سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -1

باب: -

صفحو :6

 

شهزور بادشاهه

 

آڳاٽي زماني جي ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙو ڪو بادشاهه هوندو هو، جو بهادريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندو هو؛ جهڙس ٻيو ڪو ورلي هوندو، سندس نالو شهزور هو، ۽ هو ڇا ڪندو هو، جو صبح جو سويل اُٿي، گز ڪمان کڻي، پنهنجي زال وٽ ويندو هو، ۽ هن کي چوندو هو ته "تون وينڍي کي هٿ سان نڪ تي سنئون ڪري جهل، ته آءٌ ان جي وچ مان تير لنگهايان!" پوءِ ڪمان ڪشي، تير ان وينڍي مان لنگهائيندو هو، ۽ راڻيءَ جي نڪ کي ڪو به نقصان نه ٿيندو هو. پوءِ زال کان پڇندو هو ته “ڪيئن؟ دنيا ۾ ڪو مون جهڙو پهلوان هوندو؟” زال چوندي هيس ته “نه!” راڻي ويچاري انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ پئي ڳرندي هئي ته ڪنهن ڏينهن انهيءَ تير وگهي نه مري وڃان، ! هڪڙي ڏينهن سندس ماءُ وٽس آئي، ۽ پڇيائينس، ”ڇو ڌيءَ! روزانو ڳرندي پئي وڃين؟“ راڻيءَ چيس ته "امان منهنجو مڙس روزانو منهنجي وينڍي مان تير لهنگائيندو آهي، ۽ مون کي ڊپ آهي ته ڪنهن ڏينهن، جي اهو تير لڳي ويم ته مري وينديس، انهن ئي ڳڻتين ۾ ڳرندي ٿي وڃان." تڏهن ماڻس چيس ته "هاڻي تير هڻي، جڏهن تنهنجو مڙس تو کان پڇي ته مُون جهڙو ڪو ٻيو شهزور آهي؟‘- ته تون چئجانس ته ’ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ڪونهي‘؛ پوءِ هو پاڻهي چوندو ته ’آءٌ وڃان ٿو ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڏسڻ‘، اهڙيءَ طرح تون هن روز روز جي موت کان بچي پوندينءَ."

ٻئي ڏينهن دستور موجب تير هڻن بعد جڏهن شهزور راڻيءَ کان پڇيو ته "مون جهڙو ڪو ٻيو پهلوان آهي؟” تڏهن راڻيءَ چيس ته ”ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ڪونهي!" تڏهن شهزور ڪاوڙجي پيو ۽ چــيائين

 

 ته "جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ آءٌ وڃان ٿو ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڏسڻ.” زال توڙي مٽن مائٽن کيس گهڻو ئي روڪيو، پر هن ڪنهن جي به نه ٻڌي، ۽ تيار ٿي اٿي روانو ٿيو.

شهزور بادشاهه کي هلندي هلندي رات اچي هڪڙي بيابان ۾ پيئي، تنهن رات، هو اتي ئي ترسيو، ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اٿي وري هلڻ لڳو، سڏ کن پنڌ جو اڃا مس هليو ته ڏسي ته هڪ نوجوان شخص آسمان ڏي نهاري، پيو هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي؛ ايتري ۾ مٿان هڪ ڪونج اچي ڪري جا هن ڊوڙي وڃي کنئي! شهزور بادشاهه نوجوان جي اها بهادري ڏسي عجب ۾ پئجي ويو ۽ وٽس اچي چيائين "دوست! تو جهڙو پهلوان ته دنيا ۾ ڪو مشڪل هوندو!" تڏهن ان ڪونج مار شخص چيس ته “يار بهادر ته آهي شهزور بادشاهه، جنهن جي پرپٺ مون ياري مڃي آهي!" اتي شهزور بادشاهه چيس ته "اهو ته مان آهيان." تڏهن ڪونج مار يڪدم ڀاڪر پائي چيس ته “جيڪڏهن اهو تون آهي ته پوءِ هاڻي جيڏانهن تون، تيڏانهن مان." تڏهن شهزور چيس ته "جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ هل- جيڪا تنهنجي مرضي.” پوءِ ٻئي دوست گڏجي اڳتي هلڻ لڳا.

اڃا ٿورو پنڌ ڪري اڳتي پهتا ته ڏسن ته هڪ ٻڪرار آهي، جنهن جي ڪلهي ته ٻٻر جو وڻ آهي، پٺن تي ڪانبي ۾ ٻڪرين جا ڦر اٿس، ۽ هٿن ۾ سڻيءَ جو ڍيرو اٿس، جنهن کي ڪتيندو ڏاڍو مزي سان پيو اچي! جڏهن هي هن جي ويجهو پهتا، تڏهن شهزور بادشاهه چيس "ميان تو جهڙو پهلوان ته دنيا ۾ ڪو ورلي ملندو!” تڏهن ٻڪرار وراڻيو ته “ادا، پهلوان ته شهزور بادشاهه آهي، جنهن جي هاڪ ٻڌي، اوڏانهن پيو وڃان!” تڏهن شهزور ٻڌايس ته ”اهو ته مان آهيان!“ اهو ٻڌي ٻڪرار چيو ته “ادا، جيڪڏهن اهو تون آهين، ته پوءِ آءٌ به توسان، جيڏانهن توهين تيڏانهن آءٌ.“ اهڙيءَ طرح ٽيئي يار گڏجي اڳتي هلڻ لڳا.

ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ وري هڪ عجيب واقعو ڏٺائون. ڏسن ته هڪ نوجوان آهي، جو سؤ پـُـرهه اونهي کوهه جي تري مان ڪوڏر جو لپو امالڪ ٻاهر پيو اڇلائي! تڏهن شهزور کي ڏاڍو عجب لڳو، ۽ چيائينس، "دوست! تون ته وڏو بهادر ٿو ڏسجين!" تڏهن ان جواب ڏنس ته "ادا، بهادر ته آهي شهزور بادشاهه، جنهن جي مون پرپٺ ياراڻي قبولي آهي!" اتي ان کي به ٻڌايائين ته "اهو شهزور بادشاهه آءٌ آهيان." تڏهن انهيءَ نوجوان به وراڻيو ته "جي اهو بادشاهه تون آهين، ته پوءِ اوهان سان هلندس." پوءِ چارئي ڄڻا گڏجي اڳتي هلڻ لڳا.

اڳتي هلي هنن کي هڪ ٽـَـڪر ۾ اجهو وٺڻو پيو، ان ٽڪر ۾ هڪ لوهار رهندو هو، جنهن جو نالو هو ’ٽڪر ٽاڪو لوهار.‘ ان لوهار ٻن ٽڪرن جي وچ ۾ ويهي هڪڙي ترار پئي ٺاهي، پر مٿس ٽڪرن به حملو پئي ڪيو، لوهار انهن ٽڪرن کي ٺونٺن سان ڌڪي پري جهليو بيٺو هو، ۽ ترار به پئي ٺاهيائين! اهو واقعو ڏسي شهزور بادشاهه ۽ سندس يارن کي ڏاڍو عجب لڳو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هن جي ويجهو اچي سلام ورايائون، ۽ شهزور بادشاهه چيس ته “ٻيلي! تو جهڙو پهلوان ڪو ورلي لڀندو!" اتي ٽڪر ٽاڪو لوهار چيو ته ”ڀاءُ! پهلوان ته آهي شهزور بادشاهه، جيڪو روزانو پنهنجي راڻي جي وينڍيءَ مان تير لنگهائيندو آهي، ۽ ان لاءِ ئي ته هيءَ تلوار ٺاهي اٿم!" شهزور اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو سرهو ٿيو، ۽ چيائينس ته ”تون بيشڪ پهلوان آهين، تو کي ڀلي مائٽن ڄائو. اهو شهزور بادشاهه جنهن جي تون تعريف پيو ڪرين، اهو آءٌ آهيان، هاڻي اها امانت جا تو مون لاءِ تيار ڪئي آهي، سا مون کي ڏي!” لوهار يڪدم تلوار کڻي شهزور جي حوالي ڪئي ۽ پاڻ  به سنڀري انهن سان گڏ سفر تي تيار ٿيو.

پوءِ پنج ئي دوست گڏجي پيا، هلندي هلندي ٿوري پنڌ کان پوءِ هنن کي هڪ ٻيو عجيب لقاءُ ڏسڻ ۾ آيو، ڏسن ته جوان مڙس پنهنجي سٿڻ جا وَرَ پيو کڻي، هن کان پڇيائون ته "ڇا ٿو ڪرين؟" چيائين ته “آئون هٿن سان هرڻ جهليندو آهيان، ۽ هينئر به ڪجهه هرڻ تاڙيا اٿم.” ائين چئي اوچتو وٺي ڊوڙ پاتائين ۽ ٿوري دير کان پوءِ ڏسن ته هو ٻه هرڻ جهليو ڀاڪر ۾ کنيو ڀڳو اچي! هرڻ ڏسي شهزور ڏاڍو خوش ٿيو، پوءِ هن کي به ساڳي حقيقت ٻڌائي، پاڻ سان کنيائون.

هلندي هلندي، ڪهندي ڪهندي، کين هڪ هنڌ رات پئجي ويئي. سڀني کي بک به ڏاڍي لڳي. شهزور بادشاهه چين ته "هاڻ توهان مان هڪ ڄڻو وڃي ڪنهن ويجهيءَ بستيءَ مان ٽانڊو کڻي اچي، ته ڪو کاڌي جو بندوبست ڪريون.” هونءَ ته هر ڪو پنهنجي فن ۾ قابل ۽ پهلوان هو، پر پهريائين ڪونج مار همراهه کي ٽانڊي کڻڻ لاءِ موڪليائون. جڏهن اهو جواب بستيءَ ۾ پهتو تڏهن ڏٺائين ته ٽانڊي جو مچ پيو ٻري، ۽ هڪ پوڙهو فقير اتي ويٺو آهي. ڪونج مار همراهه ايندي ئي هٿن سان ٽانڊو کڻڻ لڳو. تڏهن ان پير مرد چيس "ابا، هي چمٽو پيو آهي، ان سان ٽانڊو کڻ!" ڪونج مار جوان سوچيو پوڙهو چوي ٺيڪ ٿو، سو نوڙي چمٽو کڻڻ لڳو، فقير يڪدم سسيءَ ۾ هٿ وجهي کڻي گوڏن ۾ هنيس،

جڏهن ڪونج مار جوان واپس نه موٽيو تڏهن هنن سمجهيو ته "هن ياري ڪانه نڀائي، ۽ سنگت ڇڏي ڀڄي ويو.” آخر وري ٻڪرار کي ٽانڊي کڻڻ لاءِ موڪليائون، پر اهو به نه موٽيو، ان کان پوءِ وري کوهه واري همراهه کي موڪليائون، ان سان به فقير ساڳي حالت ڪئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ لوهار ويو، پر اهو به واپس نه موٽيو. جڏهن لوهار به واپس نه موٽيو، تڏهن شهزور بادشاهه سمجهيو ته ضرور ڳالهه ۾ ڪجهه رولو آهي. سو هرڻ واري همراهه کي اتي ويهاري پاڻ ٽانڊي کڻڻ لاءِ روانو ٿيو. شهزور بادشاهه جڏهن اتي پهتو ته فقير کي ويٺل ڏٺائين. شهزور بادشاهه سمجهي ويو ته اها کيڏ مڙئي هن فقير جي آهي؛ سو ويندي شرط بنا ڪنهن ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي پاسو وٺي ٽانڊو کڻڻ لڳو، فقير ٻين وانگر هن کي به چيو ”ابا ائين هٿ سڙندئي - هي چمٽو کڻي، ان سان ٽانڊو کڻ!“ شهزور هڪ ته بادشاهه، ٻيو پهلوان، ٽيون وري کيس خدا عقل به ڪافي ڏنو هو، سو ٽيڏي اک سان فقير کي به جاچڻ لڳو ۽ ٻئي طرف هٿ وڌائي چمٽو به کڻڻ لڳو، فقير جو هٿ هريو بيٺو هو، سو جيئن هٿ وڌائي شهزور کي جهليائين، تيئن شهزور بادشاهه ڦڙتائي سان اٿندي ٺڪاءُ جو کڻي ٿڦڙ ڪرائينس، ته فقير سڄا سٺ قدم پري وڃي ڪريو، ۽ شهزور جا سڀئي ساٿي هڪ هڪ ٿي فقير جي گوڏن مان نڪري اچي شهزور ڀيڙا ٿيا، فقير جڏهن هوش ۾ آيو تڏهن سڌو اچي شهزور جي پيرن تي ڪريو، ۽ چيائينس ته "تو مون کي پهرين ڇو نه ٻڌايو ته تون شهزور آهين؛ مان ته پرپٺ تنهنجو يار آهيان. جي هو مون کي ٻڌائين ته ’اسين شهزور جا ساٿي آهيون.‘ ته آءٌ هنن جي وار جو به نالو نه وٺان ها، پر هاڻي مون کي معاف ڪر ۽ مون کي پنهنجو دوست سمجهه، هاڻ مان اجهو ٿو سيڌو کڻي اچان، پوءِ رڌي توهان به کائو ۽ مون کي به کارايو."

اهو فقير ديون جو سردار هو، جو شهزور جي ڳولا ۾ ماڻهوءَ جي صورت ۾ فقير ٿي، اچي اتي ويٺو هو، ٿوريءَ دير کان پوءِ وٽس ڪا مشڪ جي دٻلي هئي، تنهن کي کوليائين، ته ديو ديو جي ذات اچي گڏ ٿي، ۽ اک ڇنڀ ۾ الائي ڪٿان ڪٿان چانورن جون ڳوڻيون ۽ گيهه، مرچ، مصالحا ۽ ٻيا ڀانت ڀانت جا کاڌي جا سامان آڻي ڪٺا ڪيائون. شهزور به وري اهڙي ته لذيذ ماني تيار ڪئي، جو هو ديون جو سردار، جو ڪن ڏينهن جو ڪو بکايل هو، تنهن بنهه دل تي کائي ڪيو ڍؤ. اها رات اتي رهيا ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ان "فقير" کي ساڻ وٺي شهزور بادشاهه ساٿين سميت اٿي پنڌ پيو.

هلندي هلندي هڪ نئين شهر ۾ اچي نڪتا،  مڄاڻ تن ڏينهن ان شهر جي بادشاهه جو پٽ مري ويو هو؛ پر لاش کي جيڪي به ڪانڌي مقام تي کڻي ٿي ويا، اهي واپس نه ٿي موٽيا، باقي لاش هر هر واپس موٽي ٿي آيو! ان ڪري بادشاهه جو حڪم هو ته جيڪو به ٻاهريون ماڻهو اچي،ته لاش ان کان کڻائي قبرستان ڏانهن موڪليو وڃي، سو هي ست ئي يار فقير سميت، سج لٿي ساڻ جيئن ان شهر ۾ پهتا، تيئن بادشاهه جي ماڻهن کين پڪڙي، وڃي بادشاهه وٽ پيش ڪيو، جنهن کين يڪدم لاش کڻائي ڪانڌي ڪري مقام ڏانهن روانو ڪيو، جڏهن شهزور بادشاهه ۽ سندس ساٿي اتي پهتا، تڏهن کين اتي رات پئجي وئي، شهزور ۽ سندس ٻيا ساٿي سمهي پيا، باقي پهرئين پهر لوهار پهرو ڏيڻ لڳو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪ پوڙهو ڪن پٽ جوڳي آيو، جنهن اچي مرليون وڄائڻ شروع ڪيون. مرلين جي آواز تي لاش جي وات ۾ اچي گف پيئي ۽ آهستي آهستي سندس بدن مان هڪ ڪارو نانگ نڪتو، جو مرلين جي وڄت تي ناچ ڪرڻ لڳو، ۽ شهزادو ڪلمو پڙهي، نوبنو ٿي اٿي ويهي رهيو. لوهار به سڀ لقاءُ پئي ڏٺو، تنهن وجهه وٺي تلوار هڻي نانگ کي ماري وڌو، ۽ کڏ کوٽي کڻي ان ۾ نانگ کي پوري ڇڏيائين، پوءِ پنهنجو پهريون پهر پورو ڪري هرڻ واري همراهه کي اٿاري، شهزادو ۽ پاڻ چپڙي ڪري سمهي رهيا.

هرڻ واري همراهه کي پهرو ڏيندي اڃا ٿوري دير گذري هئي ته ڏسي ته ٽي پريون لهي آيون ۽ هڪ چؤپڙ سنئين ڪري، ان تي ويهي راند کيڏڻ لڳيون، هرڻ واري همراهه به وجهه وٺي هڪ ئي ڌڪ سان ٽنهي کي پورو ڪري چؤپڙ کڻي ور ۾ هڻي ڇڏي، ۽ پوءِ پنهنجو پهروپورو ڪري وري فقير يعني ديون جي سردار کي اٿاري پاڻ سمهي پيو.

فقير کي پهرو ڏيندي، اڃا ٿورو ئي وقت ٿيو هو ته ڏسي ته ڪا شيءِ آهي، جا مقام ۾ هل ڪري بيٺي آهي، ويجهو وڃي ڏسي ته هڪ ڏائڻ آهي، جا ڪنهن تازي مئل ماڻهو جو هانءُ ڪڍيو پيئي کائي، ۽ دانهون پئي ڪري. فقير به لڪي لڪي وڃي ٺڪاءُ جو ڌڪ ڪرائيس ته ڏائڻ جو ساهه نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو، جهڙي هئي ئي ڪا نه! آخير فقير به پنهنجو پهري جو وقت پورو ڪري شهزور کي اٿاري، پاڻ اچي سمهي پيو.

شهزور بادشاهه کي به اڃا گهڙي کن مس ٿي هئي ته سڄي مقام مان رڙين جا آواز اچڻ لڳس. شهزور بادشاهه به يڪدم ترار هٿ ۾ کڻي، انهن رڙين جي آواز ڏانهن هلڻ لڳو. جڏهن ويجهو پهتو، ته ڏسي ته ننڍن ٻارن جو گوڙ لڳو پيو آهي- سڀ پيا رڙيون ڪن، شهزور ڇوڪرن کان پڇيو ته "توهان سان ڪهڙي ويڌن آهي، جو رڙيون پيا ڪريو؟" تڏهن ڇوڪرن چيس ته "هاڻ ٿوريءَ دير ۾ ست سسيو راڪاس ايندو، پوءِ جيڪو به اسان ۾ ٿلهو ڏسندو، ان کي کائي ويندو. خدا جي واسطي اسان جي جان بچاءِ!“ ايتري ۾ ست سِسيو راڪاس به اچي ڪڙڪيو. شهزور بادشاهه هڪ طرفان ٿي بيٺو، ۽ راڪاس جون پهرئين ئي ڌڪ سان ست ئي سسيون لاهي، ان کي ماري رکيائين، ۽ ان جو ڪن پڇ وڍي، ور ۾ هڻي، اچي سمهيو.

آخر صبح ٿيو ۽ شهزور بادشاهه ۽ سندس ساٿي بادشاهه جي پٽ کي صحيح سلامت وٺي واپس موٽيا. جڏهن بادشاهه وٽ پهتا، تڏهن بادشاهه کي چيائون ته ”جيڪڏهن اسين توکي پنهنجو پٽ بلڪل چڱو ڀلو ڪري ڏيون، ته پوءِ اسان کي ڪهڙو انعام ڏيندين“ بادشاهه چيو ته ”جي توهان مون کي منهنجو پٽ چڱو ڀلو ڪري ڏيو ،ته آءٌ توهان کي اڌ راڄ ۽ اڌ ڀاڳ ڏيندس، ۽ پنهنجي وڏي ڌيءَ به توهان کي پرڻائيندس.“ سڀني اها ڳالهه منظور ڪئي، ۽ شهزور بادشاهه جي صلاح سان، شهزادي جي ٻانهن ان بادشاهه جي هٿ ۾ ڏيئي، سندس شهزادي ڪونج واري پهلوان کي پرڻايائون، ۽ شهزور بادشاهه جو خنجر هن کي نشانيءَ طور ڏيئي، ٻيو ٻڪرار به ان جي خدمت لاءِ اتي ڇڏي پاڻ وري اڳتي هلڻ لڳا.

هلندي هلندي، هنن کي رات پئجي ويئي، پر هي هڪليندا هڪليندا نيٺ هڪ ٻيءَ بادشاهيءَ ۾ اچي پهتا، ۽ هڪ هنڌ رهي پيا، فقير کي حڪم ڪيائون ته ”تون ڪٿان سيڌو آڻ، ته ماني تيار ڪريون.“ ٿوريءَ دير ۾ فقير سيڌو آڻي حاضر ڪيو، ۽ هرڻ واري همراهه ماني تيار ڪري ورتي.

 مڄاڻ اتي ڪو ٻيو به راڪاس رهندو هو. ان ملڪ جو بادشاهه ان راڪاس کي روزانو هڪ گاڏي چانور، هڪ سانهه پاڏو، ۽ هڪ ماڻهو ۽ اواڏو پاڻيءَ ۾ ڏيندو هو؛ تنهنڪري انهيءَ مصيبت کان بچڻ لاءِ بادشاهه چوڌاري پڙهو گهمائي ڇڏيو هو ته ’جيڪو به انهيءَ راڪاس کي ماريندو، ان کي اڌ راڄ، اڌ ڀاڳ، ۽ وڏي ڌيءَ پرڻائيندس!‘ سو جڏهن هرڻ واري همراهه اها ماني تيار ڪري رکي، تڏهن اهو راڪاس ”ٻلي“ تي چڙهي آيو، ۽ هرڻ واري کي ٻڌي، سڀ ماني کائي ويو. جڏهن هن کان پڇيائون ته ”ماني ڪٿي آهي؟“ ته هرڻ واري چيو ته ”ماني مون کائي ڇڏي!“ تڏهن سڀني چيس ته "ادا چڱو ڪيئي." ٻيءَ رات وري ٻئي کي ويهاريائون، ان سان اها حالت ٿي. ساڳيءَ طرح پوڙهو فقير تائين سڀني سان اها حالت ٿيندي رهي، پر سچي ڪنهن به ڪا نه ڪئي. آخري رات جڏهن شهزور بادشاهه جو وارو آيو، تڏهن هو به طعام تيار ڪري ويهي رهيو، ته ڪنهن مهل سڄيءَ جاءِ ۾ گهنگهرن جو آواز جو شور مچي ويو. شهزور وائڙو ٿي، هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو، ته ايتري ۾ اهو ساڳيو راڪاس، جو روزانو شهزور جي ساٿين کان ماني کائي ويندو هو، سو آيو ۽ روزانيءَ عادت وانگر بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا جي، اچي ٿانون جا ڍڪ لاهڻ لڳو. شهزور يڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو، هڪل ڪري پڇيائينس ته "ڪير آهين؟" تنهن تي ان "ٻلي" تي سوار چيس ته "آءٌ راڪاس آهيان؛ مون سان گوڙ نه ڪر! جي پنهنجو خير گهرين، ته ماٺ ڪري ويهي رهه؛ آءٌ نٿو گهران ته ڪو تو جهڙو جوان منهنجي هٿان مري!" شهزور بادشاهه ڪڙڪي سان چيس "پر آءٌ ته چاهيان ٿو ته تو جهڙو منحوس منهنجي هٿان مري!" اها ڳالهه ٻڌي راڪاس تپي باهه ٿي ويو، ۽ اٿندي ئي شهزور تي وار ڪيائين، پر شهزور ته اڳ ۾ ئي مڃيل پهلوان هو، تنهن وجهندي ئي ٻکُ، ٻه چار اندريان ٻاهريان جانٺا جو هنيس ته ڦان ڪري اچي هيٺ ڪريو؛ شهزور به ٽپ ڏئي چڙهي ويٺس سيني تي، ۽ ترار ڪڍي ٿي ڪٺائينس، ته راڪاس چوڻ لڳس: ”يار تو مون کي دغا ڪري جانٺا هڻي ڪيرايو آهي، اها ڳالهه ٺيڪ نه آهي!“ پر شهزور بادشاهه هڻندي ئي ترار اُتي ئي پورو ڪري رکيس. پوءِ سندس ڪن پڃ وڍي، سڌو اچي اُتي جي بادشاهه کي ثبوت طور ڏنائين، ۽ پوءِ ان کان اڌ راڄ اڌ ڀاڳ وٺي، هرڻ واري کي ڏنائين، ۽ بادشاهه جي ڌيءَ به هن کي پرڻايائين. پوءِ ان کي اتي ڇڏي، ۽ کوهه وارو همراهه هن جي خذمت لاءِ اتي مقرر ڪري، وري اڳتي هلڻ لڳا. هلڻ وقت هرڻ واري پهلوان کي هڪ ڪپ نشانيءَ طور ڏنائين، ۽ چيائينس ته "جڏهن هي ڪپ ڪٽجي ته سمجهه ته منهنجو خير ڪونهي."

هلندي هلندي، هنن کي هڪ ٻيلي ۾ رات پئجي ويئي، ۽ رات گذارڻ لاءِ لاچار هنن کي اتي ئي رهڻو پيو. انهيءَ ۾ هڪ آفت رهندي هئي، جنهن جي خوف کان شينهن شير خدا جا به ٻيلو ڇڏي ڀڄي ويا هئا. ان ٻيلي ۾ هڪ شهمير نالي ڌاڙيل به رهندو هو، جنهن شهر مان هڪ شهزادي کڻي اچي ان ٻيلي ۾ ويهاري هئي. ان رهزن وٽ ڪجهه مينهون ۽ هڪ ڪتو به هو، جن جي وسيلي هو انهيءَ خوفناڪ آفت کان پاڻ بچايو ويٺو هو. جڏهن شهزور بادشاهه ۽ سندس ساٿي، لوهار ۽ فقير، ٻيلي ۾ هلڻ لڳا، تڏهن کين اها جاءِ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن اها راڻي رهندي هئي. ان وقت اهو ڌاڙيل مينهن چارڻ لاءِ جهنگ ۾ ويل هو، ۽ راڻي اڪيلي ان جاءِ ۾ ويٺي هئي. هي سڌو ان جاءِ ۾ گهڙي ويا، ۽ ان مائيءَ کي چيائون ته ”اسين مسافر آهيون، ۽ ڏاڍي بک لڳي اٿئون؛ جيڪڏهن اسان کي ماني کارائيندينءَ ته تو کي ثواب ملندو!“ راڻيءَ هنن کي ماني انهيءَ شرط تي کارائي ته ’ماني جهوليءَ ۾ وجهي کائيندا به وڃو، ۽ ڀڄندا به وڃو؛ ڇو ته ان شهمير بدمعاش وٽ جيڪو ڪتو آهي، سو ٻارنهن ميلن اندر ڪنهن به مسافر کي جيئرو نه ڇڏيندو آهي.‘

شهزادو ته ڪافي عقلمند هو، سو يڪدم هيءُ راز سمجهي ويو ته ضرور بدمعاش هن شهزاديءَ کي ڪٿان زوريءَ کڻي آيو آهي ۽ هيءَ معصوم زبردستي پنهنجي جواني سورن ۾ پيئي ساڙي. ٿوريءَ دير کان پوءِ شهزاديءَ هنن کي ماني تيار ڪري، آڻي ڏني ۽ کين ڀڄڻ لاءِ هوشيار ڪيائين. شهزور بادشاهه ماني کڻي ميل ٻن پنڌ تي وڃي، پنهنجي ساٿين کي سڏي صلاح ڪئي ته ”هن شهزاديءَ کي انهيءَ آزار مان آزاد ڪري پوءِ اڳتي هلنداسون.“ اها صلاح ڪري سڀئي گڏجي هڪ وڻ تي چڙهي ويهي رهيا.

سج لٿي کانپوءِ، شهمير بدمعاش به مال ڪاهي گهر موٽيو. ڪتي ايندي شرط جو اتي ڌارين ماڻهن جا پير ڏٺا، سو پير سونگهندو اوڏانهن رخ رکيائين، جيڏانهن شهزور بادشاهه ويو هو. شهمير ڌاڙيل به اهو رنگ ڏسي، گرز کڻي ڪتي جي پويان وڃڻ لڳو؛ هلڻ وقت راڻيءَ تي ڪجهه ڪاوڙيو ته ڌارين ماڻهن کي ڇو ٿي گهر ۾ اچڻ ڏنائين.

خير، قصو ڪوتاهه، ڪتو پير سونگهندو اچي اتي پهتو، جتي شهزور بادشاهه ۽ سندس ساٿي وڻ تي چڙهيا ويٺا هئا. ڪتي اچڻ سان وڻ تي ٽپ ڏيڻ شروع ڪيا، پر وڻ تي چڙهي نه سگهيو، ۽ اتي ئي هيٺ ويهي سهڪڻ لڳو. شهزور بادشاهه جي ساٿين جو ته ساهه ئي سڪي ويو هو، باقي شهزور بادشاهه هوشيار ٿي سڀ رنگ جانچي رهيو هو. هن ڏٺو ته هينئر ڪتو سهڪي پيو پر ٿڪ ڀڃي وري بل ڏيڻ شروع ڪندو، اڃا ان خيال ۾ هو ته سندس نظر اوچتو شهمير تي پئي، جيڪو پريان گرز کڻيو پئي آيو، هن سوچيو ته اهو ضرور اسان کي مارڻ پيو اچي، سو ڇا ڪيائين جو اڃا شهمير ان وڻ هيٺ پهتو ئي مس ته مٿانس کڻي پنهنجي سامان واري هڙ اڇليائين، هڙ جي ڪرڻ سان ڪتي سمجهيو ته مٿان ڪو ماڻهو ڪريو آهي، سو ڏيندي ٽپ هڙ تي چڙهي ويو ۽ هڻندي چڪ شهمير جا آنڊا اوجهريون ڪڍي رکيائين، شهمير ويچارو اتي ڦٿڪي مري ويو ۽ ڪتو وري وڃي پريان ڊٻ تي ويهي رهيو، شهزور بادشاهه جي مرضي اها هئي ته هي بدمعاش مري، سو وجهه وٺي ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو ۽ شهمير وارو گرز کڻي ٺڪاءُ جو ڪرائي ڪتي کي، ته ڪتو اتي ڍير ٿي پئجي رهيو.

ان وقت رات ٿي ويئي هئي، تنهن ڪري هيءُ وري به وڻ تي چڙهي ويهي رهيا، اڃا رات ٿوري گذري هئي ته هڪ ٻلي جهڙي آفت اچي وڻ هيٺ نڪتي ۽ هنن کي وڻ تي ويٺل ڏسي، اها آفت وڻ تي چڙهڻ لڳي. شهزور بادشاهه جڏهن آفت کي مٿي چڙهندو ڏٺو، تڏهن لڪي گرز هنيائينس. پر گرز جو هن تي ڪو به اثر نه ٿيو - رڳو هيترو ٿيو، جو مٿي چڙهڻ کان بان ڪري بيهي رهي. آفت جڏهن وڌيڪ مٿي نه چڙهي سگهي، تڏهن بيهي ان وڻ جون پاڙون کوٽڻ شروع ڪيائين، قدرت سان جڏهن پاڙون ٻيون پٽي دنگ ڪيائين ۽ باقي هڪ پاڙ رهي، سا جيئن زور ڏيئي ٿي پٽيائين، تيئن وڻ به ٽڙڪاٽ ڪري اچي ان آفت جي مٿان ڪريو ۽ اها آفت اتي ئي ان وڻ هيٺان دٻجي مري ويئي، اها رات ته اتي ئي ٽيئي ڄڻا ويچارا وڻ جي اوٽ ۾ لڪا ويٺا رهيا، پر صبح جو جڏهن ڏٺائون ته اها آفت ان وڻ هيٺ مئي پيئي آهي، تڏهن ڏاڍا سرها ٿيا. پوءِ شهزور بادشاهه ان جو ڪن پڇ وڍي پاڻ سان کنيو، ۽ ٽئي دوست گڏجي شهزاديءَ ڏي وڃڻ لڳا.

ٿوريءَ دير ۾ هي ٽيئي ڄڻا اچي ان شهمير واري شهزاديءَ وٽ پهتا، ۽ شهزور بادشاهه کيس ڪتي، شهمير ۽ آفت جي مرڻ وارو سمورو قصو ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايائينس ته "منهنجو نالو شهزور بادشاهه آهي." راڻيءَ هنن کي ٻڌايو ته "آءٌ به هڪڙيءَ ولايت جي بادشاهه جي ڌيءَ آهيان، پر بدقسمتيءَ سان هن شهمير بدمعاش مون کي آڻي هن جهنگ ۾ ڦٽو ڪيو آهي، پر وري به خدا جو شڪر آهي جو توهان جي مدد مون کي هن ڌاڙيل جي مصيبت مان ڇڏايو آهي.“

شهزور بادشاهه ان وقت ئي پنهنجي ساٿين کي سنڀرائي تيار ٿي شهزاديءَ کي وٺي اچي ان ولايت پهتو، ۽ اتي جي بادشاهه وٽ وڃي سندس ڌيءَ سندس حوالي ڪيائين، ۽ ٻي به سموري حقيقت ٻڌايائينس، ۽ پنهنجي بهادريءَ جي ثبوت لاءِ وري ان آفت جا وڍيل ڪن ۽ پڇ ڪڍي ڏيکاريائينس. بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ سڄيءَ محلات ۾ عاليشان جشن ڪيائين، ۽ ان خوشيءَ جي موقعي تي اها شهزادي پڻ شهزور بادشاهه کي عطا ڪيائين، جنهن وري اها شهزادي پنهنجي دوست لوهار کي پرڻائي پوءِ لوهار کي اتي ڇڏي، باقي فقير کي پاڻ سان وٺي وري اڳتي روانو ٿيو.

هي ٻئي دوست هلندي هلندي، جر جبل لتاڙيندي، هڪ اهڙي بيابان ۾ اچي نڪتا، جتي ماڻهوءَ جي ته ڪا بوءِ ئي ڪا نه هئي. ان بيابان جي پاسي ۾ هڪ شهر هو، جنهن کي چوڌاري قلعو ٻڌل هو. ان ڪوٽ جو سؤ مڻ لوهي هڪ دروازو هو، جو سج لهڻ کان پوءِ بند ٿي ويندو هو ۽ وري صبح جو کلندو هو. شهزور بادشاهه، فقير کي ٻاهر بيهاري، جڏهن ان شهر ۾ اندر گهڙيو ته ڇا ڏسي ته حلواين جا دڪا تازي مٺائيءَ سان ڀريا پيا آهن، ڪپڙا جا دڪان ڪپڙي سان ٽمٽار ٿيا پيا آهن، ميوات جا دڪان تازيءَ ميوات سان ڏٽيا پيا آهن، پر سڄي شهر ۾ ڪو ماڻهو ئي ڪونهي! هن کي ڏاڍو عجب لڳو، پر هي اڳتي هلندو ويو. ٿورو پنڌ ڪيائين، ته هڪ عاليشان محلات نظر آيس، ۽ بسم الله ڪري گهڙي پيو، ان محلات ۾. ڇا ڏسي ته هڪ خوبصورت مائي تمام گهريءَ ننڊ ۾ ستي پيئي آهي. هيءُ ماٺ ڪري هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو، ته اوچتو هن جي نظر دريءَ تي اڪريل هڪ منتر تي وڃي پيئي، اصل ڳالهه هيءَ هئي ته اهو منتر پڙهي هڪڙو ديو ان راڻيءَ کي ننڊ سمهاري ويندو هو. سو شهزور بادشاهه به اهو منتر پڙهي، جڏهن راڻيءَ تي شوڪاريو ته راڻي يڪدم اٿي ويهي رهي، راڻي پهرين ته ڪاوڙجي ويئي ته ’ڪير آهين ۽ هتي ڇو آيو آهين؟‘ پر پوءِ پاڻ جهڙو انسان پنهنجي سامهون بيٺل ڏسي، هڪدم نرم ٿي ويئي، ۽ ٻيو شهزور بادشاهه جي سونهن هن جي دل تي اثر ڪيو، سو ٿوري ئي وقت ۾ پاڻ ۾ رلي ملي ويا، ۽ هڪٻئي سان پنهنجا پنهنجا احوال اورڻ لڳا. ڪجهه وقت کانپوءِ راڻيءَ شهزور بادشاهه کي چيو ته "هاڻي  ديو جي اچڻ جي مهل ٿي آهي، تنهنڪري ڪٿي لڪي وڃ!" پر شهزور بادشاهه کيس دلاسو ڏيئي چيو ته "تون ڊپ نه ڪر، الله مڙيئي چڱو ڪندو. تون رڳو ديو کي اچڻ ڏي!" پوءِ ته وري به ويهي پاڻ ۾ پيار محبت جون ڳالهيون ونڊڻ لڳا. آخر جڏهن ديو جي اچڻ جو گوڙ ٿيڻ لڳو، تڏهن راڻيءَ شهزور بادشاهه کي هڪ پيتيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو.

جڏهن ديو آيو، تڏهن راڻيءَ کي اٿاري، هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو "آدم بوءِ، آدم بوءِ!" شهزادي ويچاري پهرين ته ڏڪي وئي، پر پوءِ چيائينس: "هتي ته آءٌ ئي هڪ آدمزاد آهيان، مون کي ئي کڻي کاءُ،باقي ٻيو ته هتي ڪير ئي ڪونهي." تنهن تي ديو ڏند ڪڍي کلڻ لڳو- ۽ پوءِ اچي شهزاديءَ سان پيار جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو، راڻي به، شهزور بادشاهه جي چوڻ موجب ديو سان بيدليا ناز نخرا ڪرڻ لڳي ۽ چيائينس ته "سڄي عمر مون ۾ اعتبار ڪيئي، پر اڄ مون تي شڪ آڻي بي عزت ڪيو اٿئي!" ديو اتي شرمسار ٿي، راڻيءَ کان معافي گهرڻ لڳو، پر راڻي مڪر ڪري، تيئن اچي روئڻ ۾ پيئي؛ نيٺ ديو پرچائڻ لاءِ اچي جڏهن ڳراٺڙي پاتس، تڏهن چيائينس ته "هن سڃ ۾ تو کانسواءِ منهنجو ڀلا ٻيو ڪير آهي؟ مٽ به ويا، مائٽ به ويا، باقي آءٌ هت اڪيلي، خدا پيو خير ڪري، تون به وري هر روز وڃين هليو ٻاهر! مون کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن تو کي ڪٿي ڪو ماري وجهي ته پوءِ مان ته هتي دربدر ٿي وينديس!"

چوندا آهن ته مرد، جي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃي، ته به زال کيس چپٽيءَ جي اشاري سان لاهي سگهي ٿي؛پر جي زال ڪنهن خسيس پٿر تي چڙهي ويهي رهي، ته مرد ڪيڏي به ڪوشش ڪري، پر زال کي نه لاهي سگهندو.سو، بيوقوف راڪاس به راڻيءَ جي مٿينءَ ڳالهه تي ٽڙڻ لڳو، ۽ سمجهيائين ته ’هاڻ راڻي مون سان سچ پچ پيار ٿي ڪري،‘ سو کيس چوڻ لڳو ،"جاني تون دلجاءِ ڪر، منهنجو مارجڻ ڪو اهڙو سولو نه آهي! ڇو ته منهنجو ساهه، هتان کان سئو ميل پري، الهندي طرف هڪ کوهه آهي، جنهن جي مٿان سئو مڻ ڳري ڇپ رکيل آهي، ۽ ان کوهه ۾ هڪ پڃرو آهي، جنهن ۾ هڪ چتون ويٺل آهي- ان چتونءَ ۾ آهي. جيسين اهو چتون نه مرندو، تيسين مان به نه مرندس، پر جيڪڏهن ڪو مون کي ماري به کڻي ته به منهنجو ٻول آهي ته ان کي پنهنجي رت ۾ ئي ٻوڙي ماريندس. مون کي فقط شهزور بادشاهه ئي ماري سگهندو، باقي ٻئي ڪنهن جي جاءِ نه آهي." شهزادي اهي ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي، ۽ شهزور بادشاهه جو نالو ٻڌي هيڪاري خوش ٿي؛ پر ظاهريءَ طرح وري به ديو کي ڀاڪر پائڻ ۽ چمڻ چٽڻ لڳي ۽ چيائينس: "مٺا، هاڻي مون کي پڪ ٿي ته تون مون کي دل سان گهرين ٿو!"

خير، قصو ڪوتاهه، صبح ٿيڻ تي، راڪاس ته روزانو وانگر هليو ويو. پوءِ شهزاديءَ شهزور بادشاهه کي پيتيءَ مان ڪڍيو، ۽ رات واري سڄي حقيقت کيس ٻڌايائين، شهزور بادشاهه ڳالهه ٻڌي، يڪدم کوهه ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، ۽ وڃڻ وقت شهزاديءَ کي هڪ منڊي نشاني ڏنائين ۽ چيائينس ته "جيڪڏهن هيءَ منڊي ڪاري ٿي وڃي ته سمجهجانءِ ته شهزور مري ويو."

شهزاديءَ کي الوداع چئي، شهزور بادشاهه کوهه جو رخ رکيو، ۽ ڪهندي ڪهندي، منزلون ڪندي، آخر اچي ان کوهه وٽ پهتو، پهلوان ته اڳ ۾ ئي هو، سو خدا کي ياد ڪري، ٺڪاءُ جو سؤ مڻي ڇپ کي ٿڏو ڪرايائين، ته ڇپ سؤ قدم وڃي پري ڪري! پوءِ اندر هٿ وجهي، يڪدم پڃري کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين ۽ پڃرو کڻي وري واپس راڻيءَ ڏانهن رخ رکيائين.

هيڏانهن ديو کي جا خبر پئي ته هن جو ساهه ڪنهن جي مـُـٺ ۾ اچي ويو آهي، سو به ڌڪيندو آيو، شهزور بادشاهه به ڪاهيندو اچي راڻيءَ وٽ پهتو، اتي پهچڻ سان چتون ڪڍي ان جي هڪ ٽنگ پٽيائين، ته راڪاس جي هڪ ٽنگ ڀڄي پيئي، پر ته به ديو هڪ ٽنگ تي هن کي مارڻ لاءِ سامهون ڪاهيندو آيو، شهزور بادشاهه وري چتونءَ جي ٻي ٽنگ پٽي ته وري ديو ڀـَـڀـَـر تي ڌوڪيندو ان جي ويجهو پوڻ لڳو. اتي شهزور بادشاهه چتونءَ جي پهرين هڪڙي کنڀڙاٽي، پوءِ ٻي، پوءِ آخر ڳچي پٽي کڻي پٽ تي هنئي، ته ديو به ڍير ٿي اتي ئي ڪري پيو، پر سندس رت چوڌاري ڦوهارا ڪري وهڻ لڳو، اتي شهزور ۽ شهزادي دروازا بند ڪري ويهي رهيا، ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ديو جو رت سڪو، تڏهن هيءُ دروازو کولي ٻاهر نڪتا.

شهزور يڪدم فقير کي پاڻ وٽ گهرايو. جڏهن فقير شهزور وٽ پهتو، تڏهن هن کيس محلات تي پهري ڏيڻ لاءِ ڇڏيو، پر، فقير جيڪو اصل ۾ ديو هو، تنهن جو ڇهن مهينن جي ننڊ جو مدو ڀرجي آيو، سو شهزور کان اجازت وٺي سنئون نئون ٿي سمهي رهيو، سمهڻ وقت شهزور کي چيائين ته :جيڪڏهن ڪا به مشڪل اچي وڃي ۽ منهنجي مدد جي ضرورت پوي، ته پوءِ هي لوهه جا ٻه گولا منهنجي نڪ ۾ وجهي ٺوڪجو ته آءٌ سجاڳ ٿي پوندس، ڇو ته منهنجو ساهه اچي منجهندو، پر جنهن وقت آءٌ اٿان، ان وقت منهنجي منهن کان پري ٿجو، ڇو ته اٿڻ سان آءٌ ڇڪ ڏيندس، جنهن ڪري اهي گولا زور سان نڪ مان نڪرندا - متان اهي توهان مان ڪنهن کي لڳن ۽ ڪو مري پوي!"

قصو ڪوتاهه، فقير ته سمهي پيو، باقي راڻي ۽ شهزور بادشاهه پنهنجي محلات ۾ مزي جا ڏينهن گذارڻ لڳا. قدرت سان ان شهر جي ڀر ۾ ٻيو به هڪ شهر هو، ۽ اتي جو بادشاهه به ان شهزاديءَ تي اڳ ۾ ئي ڪو عاشق هو، پر جڏهن ان شهزاديءَ کي ديو کڻي ويو، تڏهن هيءُ لاچار ماٺ ڪري ويهي رهيو هو، پر جڏهن کيس اها خبر پيئي ته هاڻي ان ديو کي ڪنهن راهگير شخص ماري، راڻيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو آهي، ته هن کي وري راڻيءَ کي هٿ ڪرڻ جو خيال ٿيو آهي، آخر گهڻي سوچ، ويچار کانپوءِ، هن هڪ ڌوتي راڻيءَ ڏانهن موڪلي، ته جيئن اها وڃي راڻيءَ کي هٿ ڪري اچي.

ڌوتي به بنهه ڪا استاد هئي! سو ايندي شرط، هن ڳالهين ۾ ئي راڻيءَ کي ريبي، کڻي پنهنجو ڪيو، ۽ اتي ئي راڻيءَ وٽ پورهيت ٿي ڪمائڻ لڳي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڌوتيءَ راڻيءَ کي چيو ته "تون پنهنجي مڙس شهزور کان پڇ ته سندس ساهه ڇا ۾ آهي؟" تڏهن راڻيءَ کلي چيس، "ساهه هوندس پيٽ ۾، ٻيو وري ڇا ۾ هوندس؟" اتي ڌوتيءَ چيس، "چري، تو کي ناهي خبر، پهلوانن جو ساهه هميشه ڪنهن ٻيءَ شيءِ ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن تنهنجو مڙس تو کي دل سان گهرندو هوندو ته اها ڳالهه تو کان ڪڏهن ڪين لڪائيندو." چوندا آهن ته زالون زالن جو وياءُ، سو يڪدم هوءَ ڌوتيءَ تي وسهي ويئي.

جڏهن رات ٿي، ته راڻي ڪارا ڪپڙا ڍڪي، اونڌي کٽ ڪري سمهي رهي، شهزور جڏهن راڻيءَ کي هن حالت ۾ ڏٺو، تڏهن پڇيائينس ته "آخر ڳالهه ڇا آهي، جو يڪدم پنهنجا هي حال کڻي ڪيا اٿئي؟" تڏهن راڻيءَ روئندي چيس "جيڪڏهن تون مون کي گهڻو گهرين ٿو، ته مون کي ٻڌاءِ تنهنجو ساهه ڇا ۾ آهي؟" شهزور سمجهي ويو ته هيءُ عقل هن کي ڪنهن دشمن ڏنو آهي، سو راڻيءَ کان پڇيائين ته "اها مت تو کي ڪنهن ڏني آهي." راڻيءَ ٻڌايس ته ’پوڙهي نوڪرياڻيءَ.‘ اتي شهزور ڌوتيءَ جي سڄي چالاڪي سمجهي ويو؛ پر شهزاديءَ کي دلاسو ڏيندي چيائين، "منهنجي پياري راڻي! جيڪڏهن پنهنجي محبت سچي آهي ته ڪو به پنهنجو وار ونگو ڪري نه ٿو سگهي، پر اها منهنجي نصيحت ياد رک ته هن پوڙهيءَ کان پاسو ڪج، باقي منهنجو ساهه هن ترار ۾ آهي."

شهزاديءَ اها ڳالهه ڪنهن طرح ڌوتيءَ سان ڪري وڌي، جنهن ان ڏينهن کان ڇيڻا ميڙڻ شروع ڪيا، ۽ ٻن چئن ڏينهن ۾ هڪ ڪوٺي ڇيڻن سان ڀري ڇڏيائين، آخر هڪ رات شهزور کي ستل ڏسي سندس ترار کسڪائي ورتائين ۽ ڇيڻن واري ڪوٺيءَ کي باهه ڏئي ترار ان ۾ اڇلايائين..... ته شهزور جيئن ستو پيو هو، تيئن وري نه اٿيو، فقير ته اڳ ۾ ئي ڇهن مهينن جي ننڊ ۾ ستل هو، سو ڌوتيءَ زبردستيءَ راڻيءَ کي گهلي وڃي عذاب ۾ هنيو، ۽ اهڙيءَ ريت هن کي کنڀي اچي ٻئي بادشاهه جي حوالي ڪيائين.

بادشاهه راڻيءَ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ڌوتيءَ کي انعام اڪرام ڏيئي، خوش ڪري، روانو ڪيائين، پوءِ اچي راڻيءَ کي چيائين ته "شاديءَ لاءِ يڪدم تيار ٿيءُ!" اتي راڻيءَ هن کي چيو ته "اسان ۾ جنهن جو مڙس مري ويندو آهي، اها ٻارنهن مهينا عدت ۾ ويهندي آهي، توهان ٻيو نه، ته به ڇهه مهينا مون کي ڇڏيو، پوءِ آءٌ توهان سان شادي ڪنديس.“ بادشاهه به سوچيو ته ’هاڻي هن جو ڪهڙو واهرو آهي، جو اچي هن کي ڇڏائيندو!‘ سو هن کي خوشيءَ سان ڇهن مهينن جي موڪل ڏنائين.

ٻئي طرف ڪونج واري همراهه کي پنهنجي ساٿي کان ٽٽي اچي ٻارنهن مهينا کن ٿيا هئا، ۽ ٻيو وري جو ڏٺائين ته سندس يار جي ڏنل نشاني به ڪاري ٿي ويئي آهي، سو ڊپ ۾ ڀرجي، اٿي هن جي ڳولا ۾ نڪتو. ڪهندي ڪهندي نيٺ اچي هرڻ واري همراهه کي هٿ ڪيائين. پنهنجي ساٿيءَ کي ڪمهلو آيل ڏسي، پهرين ته هو اڻ تڻ ۾ پئجي ويو، پر پوءِ آڌر ڀاءُ ڪري، کيس ويهاري، خبرون چارون پڇڻ لڳس. ڪونج واري ٻڌايس ته "شهزور جو هيءُ نشانيءَ طور ڏنل خنجر ڪارو ڏسي، سمجهيم ته هو ڪنهن مصيبت ۾ آهي، سو ان جي مدد لاءِ نڪتو آهيان، ٻيو مڙيئي خير." اتي هرڻ وارو همراهه به ڊوڙي وڃي شهزور بادشاهه واري ڏنل ڪپ کي پيتيءَ مان ڪڍي ڏسي، ته اهو به ڪارو ٿيو پيو آهي، پوءِ ته ٻئي دوست راتو واهه اتان اٿي ڀڳا، ۽ هلندي هلندي اچي لوهار وٽ پهتا. لوهار هنن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، پر جڏهن هنن کيس حقيقت ٻڌائي، ته ويچارو هي به ڳڻتين ۾ پئجي ويو. وري اندر وڃي ڏسي ته منڊي جا کيس شهزور ڏني هئي، سا به ڪاري ٿي پيئي آهي، پوءِ ته وار ئي ڪانڊارجي ويس ۽ انهيءَ وقت ئي ٽيئي دوست سنڀري نڪتا سفر تي.

هلندي هلندي آخر اتي اچي پهتا، جتي شهزور ۽ فقير ستل هئا، هنن شهزور کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن هو نه اٿيو ته لوهار کي ڪجهه شڪ پيو، ۽ هڪدم پيتيون کولي شهزور جي ترار ڳولڻ لڳو، جڏهن اها نه لڌس، تڏهن پنهنجي ساٿين کي چيائين ته "پهرين ڪيئن به ڪري ترار ڳوليو!" پوءِ يڪدم سڀئي ترار جي ڳولا ۾ لڳي ويا. وهارڳي، ڏسي ته هڪڙي ڪوٺي سڄي ڇيڻن جي رک سان ڀري پئي آهي، هن يڪدم ان ۾ گهڙي هٿوراڙيون ڏنيون، ته ترار هٿ اچي ويس! پوءِ ته يڪدم اچي ان کي صاف ڪرڻ ويٺو، ترار جو جڏهن هڪ پاسو صاف ٿيو، ته شهزور هڪ پاسو ورايو، ۽ جڏهن ٻيو پاسو به صارف ٿي ويس، ته يڪدم ڪلمو پڙهي اٿي ويهي رهيو، ۽ پنهنجا ساٿي اتي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ٽپ ڏئي اٿي انهن سان ڀاڪر پائي ملڻ لڳو. پوءِ پنهنجي سڄي حقيقت ساٿين کي ٻڌايائين، جنهن تي لوهار چيس ته تو ته بيوقوفن جهڙو ڪم ڪيو، جو اهو راز راڻيءَ کي ٻڌايئي، پر خير! هاڻي هن فقير کي اٿار ته راڻيءَ جي ڳولا ڪريون.“  شهزور کين چيو ته "هي ٻه لوهي گولا کڻي نڪ ۾ ٺوڪي وجهو" پوءِ هنن اهي گولا ٺوڪي فقير جي نڪ ۾ وڌا، ته يڪدم هو ٽپ ڏئي اٿي ويٺو ۽ وٺي جو ڇڪ ڏنائين ته گولا سندس نڪ مان ٺڪاءُ ڪري ٻاهر نڪتا، ۽ سامهون واري ڀت کي به چيري وڃي ٻاهر ڪريا، فقير هنن کان ڪچيءَ ننڊ مان اٿارڻ جو سبب پڇيو. شهزور بادشاهه کيس سموري حقيقت ڪري ٻڌائي، ۽ چيائينس ته "هاڻي راڻيءَ کي ڳولڻ جو بندوبست ڪر!"، پوءِ ته فقير اوڏيءَ مهل ئي اٿي راڻيءَ جي تلاش ۾ روانو ٿيو.

هلندي هلندي، فقير اچي نيٺ انهيءَ ملڪ ۾ پهتو، جتي راڻي بند هئي. پوءِ هٿ ۾ هڪ ڪشتو کڻي در در پنندو، اچي راڻيءَ جي محلات جي در تي بيٺو. جڏهن اتان خيرات وٺڻ لاءِ صدا هنيائين ته راڻيءَ هن کي سڃاڻي ورتو، ۽ اچي پڇيائينس ته "تون هتي ڪيئن آئين؟" فقير چيس ته "آءٌ تو کي وٺڻ آيو آهيان، پر هاڻ تون هيءَ اٽڪل ڪر جو بادشاهه کي چئو ته تو سان شادي ڪري، پوءِ شاديءَ جي ڏينهن، جڏهن بادشاهه جون سڀ عزيزياڻيون وغيره اچي محلات ۾ گڏ ٿينديون، تڏهن محلات کي ڏيندس مٿو، پوءِ سڌو هلي شهزور بادشاهه وٽ نڪرنداسون." راڻيءَ کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي، سو فقير سان ڳالهه پڪي ڪري سڌو ويئي بادشاهه ڏانهن.

راڻيءَ بادشاهه کي اچي چيو ته " هاڻي آءٌ توهان سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان!" بادشاهه جي الله ٻڌي، سو يڪدم اٿي تياريءَ ۾ لڳو، ۽ سڄي شهر ۾ جشن ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، آخر شادي جي رات بادشاهه جون عزيزياڻيون ۽ اها ڌوتي وغيره سڀ اچي بادشاهه جي سنيگاريل محلات ۾ گڏ ٿيون، فقير به نڪا ڪئي هم نڪا تم، يڪدم ڏيندي مٿو محل کي گهڙين ۾ اچي شهزور بادشاهه وٽ محل ڪڙڪايائين. جڏهن بادشاهه ٻڌو ته سندس محل ۽ عزيزياڻيون سڀ غائب آهن ته مٿان ٿي اهڙو ته پٽ تي ڪريو جو وري ڪو نه اٿيو.

شهزور بادشاهه پنهنجي راڻيءَ کي صحيح سلامت پاڻ وٽ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ڊوڙي اچي هڪٻئي کي ڀاڪر پاتائون. ڌوتيءَ کي ان وقت ئي ان ديو سان پرڻائي روانو ڪيائون، ۽ باقي ڌوتيءَ سان آيل لشڪر کي به فقير جي حوالي ڪري، پاڻ واپس موٽڻ لڳا.

شهزور بادشاهه رستي ۾ پنهنجي راڻي پاڻ سان وٺي، باقي ٻين دوستن کي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ ڇڏيندو، اچي واپس پنهنجي وطن پهتو. سندس پهرين راڻي ته سندس جدائيءَ ۾ گهڻو وقت ٿيو مري ويٺي هئي، باقي سندس ماءُ پيءُ پنهنجي پٽ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا، پوءِ ته ملڪ ۾ هر هنڌ جشن ۽ خوشيون خيرات ٿيڻ لڳا، ۽ شهزور بادشاهه ۽ شهزادي به باقي عمر سک سانت ۽ مزي خوشيءَ ۾ بي اونا ٿي گذارڻ لڳا.

 

●●●

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org