سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون -1

باب: -

صفحو :21

 

شهزادو ساعت ملوڪ

هڪڙو سرڪش بادشاهه هو، جنهن کي چار نياڻيون هيون، جن تي هن جو ڏاڍو راض ۽ پيار هوندو هو. بادشاهه هميشه انهن شهزادين وٽ اچي، سندن ڏک سک پڇندو هو. هڪ ڏينهن دستور موجب، جيئن بادشاهه پنهنجين نياڻين کان خير عافيت پڇڻ آيو، تيئن هنن مان وڏين ٽن شهزادين ته هميشه جيان سندس احسان ۽ ٿورا مڃيا؛ پر سڀ کان ننڍيءَ نياڻيءَ جواب ۾ چيس ته: ”بابا، اوهان ته اسان تي ڏاڍا مهربان آهيو، پر اسين ته پنهنجو بخت ٿيون کائون.“ اهو جواب ٻڌي، بادشاهه ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ غصي ۾ ڀرجي هڪدم نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته، ”وڃو، ۽ هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ کي وٺي اچو، جو بنهه بيڪار هجي.“ نوڪر ويا، ۽ ڪيترن ئي انڌن منڊن، لولن، ۽ لنگڙن کي وٺي آيا؛ پر بادشاهه کي ڪوبه ماڻهو ڪونه آئڙيو، ۽ چيائين ته، ”هي وري به ڪنهن نه ڪنهن ڪم ڪرڻ جهڙا آهن- ۽ اڃا به ڪو اهڙو ماڻهو آڻيو، جو صفا چٽ ۽ ڪنهن به ڪم جو نه هجي.“

آخرڪار، ڳوليندي ڳوليندي، هڪڙي نوڪر ڏٺو ته گند جي ڍير وٽ هڪڙو ماڻهو پيو آهي، جنهن جون ٽنگون ٻانهون سُڪيون پيون آهن،پيٽ تمام وڏو ڦوڪيل اٿس- مطلب ته ڪنهن نه ڪم جو، صفا ڍڍريءَ جي ڍڍري- گند مان بُک جي ڪري خراب ۽ گنديون شيون وات سان ڳولي ڦولي پيو کائي. نوڪر نڪا ڪئي هم نڪا تم، ڀريندي ڀاڪر کڻي اُن بڊيءَ کي کنيائين، ويچارو بي طاقت، خوف کان رڙيون ۽ دانهون ڪرڻ لڳو، پر هن کي ڇڏائي ڪير؟ سو نوڪر نيٺ آڻي بادشاهه وٽ لاٿس. بادشاهه هن کي ڏسي چيو ته ”هائو! هي

ماڻهو گهرجي،- ۽ هاڻي هن کي کڻي منهنجي ڌيءُ وٽ وڃو، ۽ چئوس ته ’تنهنجي بخت توکي هيءُ مڙس ڏنو آهي. هاڻي توکي هيءُ ڪمائي کارائيندو، ۽ بنا ڪنهن سامان کڻڻ جي ٻيئي ڄڻا هڪدم هن ملڪ مان نڪري وڃو.‘“ نوڪرن، بڊيءَ کي ڪلهي تي کڻي، وڃي ساري ڳالهه ننڍيءَ شهزاديءَ کي سُڻائي. شهزاديءَ جواب ڏنو، ”جي ائين آهي، ته هيءُ به منهنجي اکين تي، ۽ آءٌ هاڻي ئي هتان هلي وڃان ٿي.“

ائين چئي، خدا جا شڪر ڪندي، بَڊي کڻي ويچاري اُٿي پيرين پيادي پنڌ پيئي، ڀلا بادشاهي ٻار پنڌ مان ڇا ڄاڻن- سو، هلندي هلندي، پيرن ۾ ڇالا پئجي ويس. پر تڏهن به بڊي ڪلهي تي، پنڌ اڻ ڏٺو ۽ ڏورانهون، ساهيون کڻندي، خدا کي ياد ڪندي، اڳتي ڪهندي ويئي. هلندي هلندي، آخر رات پئجي ويس، تنهنڪري ڪو پوٺڙو ڏسي، بڊيءَ کي کڻي اُتي سمهاريائين، ۽ پاڻ به سمهي رهي. ٿڪاوٽ جي ڪري جهٽ ننڊ اچي ويس. پر بڊيءَ کي اچي بک کنيو، سو پيٽ ڀر رڙهي رڙهي، ڀرپاسي ۾ بيٺل ڪن قدرتي ساون ٻوٽن جا پن کائڻ ويهي رهيو. کائيندي کائيندي اچي بڊيءَ جو پيٽ هلڻ لڳو، تان جو سڀ گند بلا نڪري، پيٽ صفا ننڍڙو ۽ هلڪڙو ٿي پيس، ۽ سُڪل ٽنگن ۽ ٻانهن ۾ به ڪجهه ساهه پيس. اُهي پن هن کي دوا ٿي لڳا، ۽ پوئينءَ رات هي اٿي هلڻ ٽهلڻ لڳو.

شهزادي جان اوچتو سجاڳ ٿئي، ڏسي ته بڊي ڀر ۾  آهي ئي ڪانه- سو، ڇرڪ ڀري ويهي هن کي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي. اوچتو وڃي بڊيءَ تي نظر پيس، ۽ هن کي هلندو چُرندو ڏسي، خوشيءَ وچان ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهي، ۽ خدا جا احسان ۽ شڪرانا ڪرڻ لڳي. نيٺ صبح ٿيو، ۽ هي ٻيئي اُٿي پنڌ پيا.

ڪجهه پنڌ ڪيائون، ته بڊي کي اچي اُڃ لڳي، ۽ شهزاديءَ کان پاڻي گهرڻ لڳو. شهزادي هن کي دم دلاسا ڏيڻ لڳي، پر بڊي ڏسو ته دانهون ۽ ڪِل ڪِل ڪندو هلي. هلندي هلندي، پريان هڪ جبل ڏسڻ ۾ آين. تنهن تي شهزاديءَ چيس ته ”هاڻي چڱو ٿيو، جو جبل تي چڙهي ڪنهن نه ڪنهن وَسهن جي وائٺ سولائيءِ سان وٺي سگهنداسين.“ آخر اچي  اُن جبل وٽ پهتا، جنهن تي چڙهي شهزاديءَ چوڌاري هيڏانهن هوڏانهن واجهايو-  ڇا ڏسي ته رڻ پٽ لڳو پيو آهي، پر جبل کان هيٺ پرڀرو هڪ وڻ بيٺو آهي. پوءِ رڙهي، هو ان وڻ ڏانهن هلڻ لڳا. پنڌ هو گهڻو، سو هلندي هلندي، ٻن پهرن جو مس اچي اُن وڻ وٽ پهتا.

ڇا ڏسن ته سبحان الله! هڪ تمام صاف، ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جي نهر وهي رهي آهي. شهزادي وڻ وٽ ويهي رهي، ۽ بڊيءَ کي چيائين ته ”وڃ تون به پاڻي پِي اچ، ۽ منهنجي ڪاڻ به کڻي اچ... آءٌ اڳتي هلي نٿي سگهان.“

بڊي نهر تي وڃي پاڻي پي ڍَءُ ڪيو، ۽ وهنجڻ جي خيال سان ڪپڙا لاهي، پاڻي ۾ گهڙي پيو. اُتي وهنجندي، بڊيءَ ائين سمجهيو ته ڪنهن ڪنهن وقت سندس پيرن کي ننڍڙا پٿر پيا لڳن. هن ٽٻي هڻي هڪڙي پٿر کي ٻاهر ڪڍيو، ته چلڪندڙ، سون رنگو ۽ تمام سهڻو هو. هن ٻيا به ڪيترا پٿر ڪڍيا، ۽ پاڻيءَ سان گڏ اهي به شهزاديءَ وٽ کڻي آيو ۽ شهزاديءَ کي چيائين ته ”هنن سهڻن پٿرن سان ڪيڏي ڪيڏي مهل پاڻ راند ڪنداسون.“ شهزاديءَ ڏٺو ته مار! هي اَملههَ ماڻڪ آهن، جن مان هڪڙي هڪڙي جي قيمت تي هوند ڪيئي بادشاهيون ملن! دل ۾ ڏاڍي خوش ٿي ته مڙس کي به طاقت ملي، ۽ هيتري ساري دولت به هٿ آئي... هاڻي سڀ سُک ٿيا. پر بڊيءَ کي ڪونه ٻڌايائين ته هي پٿر ڪي اهڙا بي بها آهن.

آخر ڏس پتو پڇندا، ڪنهن بادشاهي شهر جي ٻاهران اچي لٿا. اتي شهزاديءَ هڪڙو اَملههَ ماڻڪ پاڻ سان کنيو، ۽ بڊيءَ کي چيائين ته ”تون ويهي رهه، ۽ آءٌ شهر وڃي ڪجهه کاڌي پيتي جو سامان وٺي ٿي اچان.“ نيٺ شهر ۾ وڃي، ڪنهن جوهريءَ جو ڏس پڇڻ لڳي. ڪنهن ماڻهوءَ ڏس ڏنس ته فلاڻي هنڌ هڪ شاهي جوهريءَ جو دڪان آهي. شهزادي سڌو وڃي دڪان تي چڙهي، ۽ جوهريءَ کي چيائين ته ”هي اَمُلهه ماڻڪ وٺ، ۽ مون کي هن جا پئسا ڏي.“  جوهريءَ خيال ڪيو ته هي ماڻڪ تمام گهڻو لهي، سو ميڙي چونڊي، جيڪا ڪجهه اندر ٻاهر روڪڙ موجود هيس، سا هن کي آڻي ڏنائين. شهزاديءَ شهر ۾ وڃي کاڌي پيتي جو عاليشان سامان ورتو، ۽ هڪ زناني ۽ ٻي مرداني قيمتي پوشاڪ به تيار ڪرايائين، ۽ ڀلا، سنجيل ٺهيل ٻه شاهي گهوڙا خريد ڪري، ۽ ٻيو به گهربل سامان وٺي، بڊيءَ وٽ آئي... ۽ هن کي وهنجاري سهنجاري، قيمتي وڳو پهرائي، ۽ عطر عنبير لڳائي، ۽ پاڻ به سهڻي ۽ قيمتي پوشاڪ ڍڪي، هار سينگار ڪري، بڊيءَ کي ڳپل پئسا ڏيئي، چيائين ته گهوڙي تي چڙهي، تون شهر جو سير ڪري اچ، پر جيڪو ماڻهو توکان تنهنجو نالو پڇي، ته ان کي پنهنجو نالو ’ساعت ملوڪ‘ ڏسج، ۽ شهر ۾ جيڪا جاءِ سڀ کان سٺي ۽ عاليشان ڏسين، اُها خريد ڪري اچ- پئسا جيڪي وٺن، ان کان به وڌيڪ ڏج- پر مالڪ مڪان سان هي شرط ڪج ته سج لٿي تائين جاءِ مان جيڪو سامان هو کڻي وڃي، سو سندس، ۽ ان کان پوءِ، جو سامان رهيو، سو اسان جو ٿيندو.“

”ساعت ملوڪ“ شهر مان پڇا ڪندو، هڪ عاليشان ستماڙ سهڻيءَ جاءِ وٽ اچي پهتو. هيءَ جاءِ هڪ سوداگر جي هئي، تنهن سان ملي، جاءِ جو ملهه مقرر ڪري، چيائينس ته ”تو جيڪي پئسا ٻڌايا آهن، آءٌ انهن کان ٻيڻا توکي ڏيندس، پر انهيءَ شرط سان ته تون سج لٿي تائين جيڪو سامان هن جاءِ مان کڻائي وئين، اُهو تنهنجو، ۽ سج لٿي کان پوءِ جو به رهيو، سو منهنجو ٿيندو.“ سوداگر دل ۾ خيال ڪيو ته هي جيڪي پئسا آڇي ٿو، سي جاءِ جي ملهه کان هونئن ئي وڌيڪ آهن- ۽ آءٌ مزور ڪري، سڀ پنهنجو سامان سج لٿي کان اڳ ئي کڻائي ويندس، ۽ جي باقي رهيو ته آيو هن کي. سو ساعت ملوڪ جو

.... شهزادي، هار سينگار ڪري، اچي چتونءَ جي اڳيان بيٺي: چي، ”مِٺُو ڏي خبر، مان سهڻي ٿي لڳان.

شرط قبول ڪري، بادشاهي مهر سان، شهر جي شاهدن جي روبرو ۽ صحيح سان، دستاويز لکائي هٿ ڪيائين، ۽ مزور ڪري، بيهي پنهنجو سامان کڻائڻ لڳو. آخرڪار قيمتي سامان سڀ جاءِ مان کڻائي ويو، ۽ اتي سج به اچي لٿو، پر ستينءَ ماڙ تي ويٺل سوداگر جي ڌيءُ ٻانهين سميت اُتي رهجي ويئي. جاءِ تي ساعت ملوڪ اچي قبضو ڪيو، ۽ پوءِ شهزاديءَ کي به وٺي آيو، ۽ جاءِ گهمڻ لڳا. ساعت ملوڪ ۽ شهزادي جڏهن سڀ ماڙيون گهمندا، ستينءَ ماڙ تي پهتا، تڏهن کين بتيءَ جو شعاع ڏسڻ ۾ آيو. تنهن تي شهزاديءَ ساعت ملوڪ کي چيو ته ”آءٌ زال ماڻهو آهيان، تون مٿي چڙهي ڏسي اچ.“ ساعت ملوڪ مٿي ويو ته ٻانهيون ڦري آيس- چي ”توکي لڄ نٿي اچي، جو پرائيءَ جاءِ ۾ بنا موڪل هليو آيو آهين.... يڪدم هتان نڪري وڃ.“ تنهن تي هن کِلي، سموري حقيقت ڪري ٻڌاين، ۽ شهزاديءَ کي به خبر ڏنائين. شهزادي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ چيائين ته ”واهه! ٻانهيون به هٿ اچي ويون ۽ سوداگر جي ڌيءُ به. سو، تون هاڻي قاضي ڪوٺي، اُها به کڻي نڪاح ۾ آڻ.“ يڪدم قاضي اچي ويو، شادي ٿي ويئي، ۽ ٽيئي گڏ گذارڻ لڳا.

هڪڙي ڏينهن، ساعت ملوڪ زالن کي چيو ته ”گهر ۾ ويهي ويهي ڪڪ ٿي پيو آهيان، ڪجهه دنيا جو واءُ سواءُ به ته وٺان.“ پوءِ اتان نڪري، شهر جي بازارين جو ديدار ڪرڻ لڳو، گهمندي گهمندي، هڪڙي هنڌ ڏٺائين ڪي جوان شطرنج راند ويٺا ڪن. هن کي به شوق ٿيو، ۽ انهن کي چيائين ته ”ادا مون کي به کيڏڻ ڏيندؤ؟“ انهن هائو ڪئي، ۽ هي اُنهن سان راند ڪرڻ ويهي رهيو. ٿيندي ٿيندي، هن کي نهر مان کنيل پٿر ياد اچي ويا، سو انهن کي چيائين ته ”بيهو، ته آءٌ تمام سٺيون ساريون کڻي ٿو اچان.“ ۽ سڌو اچي شهزاديءَ کي چيائين ته ”نهر وارا پٿر ڏي، ته آءٌ سنگت سان راند رهان.“ شهزاديءَ گهڻو ئي نٽايو، پر نيٺ هن جو خيال ڏسي، هڪڙي ماڻڪ جي مٿان ميڻ ٿڦي، هن کي ڏنائين. هي اچي راند رهڻ لڳو. راند ڪندي ڪندي، املهه ماڻڪ جي هڪڙي هنڌان ميڻ جو ذرو لهي پيو، ۽ اُتان اهو چلڪڻ لڳو، پر ڪنهن کي خبر ڪانه پيئي، مڄاڻ ڪو اتي جي بادشاهه جو وزير به چمڙا پوش ڪري، گهمندو ڦرندو، اچي هنن جي راند ڏسڻ ويٺو، ۽ هن جي اک اوچتو ماڻڪ تي پئجي ويئي- سو اُن کي سڃاڻي ۽ جهپ هڻي وٺي ڀڳو. ٻيا سنگتي  هن جي پٺيان ڊوڙڻ لڳا، پر ساعت ملوڪ چين ته ”پرواهه ناهي، مون وٽ اهڙيون ٻيون گهڻيون ساريون گهر پيون آهن.“

وزير اهو املهه ماڻڪ وڃي بادشاهه کي ڏنو. بادشاهه کي هڪ نياڻي هوندي هئي، جنهن کي هو ڏاڍو ڀائيندو هو، سو ان کي هار ۾ جوڙائي، هُن سوکڙي ڪري هار کڻي پنهنجي ڌيءُ کي ڏنو. سندس  ڌيءُ وٽ هڪ نهايت سياڻو ۽ ٻوليندڙ طوطو پليل هو، جنهن سان هوءَ دل وندرائيندي هئي. هڪڙي ڏينهن هار سينگار ڪري، ۽ اهو هار پائي چتونءَ کي چيائين، ”مٺو، ڏي خبر، مان سهڻي ٿي لڳان!“ چتونءَ ڏسي، چيو ”ڏون، ڏون“- يعني هن سان گڏ ٻيو به هيرو هجي، ته پوءِ . هن يڪدم هار ٽوڙي، پيءُ ڏانهن ڏياري موڪليو- چي، ”ههڙو ٻيو به ماڻڪ هجي، نه ته آءٌ ڪانه جيئنديس!“ بادشاهه وزير کي چيو ته ”تو مون کي آزار ۾ وجهي ڇڏيو،هاڻي ماڻڪ مون کي ٻيو به هٿ ڪري ڏي.“ وزير ڇا ڪيو جو ڏاڍيون عجيب عجيب سوکڙيون پاکڙيون کڻائي، ساعت ملوڪ وٽ آيو، ۽ کيس سموري حقيقت ٻڌائي، چيائين ته ”هڪ ٻيو به اهڙو ماڻڪ ڏي.“ ساعت ملوڪ اهي بادشاهي سوکڙيون پاکڙيون کڻي، وڃي شهزاديءَ جي اڳيان رکيون، چيائينس ته ”انهن پٿرن مان هڪ ٻيو به ڏي.“ شهزاديءَ کي ڏاڍي مٺيان لڳي، ۽ گهڻو ئي نٽايائين، پر هن نه مڃيو. آخر لاچار هڪ ٻيو به ماڻڪ هن کي ڏنائين، ۽ هن کڻي وڃي وزير کي ڏنو. وزير اهو ماڻڪ وڃي بادشاهه کي ڏنو، ۽ هن اُهو پنهنجي ڌيءُ ڏي يڪدم هار ۾ وجهائي موڪليو. بادشاهه جي ڌيءُ هار پائي، خوش ٿي، طوطي وٽ آئي، ۽ چيائينس ته ”مٺو، ڏي خبر، مان سهڻي ٿي لڳان!“ چتونءَ ڊڄندي چيو ته ”آءٌ عرض ڪريان، پر تون مون کي ماري وجهندينءَ.“ هن چيس ته ”ڪو ڊپ نه ڪر، ٻڌاءِ!“ چتونءَ چيو ته ”ان ڏينهن آءٌ، ڪنهن خيال ۾ ويٺو هوس، مون سمجهيو ته تون پڇين ٿي ته ’توهان گهڻا ڀائر آهيو.‘ منهنجو هڪ ٻيو به ڀاءُ هو، تنهنڪري مون چيو ته ’ڏُون ڏُون.‘ اي شهزادي، اڃا جيڪر ٽيون هيرو به ان هار ۾ اهڙو هجي، ته هوند وڌيڪ سهڻي لڳين.“ بس اهو ٻڌندي، شهزاديءَ هار ٽوڙي، بادشاهه ڏي ڏياري موڪليو- چي، ”اهڙو ٽيون ماڻڪ به هجي، نه ته آءٌ ڪانه جيئنديس!“

بادشاهه اهو ٻڌي، ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو- چي، ”مون کي ته هيءَ ڌيءُ پاڳل ڪري  ڇڏيندي.“ نيٺ وزير کي چيائين ته ”جٺ ۾ وجهي ڇڏيو اٿيئي؛ هاڻي وري به سوکڙيون کڻي وڃ ساعت ملوڪ وٽ، ۽ چئينس ته ’يار ڪر ڪا مهرباني، ۽ ڏي ٽيون به ماڻڪ.‘“ وزير وري به ساعت ملوڪ وٽ آيو، ۽ ساري ڳالهه ڪري، سوکڙيون ڏيئي، هن کي ٽئين ماڻڪ لاءِ چيائين. هو يڪدم شهزاديءَ وٽ آيو، ۽ اچي ٽئين پٿر جي گهُر ڪيائين. تنهن تي زال گهڻي تنبيهه ڪيس. هن چيو ته ”چڱو، تون نه ڏي، منهنجي اها جاءِ ڏٺل ڪانه آهي ڇا؟“ ۽ يڪدم گهوڙو تيار ڪرائي، وڃي ان نهر تي پهتو، ۽ ڪيئي املهه ماڻڪ ان مان ڪڍي هٿ ڪيائين. وري اتي ئي دل ۾ خيال ڪيائين ته ڏسان ته هي موتي آخر ڪٿان ٿا اچن. سو، اهو خيال ڪري نهر جو ڪنارو ڏيئي وٺي اُٿي هليو، ۽ گهوڙو ڊوڙائيندو ڊوڙائيندو آخر هڪ هنڌ اچي، عجب ۾ پئجي بيهي رهيو. ڇا ڏسي ته هڪ تمام وڏو جبل جيڏو ڪوٽ آهي، جنهن کي اندر وڃڻ لاءِ ڪوبه در ڪونه آهي. دل ۾ خيال ڪيائين ته هيءُ ڪوٽ اندر ضرور گهمڻ گهرجي. سو گهوڙي کي پرڀرو نيئي، وٺي جو اُن کي مهميز ڏنائين، ته گهوڙو هڪ ئي ٽپ سان ڪوٽ ٽپي هن پار ٿيو. اندر ڏسي ته مار، عجيب اسرار لڳا پيا آهن، طرحين طرحين وڻ رنگارنگي گلن سان سينگاريل بيٺا آهن، ۽ ڪيتريون جايون آهن، جن ۾ ننڍا ننڍا دُنبا ٻڌا بيٺا آهن، ائين گهمندي گهمندي، هڪڙو کوهه ڏٺائين. ان کوهه ۾ نهاري، حيرت ۾ پئجي ويو. ڇا ڏسي ته هڪڙي زال آهي، جا اونڌي ٿي ٽنگي پئي آهي. ائين ئي هڪڙي تختي کي جو پاسيرو ڪيائين، ته اها زال مٿي چڙهي آئي، ۽ هن کي حيرت ۾ بيٺل ڏسي، چيائين ته ”اي انسان جا ٻچڙا! تون هتي موت جي منهن ۾ ڪيئن آيو آهين؟“ ساعت ملوڪ ساري ڳالهه ڪري ٻڌايس، جنهن تي هن زال چيس ته ”هي ڪوٽ هڪ ديو جو آهي، ۽ هي گهٽا سڀ انسان آهن، جن مان هو هڪ هڪ روز کائيندو آهي، ۽ آءٌ وٽس قيد آهيان. هو رات جو ايندو آهي، ۽ مون سان گڏ گذاري، وري سج اڀرئي کان اڳ هليو ويندو آهي.“ ساعت ملوڪ اها ڳالهه ٻڌي، ڊڄي ويو، ۽ هن کي چيائين ته ”پوءِ آخر ڇا ڪجي؟“ هن چيس ته ”توکي في الحال هتي هڪ غار ۾ لڪائي ٿي ڇڏيان، ۽ رات گذرڻ کان پوءِ جڏهن وري ڏينهن ٿيندو، ته اُتان نڪري اچي مون کي هن کوهه مان ڪڍجانءِ، ته پوءِ صلاح ڪنداسون.“ ائين چئي، هن کي هڪ غار ڏيکاريائين، ۽ چيائينس ته ”هاڻي ديو جي اچڻ جي مهل آهي، ۽ مون کي ساڳيءَ طرح لٽڪائي ڇڏ.“ ساعت ملوڪ هن کي، سج لٿي کان ٿورو اڳ، ساڳيءَ طرح لٽڪائي، پاڻ وڃي غار ۾ لڪي ويٺو، جڏهن رات ٿي ته ديو آيو، ۽ ”آدم بوءِ، آدم بوءِ“ ڪرڻ لڳو. اُن پريءَ چيس ته ”تون مون کي کوهه ۾ لٽڪائي ٿو وڃين ۽ آءٌ اونڌي منهن ان ۾ پيئي آهيان، مون کي آدم جي ڪهڙي خبر؟ تنهن کانسواءِ، جي تون مري وڃين ته آءٌ ته هوند ساري عمر اُتي ئي پيئي هجان.“ ديو چيس ته ”پياري، خيال نه ڪر، منهنجو موت سٿرو نه آهي. منهنجو ساهه هن ڪوٽ اندر ئي آهي، جنهن کي ڪير به هٿ لائي نٿو سگهي. هو پريان جيڪو سَر جو ٻوڙو بيٺو آهي، انهيءَ جي هڪڙي ڪاني ۾ ڀؤنر آهي، جنهن ۾ منهنجو ساهه آهي، ۽ جيسين اُهو نه مرندو، تيسين آءٌ به نه مرندس.“

رات گذرڻ کانپوءِ، ڏينهن جو دستور موجب ديو زال کي کوهه ۾ لٽڪائي پاڻ ويندو رهيو، ۽ ساعت ملوڪ، گهوڙي سوڌو غار مان نڪري، اچي هن کي ٻاهر ڪڍيو. پوءِ ٻيئي انهيءَ ئي مهل ديو جي ڪم تمام ڪرڻ لاءِ سنبريا ۽ اُن سَرَ جي تيلي ڪپي، ان تي سَؤنٽين مٿان سؤنٽا وسائڻ بيهي رهيا... گهڙي نه گذري ته ڪيڏيءَ مهل، اوچتو واءُ مينهن ۽ طوفان ٿي ويو. زال چيس ته ”ڀؤنر کي جلدي مارجي، نه ته ديو اجهو پهتو.“ ائين سٽيندي سٽيندي، اوچتو هڪڙو ڌڪ ڀؤنر کي وڃي لڳو، ۽ ڀؤنر مري ويو. ڀؤنر جو مرڻ ۽ ديو جو ڪوٽ ۾ ڌڙام ڪري اچي ڪرڻ... ۽ ديو اُتي ئي ڍير ٿي پئجي رهيو. ٻيئي ڏاڍا خوش ٿي، هاڻي ٻاهر نڪرڻ جا سانباها ڪرڻ لڳا. ان کان اڳ ساعت ملوڪ کي خيال ٿيو ته هنن ويچارن دنبن کي ته ڇوڙي ڇڏيان. پوءِ هڪ هڪ جي رسيءَ کي ڪپيندو ويو، ۽ هو ماڻهو ٿيندا ويا، ۽ هن جا شڪرانا مڃڻ لڳا- ۽ پاڻ اُن پريءَ کي گهوڙي تي ٻيلهه چاڙهي، وٺي جو زور سان گهوڙي کي اڙي هنيائين ته گهوڙو ڪوٽ جي هن پاسي اچي بيٺو، ۽ اتي آيو جتي اُهي پٿر رکيا هئائين. ساعت ملوڪ اهي کڻڻ لڳو، ته اُن پريءَ پڇيس ته ”اهي ڇو ٿو کڻين؟“ جنهن تي هن کي سموري ڳالهه ڪري ٻڌايائين. پريءَ چيس ته ”بار کڻڻ جي هروڀرو ضرورت نه آهي. اهي موتي منهنجي رت جي ڦڙن مان ٺهيا آهن. جڏهن کوهه ۾ ديو مون کي اونڌو ٽنگي ويندو هو، تڏهن منهنجي نڪ ۽ وات مان جي رت جا ڦڙا وهندا هئا، انهن مان اهي ماڻڪ جڙيا ٿي، ۽ جيڪڏهن توکي ضرورت پيئي، ته مان پنهنجي بدن مان رت جا ٻٽي ڦڙا ڪڍنديس، ته موتي ٿي پوندا! ياد رک منهنجو نالو ’موتي جان پري! آهي.“ ساعت ملوڪ، اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ٻيئي گڏجي اڳتي هلڻ لڳا، ۽ آخر اچي پنهنجي شهر ۾ پهتا. وزير اڳي ئي انتظار ۾ هو، سو هن کان اچي موتي گهريائين. ساعت ملوڪ اچي موتي جان پريءَ کان گهريا. هن ڇا ڪيو، جو ڪپ کڻي، پنهنجو رت ڪڍڻ لڳي، ته شهزاديءَ چيس ته ”ادي، مون وٽ ڪجهه موتي پيل آهن، آءٌ کڻي آئي آهيان- ۽ ساعت ملوڪ اهو کڻي، اچي وزير کي ڏنو ۽ هن وڃي بادشاهه جي اڳيان رکيو، جنهن هار ۾ پورائي، ڌيءُ ڏي ڏياري موڪليو.

بادشاهه جي ڌيءَ هاڻي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ تيل سرما ۽ پوشاڪ پهري، اهو هار ڳچيءَ ۾ پائي، اچي چتونءَ جي اڳيان بيٺي، ۽ چيائين ته ”مِٺو، ڪر خبر، مان سهڻي ٿي لڳان!“ چتونءَ ورندي ڏني ته ”سائڻ، جي جيئدان ڏين، ته هڪڙي ڳالهه چوان.“ بادشاهه جي ڌيءُ چيس ته ڪو ڊپ نه ڪر، ڀلي ٻڌاءِ.“ چتونءَ چيس ته ”هاڻي، اهو هار ائين نٿو ٺهي... سو، جي ’گُل ڦُل‘ جا ڪپڙا پائين، ته پوءِ واهه جو سُهڻي لڳين!“ بس اها ڳالهه ٻڌڻ سان شهزاديءَ يڪدم هار ٽوڙي، پيءُ ڏي ڏياري موڪليو- چي، ’گُل ڦُل‘  جا ڪپڙا آڻائي ڏي، نه ته آءٌ ڪانه جيئنديس!“ بادشاهه، اهو ٻڌي، وزير کي چيو ته ”هاڻي ويل ۾ پياسين- ’گُل ڦُل‘ جا ڪپڙا ڪٿان اچن؟“ وزير جواب ڏنو ته ”بادشاهه سلامت، اهو ڪم به ساعت ملوڪ کانسواءِ ٻيو ڪونه ڪندو، سو آءٌ وٽس وڃي ميڙ منٿ ڪري، مڃايانس ٿو- اوهان دلجاءِ ڪريو.“ ائين چئي، ساعت ملوڪ وٽ آيو، ۽ اچي چيائينس ته ”ادا، اسان تي جهڙي مهرباني ڪئي اٿئي، تهڙي ڪر- بادشاهه توتي ڏاڍو راضي آهي. هاڻي اسان کي هڪڙو ’گُل ڦُل‘ جو وڳو آڻائي ڏي.“ ساعت ملوڪ چوڻ لڳو ته ”اوهان مان چڱا ڦاٿاسون... ’گُل ڦُل‘ جو وڳو مون وٽ ڪٿان آيو؟“ ۽ ائين ڪاوڙ مان ڳالهائيندو، گهر هليو آيو. ڪوٽ واريءَ پريءَ هن جو رخ بدليل ڏسي پڇيو ته ”سائين، ڇو! ڪنهن تي ناراض ٿيا آهيو؟“ تنهن تي هن سموري ڳالهه ڪري ٻڌايس. ڳالهه ٻڌي، اُن پريءَ چيس ته ”اهڙو وڳو آڻڻ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي! هاڻي، تون ڀَلو گهوڙو سنجائي، فلاڻو رستو وٺي، سڌو هليو وڃ، ۽ ٻيو ڪيڏانهن به نه ڦرج- نه ته موٽي نه سگهندين. اهو سڌو ئي سڌو رستو وٺي ويندين، ته هڪڙي تلاءَ تي وڃي بيهندين. اُن تلاءَ ۾ وهنجڻ لاءِ هڪ ٽولو پَرين جو ايندو آهي. اُنهن کي ايندو ڏسي، تون لڪي ويهي رهج. جڏهن ڏسين ته سڀني پرين پنهنجا ڪپڙا لاهي

هيٺ رکيا آهن، ۽ انهن مان هڪ پريءَ پنهنجا ڪپڙا ڳاڙهيءَ کٽ تي لاهي رکيا آهن، ان وقت تون اُن جا ڪپڙا کڻي، کٽ تي چڙهي، پٺ ورائي ويهي رهج. پوءِ هُو گهڻائي جنتر منتر پڙهنديون، ۽ توکي ساڙڻ جي ڪوشش ڪنديون، پر هيءَ منهنجي منڊي پائي ساڻ کڻي وڃ، جنهن جي پائڻ ڪري توتي انهن جو ڪوبه اثر نه ٿيندو. پوءِ حيلا هلائي ٻيون سڀئي پريون پنهنجا پنهنجا ڪپڙا کڻي ان پنهنجيءَ شهزاديءَ کي اڪيلو ڇڏي هليون وينديون. پوءِ هوءَ توکي ڪپڙن ڏيڻ لاءِ منٿون ڪندي، پر تون سندس ڪپڙا سوگها جهلي، کٽ تي چڙهي ويٺو رهج. جڏهن هوءَ منٿون ڪري عاجز ٿئي، تڏهن تون پنهنجي چادر کيس ڍڪڻ لاءِ ڏج، ۽ جڏهن اها چادر ويڙهي، هوءَ تو وٽ اچي، ته هيءَ منڊي سندس ڪنهن به عضوي تي لائج، ته هن جو سمورو جادو چَٽُ ٿي ويندو. بس، پوءِ اُهي ڪپڙا کڻي، هليو اچج. پر اتفاق سان، ويندي ويندي، جي تلاءَ جو رستو ڀُلجي پوين ته واٽ تي هڪ ٻئي کان ڪجهه پرڀرو ويٺل فقيرن کان ’گلان پريءَ‘ جي تلاءُ جو پڇندين ته اُهي توکي رستي لائيندا.“

ساعت ملوڪ، ’موتي جان‘ پريءَ کان اها ڳالهه ٻڌي، گهوڙي تي چڙهي ڏسيل رستو وٺي اتي روانو ٿيو. هلندي هلندي، واٽ تي هڪڙو فقير ويٺل ڏٺائين، اُن وٽ وڃي کانئس تلاءَ جو ڏس پڇيائين، جنهن چيس ته ”ادا، مون کي خبر نه آهي- اڳيان ٻيو فقير ويٺل ڏسندين، جنهن کان پتو پوندءِ.“ ساعت ملوڪ گهوڙو هڪلي اچي ٻئي فقير وٽ پهتو، ۽ ڏس پڇيائينس. فقير چيو ته ”مون کان به وڏو فقير اڃا اڳتي ويٺو آهي، اُن کان وڃي پڇ.“ وري کڻي گهوڙو هڪليائين، ۽ هڪليندي هڪليندي، ٽئين فقير وٽ اچي پهتو. پڇڻ تي ان فقير چيس ته ”هي رستو سڌو وٺي وڃ.... اڳيان گلان پريءَ جو تلاءُ آهي.“ ساعت ملوڪ خوش ٿي، وٺي گهوڙي کي تڙيو. آخر اچي تلاءَ تي پهتو، ۽ لڪي ويهي رهيو. ٿوريءَ دير بعد، پرين جو هڪ ٽولو وڏي تجمل ۽ شان سان، ڇپر کٽ سميت، تلاءَ تي اچي لٿو، ۽ شهزاديءَ سميت پنهنجا ڪپڙا ۽ پوشاڪون لاهي، هو مزي سان تلاءَ ۾ وهنجڻ لڳيون. ساعت ملوڪ وجهه ڏسي، کٽ تي پيل شهزاديءَ جا ڪپڙا، ويڙهي سيڙهي جهوليءَ ۾ ڪري، لت ڏيئي کٽ تي چڙهي بالم ٿي ويهي رهيو. پريون، هن آدمزادي کي ڏسي، يڪدم منتر پڙهڻ لڳيون، پر منڊيءَ جي زور تي هن کي ڪجهه به اثر ڪونه ٿيو. جڏهن مٿو هڻي هڻي، ڪڪ ٿي پيون، تڏهن گلان پريءَ کي چيائون ته ”هي ماڻهو ڪو وڏو زور وارو ۽ پڙهايل ٿو ڏسجي- هاڻي اجايو اسان به نه آئيءَ ۾ اچي وڃون، تنهنڪري تون ڄاڻ تنهنجو ڪم ڄاڻي... اسان جي الهه وائي.“ ائين چئي، هو پنهنجا ڪپڙا ڍڪي وينديون رهيون. گلان پري اچي ششدر ٿي، ۽ ساعت ملوڪ کي ڪپڙڻ ڏيڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳي. پر هيءُ به وڏي استاد  جو پڙهايل هو، سو هٿ آيل ڪپڙا ڪٿي ٿو ڏئي! نيٺ هن جي منٿن ۽ زارين تي، کيس پهرڻ لاءِ پنهنجي چادر ڏنائين، جا ڍڪي هوءَ تلاءَ مان نڪري، هن وٽ آئي. هن يڪدم اها منڊي کڻي هن جي هٿ تي گهمائي، ته هن جو سمورو جادو هليو ويو. پوءِ گلان پريءَ وري چيس ته ”آءٌ هاڻي پنهنجن کان نڪري چڪيس، سو جيڏانهن وڻئي تيڏانهن وٺي هلينم.... مان هاڻ تنهنجي آهيان.“ ساعت ملوڪ خوش ٿي، هن کي پنهنجن ڪپڙن مان ڪجهه ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا، ۽ پوءِ ٻيئي گهوڙي تي چڙهي، اُٿي واپس پنڌ پيا.

هلندا هلندا، اچي وڏي فقير وٽ پهتا، فقير ٻنهي کي ڏسي، دانهن ڪري چيو ته ”او شهزادا، اسان گلان پري اڳ ڏٺي به ڪانهي، پر ڪڏهن ڪڏهن هيءَ هتان پنهنجي سهيلين سان گڏجي، ساز ۽ سرود سان ناچ ڪندي، لنگهندي هئي. آءٌ رڳو ان رسيلي آواز تي موهجي سالن کان هتي ويٺو آهيان. هاڻي، خدا جي واسطي ڪجهه هن جي ناچ جو تماشو ڏيکار.“ تنهن تي ساعت ملوڪ چيس ته ”جيڪڏهن توکي هن جو ناچ ڏيکاريان، ته پوءِ تون انعام ڇا ڏيندين؟“ هن وراڻيو ته ”سائين، مون وٽ ٻيو ته ڪجهه ڪونهي- باقي هڪڙي ’سيلهي ۽ ڏنڊو‘ آءٌ توکي ڏيندس، جو ڪيتري به لشڪر تي چوندينس ته ’پَڪڙ وي سيلهي، مار وي ڏنڊا‘ ته انهن مان هڪ به نه بچندو.“ ساعت ملوڪ چيو ته ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين؛ مون کي ڏي، ته ڏسان ته سهي.“ فقير سيلهي ڏنڊو کڻي هن کي ڏنو. ساعت ملوڪ ٻيئي وٺي، چيو ته ”پڪڙ وي سيلهي، مار وي ڏنڊا- نه ڇڏ فقير کي!“ ته فقير جي مٿان ڏنڊن جو ڦهڪارو ٿي ويو، ۽ هڻي فقير کي سمهاري ڇڏيائين. خير، ڏنڊو سيلهي کڻي، هو وري به اُٿي پنڌ پيا. هڪليندي هڪليندي، وري اچي ٻئي فقير وٽ پهتا، جنهن به دانهن ڪري چيس ته ”سائين، خدا واسطي مون کي گُلان پريءَ جو ناچ ڏيکار- مون کي سڪندي سال گذري ويا آهن.“ تنهن تي ساعت ملوڪ هن کان به ساڳيو سوال ڪيو. فقير وراڻيو ته ”مون وٽ هڪ اهڙي ڪرامتي ديڳڙي آهي، جو جيڪڏهن اُن ۾ فقط پاڻي ڍُڪُ وجهي، کڻي رک، ۽ چوينس ته ’فلاڻو ڪي فلاڻو طعام تيار ٿئي.‘ ته ٿوري دير ۾ اهو کاڌو تيار ٿي پوندو. پوءِ اُن جي مٿان ڪپڙو ڏيئي، اُن مان ڪڍندو، خلقتون کارائي ڇڏ، پر ديڳڙي ڪانه کٽيندي.“ آخر اُن کان  آزمودي لاءِ اها ديڳڙي وٺي، ٿورو پاڻيءَ ڍُڪ وجهي، باهه تي رکي ساعت ملوڪ چيو ته ”پلاءُ تيار ٿئي.“ ته منٽن ۾ پـُلاءُ تيار ٿي پيو، جو هنن ڍءُ ڪري کائي، پوءِ سيلهي ڪڍي چيائين ته ”پڪڙ وي سيلهي، مار وي ڏنڊا- نه ڇڏ فقير کي.“ ته فقير جا پساهه اتي ئي پورا ٿي ويا. پوءِ اها ديڳڙي کڻي هو وري به اٿي پنڌ پيا. ڪهندا ڪهندا، وري اچي ٽئين فقير وٽ پهتا، فقير هن کي ڏسي، رڙ ڪري چيو ته ”اي سائين، خدا جي نالي گلان پريءَ جو ناچ گانو ڏيکاريندو وڃ!“ ساعت ملوڪ هن کان به ساڳيو سوال ڪيو، جنهن تي هن وراڻيو ته ”سائين، مون وٽ هڪ ’اڏند کٽولي‘ آهي، جنهن تي جيڪڏهن چڙهي ويهبو ۽ چئبس ته ’هَلُ فلاڻي هنڌُ‘ ته يڪدم اتي پهچائيندي.“ اهو ٻڌي، ساعت ملوڪ چيس ته ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.“ جنهن تي فقير اُڏند کٽولي اچي حاضر ڪئي. بس پوءِ ته ساعت ملوڪ پريءَ ۽ گهوڙي سميت اُن تي چڙهي ويٺو، ۽ چيائينس ته  هَلُ ڙي اڏند کوٽي، جاتي مهنجي جاءِ.“ ته منٽن ۾ اچي ماڳ پهتو، ۽ فقير اتي اکيون ڦاڙيو ويٺو رهيو.

ساعت ملوڪ جي اچڻ جي خبر ٻڌي، وزير يڪدم وٽس آيو ۽ کانئس ’گل ڦل ڪپڙا‘ وٺي، خوش ٿي، وڃي بادشاهه کي اڳيان رکيائين. جنهن پنهنجي ڌيءُ ڏي ڏياري موڪليا. بادشاهه جي ڌيءُ تيل سرما ۽ هار سينگار ڪري، عطر عنبير لڳائي. ’گل ڦل ڪپڙا‘ پهري، مٿان جو کڻي هار پاتو ته پرستان جي پري ٿي پيئي. يڪدم اچي چتونءَ جي اڳيان بيٺي، ۽ چيائينس ته ”مٺو! ڪر خبر، مان سهڻي ٿي لڳان!“ طوطي چيو ته ”شهزادي، آءٌ ڳالهه ڪندس، ته مون کي مارائي ڇڏيندينءَ.“ هُن چيو ته ”ڪو ڊپ نه ڪر، ڀلي ٻڌاءِ!“ چتونءَ چيو ته ”ڀلا ٻُڌ. هي هار ۽ ڪپڙا تنهنجي شڪل کان گهڻو وڌيڪ آهن؛ تنهنڪري جيڪڏهن هڪ ئي وقت ۾ هڪ رنگي پَهرائتين سَؤ جو کير پين، ته پوءِ هوند ڏاڍي سُهڻي لڳين.“ شهزاديءَ يڪدم هار ۽ ڪپڙا لاهي، پيءُ ڏي ڏياري موڪليا- چي، ”مون کي يڪدم سؤ پهرائتيون ۽ هڪ رنگيون مينهون گهرائي ڏي، نه ته ڪانه جيئنديس.“ بادشاهه کي ڪاوڙ ته ڏاڍي لڳي، پر نياڻي هيس هڪڙي ۽ سڪيلڌي- سو غُصو پي ويو. نوڪرن چاڪرن کي موڪليائين، پر ڪو ڪهڙي مينهن ڪاهيو اچي، ته ڪو ڪهڙي- پهريائتيون ته هزارين، پر هڪ رنگيون ڪٿان اچن؟

آخر وزير کي وري به ساعت ملوڪ ڏانهن موڪليائين، جنهن اچي کيس مينهين آڻڻ لاءِ عرض ڪيو. ساعت ملوڪ ڪاوڙجي، وزير کي ڳالهائيندو، گهر ڏانهن ويو. گُلبدن پريءَ هن کان ڪاوڙجڻ جو سبب پڇيو. هن ساري ڳالهه ڪري ٻڌائي، ۽ چيائين ته ”آءٌ ته هن وزير مان اڙجي ويو آهيان. هاڻي، هڪ سؤ هڪ رنگي پهريائتيون مينهون آءٌ ڪٿان پيدا ڪريان؟“ اهو ٻڌي، گلبدن پريءَ چيس ته ”دل نه لاهه، دوستن لاءِ سر به ڏبا آهن. هاڻ هي وينڊو پائي، اُڏند کٽوليءَ ۾ چڙهي، وڏي ديو جي جاچ تي وڃ، ۽ ‘پڪڙ سيلهي‘ به ساڻ کنيو وڃي. اُتي پهچندين، ته هڪ قُبو نظر ايندئي، جنهن کي دروازو آهي ئي ڪونه. پوءِ تون هيءُ وينڊو اُن قُبي جي ڀِت کي لڳائيندين، ته ان ۾ هڪ دري ٿي پوندي. اتي اندر ڇپر کٽ تي هڪ زال ويٺل ڏسڻ ۾ ايندئي، جا منهنجي ماسات آهي، تون بيڌڙڪ وڃي، اُن سان گڏ کٽ تي ويهجانءِ... ته يڪدم هڪڙو ديو واڪا ڪندو ايندو. تون به پنهنجي ’سيلهي ڏنڊن‘ کي کڻي حڪم ڏج... ته پوءِ هو موچڙن کان ڪڪ ٿي، توکان ڪم جو پڇندو، تون اِهو ڪم اُن تي رکج، ته هو مينهون آڻي توکي ڏيندو- جي منهنجي ماسات سميت ڪاهي آڻي هتي ڪڍ.“ اها ڳالهه ٻڌي، هي، ’سيلهي ڏنڊي‘ سميت، اُڏند کٽوليءَ ۾ چڙهي ويٺو، ۽ ان کي چيائين ته ”هل ڙي، اتي، جتي گلان پريءَ جي ماسات...“ ته يڪدم اچي اتي پهتو. پوءِ ڏس موجب قبي جي ڀت کي وينڊو هنيائين، ته يڪدم ان ۾ هڪ دري ٿي پيئي. ساعت ملوڪ بيخوف وڃي، اُن پريءَ سان گڏ کٽ تي چڙهي ويٺو. پري پهريائين اوپرو ماڻهو ڏسي ڇرڪي، ۽ پوءِ جو هُن وٽ پنهنجيءَ ماسات جو وينڊو ڏٺائين ته ڪپڙن ۾ نه پيئي ماپي. ويهي ساعت ملوڪ سان ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ لڳي... ته ايتري ۾ ديوُ به ڪڙڪا ڪندو، اچي قبي کي ويجهو پهتو، ۽ ساعت ملوڪ کي چيائين ته ”اي آدمزاد، توکي ايتري همت ڪٿان آئي، جو منهنجي آستاني اندر اچي ويٺو آهين...! بيههُ، ته توکي چڱيءَ طرح ڏسان ٿو!“ ائين چئي، جيئن قبي کي ويجهو اچڻ لڳو، ته ساعت ملوڪ يڪدم ’سيلهي ڏنڊو‘ سنبرائي، اُن کي چيو ته ”پڪڙ سيهلي، ماري وي ڏنڊا- نه ڇڏ هن ديوَ کي!“ بس موچڙن جي ڦهَه ڦهَه پئجي ويئي... ديوَ جي دانهن تي دانهن پيئي پوي. نيٺ ڪڪ ٿي چيائين، ”اي آدم جا ٻچڙا، تون ڀلي پريءَ کي وٺي وڃ، پر منهنجي موچڙن کان جند ڇڏاءِ.“ ساعت ملوڪ چيس ته ”هيءُ پري ته ضرور وٺي ويندس، پر هڪ سؤ پهرائتيون هڪ رنگيون مينهون يڪدم آڻي ڏي.“ ديو چيو ته ”حاضر، آڻي ٿو ڏيانءَ، پر ڏنڊي کي جهل.“ ساعت ملوڪ چيس ته ”نه، جيستائين مينهون نه آڻيندين، تيستائين اِهي موچڙا لڳندا رهندءِ.“ ديوَ ننڍن ديون کان پڇيو، پر مينهون ڪي هڪيون تڪيون ته بيٺل ڪونه هيون، جو يڪدم اچن؟ آخرڪار جيسين مينهون به سموريون اچي گڏ ٿيون، تيسين ته ديو به سٽجي ڍير ٿي پئجي رهيو. ساعت ملوڪ، پريءَ ۽ مينهنِ سميت، اُڏند کٽوليءَ ۾ چڙهي ويٺو، ۽ ان کي چيائين ته ”هل ڙي اُڏند کٽولي، جتي منهنجو گهر...“ ته انهيءَ ئي گهڙيءَ اچي گهر لٿا. سڀئي خوش ٿيا، ۽ وزير به خبر ٻڌڻ سان  ڊوڙندو آيو، ۽ مينهون بادشاهه جي اڳيان وڃي حاضر ڪيائين. آخرڪار بادشاهه جي ڌيءُ انهن مينهن جو کير پيئڻ لڳي، ۽ ٿورن ڏينهن ۾ مچي رچي مڳ ٿي پيئي.

هڪڙي ڏينهن، وري هار سينگار ڪري، ۽ ’گل ڦل ڪپڙا‘ پائي، چتونءَ جي اڳيان بيهي، اچي چيائين، ”مٺو، ڪر خبر، مان سهڻي ٿي لڳان!“ چتونءَ غريب، خوف وچان ٿڙ ڪي، شهزاديءَ کي چيو ته ”سائڻ، آءٌ پکي ذرڙي جيڏو آهيان؛ هاڻي وري سچ ٿو چوان، ته تون مون کي اُڦٽ مارائي ڇڏيندينءَ.“ هن چيو ته ”ڇا مون توکي اڳ ڪڏهن ستايو آهي؟ تون بيشڪ چئي ڏي.“ طوطي چيو ته ”اي شهزادي، تون هينئر ڏاڍي سهڻي ٿي پيئي آهين، ۽ زور به ورتو اٿيئي- سو، هاڻي تون مڙس ڪر، نه ته هيءَ تنهنجي سونهن ۽ جواني ٻيئي اَجايون.“ طوطي جي ڳالهه ٻڌي، شهزاديءَ چيو ته ”واهه! صلاح ته سهڻي ڏني اَٿيئي.“ ۽ يڪدم پيءُ ڏي چوائي موڪليائين ته ”هاڻي مون کي شادي ڪراءِ، نه ته ڪانه جيئنديس.“ بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وزير کي چيائين ته ”صلاح ڏي ته شهزاديءَ کي مڙس ڪهڙو ڏجي؟“ وزير چيو ته ”سائين، ساعت ملوڪ کان سواءِ، ٻيو اُن جي لائق آهي ئي ڪونه، جو سندس اُنگل پورا ڪري.“ بادشاهه کي اها صلاح پسند آئي، ۽ ڌيءُ جي شادي ساعت ملوڪ سان وڏي ڌام ڌوم سان ڪرائي، هن کي پنهنجي تخت تي ويهاري چيائين ته ”ابا، هاڻي آءٌ پيرسن ٿي ويو آهيان، تنهنڪري هي ملڪ ۽ تخت تاج سڀڪجهه تنهنجي حوالي آهن- ويهي مزي سان حڪومت ڪر.“ ساعت ملوڪ جون چار زالون ته اڳ ئي هيون- پنجين هن جي ڌيءُ به پرڻجي، مزي سان ويهي راڄ ڀاڳ ماڻڻ لڳو.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، ساعت ملوڪ جي وڏيءَ راڻيءَ هن کي چيو ته ڪجهه سامان ۽ لشڪر، ’سيلهي ڏنڊي‘ سميت، ساڻ ڪري، منهنجي پيءُ وٽ هلڻ گهرجي، ته جيئن کيس خبر پوي ته بخت جي بازي ڇا آهي!“ ساعت ملوڪ سندس اها ڳالهه ٻڌي، سنبري تيار ٿيو، هن زال کي به کنيائين... ۽ آخر انهيءَ بادشاهه جي شهر جي ٻاهران اچي خيما کوڙيائين. هن کي پيغام موڪليائين ته ”اچي پيش پئو، نه ته توسان جنگ آهي.“ بادشاهه اهو پيغام ٻڌي ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ پيغام آڻيندڙ ماڻهوءَ کي اُڦٽ مارائي ڇڏيائين، ۽ پڻ ساعت ملوڪ سان جنگ جا يڪدم سانباها ڪري، ميدان ۾ اچي يلغار ڪرڻ لڳو. اتي ساعت ملوڪ وٺي جو ’سيلهي ڏنڊي‘ کي بڇيو، ته ساري لشڪر تي ڏنڊن ۽ موچڙن جي مارو مار پئجي ويئي. هيءُ حال ڏسي، بادشاهه حيران ٿي ويو، ۽ ساعت ملوڪ ڏي صلح جو پيغام موڪليائين، جو هن منظور ڪيو، ۽ بادشاهه کي مانيءَ جي دعوت ڏنائين. جڏهن بادشاهه سندس تنبوءَ ۾ آيو، ۽ ماني کائي بس ڪيائين، تڏهن شهزاديءَ بادشاهه جي اڳيان بيهي چيو ته ”توهان مون کي سڃاڻو ٿا؟“ بادشاهه هن ڏي ڏسي، چيو ته ”نه“ شهزاديءَ چيو ته ”آءٌ اُها اوهان جي ڌيءُ آهيان جنهن کي تو هڪ ’بَڊي‘ سان گڏ ملڪ نيڪالي ڏني هئي. اي بادشاهه! ڏس منهنجي مالڪ جي عطا ۽ عنايت- بخت جي بازي اِها اٿَو.“ بادشاهه اهو ٻڌي، پنهنجي ڪئي کي ياد ڪري، ڏڪڻ لڳو، ۽ اکين ۾ آب آڻي ڌيءُ کي کڻي ڀاڪر ۾ ڪيائين، ۽ هن کي وٺي وڃي ڀيڻن سان ملايائين، جي هن کي ڏسي ڏاڍيون خوش ٿيون... ۽ ڪيترا ڏينهن سڀني گڏجي اتي سڪ محبت ۽ خير خوشيءَ جا گذاريا.

پوءِ ساعت ملوڪ، شهزاديءَ کي ساڻ ڪري، موٽي پنهنجيءَ بادشاهيءَ ۾ آيو، ۽ ٻيئي گڏجي، سڀني راڻين سميت، آرام سان اُتي ويهي حڪومت هلائڻ لڳا.

 

●●●

گنجو فقير ۽ گلشن شهزادي

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾، شهزور نالي هڪڙو بادشاهه هوندو هو، جنهن کي روشن ۽ گلشن نالي ٻه شهزاديون هيون- روشن وڏي هئي ۽ گلشن ننڍي هئي. بادشاهه پنهنجي ڌيئن جو سڱ ڪنهن سان به ڪرڻ پسند نه ڪندو هو. وڏي شهزاديءَ جو ويٺي ويٺي مٿو به اڇو ٿي ويو هو. ننڍي شهزادي پنهنجي وڏيءَ ڀيڻ جو هيءُ حال ڏسي، دل ئي دل ۾ سوچيندي هئي ته ”لاشڪ بابو مون کي به ويهاري اڇو مٿو ڪرائي ڇڏيندو.“ آخر هڪ ڏينهن ڇا ڪيائين، جو ٻه گدرا گهرائي- هڪ  وڏو ۽ پاروٿو، ٻيو ننڍو ۽ تازو- ٿالهيءَ ۾ رکي، ڳجهارت طور بادشاهه کي درٻار ۾ ڏياري موڪليائين. بادشاهه هي گدرا ڏسي، وزير کان پڇيو، ”هن ۾ ڪهڙو راز رکيل آهي؟“ وزير چيس ته ”قبلا، وڏو ۽ پاروٿو گدرو اوهان جي وڏيءَ شهزاديءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو، ۽ هي ننڍو ۽ تازو گدرو ننڍيءَ شهزاديءَ ڏانهن. هنن گدرن موڪلڻ مان مقصد هي ٿو نڪري ته اوهان جي ننڍي شهزادي شادي ڪرڻ چاهي ٿي.“ بادشاهه هيءَ ڳالهه ٻڌي، تپي باهه ٿي ويو، ۽ هڪدم ڪوٽوال کي حڪم ڏنائين ته ”ڪو اهڙو شخص حاضر ڪر، جو گندي ۾ گندو ۽ ذليل هجي، جنهن جي ڏسڻ سان پري کان ئي ڪراهت اچي.“ اهو ٻڌي، ڪوٽوال ٻاهر نڪري ڏسي ته هڪ گنجو فقير آهي، جنهن کي شهر جا ڪيترا ٻار چريو چريو ڪري ڀتر هڻي رهيا آهن. ڪوٽوال انهيءَ فقير کي بادشاهه وٽ وٺي آيو. بادشاهه شهزادي گلشن کي کٿي جا ڪپڙا ڍڪائي، انهيءَ فقير جي حوالي ڪري چيو، ”اڄ کان پوءِ هيءَ تنهنجي زال آهي- هن کي جيڏانهن وڻيئي، اوڏانهن وٺي وڃ.“

فقير، شهزاديءَ کي پاڻ سان وٺي، پنهنجي پوڙهيءَ ماءُ وٽ آيو. ماڻس هن سان گڏ هڪ سهڻي ۽ نوجوان عورت ڏسي، کيس چيو، ”ماريا، هيءَ پرائي ڄائي ڪٿان کڻي آيو آهين؟“ تنهن تي شهزاديءَ انهيءَ پوڙهي کي چيو، ”امڙ، هي مون کي زوريءَ ڪونه کڻي آيو آهي، پر منهنجي پيءُ مون کي رضا خوشيءَ سان هن جي حوالي ڪيو آهي- هاڻي مان تنهنجي پٽ جي زال ۽ تنهنجي ننهن آهيان.“ شهزاديءَ جا مٺڙا ٻول ٻڌي، پوڙهي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ کيس ڀاڪر پائي پاڻ سان ويهاريائين. شهزاديءَ ڏٺو ته گهر ۾ ٻيو ته ڪجهه به ڪونهي، باقي رڌڻ لاءِ ٽامي جا ديڳڙا ۽ ٿالهيون پيل آهن- سو، اُهو ٽامي جو سامان گنجي کي ڏيئي، چيائين، ”هي وڪڻي ٺڪر جا ٿانو وٺي اچ، ۽ باقي جيڪي پئسا بچن، انهن مان نوڙي ۽ ڪهاڙو وٺي اچ، ته ڪاٺيون ڪري پيٽ گذران ڪريون.“ گنجي ويچاري کي خدا کڻي ههڙي زال ڏياري هئي، سو يڪدم ٽامي جا ٿانو وڪڻي، ٺڪر جا ٿانو، ڪهاڙو ۽ نوڙي وٺي آيو، ۽ پوءِ ڪاٺين مان جيڪي پئسا ٿيندا هئس، اُهي شهزاديءَ کي آڻي هٿ ۾ ڏيندو هو. شهزادي اُنهن مان گهر جو خرچ به هلائيندي هئي، ۽ ڪجهه بچائي به رکندي هئي.

هڪڙي ڏينهن، هڪ سوداگر شهر ۾ پڙهيو ڏياريو ته ”مون کي نوڪر جي ضرورت آهي؛ جيڪو نوڪري ڪندو، اُن کي چڱو پگهار ڏيندس.“ گنجي اُهو پڙهو ٻڌي، اچي شهزاديءَ سان ڳالهه ڪئي. شهزاديءَ کيس سوداگر وٽ نوڪري ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني، ۽ کيس چيو ته ”سوداگر کان هڪ مهيني جو پگهار اڳواٽ وٺي، خرچ پکي لاءِ ڏيئي وڃ.“ هو ڇهن مهينن جو پگهار وٺي، شهزاديءَ کي ڏيئي، سوداگر سان گڏ روانو ٿي ويو.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، سوداگر جو قافلو هڪ برپٽ ۾ پهتو، جتي هنن جو پاڻي ختم ٿي ويو. نوڪر پاڻيءَ جي ڳولا ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳا. ويچارو گنجو به پاڻيءَ جو ڏول کڻي، اُٿي هڪ طرف هليو. واٽ تي کوهه ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ يڪدم ڏول کوهه ۾ وجهي، پاڻي ڪڍڻ لڳو. اڃا ڏول کي ڇڪ ڏنائين، ته ڪا شيءِ ڏول کي چهٽي پيئي. هن به نه ڪئي هم نه تم، پنهنجي بازن جو زور لڳائي، ڇڪي ڪڍيائينس ٻاهر. ڏسي ته هڪ حسين عورت ڏول کي چنبڙي پيئي آهي. هن ان کي ٻاهر ڪڍيو، ۽ خبر چار پڇيائينس. هن چيو ته ”آءٌ پري آهيان، منهنجو نالو گلزار پري آهي. مون کي پنهنجي پيءُ ڪاوڙجي هن کوهه ۾ ڦٽو ڪيو هو- اڄ تو اچي مون کي ڪڍيو آهي. هاڻي تون منهنجو مڙس ۽ مان تنهنجي زال آهيان.“ گنجي چيو، ”مون کي اڳيئي هڪ زال آهي؛ جي هن موڪل ڏني، ته پوءِ توسان شادي ڪندس، نه ته نه.“ پريءَ چيس، ”تون مون کي پنهنجي زال وٽ وٺي هل ته مان هن کي منٿ ڪري مڃايان.“ گنجي چيو ته ”آءٌ هڪ سوداگر جو نوڪر آهيان ۽ ان جي ڪم ڪار جي پٺيان وڃي رهيو  آهيان، تنهنڪري واپس توسان پنهنجي ڳوٺ هلي ڪونه سگهندس.“ پريءَ چيس ته ”ڀلا وعدو ڪر ته جڏهن سفر تان موٽندين، تڏهن مون کي به ساڻ وٺي هلندين.“ گنجي چيس ته ”جيڪڏهن جيئرو هوندس، ته موٽڻ وقت توکي به پاڻ سان وٺي هلندس.“ ائين چئي، ڏول پاڻيءَ سان ڀري هلڻ لڳو. پريءَ کيس ٻه ڏاڙهون ڏنا، جي وٺي اچي قافلي سان گڏيو، ۽ سڀني پاڻي پي ڍؤ ڪيو. ڪجهه وقت آرام ڪري، قافلو اڳتي هلڻ لڳو ته واٽ تي هڪ ٻيو قافلو گڏين، جو شهزور بادشاهه جي ملڪ ڏي وڃي رهيو هو. ٻنهي قافلن جي سوداگرن پنهنجن ماڻهن کي چيو ته ”جنهن کي به پنهنجن عزيزن ڏانهن نياپو ڏيڻو هجي ته ڏئي.“ هي ٻڌي، گنجي به پريءَ وارا ٻه ڏاڙهون سوداگر جي هٿ، پنهنجي گهر جو ڏس پتو ڏيئي، موڪلي ڏنا.

گنجي فقير وارو قافلو پوءِ منزلون هڻندو، هڪ شهر ۾ اچي پهتو. سامان سڙو لهرائي، سوداگر حڪم ڏنو ته ”جنهن کي به شهر گهمڻ جو شوق هجي، ته ڀلي وڃي گهمي ڦري. اسان هتي ٻه ٽي ڏينهن آرام ڪنداسون.“ ٻين نوڪرن سان گڏ گنجو به شهر گهمڻ هليو، مگر اتفاق سان رستو ڀلجي، وڃي هڪ جهنگ ۾ پيو. اُتي کيس سج لهي ويو، ۽ رات پئجي ويئي. گنجي خيال ڪيو ته ’هاڻي صبح تائين هتي ترسڻ گهرجي؛ پوءِ ڏينهن شينهن آهي، پاڻيهي پڇائي قافلي سان ملندس.‘

 اهو خيال ڪري، هڪ وڻ تي چڙهي ويهي رهيو، اڃا رات جا ٻه پهر مس گذريا، ته هن کي ڪن ماڻهن جي هلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، اهو آواز ٻڌي، هن ويچاري جو ساهه ئي سڪي ويو، ۽ سمجهيائين ته چور آهن، سو اَوس اچي مون کي جهليندا، پوءِ رڙهي، وڻن جي گهاٽن پنن ۾ وڃي لڪي ويٺو. دير ئي نه گذري، ته ڏسي ته چار ماڻهو هڪ ڪاٺ جي جُڙيل پيتي کڻي آيا، ۽ انهيءَ وڻ هيٺان کڏ کوٽي، پوري هليا ويا. هن کي پڪ ٿي ته پيتيءَ ۾ ڪجهه خزانو آهي- سو، يڪدم هيٺ لهي، کڏ کوٽي، پيتي ڪڍي ٻاهر ڪيائين. پيتيءَ جو تالو ڀڃي، کڻي جو ڍڪ مٿي ڪري، ته سبحان الله، پيتيءَ ۾ هڪڙو، ننڍڙو ٻار ستو پيو آهي! هن خيال ڪيو ته ’صبح ٿيڻ تي، ڇوڪري کي وڃي ڪنهن چڱي مڙس جي حوالي ڪندس،‘ ۽ هو سمهي رهيو.

جنهن ملڪ ۾ گنجو، سوداگر سان گڏ، اچي لٿو هو، تنهن بادشاهه کي چار راڻيون هيون، ان هوندي به کيس ڪو اولاد ڪونه هو. آخر مالڪ جي مهربانيءَ سان سندس هڪ راڻيءَ کي شهزادو ڄائو. شهزادي جي ڄمڻ جو ٻڌي، بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، مگر سندس ٽن راڻين کي گهڻو ارمان ٿيو-

انهيءَ لاءِ ته ’شهزادي جي ڄمڻ ڪري بادشاهه جو پيار وڃي ان راڻيءَ سان ٿيندو، ۽ اسان کي پوءِ بادشاهه ليکيندو به ڪونه.‘ آخر پاڻ صلاح ڪيائون ته ’جيڪڏهن شهزادو سلامت رهيو، ته محل ۾ اسان جي آبرو سلامت نه رهندي، تنهنڪري شهزادي کي ڪنهن به طرح مارائڻ گهرجي.‘ اها صلاح ڪري، هڪڙي ڏينهن وجهه وٺي، شهزادي کي چورائي کڻي ويون، ۽ هڪدم چار ٻانها گهرائي، کين انعام جي لالچ ڏيئي، تاڪيد ڪيائون ته ’شهزادي کي پيتيءَ ۾ بند ڪري، اها پيتي ڪنهن هنڌ دفن ڪري اچو.‘ شهزادي جي گم ٿيڻ جو ٻڌي، بادشاهه سلامت ڏاڍو پريشان ٿيو، ۽ ڪيترا ماڻهو شهزادي کي تلاش ڪرڻ لاءِ موڪليائين، پر شهزادي جو ڪوبه پتو ڪونه پيو. جڏهن سج چڙهي آيو، ته گنجو به ننڊ مان اُٿيو، ۽ ٻار کي پيتيءَ سميت کڻي شهر روانو ٿيو. شهر ۾ پهچي ڏسي ته سڀني ماڻهن کي ڪارو لباس اوڍيل آهي. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيس ته ’بادشاهه سلامت جو سڪيلڌو شهزادو رات اوچتو غائب ٿي ويو آهي، ان ڪري بادشاهه جي غم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ رعيت به ڪارو لباس پاتو آهي.‘ گنجو ماڻهن جي واتان اها ڳالهه ٻڌي، سمجهي ويو ته مون وٽ جيڪو ٻار آهي، اهو لاشڪ ته شهزادو آهي، هو سڌو بادشاهه جي درٻار ۾ آيو، ۽ عرض ڪيائين ته ”جيئندا قبلا، ٻڌڻ ۾ آيو ته سائينءَ جن جو شهزادو رات کان غائب آهي؛ مون کي رات جهنگ مان هڪ ٻار هٿ آيو آهي- متان اهو اوهان جو شهزادو هجي.“ ائين چئي، پيتي بادشاهه اڳيان رکيائين. بادشاهه شهزادي کي ڏسي، ڏاڍو سرهو ٿيو. باشاهه جي پڇڻ تي گنجي شهزادي جي هٿ اچڻ جو سمورو احوال ڪري کيس ٻڌايو. هڪ امير جي ڌيءُ جو سڱ به ڏيڻو ڪيو، مگر گنجي عرض ڪيو ته ”عالم پناهه، مون کي هڪ زال اڳيئي آهي، مان انهيءَ جي اجازت کانسواءِ، ٻي شادي ڪري نٿو سگهان.“ جنهن تي بادشاهه گنجي کي چيو، ”تون اميرزاديءَ کي پاڻ سان پنهنجي ملڪ وٺي وڃ؛ جيڪڏهن تنهنجي بيگم توکي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏئي، ته بهتر؛ نه ته اميرزاديءَ کي واپس اسان ڏانهن موڪلي ڏج.“ گنجو انهيءَ ڳالهه تي راضي ٿيو. بادشاهه کيس  بيشمار لشڪر، خزانو ۽ اميرزادي ساڻ ڏيئي رخصت ڪيو. گنجو، بادشاهه ۽ سوداگر کان موڪلائي، اُٿي واپس پنهنجي ملڪ هليو.

هوڏانهن وري گنجي جيڪي پريءَ وارا ڏنل ٻه ڏاڙهون پنهنجي ملڪ موڪلي ڏنا هئا، اُهي ڏاڙهون اچي شهزاديءَ گلشن کي مليا. شهزاديءَ جڏهن ڏاڙهن کي وڍيو، ته منجهن داڻن بدران کيس قيمتي هيرن جا داڻا نظر آيا. شهزادي هيرن جي چمڪ هڪدم پرکي ورتي، ۽ سمورا هيرا ڪڍي ٻاهر ڪيائين. انهن مان ڪجهه هيرا وڪڻي، پنهنجي جهوپڙيءَ واري هنڌ هڪ عاليشان محلات ٺهرائي، سَس سميت انهيءَ ۾ رهڻ لڳي. هوڏانهن گنجو به کوهه واري پريءَ کي ساڻ وٺيو، منزلون ڪندو، اچي پنهنجي ملڪ پهتو. شهر جي ٻاهران تنبو هڻائي، پريءَ ۽ اميرزاديءَ کي لشڪر سميت اُتي رهائي، پاڻ پنهنجي گهر آيو. اُتي پهچي ڏسي ته نه اُها جهوپڙي آهي، نه شهزادي! انهيءَ هنڌ هڪ عاليشان محلات اڏيل ڏسي، هي ويچارو وائڙو ٿي ويو. اوچتو شهزاديءَ گلشن جي نگاهه دريءَ مان گنجي تي پيئي، سو يڪدم ٻانهي موڪلي کيس اندر گهرايائين. محلات جو رنگ روپ ڏسي، گنجي جا حوصلا خطا ٿي ويا. گنجي جي دريافت ڪرڻ تي، شهزاديءَ گلشن کيس ڏاڙهون مان هيرن نڪرڻ جو قصو ڪري ٻڌايو، گنجي به پنهنجو بيان شهزاديءَ کي ٻڌائي، کانئس پريءَ ۽ اميرزاديءَ سان شادي ڪرڻ جي اجازت گهري، جا هن کيس خوشيءَ سان ڏني.

هوڏانهن بادشاهه شهزور کي خبر پيئي ته شهر جي ٻاهران ڪنهن ولايت جو غنيم اچي لٿو آهي. سو يڪدم پنهنجي وزير کي خبر چار وٺڻ لاءِ موڪليائين. جڏهن گنجي کي وزير جي اچڻ جو اطلاع مليو، تڏهن شهزاديءَ کان پڇيائين، ”ڪهڙو جواب ڏيانس؟“ شهزاديءَ چيو، ”وزير کي وڃي چئو ته مان هڪ شهزادو آهيان- مڙيئي گهمڻ ڦرڻ جي خيال سان اچي هتي نڪتو آهيان؛ هتي ٻه ٽي ڏينهن رهي، وري ٻئي پاسي ويندس.“ گنجو وزير سان مليو، ۽ ساڻس خبر چار ڪيائين. وزير ٻڌي خوش ٿيو. کيس بادشاهه جي طرفان ٽي ڏينهن لشڪر سميت دعوت ڏيئي موٽي آيو. گنجي دعوت واري ڳالهه اچي شهزاديءَ سان ڪئي. تنهن تي شهزاديءَ چيس ته ”ٽي ڏينهن بادشاهه جي دعوت کائي، تون به کيس هڪ ڏينهن دعوت ڏجانءِ.“ ٽي ڏينهن دعوت جا پورا ٿيا، ته هن به بادشاهه کي دعوت ڏني، جا بادشاهه قبول ڪئي. جڏهن بادشاهه وزير سميت گنجي وٽ تنبن ۾ دعوت کائڻ آيو، ان وقت شهزادي گلشن به هڪ قيمتي وڳو ڍڪي، بادشاهه جي سامهون اچي چيو، ”بادشاهه سلامت، مون کي سڃاڻو ٿا؟“ بادشاهه کيس جاچي ڏسي چيو، ”بلڪل نه.“ تنهن تي شهزاديءَ گلشن، اکين ۾ پاڻي آڻي چيس، ”بابا سائين، آءٌ توهان جي اُهائي ڌيءُ گلشن آهيان، جنهن کي توهان ڪاوڙجي هڪ گنجي فقير جي حوالي ڪيو هو! هي، جو شهزادو توهان جي اڳيان ويٺو آهي، سو اُهو ئي گنجو فقير آهي، جنهن کي توهان گندو چئي، کانئس نفرت ڪري رهيا هئا.“

پوءِ ته بادشاهه گنجي ۽ شهزاديءَ گلشن کي سڃاتو، ۽ پنهنجي ڪيل خطا جي کانئن معافي وٺي، ٻنهي ڄڻن جي ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ڪيائين. اُن کانپوءِ، گنجو فقير پريءَ ۽ اميرزاديءَ سان شادي ڪري، ٽنهي زالن سان حياتيءَ جا باقي ڏينهن عيش عشرت سان گذارڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org