهن چڙهندو ته پتو پئجي ويندس.

ڇوڪرو خوشيءَ مان ٽپا ڏيڻ لڳو. سڄي رات خوشيءَ ۾ ننڊ ئي نه اچيس. صبح جو سوير وڃي بادشاهه جو در ورتائين. بادشاهه اک کولي ته خبر پيس ته ڇوڪرو در وٽ انتظار ڪري رهيو آهي. بادشاهه اُٿي اچي ڇوڪري سان مليو، ۽ پڇيائين ته ”ڇا جو سوالي آهين؟“ ڇوڪري چيو ته ”سائين سڱ جو طالبو آهيان.“ تنهن تي بادشاهه چيس ته ”منهنجو هڪ سوال آهي- يعني، ”ڀَلو ڀَل ڏيکار.“ جي سوال پورو نه ڪندين، ته سڱ ڪونه ملندو، ۽ حياتي وڃائيندين.“ ڇوڪرو ”حاضر سائين“ ڪري، واپس پوئتي موٽيو. فقير جو پٽ فقير ته اڳيئي هو. تنهنڪري هن کي گهمڻ ڦرڻ ۾ ڪا تڪليف يا آر ته اصل نه هو. سو ملڪان ملڪ گهمندو، جادوگرن جي ملڪ ۾ وڃي پهتو، ۽ هڪڙي جادوگر وٽ پڙهڻ ويهي رهيو. جادوگر چيس ته ”بابا ٻارهن مهينا پڙهڻ ۾ لڳندءِ.“ هن قبول ڪيو، ۽ جادوءَ جو علم سکڻ شروع ٿي ويو. ڇوڪرو هو سلڇڻو، ۽ رهندو به جادوگر جي گهر هو، تنهنڪري گهر جو سارو ڪم ڪار ڪندو هو. هن جي نمرتا ۽ سچيتائي ڏسي، جادوگر جي ڌيءُ هن کي دين جو ڀاءُ ڪري سڏيو. جڏهن ٻارهن مهينا گذريا، تڏهن جادوگر ڇوڪر کي چيو ته، ”بابا هينئر تنهنجو وقت ڀرجي چڪو آهي، سڀ علم مان تون واقف ٿي ويو آهين، سو توکي سڀاڻي پڳ ٻڌائيندس.“ ڇوڪر خوش ٿيڻ لڳو ۽ جادوگر جي ڌيءُ وٽ آيو. کيس چوڻ لڳو ته ”ادي، استاد مون کي سڀاڻي پڳ ٻڌائيندو.“ اهو ٻڌي ڇوڪري زار زار روئڻ لڳي. تنهن تي ڇوڪري چيس ته ”ادي روءُ نه، ڌڻيءَ گهريو ته آءٌ اوهان وٽ ايندو رهندس.“ ڇوڪريءَ جواب ڏنس ته ”ادا، مون کي توتي تمام ديا ٿي اچي، جو اهو منهنجو پيءُ ڏاڍو بي قياس آهي. هينئر توکي سڀ علم پڙهايو اٿس، مگر سڀاڻي توکي گهيٽو بنائي، ڪهي کائي ڇڏيندو، ائين هن ڪيترا ماڻهو ڪٺا آهن. تو اسان سان سٺو وقت گذاريو آهي، تنهنڪري توکي بچائڻ لاءِ وڏا ويس ڪنديس- پوءِ کٽن تنهنجا ڀاڳ.“

جڏهن صبح ٿيو، ته جادوگر ڇوڪر کي ويهاري ڪجهه پڙهڻ لڳو. ٿوريءَ دير ۾ ڇوڪرو گهيٽو ٿي پيو. جادوگر ڌيءُ کي سڏ ڪري چيو ته ”ڪاتي کڻي اچ.“ ڇوڪريءَ ڪاتي ته اڳيئي لڪائي ڇڏي هئي، سو هيڏانهن هوڏانهن نهاري پيءُ کي چيائين ”ڪاتي ته نٿي لڀي!“ اتي جادوگر ڌيءُ کي چيو ته ”تون گهيٽو جهل، ته آءٌ ٿو ڪاتي ڳولي اچان.“ ڇوڪريءَ گهيٽو جهليو، ۽ جادوگر ڪاتي ڳولڻ ويو. اتي ڇوڪريءَ گهيٽي جو رسو کولي، چيو ته ”ادا، هاڻي ڀڄ ۽ جان بچاءِ!“ ڇوڪرو پاڻ کي پکيءَ جي صورت ڪري، اُٿي اُڏاڻو ۽ ڇوڪريءَ وٺي دانهون ڪيون ته ”بابا، گهيٽو مون کان ڇڏائي ويو.“ جادوگر ڀڄندو آيو، ۽ اچي ناس هنيائين ڏٺائين ته ڇوڪرو توڻي ئي هڪ سو ڪوهه ڪري ويو آهي. هيءُ به باز ٿي ڇوڪر جي پويان پيو، ڇوڪر به گهڻو پنڌ پري نڪري ويو، پر جادوگر به اچي پهتس. ڇوڪر ڏٺو ته دشمن ويجهو پهچي ويو آهي، سو لڪڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. پريان هڪڙو گيدڙين جو لڏو ڏسڻ ۾ آيس، سٽ ڏيئي وڃي انهن ۾ لڪو. انهيءَ لڏي ۾ هڪ ڪراڙيءَ جي ٻڪري هئي، هيءُ ان جي پيٽ ۾ جادوءَ جي زور سان هليو ويو، ۽ جادوگر جو ڌڪ گسائي ويو. جادوگر لهي، وري انساني صورت ورتي، ۽ ناس هنيائين ته ڏٺائين ته ٻڪريءَ جي پيٽ ۾ آهي. سو گيدڙين کي چيائين ته ”اها ٻڪري مون کي کپندي آهي- اوهان ان جا پئسا وٺو.“ گيدڙين چيس ته ”ادا، اها ٻڪري اسان جي ڪراڙيءَ ماءُ جي آهي، سا ڪڏهن به ڪانه ڏيندي.“  جادوگر ٻڪريءَ لاءِ ٻڪ ناڻي جو ڏيڻو ڪيو ۽ چيائين ته گوشت به اوهين کائو، منهنجو رڳو اوجهريءَ ۾ ڪم آهي- اُها مون کي ڏجو.“ لاچار غريب گيدڙين قبول ڪيو، ۽ پئسا وٺي ٻڪريءَ کي کڻي ڪٺائون. جادوگر چين ته ”جنهن وقت اوجهريءَ تي اچو، ته مون کي ٻڌائجو.“ هنن ٻڪري ڪهي گوشت هڪ پاسي ڪيو، ۽ اوجهريءَ کي، هٿ وجهڻ لاءِ ٽنگ ڪڍي، پيٽ جي ڀنڊار مان جيئن ٻاهر ٿي ڪڍيو، تيئن ڇوڪر کي سوراخ نظر آيو، اتان نڪري وٺي ڀڳو. جادوگر به ڏسي ته مار، هتان به نڪري ويو، سو وري وٺي هن جي پويان اُڏاڻو... تان جو ڇوڪري کي اچي ويجهو پيو. ڇوڪرو، پاڻ کي باهه جي صورت ۾ آڻي، بادشاهه جي باغ ۾ گهڙي ويو، ۽ پوءِ وڃي هڪڙي ڏاڙهونءَ ۾ لڪي ويهي رهيو. جادوگر به پاڻي پاڻي ڪندو لٿو. سڄي باغ کي باهه لڳي ويئي. جادوگر پاڻي هاري، سڄو باغ وسايو، ۽ ڇوڪر کي ڳولڻ لڳو، اتي مالهي سڄي باغ کي ويران  ڏسي، روئڻ لڳو. سڄي باغ ۾ هڪ وڻ ڏاڙهونءَ جو بچيو، جنهن ۾ هڪ ڏاڙهون پڪل بيٺو هو. مالهيءَ اهو پٽي، بادشاهه کي آڻي ڏنو ۽ ساڻس باغ جو احوال ڪيو، بادشاهه اُهو ڏاڙهون پنهنجي ڌيءُ ڏي موڪليو، ۽ باغ جو احوال به چوائي موڪليائينس. بس، ڇوڪرو جنهن جو طالبو هو، تنهنجي هٿ ۾ پهچي ويو. هوڏانهن جادوگر سڄو باغ تپاسيو، ته هن کي ڇوڪري جي ڏاڙهونءَ ۾ لڪڻ جي خبر پئجي ويئي، ۽ ڏٺائين ته اهو ڏاڙهون شهزاديءَ وٽ وڃي پهتو آهي؛ سو هو بادشاهه وٽ ويو ۽ بادشاهه کي چيائين ته ”اهو ڏاڙهون جلد مون کي ڏيو، نه ته سڄي شهر جون جايون پٽي اونڌيون ٿو ڪريان.“ بادشاهه ٻانهيءَ کي حڪم ڪيو ته ”ڏاڙهون شهزاديءَ کان وٺي اچ.“ ٻانهيءَ اچي شهزاديءَ سان احوال ڪيو، ۽ ڏاڙهون گهريائين. ڇوڪري شهزاديءَ کي ڏاڙهونءَ مان اندران ئي عرض ڪيو ته ”شهزادي، آءٌ تنهنجي سام آهيان، سو مون کي بچاءِ، ان جي ترتيب هيءَ آهي ته جنهن وقت ڏاڙهون بادشاهه ڏي موڪلين، ته ٻانهيءَ کي چئج ته اُتي بادشاهه جي اڳيان ڏاڙهونءَ کي پٽ تي وٺي کڻي زور سان هڻي. شهزاديءَ ٻانهيءَ کي سمجهايو، ۽ ٻانهي ڏاڙهون کڻي ڪچهريءَ ۾ وڃي زور سان زمين تي هنيو ته ذريون ذريعو ٿي ويو. جادوگر پوءِ ڪڪڙ ٿي، انهن داڻن کي چڳڻ لڳو، ڇوڪرو اتي ٻلو ٿي، ماڻهن ۾ لڪي ويهي رهيو، ۽ جنهن وقت اهو جادوگر ڪڪڙ هن جي ڀرسان آيو، تنهن وقت هن جهٽ هڻي، ڪڪڙ جي منڍي ڀڃي وڌي ۽ کائي کپائي ڇڏيائينس. پوءِ انساني صورت وٺي، بادشاهه جي اڳيان ٻانهون ٻڌي بيهي رهيو، ۽ چيائينس ته ”قبلا، ڏٺو اسان جو انصاف!“ بادشاهه هي ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پنهنجي واعدي کي پاڻي ڏنائين- يعني، يڪدم ڇوڪري جي شادي پنهنجي ڌيءُ سان ڪرايائين- ڏسو ته سهي، ڇا مان ڇا ٿي ويو.

 

●●●

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org