سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -1

باب: -

صفحو :23

 

شينهن مار شهزادو

 

هڪڙي بادشاهه پنهنجي وڏهڙ ڌيءُ جو سڱ پاڙي جي هڪڙي شهزادي کي ڏنو. شهزادو هن سان ڳالهيون ته مٺيون مٺيون ۽ پيار ڀريون ڪندو هو.... پر ٻيو ڪو هٿ پير کڻي هن کي لائي- سو ٿيو خير! ۽ ائين سڄو سال گذري ويو. هڪ ڀيري شهزادي کي ساهرن وٽان ماڻهو آيا ته ’شهزاديءَ سميت اسان وٽان ڀيرو ڪري وڃو.‘ شهزادو ۽ شهزادي پوءِ گهوڙي تي سوار ٿي اوڏانهن روانا ٿيا. شهزادي جي ساهراڻي شهر ڏانهن وڃڻ جا ٻه رستا هئا: هڪڙو سڌو ۽ ويجهي پنڌ وارو هو، پر انهيءَ رستي تي هڪڙو ببر شينهن ڏسائبو هو، جنهنڪري ڪنهن کي به اهو رستو ڏيئي اوڏانهن وڃڻ جي همت ڪانه ٿيندي هئي؛ ٻيو رستو ڦيري تي ۽ ڊگهي پنڌ وارو هو، جنهن تي ڪوبه ڊپ ڊاءُ ڪونه هو. شهزادي ڇا ڪيو، جو چپڙي ڪري، سڌو ۽ ويجهي پنڌ وارو رستو کڻي ورتائين، ۽ وٺي گهوڙي کي هڪليائين. ڳوٺ ڇڏي، ٿورو اڳتي هليا، ته هڪڙو گهاٽو جهنگ آڏو آين، ۽ دل جهلي، شهزادو ان گهگهه اونداهيءَ جهنگ ۾ گهڙي پيو. اوچتو هڪڙو شينهن شير خدا جو، گهوڙي جي سنبن جو آواز ٻڌي، رستي تي اڳيان ڦري آين. شينهن کي ڏسي، شهزادو گهوڙي تان لهي پيو، ۽ کٻي هٿ ۾ گهوڙي جي واڳ جهلي، ساڄي هٿ ۾ مياڻ مان ترار ڪڍي، خدا کي سنڀالي، کڻي جو هڻي شينهن کي، ته ٻه ڳچ ٿي پيو. شينهن جو ڪم پورو ڪري، گهوڙي

تي چڙهي، وري ٻيئي زال مڙس هڪلي اٿي هلڻ لڳا. واٽ تي شهزادي راڻيءَ کي چيو ته ”خبردار! جيڪڏهن هيءَ ڳالهه مائٽن سان ڪئي اٿئي. شينهن ماريو آهي ته مون ماريو آهي، پر جي اها ڳالهه مائٽن سان ڪيئي، ته شينهن وانگر تنهنجي سسي به ڀرڙاٽ ڪندي ويندي.“ راڻيءَ وراڻيو ته ”جيڪڏهن اوهان جي مرضي ائين آهي، ته پوءِ مون کي ڳالهه ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو!“ پوءِ ٻيئي ڄڻا منزلون ڪندا، خير سان اچي ساهرين سهڙيا.

شهزادو ته بادشاهه وٽ ٻاهر درٻار ۾ ترسي پيو، باقي شهزادي وڃي پهتي محلات ۾- ۽ ماءُ ماسين، ۽ ڀيڻن ڀاڄاين سان ڏاڍي حب سان ملي ويهي رهي، ۽ ويهي هڪٻئي کي پنهنجا پراوا حال احوال ڏنائون ورتائون. شهزاديءَ جي اچڻ جو ٻڌي، اوسي پاسي جون ساهيڙيون ۽ جيڏيون به اچي گڏ ٿيون. ڪا سندس منهن ۾ چتائي پيئي ڏسي، ته ڪا وري سندس وکون پيئي جانچي تپاسي. نيٺ جڏهن جانچ پڙتال ڪري پوري ڪيائون، تڏهن نااُميد ٿي، ڳلن کي هٿ ڏيئي، ويهي هڪٻئي جي منهن کي تڪڻ لڳيون. چي، ”ٻڙي! توسان ڪهڙي پچار! جهڙو جيءُ کڻي وئينءَ، اهڙو ئي سکڻو جيءُ کڻي موٽينءَ! ڪين آحين ٻن جيئن واري! ڪجهه ته مائي اسان سان به ڇُلي ڳالهاءِ!“ شهزادي ويچاري شرم جي ماري، حال ته ٻيو ڪجهه به چئي نه سگهي... باقي ٿڌا ساهه کڻي کڻي، سڀني کي ڏڪائي ڇڏيائين. نيٺ گهڻين گُگڪين کائڻ کانپوءِ، ڌرتي ۾ اکيون گنوائي، چوڻ لڳي: ”ٻڙيون، وائي آنا ڪا پيٽ ڄائي لاهي، ته مان ڏوهارڻ.... ور، جو هوندو ڏهه ڏوڪڙ لسا، تنهن ۾ ڪنهن جو ڪهڙو قصور!“ انهيءَ تي شهزاديءَ جي ماءُ هڪدم بادشاهه کي گهرائي، پنهنجي منهن سموري حقيقت پيرائتي ڪري ٻڌايس. بادشاهه ڏاڍو غمگين ٿيو، ۽ پنهنجن خاص اميرن ۽ وزيرن سان ڪن ڪنڊ ۾ صلاح ڪيائين ته ”شهزادي ظلم جي منهن ۾ اچي ويئي آهي... هاڻي ڇا ڪجي؟“ سڀني صلاح ڏنس ته ”شهزاديءَ جا انهيءَ شهزادي مان هڪدم پَلو آزاد ڪرائجن، ۽ هن کي فوراً ڪٿي ٻئي هنڌ اٿارڻ جو بندوبست ڪجي!“

بادشاهه خيال ڪيو ته ’جي ٿو نياڻيءَ کان زوريءَ نڪاح ڇڏايان، ته به گِلا ٿيندي.... ۽ جي ٿو شهزادي کي ڳجهه ڳوهه ۾ مارايان، ته به ڳالهه ڍڪَي ڪانه رهندي، ۽ خدا جو ڏوهاري ڌار ٿيندس- جن کي خبر پوندي سي چوندا ته بادشاهه الائي ڪهڙيءَ لالچ تي ڌيءُ کان هڪڙو مڙس ڇڏائي، وري کڻي کيس ٻيو مڙس ڏنو!‘ تنهنڪري، سوچي سوچي، اميرن وزيرن سان گڏجي ويهي، بادشاهه آخر هيءَ رٿ بيهاري ته ’پنهنجي فلاڻي لڙهه ۾ هڪ خوفناڪ بلا رهي ٿي، جا ڪا به شيءِ ڏسي ٿي يا جيڪو به سامهون وڃيس ٿو، تنهن کي ماريو ٿي وجهي ۽ کايو کپايو ڇڏي- ڪيترائي دلير ۽ نالي وارا شڪاري اڳي ئي ختم ڪري ڇڏيا اٿس- سو، ڇو نه هن شهزادي کي به انهيءَ بلا جي منهن ۾ ڏجي!‘ اهو پهه ڪري، بادشاهه پڙهو ڏياريو ته ”اسان جي بادشاهيءَ ۾ جنهن به شخص ۾ جوانمرديءَ جو انگ هجي، سو مقرر ڏينهن تي شڪار ۾ شامل ٿئي- فلاڻي لڙهه ۾ هلبو!“ عام ماڻهن کي، جو خبر هئي ته انهيءَ شڪار ۾ وڃڻ موت کي سڏڻو آهي، تن مان ڪوبه شامل ڪونه ٿيو.... باقي بادشاهه جا ڪي خاص پڙهايل سيکاريل ماڻهو، هٿيار پنهوار پهري، گهوڙن تي سوار ٿي، مقرر ڏينهن تي ڊوڙي اچي گڏ ٿيا. هيءُ شهزادو به، پوريءَ طرح سان تيار ٿي، اچي انهن سان شامل ٿيو، پوءِ سڀيئي گڏجي، اٿي لڙهه ڏي روانا ٿيا. جڏهن هلندي هلندي، لڙهه جي ويجهو پهتا، ۽ شڪار جي حد ۾ پير پاتائون، تڏهن صلاح بيهاريائون ته ’شڪار تي هر ڪو پنهنجي پنهنجي منهن حملو ڪري، سامهون بيٺل وڏي وڻ وٽ ميلُ آهي- سڀڪو پنهنجو منهن وٺي وڃي... پوءِ جنهن کي منهن ۾ شڪار لڳي، اهو ان جي بلي- پنهنجا هٿ ڇڏائينس- تيسين ٻيا به جي سرزمين تي پهچي ويا، ته اهي به هن جي واهر ڪندا. پڇاڙيءَ ۾، جي جتان سي تتان، سڀ اچي انهيءَ وڻ وٽ گڏباسون.“ اها ڳالهه آڏو ڏيئي، هر ڪو پنهنجي پنهنجي منهن ٽڙي پکڙي هليو ويو.

شهزادو هو، سو ڏسيل وڻ کي اک ۾ رکي، پنهنجو گس ڏيئي، اڳتي هلڻ لڳو. باقي ٻيا سڀ ماڻهو، رٿيل منصوبي موجب، اٽڪل سان کسڪي، چپ چاپ واپس وڃي شهر ۾ پهتا. سڀني کي بنهه پڪ هئي ته شهزادي کي بلا کائي ويندي، ۽ هاڻي هميشه لاءِ هن مان جند ڇٽي. دل ۾ اها پڪ ڪري، سڀ شهزاديَ کي شينهن ڪلهي چاڙهڻ جي ڪم ۾ لڳي ويا، ۽ وٺي کڻي شهزاديءَ لاءِ هڪڙو جوانمرد گهوٽ تيار ڪيائون. دهل ۽ شرنائيون اچي ويون، بين واڄا شروع ٿي ويا. شهزاديءَ کي ونواه ۾ ويهاريو ويو. گهوٽ کي ڳانو ٻڌجي ويو، ۽ هو ٺهي جڙي، وڃي سجايل سيج تي ويهي رهيو. ڏاڍا منڊل مچي ويا. شهرن ۾ ڳيچن جي ڌم لڳي ويئي، ۽ چوڌاري تاڙين جو ٻٽڪو لڳو پيو هو. مطلب ته هر طرف خوشين ۽ شادمانن جا ميڙا متا پيا هئا. شهزاديءَ، ونواه واريءَ ڪوٺيءَ جي دريءَ مان، اهو سڄو لقاءَ ويٺي ڏٺو. جان کڻي گهوٽ ڏانهن نهاري، ته ڏسي ته گهوٽ هڪڙي ڪُئي کي پڇ کان جهليو مٿي کنيو بيٺو آهي، ۽ سس سميت جيڪي به ڀرسان بيٺل اٿس، تن کي ڪئو ڏيکاري، پيو چوي ته ”ڏسو هي ڪئو! منهنجي اڳيان ٿي لنگهيو، ته لت هڻي، ماري رکيومانس!“

هي تماشو ڏسي، شهزاديءَ جي حيرت جي حد نه رهي، ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته ’منهنجو اڳيون مڙس ته اهڙو هو، جو واٽ تي شينهن ماريائين، ته به مون کي جهلي ڇڏيائين ته اها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪج! ۽ هن مُئي ملڪ ۾ ماريو آهي هڪ ڪئو، سو به سڀڪنهن کي وتي ٿو ڏيکاريندو...! اهڙي هلڪڙي ۽ ٻٽاڪيءَ ماڻهوءَ مان آءٌ ڇا وٺنديس، جو پنهنجي شينهن مار مڙس کي بلا جي منهن ۾ ڏياري، هِن سان شادي ڪري ويهي رهان؟ اهو خيال ڪري، اٽل فيصلو ڪيائين ته ’اَهڙي پرڻي کي وجهجي ٻن ۾، تنهن کان ته آءٌ به وڃان ٿي ان بلا جي منهن ۾، جيڏانهن منهنجي مڙس کي ٺڳي ڪري موڪليو اٿن.‘ اهو ويچار ڪري، ڪيڏيءَ مهل هوءَ محلات مان کسڪي نڪري آئي، ۽ ماڻهن جي نظر بچائي، اٿي لڙهه ڏانهن ڊوڙڻ لڳي... ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي، آخر وڃي وڻ جي ويجهو پهتي. ڇا کڻي ڏسي ته قادر جي قدرت جو عجب رنگ لڳو پيو آهي- ازدها مئي پيئي آهي، ۽ ان جي ڀرسان شهزادو تلوار اڀي ڪيو بيٺو آهي! شهزادو به کڻي جو نظر ڪري، ته سندس سامهون شهزادي، سندس زال، بيٺي آهي! عجب ۾ پئجي، شهزاديءَ کان پڇيائين ته ”ڀلو ٿيئي، تون وري هتي ڪيئن؟“ شهزاديءَ چيس ته ”آءٌ پوءِ ٿي ٻڌايانءِ، پهرين ته تون پنهنجي خبر ڏي ته تون هت ڪيئن ٻڌو بيٺو آهين؟“ شهزادي چيو ته ”تنهنجي پيءُ جو هت اچڻ جو انجام هو، سو اڃا تائين نه پهتو آهي. مون کي ٻيو ته شڪار هٿ ڪونه لڳو، باقي هيءُ بلا منهن ۾ آيم، جنهن کي خدا جي حڪم سان، تلوار جي هڪ ڌڪ سان هڻي اڌو اڌو ڪري رکيو اٿم.“

شهزاديءَ ٿڌو شوڪارو ڀري چيو ته ”آءٌ هت توسان ملڻ ڪانه آئي هيس، پر مرڻ جي ارادي سان آئي هيس. تنهنجي لاءِ ته هي رڳو شڪار جو بهانو هو- حقيقت هيءُ آهي ته جڏهن ماءُ ماسين ۽ سرتين سهيلين مون کان ڏينهن مهينن جو پڇيو، ۽ مون کي تنگ ڪيائون، تڏهن مون چيومانِ ته ’منهنجو مڙس هونئن ته لک لهي، پر ٻيءَ ڳالهه جو گهوريو ڪونهي- الاجي ڪهڙي ويڌن اٿس... سو وائي آنا ته ڪا پيٽ ڄائي لاهي ته ڏيکاري؟ انهيءَ ڪري، رڳو توکان منهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ ئي، هيءَ ساري کيڏ کيڏي ويئي. توکان اڳ ناساريءَ بلا ڪيترا پهلوان ۽ ناليوارا شڪاري ماري کائي ڇڏيا هئا، تنهنڪري اهو خيال ڪيائون ته توکي به انهيءَ بلا جي ور چاڙهجي. توکي هيڏانهن موڪلي، پاڻ سڌو اچي منهنجي شاديءَ جو سعيو ڪيائون!“ اها ڳالهه پوري ڪري، پوءِ پنهنجي ٿيندڙ گهوٽ جي بهادريءَ جو قصو پڻ ڪري ٻڌايائينس. شهزادي، اها سموري ڳالهه ٻڌي، رب جا شڪرانا بجا آندا، ۽ شهزاديءَ کي چيائين ته ”منهنجي دل جي راڻي، مان ٻڌندو پيو هوس ته سهري جي بادشاهيءَ ۾ هڪڙي ازگر بلا رهي ٿي، جنهن ڪيترائي ماڻهو کائي ناس ڪري ڇڏيا آهن. مون دل ۾ پڪو پهه ڪيو هو ته جيستائين اها بلا نه ماريندس، تيستائين زال جي ويجهو نه ويندس. الله جي ڪرم سان اڄ منهنجو اهو وچن پورو ٿيو...“

ائين چئي، ڏاڍي محبت سان، شهزادو پنهنجي زال سان مليو، ۽ کيس گهوڙي تي وري به ٻيلهه چاڙهي، پر ٻاهرو ئي اچي، پنهنجي بادشاهيءَ ۾ پهتو. شهزادي واٽ تي پنهنجي زال کي چيو ته ”هاڻ ڪهڙو منهن کڻي وري پيڪين ويندينءَ...؟“ راڻيءَ وراڻيو ته ”منهنجو سر ۽ ساهه هاڻ توسان آهي... پيڪن ۾ منهنجو باقي ڇا رکيو آهي، جو هن کان پوءِ اوڏانهن وينديس!“

- ڪالهه ڏٺوسين ته شهزادي ۽ شهزاديءَ، محلات جي دريءَ ۾ بيهي، خوش راس، ڏاڍا  ڏاڍا ٽهڪ بيٺي ڏنا، ۽ تمام سرها ۽ خوش نظر پئي آيا.

       

●●●

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org