سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:مشهور سنڌي قصا

(سنڌ جا عشقيه داستان - 1)

 باب:

صفحو :11

روايت [2]*

لاکو ۽ مهر راڻي

 

مَهر راڻي، ٻالائي جي ڪوٽ[1] ۾ رهندي هئي. هوءَ اڃان ڪنواري هئي ته هڪڙي ڏينهن هڪڙو چوڙيگر، ڊٺڙي جي شهر جو ويٺل، اتي آيو. هو صورت جو سهڻو هو. مهر راڻي چوڙيگر جي اچڻ جو ٻڌي، چوڙو چاڙهائڻ لاءِ هن کي پنهنجي محلات ۾ گهرايو. چوڙيگر کي محلات جي دروازي وٽ ويهاري، ٻانهيءَ هن کان چوڙي جي گهر ڪئي. چوڙيگر ٻانهيءَ جي هٿان چوڙي موڪلڻ کان انڪار ڪري چيو ته: آءٌ پاڻ پنهنجي هٿن سان راڻيءَ جي ٻانهن ۾ چوڙو چاڙهيندس. چوڙيگر کي ڪيترا حيلا ڪيائون، پر هو پنهنجيءَ ڳالهه تان نه لٿو. نيٺ مهر راڻي اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽ هن کي محلات ۾ آندائون. چوڙيگر نهايت نزاڪت سان مهر راڻيءَ کي چوڙو چاڙهيو. جنهن تي خوش ٿي کيس دل گهريو ملهه ڏيڻو ڪيائين، پر چوڙيگر ملهه وٺڻ کان انڪار ڪري چيو ته: منهنجي لاءِ اهوئي انعام گهڻو آهي، جو مهر راڻيءَ کي پنهنجي هٿن سان چوڙو چاڙهيو اٿم. چوڙيگر جي سهڻي صورت ۽ گفتار مهر راڻيءَ کي موهي ڇڏيو. سو چيائينس ته: شادي ڪنديس ته توسان. پوءِ هڪٻئي سان انجام ڪري موڪلايائون.

ٿوري گهڻي ڏينهن مهر راڻيءَ ڏانهن شاديءَ جا پيغام اچڻ لڳا. هن خيال ڪيو ته آءٌ وڏگهراڻي آهيان، سو چوڙيگر سان ڪنهن به طرح شادي ٿي ڪانه سگهنديم، تنهنڪري اهڙي اٽڪل ڪريان، جو ڪنواري ويٺي هجان. پوءِ من ڪڏهن نه ڪڏهن چوڙيگر سان شاديءَ جي ڪا واٽ ٿئي. تنهنڪري پيءُ کي چيائين ته: شادي ان شخص سان ڪنديس. جيڪو منهنجا شرط پورا ڪندو. اُهي هي آهن: (1) جيڪو شخص مون سان شادي ڪرڻ گهري، ان جو ملڪ هتان پورا سؤ ڪوهه پري هجي. (2) گهوٽ جي ڄڃ هڪ ڏينهن ۾ سؤ ڪوهه ڪري هتي پهچي. (3) شهر جي ٻاهران ڄڃ لنگهڻ واريءَ واٽ تي ست ڪاسا انّ جا ڇٽائينديس، ڄاڃي اهو انّ چونڊي اچن. (4) منهنجي ڪوٽ کي ٽي وڏا لوڙها آيل آهن. گهوٽ جا گهوڙا اهي لاڳيتا لوڙها ٽپي اچن. (5) هرهڪ ڄاڃيءَ کي هڪ ڪاسو اَنّ ۽ هڪ ڇيلو کائڻ لاءِ ڏبو، جي هڪڙي ويلي تي کائي کپائين. (6) شاديءَ رات هيءُ محلات ڦلن سان ڀرجي. مهر راڻيءَ جي پيءُ اهي شرط آسپاس جي راجائن ڏانهن ڏياري موڪليا.

انهن ڏينهن ڪڇ ڏانهن ”ڪيهر ڪوٽ“ ۾ راءِ لاکو رهندو هو. ان کي به جڏهن مهرراڻيءَ جي سونهن، ۽ انوکين شرطن جي خبر پيئي، تڏهن اڪيلي سر گهوڙي تي چڙهي، ٻالائي ڪوٽ ڏانهن قصد ڪيائين. واٽ تي هڪڙي کوهه وٽان لنگهيو. هڪڙي پوڙهي عورت ۽ هڪ جوان ڇوڪريءَ ان مهل پاڻي پئي ڀريو. راءِ لاکي کي اُتاولو ويندو ڏسي، پوڙهيءَ، ڇوڪريءَ کي چيو ته: اما! هيءُ به ويچارو زال جو ستايل آهي. اهو ڀڻڪو لاکي جي ڪن پئجي ويو؛ تنهن يڪدم گهوڙو روڪي، پوڙهيءَ کان پڇيو: مائي! تو ڪيئن سمجهيو؟ چيائين: ابا! ڏينهن تَتٖي جو گهوڙو ماريندو اچي هت پهتو آهين، تڏهن سمجهيم ته اِها به عورت جي سڪ. لاکو ماٺ ۾ اچي ويو. پوءِ ته پوڙهيءَ کي پيرائتي خبر ٻڌائي چيائين ته: هي شرط ڪيئن پورا ڪريان؟ پوڙهيءَ چيس ته: (1) تنهنجو ڪوٽ، مهر راڻيءَ جي ڪوٽ کان پوري سؤ ڪوهه پنڌ تي آهي، تنهنڪري اهو شرط پورو ٿيو. (2) پاڻ سان سؤ جوان کڻج. هر هڪ منزل تي سؤ گهوڙا بيٺل هجن، پوءِ منزل تي پهچي، ٿڪل گهوڙا ڇڏي، هڪڙي ساعت به ترسڻ کان سواءِ تازن گهوڙن تي چڙهي روانا ٿجو. ائين هڪڙي ڏينهن ۾ سؤ ڪوهه پنڌ ٿي ويندو. (3) پڇاڙيءَ واري منزل تي ڪميت گهوڙا بيٺل هجن، اهي لوڙها ٽپي ويندا. (4) پاڻ سان پاليل ڪبوتر آڻجو، جن کي ٽن ڏينهن جي بک هجي. انّ چڻڻ واريءَ مهل تي ڪبوتر ڇڏجو ته کن پل ۾ انّ چڳي ويندا. پوءِ انهن کي ڪُهي، گجين مان انّ گڏ ڪري ڏج. (5) سؤ ڄڻن لاءِ سؤ ڇيلا ۽ سوء ڪاسا انّ وٺي پهريائين فقط هڪڙو ڇيلو ڪُهِي، سِسِي حجام کي، جيرا ۽ ڦڦڙ سير واري کي، پوڇانڊو ڪولهيءَ کي، اوجهري ۽ آنڊا مينگهواڙ کي ڏج. باقي گوشت رڌي، جيئن تيار ٿئي تيئن سؤ جوانن ۾ ٻُوٽِي ٻُوٽِي ڪري ورهائج. جيستائين ٻيو ڇيلو تيار ٿيندو، تيستائين پهريون هضم ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح چانورن جي ڪاسي مان ٽي پاٽيون حجام کي، ٽي پاٽيون فقير کي ڏيئي؛ باقي انّ رڌائج ته سوء جوانن ۾ گراهه گراهه ٿي ويندو. (6) باقي گُل، سو تو وٽ کِل ڦُل وزير آهي، سو کِلي سڀ محلات ۽ گهٽيون ڀري ڇڏيندو.

لاکي، پوڙهيءَ جي صلاح موجب پهريان پنج شرط ته پورا ڪيا، باقي ڇهون بچيو. کِل ڦُل وزير گهران نڪرڻ وقت پنهنجيءَ زال سان ڪو ماڻهو ڏٺو هو، سو اندر جلِي ويو هئس، ۽ کانئس کِل بلڪل نه اُڄهي. لاکي گهڻئي حڪم ڪيس ته کليٖ، جيئن مهر راڻيءَ جو ڇهون شرط به پورو ٿئي، پر هن ويچاري جو اندر کاڌو پيو هو، تنهن کي ڪيئن کل اچي؟ آخرڪار لاکي ڪاوڙجي کيس ٻَڌائي، کڻي گهوڙن جي ڪڙهه ۾ ڇڏيو. مَڄاڻ اُن ڪڙهه جو سئس اُهوئي چوڙيگر هو، جنهن سان مهر راڻيءَ جي دل هئي؛ ۽ رات جو وجهه وٺي ڪڙهه ۾ اچي ساڻس ملندي هئي. سا اُنهيءَ رات به چوڙيگر سان ملڻ آئي. کِل ڦل وزير جي ٻڌجڻ، ۽ ڪڙهه ۾ پوڻ جي هنن کي خبر ئي ڪانه هئي. کِل ڦل وزير هڪڙي ڪنڊ ۾ ٻڌو پيو هو، ۽ اُتان هنن کي پئي ڏٺائين. گهڻيءَ رهاڻ ڪرڻ کان پوءِ مهر راڻي اوچتو ڇرڪ ڀري اُٿي، ۽ موڪلائڻ لڳي ته پيشگير ڍرو ٿي پيس. اُن کي جهلڻ جي ڪوشش ڪيائين، مگر ڪِري پيو. مهرراڻيءَ جي ران تي لسڻ جو نشان هو، جو کِل ڦل ڏسي ورتو. مهر راڻي ۽ سئس جي وڃڻ کان پوءِ کِل ڦُل کي انهيءَ ڳالهه تان کل اچي وئي. پوءِ ته سڄو ڪڙهه گُل ڦُل ٿي ويو. اهڙيءَ طرح ڇهون شرط به پورو ٿيو. پوءِ لاکي ۽ مهر راڻيءَ جي شادي ٿي.

لاکي شاديءَ جي خوشيءَ ۾ پنهنجي ڄاڇين کي اوڍاڻيون ڏنيون. موٽندي پُراڻ جا وڻ به ڍڪايائين. پوءِ پراڻ کان پڇيائين:

جهوني تون پراڻ، جڳ ڇٽيهه سنڀرين،
توڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيڙا؟

 

پراڻ کان هڪ سون جو سؤداگر لنگهيو هو، جنهن سان سڄو ساٿ هو. ساٿ جي عورتن پراڻ ۾ تڙ ڪيو، ۽ اُن وقت سون جا ڳهه وڻن ۾ ٽنگيائون. مردن به سونيون منڊيون ۽ سونا سڳا وغيره وڻن ۾ ٽنگيا هئا. هلڻ وقت سوداگر چيو ته اهي زيور انهن وڻن مان نه لاهيو، اهي پراڻ جي سهاڳ جا آهن. آءُ اوهان کي ٻيا زيور ٺهرائي ڏيندس. ان واقعي جو اشارو ڪندي، پراڻ جواب ڏنو ته:

تو لاکي جهڙا لک لنگهيا، اُنڙ ڪروڙيون اَٺ،
پرهيم هيڙائُو[2] سرکو، جر وري نه آيو مون وٽ.

 

اتي لاکي پڇيو ته: انهيءَ هيم هيڙائو ڀلا ڇا ڪيو هو؟ پراڻ جواب ڏنو ته:

ڪانٌٽٖي موتي پروڻيا، هِيري ٻڌي پار[3]،
لعلين بِڇاڻا هوگيا، هيم مڙهايا آر[4].

 

لاکي جي ڄڃ سان ڪي پکي به پَرا ٻڌي هليا، انهن پکين تي نالو ئي لاکي ڄاڃي پيو؛ جي مشهور ڍانڍي پکي آهن. لاکو جڏهن ڪيهر ڪوٽ ۾ پهتو، تڏهن پنهنجي وزير کِل ڦُل کان پڇيائين ته: تو منهنجي حڪم سان ڇونه کليو؟ تڏهن هن پنهنجيءَ زال جي حقيقت ٻڌايس. وري کلڻ جو سبب ٻڌائي، ان عورت جي ران واري لسڻ جي نشاني ڏنائين. لاکو سمجهي ويو ته اها مهر راڻي هئي؛ تڏهن معلوم ٿيس ته مهر راڻيءَ جي ته ٻئي ڪنهن تي مهر آهي. لاکو سور پي ماٺ ڪري ويو.

ٻئي ڏينهن شاديءَ جو جشن ٿيو. راڻيءَ سان جيڪو مڱڻهار گڏجي آيو هو، ان کي لاکي چيو ته: گُهر جيڪي گهرڻو اٿئي! هن مهرراڻيءَ ڏانهن ڏٺو، جا لاکي سان گڏ ويٺي هئي. مهر راڻيءَ هن کي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پيل قيمتي هار جو اشارو ڪيو؛ پر هن ڀانيو ته پاڻ ڏانهن اشارو ٿي ڪري، سو چيائين ته: مهرراڻيءَ جي ٻانهن ڏي ته موٽائي وٺي وڃان. لاکو اڳيئي ڪٽريو ويٺو هو، تنهن چيس ته: مون ڏني. مهر راڻي اهو ٻڌي حيران ٿي ويئي؛ ۽ لاکي کي گهڻئي سمجهايائين، پر هن نه مڃيو ۽ مهر راڻيءَ کي ڇڏي ڏنائين. پوءِ مڱڻهار، مهر راڻي ساڻ وٺي روانو ٿي ويو. انهيءَ تي چوڻي آهي ته:

لاکو ڦُلاڻي، ڪَچو ڪَچاڻي، جنهن ڇڏي مهرراڻي.

 

_____

 

روايت [3]*

راءِ لاکو ۽ مهر راڻي

 

نُهٽيٖ[5] ۾ ڪو وقت اڳ هڪ سمي ڄام جي حڪومت هئي، ۽ نُهٽو گاديءَ جو هنڌ هو. ڄام کي ”مِهٌرَ“ نالي تمام سهڻي ڌيءَ هئي، جنهن کي پوءِ مهر راڻي سڏيندا هئا. ان وقت ڪڇ ۾ ”راءِ لاکو ڦلاڻي“ حڪومت ڪندو هو، جو تمام بهادر ۽ سخي راجا هو. اڄ تائين مڱڻهار ۽ ڀٽ سندس سخاوت جي ساراهه ڪن ٿا.

لاکي وٽ روجهه پاليل هئا. هڪڙي دفعي انهن مان ڪي روجهه رلندي رلندي نُهٽيٖ وٽ پهتا، ۽ اتي جي آباديءَ ۾ وڃي پيا. سمن روجهن کي ٽاهه وجهي ڊوڙائي ڪڍيو، جن مان ڪي روجهه مري ويا. راءِ لاکي روجهن جي ڳولا ۾ ماڻهو ڇڏيا، جي پڻ ڳوليندا اچي نُهٽيٖ ۾ پهتا؛ جتي خبر پين ته ڄام جي ماڻهن ڪي روجهه ماري وڌا آهن. ۽ ٻيا ڀڄائي ڪڍيا اٿن. راءِ لاکي جا ماڻهو رليل روجهه هٿ ڪري واپس ڪڇ پهتا، ۽ هن کي سڄي حقيقت ٻڌايائون. لاکو حقيقت ٻڌي، ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ يڪدم پنهنجو لشڪر سنڀرائي نُهٽي تي ڪاهي ويو. ڄام وٽ ڪو ايڏو لشڪر ڪونه هو، جو لاکي جي لشڪر کي منهن ڏيئي سگهي. تنهنڪري هن سان صلح ڪرڻ جو خيال ڪيائين. نيٺ لاکي انهيءَ شرط تي صلح ڪرڻ قبول ڪيو ته جيڪڏهن کيس مهر ڪماري پرڻائي ڏيندا ته هو موٽي ويندو. مهرن به ٻي ڪا واهه نه ڏسي، اها ڳالهه کڻي قبول ڪئي پر لاکي کي چيائين ته: اسين سڱ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پر ائين سڱ ڏيڻ اسان جي بيعزتي آهي، تنهنڪري اسان جي عزت خاطر ڪي شرط قبول ڪر. پهريون شرط هي آهي ته ڄاڃي سؤ اچن، جن جا ويس وڳا هڪجهڙا ۽ قدبت هڪجيڏا هجن. ٻيو شرط هي آهي ته سو ڄاڃي ڀت جا سؤ مٽَ هڪڙي ويلي تي کائين. ٽيون شرط ته سؤ ڳُرين واري لٺ آڻيندين. چوٿون شرط ته ڄاڃي ساڳئي رنگ جي گهوڙن تي چڙهيل هجن. پنجون شرط ته ڄڃ ڪڇ کان نُهٽي تائين هڪڙي ڏينهن ۾ پهچي. ڇهون شرط ته ”کِل ڦُل“ گڏ وٺي اچج، جنهن جي کلڻ سان وات مان ڦل ڪرن. راءِ لاکي سندن اهي شرط مڃيا، ۽ شرطن جي پورائي ڪرڻ لاءِ واپس ڪڇ ڏانهن روانو ٿيو. هوڏانهن مهرن مشهور ڪيو ته ڪڇ جي راءِ لاکي، مهر ڪماريءَ جا شرط قبول ڪيا، تنهنڪري سندس مڱڻو اُن سان ڪيو ويو آهي.

لاکي ڪڇ پهچڻ سان سؤ جوان چونڊيا، جي قدبت ۾ هڪجهڙا ۽ هڪجيڏا هئا. انهن سڀني کي هڪجهڙا ڪپڙا پارائي ڄڃ تيار ڪئي. ڊَڀَ جي پاڙ ۾ ڳريون ٿينديون آهن، سو ڊڀ کوٽائي اُن جي هڪ سؤ ڳرين واري پاڙ هٿ ڪيائين. هڪ سؤ گهوڙا ساڳئي رنگ جا، سؤ ڪميت، سؤ ڪارا، ۽ سؤ روجها گهوڙا هٿ ڪري، ڪڇ کان نهٽي تائين منزل منزل تي بيهاريائين. ڇاڪاڻ ته هڪساهي وڏي منزل ڪرڻ ممڪن ڪانه هئي. جن منزلن تي گهوڙا بيهاريائين، انهن تي پوءِ ڳوٺ اڏايائين، جي اڄ به موجود آهن. جتي روجها گهوڙا بيهاريائين اُن کي ”روجهتل“ (روجهن گهوڙن وارو) ٻئي کي ”ڪاريتر“ (ڪارن گهوڙن وارو) ڪري چوندا آهن. وٽس هڪڙو نهايت ڏاهو وزير هو، جيڪو کلندو هو ته وات مان گل ڪرندا هئس، اهو به ساڻ کنيائين.

جنهن ڏينهن ڄڃ رواني ٿيڻي هئي، تنهن ڏينهن کل ڦل اوچتو ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي گهر ويو. دروازي تي پهتو ته هڪڙي ڌارئي مرد کي پنهنجيءَ زال سان گڏ کٽ تي ويٺل ڏٺائين؛ اهو لقاءُ ڏسي غم ۾ ٻڏي ويو ۽ ماٺڙي ڪري پوئين پيرين موٽي آيو. دل ۾ خيال ڪيائين ته خوشي ته دل ۾ رهي ڪانه، هاڻي ڪهڙو وڃان، پر وري بادشاهه جو به ڊپ ٿيس، سو دل جو سور دل ۾ رکي، لاکي سان گڏ ڄاڃي ٿي روانو ٿيو.

ڄڃ ڪڇ مان ڪاريتر پهتي، جتي اڳيان وهٽ ڇڏي، وري ڪارن گهوڙن تي چڙهيا، ۽ اچي روجهل پهتا؛ جتي ڪار ا گهوڙا ڇڏي وري روجهن گهوڙن تي چڙهيا، ۽ اچي نهٽي پهتا. ڪنواريتن هنن کي گهڻيءَ عزت سان وٺي ويهاريو. هاڻي انجام موجب ٻين شرطن جي پورائي جو خيال ڪيائون. پهرين ڊَڀَ جي پاڙ سؤ گُرين واري پيش ڪيائون. گهوڙا ۽ ڄاڃي هڪجهڙا هئا، جن کي هڪجهڙي پوشاڪ پهريل هئي، ۽ پڻ ڏينهڪ اچي پهتا هئا. باقي رهيا ٻه شرط، سؤ مَٽَ ڀت کائڻ، ۽ کِل ڦُل جي وات مان ڦُل ڪرن. پهريائين ڀَت کائڻ وارو شرط پورو ڪيائون. اهو هن طرح جو خيال ڪيائون ته ٿالهين ۾ ڀت وجهي کائبو ته سؤ ڄڻا سؤ مَٽ ڀَت کائي ڪونه سگهندا، تنهنڪري پهريائين هڪڙي مَٽ جو ذرو ذرو ڪري سؤ ڄڻن کي ورهائي ڏنائون، جو گرهه گرهه ٿي ويو. پوءِ ٻئي مَٽ مان گرهه گرهه ڪري ورهائي ڏنائون. اهڙيءَ طرح سؤ مٽن جو ڀت کائي ويا. اهو به شرط پورو ٿيو. باقي رهيو کل ڦل وزير وارو شرط، سو وزير کي چيائون ته: هاڻي کل ته ڦل ڪِرن. پر کل ڦل ويچارو گهر جي غم ۾ هو، سو کل اچيس ئي نه. گهڻوئي چيائونس پر هن کي کل نه اچڻي هئي، سا نه آئي. نيٺ لاکي کيس تمام گهڻو انعام آڇيو، پر هن کي تڏهن به کل نه آئي. تڏهن راءِ لاکو ڏاڍو مٿس ڪاوڙيو، ۽ حڪم ڏنائين ته: هن کي ٻڌي وڃي گهوڙن جي طبيلي ۾ اُڇلي ڇڏيو حڪم موجب کيس ٻڌي مهرن جي گهوڙن واري تمام جهوني طبيلي ۾ اڇلائي ڇڏيائون. هڪڙو مڱڻهار مهرن جي گهوڙن جي سنڀال لاءِ مقرر ٿيل هو، جو رات جو سمهندو طبيلي ۾ هو. آڌي رات ٿي ته کل ڦل ڏٺو ته هڪڙي عورت هن مڱڻهار وٽ آئي، ۽ اچي هن سان روح رهاڻ ڪيائين. مڱڻهار ان عورت کان پڇيو ته: اڄ ڇو دير ڪري آئين آهين؟ عورت جواب ڏنو ته: جڏهن شاديءَ جا ساٺ سوڻ پورا ٿيا، تڏهن اچڻ جو وقت مليو. هاڻي اسان جي الله واهي آهي، ۽ هيءَ پڇاڙيءَ جي ملاقات آهي پوءِ ڪجهه وقت رهاڻ ڪري هوءَ رواني ٿي ويئي. کل ڦل هنن جي ڳالهين مان سهي ڪري ورتو ته اها ”مهرڪماري“ آهي، جنهن جي شادي راءِ لاکي سان ٿيڻي آهي. اتي هن کي ڏاڍو عجب لڳو ته مار! بادشاهي گهرن ۾ به اهڙي ڪچائي پئي هلي، سو آءُ ڪهڙي باغ جي موري آهيان. اهو خيال ايندي هن کان اوچتو کل نڪري ويئي، ۽ کلڻ ڪري سندس وات مان ڦل ڪرڻ شروع ٿيا، تان جو طبيلي جو ڪجهه ڀاڱو ڀرجي ويو. صبح جو ماڻهو اچي ڏسن ته طبيلي ۾ گل پيا آهن، ۽ کل ڦل خوشيءَ ۾ ويٺو آهي. اها خبر وڃي راءِ لاکي کي ٻڌايائون، جنهن يڪدم کل ڦل کي پاڻ وٽ گهرايو. ۽ پڇيائينس: ڪالهه توکي ڪيترو چيوسين ۽ انعام آڇيوسين، پر تون ته نه کلئين، ۽ جڏهن سزا مليئي تڏهن کلئين، ان جو سبب ڪهڙو؟ انهيءَ تي هن کڻي ماٺ ڪئي، ويچارو ڇا ٻڌائي! تڏهن چيائينسۡ: راءِ لاکا، انهيءَ ڳالهه کي ئي کڻي ڇڏ، ڇو ته پوءِ پڇتائڻو پوندئي. اهو ٻڌي لاکي کي هيڪاري اُڻتڻ ٿي، سو کيس چيائين ته: توکي سڀڪجهه معاف آهي، تون منهنجي پڇتائڻ جو خيال نه ڪر، پر مونکي انهيءَ جو سبب ٻڌاءِ! تڏهن هن هٿ ٻڌي چيو ته: جيئندا قبلا! ڄڃ رواني ٿيڻ کان اڳ آءُ ڪنهن ڪم سبب گهر ويس. اتي جيڪو لقاءُ ڏٺم، تنهن کان ڏاڍو ڏک ٿيم. دل ئي نه چئي ته اوهان سان گڏجي هلان، پر حڪم جو بندو هئس، تنهنڪري ضرور اچڻو پيم. هتي به دل تي ايترو غم هئم جو کل نٿي آئي. ان بعد جڏهن طبيلي ۾ مَهر راڻيءَ کي سئس سان ڏٺم، تڏهن خيال ڪيم ته جڏهن راجائي گهرن ۾ ائين پيو ٿئي، تڏهن منهنجي ڪهڙي حيثيت آهي. ان تان بي اختيار کل اچي ويم. لاکو اها ڳالهه ٻڌي وڏي ويچار ۾ پئجي ويو ته هاڻي ڇا ڪجي؟ مهر راڻيءَ کي ماري ڇڏبو ته بدنامي ٿيندي، تنهنڪري ڇو نه کيس ڏهاڳ ڏئي، محلات جي ڪنهن ڪنڊ پاسي کڻي ڦٽو ڪجي، اصل منهن ئي نه ڏسجيس. پاڻهي عذاب کائي مري ويندي. اهو خيال ڪري يڪدم ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.

لاکي جي اوچتي تياري ڏسي، ڪنواريتن کي عجب لڳو، ته ڄڃ هڪڙو ڏينهن به نه رهِي! سو لاکي کي چيائون ته: اسان وٽ اڃا هڪ ويلو مس ماني کاڌي اَٿو. هروڀرو جي تڪڙ اٿوَ ته به هڪڙو هفتو ٽڪيِ پوءِ موڪلايو. پر لاکي کين رکو جواب ڏنو. هنن سندس رخ مان سهي ڪيو ته لاکو ڪاوڙيل آهي، ۽ ڪونه ترسندو، تڏهن کيس موڪل ڏنائون. پوءِ لاکو مهر راڻيءَ سميت روانو ٿيو. سفر ۾ جتي به منزل ڪيائون، لاکو جدا طنبوءَ ۾ رهيو. مهر راڻيءَ جو مُنهن به نه ڏٺائين. آخر جڏهن ڪڇ پهتا، تڏهن لاکي حڪم ڪيو ته مهر راڻيءَ کي محلات ۾ اهڙي ڪوٺيءَ ۾ ترسايو وڃي، جتي مٿس نظر نه پوي. ماڻهن کي لاکي جي انهيءَ روش تي ڏاڍو عجب لڳو، پر ڪنهن کي همت نه ٿي، جو لاکي کان انهيءَ بابت ڪجهه پڇي. لاکي ۽ کِل ڦُل کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به حقيقت جو پتو ڪونه هو. ائين ڪيترو وقت گذري ويو. لاکي وري مَهر راڻيءَ جو منهن به ڪونه ڏٺو، مطلب ته بنهه دل تان لاهي ڇڏيائينس.

هوڏانهن جڏهن مهر راڻيءَ جي عاشق مڱڻهار کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پيئي، تڏهن سهي سنڀري ڪيرا ڪوٽ ڏانهن روانو ٿيو. هن ٻڌو هو ته راءِ لاکو نهايت سخي آهي. پنهنجو انجام ضرور پورو ڪندو آهي. سو خيال ڪيائين ته ڪنهن طرح لاکي کي ريجهائي، واعدو وٺي خيرات ۾ مهر راڻي گهران، يا ملي ويندي يا ڦاسيءَ تي چڙهڻو پوندو. اهو قصد ڪري اچي ڪڇ ۾ پهتو.

راءِ لاکو روز ڪچهري ڪندو هو، جتي راڳ روپ ٿيندو هو، ۽ سوالين کي خيرات به ملندي هئي. مڱڻهار به ڪچهريءَ ۾ وڃڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه خيرات ملندي هئس. هڪڙي ڏينهن لاکو، مڱڻهار جي راڳ تي اهڙو خوش ٿيو، جو چيائينس ته: گُهر جيڪي گهرڻو اٿيئي. هن هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: سائين! انجام ڏي. لاکي کيس انجام ڏنو. تڏهن مڱڻهار چيو ته: راءِ! مون کي مهر راڻي جي ٻانهن خيرات ۾ ڏيو. سڄي ڪچهريءَ ۾ چوٻول مچي ويو. چئي، ماريو هن بدبخت کي. پر راءِ لاکي، مهر راڻيءَ کي اڳئي ڏهاڳ ڏئي ڇڏيو هو، تنهن ڪنهن جي به ڳالهه ڪانه ٻڌي، ۽ انجام موجب مهر راڻيءَ جي ٻانهن مڱڻهار کي ڏئي ڇڏي. مڱڻهار مهر راڻيءَ کي وٺي روانو ٿيو. ڳوٺن ۾ پيو رلندو پنندو هو. مهر راڻيءَ به ساڻس گڏ هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي قسمت تي پئي ارمان ڪندي هئي، پر مڱڻهار وٽ رهڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونه هوس، جو هن سان به ننڍي هوندي کان محبت هئس. اهڙيءَ طرح ڪافي وقت گذري ويو.

هڪڙي دفعي لاکو شڪار ڪندي پنهنجي حڪومت جي حد لنگهي، وڃي نُهِٽيٖ جي ڀرسان پهتو. ڳوٺ ۾ وڃڻ مناسب نه سمجهي، نُهٽيٖ کان ٻه ميل پري هڪڙي ڏهر جي ڀرسان ننڍيءَ ڀِٽ تي لهي پيو، ساڻس ٻيا جيڪي ماڻهو هئا، تن وهٽ ٻڌي ماني تيار ڪئي.

مڱڻهار ۽ مهر راڻي به سج لهڻ بعد اتفاق سان انهيءَ ڏهر ۾ اچي پهتا. پري کان باهه جو چمڪو ڏسي سمجهيائون ته اتي ضرور ڪي ماڻهو هوندا، سي وڌي آيا. ڏسن ته ڪو وڏو اٽالو لٿل آهي. مڱڻهار، مهر راڻي کي ٿورو پرڀرو ڇڏي، پاڻ اچي ماني جي صدا هنئين. ماڻهن هن کان پڇا ڪئي ته: تون ڪير آهين ۽ ڪٿان ٿو اچين؟ هن کي اها خبر ڪانه هئي ته ڪو هتي راءِ لاکو لٿل آهي، سو اُنهن کي سچي حقيقت ڪري ٻڌايائين. ماڻهن کي هن غريب تي ترس آيو ۽ مهر راڻيءَ جو به خيال ٿين، تن راءِ لاکي جي خاص مانيءَ مان هن کي ڪجهه ماني ڏني. مڱڻهار کي پوءِ پڇا مان معلوم ٿيو ته راءِ لاکي جو لڏو آهي. هو ماني وٺي مهر راڻيءَ وٽ آيو. مهر راڻي ماني ڏسي سهي ڪيو ته ضرور ڪو وڏو ماڻهو لٿل آهي. سو هن کان پڇيائين. مڱڻهار ٻڌايس ته: راءِ لاکو آهي، جو شڪار ڪندي هتي اچي پهتو آهي. مهر راڻي اهو ٻڌي ٻڏي ويئي ۽ خيال ڪيائين ته مون ڪيئن پنهنجي حياتي برباد ڪئي، نه ته اڄ راڻي ٿي محلاتن ۾ ويٺي هجان ها. اهي پُور پوندي غش ٿي ڪِري پئي ۽ اتي جو اُتي دم ڏنائين.

انهيءَ دڙي تي اڄ تائين ڪي نشان آهن. مڪاني روايت موجب اها مهر راڻيءَ جي قبر آهي. انهيءَ ڏهر کي ”مهر جو ڏهر“ چون ٿا.

 

 

 

 

روايت [4]*

جسمان اوڏڻ ۽ راءِ لاکو

 

ڪنهن زماني ۾، ڪڇ جي ڪنهن حصي تي ”رتن پال راٺوڙ“ حڪومت ڪندو هو. رنگ جو سانورو هو، پر کيس جَسمان نالي نهايت حسين زال هئي، جنهن سان سندس ڏاڍو قرب هو، ۽ جَسٌمان پڻ مٿس سر فدا ڪندي هئي. ٻيون ته سڀ خوشيون کين حاصل هيون. پر اولاد ڪونه هونِ، جو ٻنهي لاءِ نهايت ڏک جو سبب هو. ڪئين پير فقير ڀيٽيائون، پر من جي مراد پوري ڪانه ٿين. نيٺ هڪڙي درويش جي درگاهه مان آواز آيس: رتن پال! بادشاهي ڇڏ ته اولاد ٿيئي. زال کي چيائين ته: اولاد نه هوندو ته بادشاهي ڪهڙي ڪم ايندي... اولاد ٿيو ته پوءِ پاڻهي پيو راڄ ڀاڳ ٿيندو. نيٺ فيصلو ڪيائين ته بادشاهي ڇڏجي. رتن پال بادشاهي ترڪ ڪري، پنهنجي راڄ سميت وڃي اوڏڪو ڌنڌو اختيار ڪيو. پنهنجو هزارن جو راڄ وٺي پورهئي سانگي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي پيو هلندو هو.

راجا جئسنگ کي ڪو تلاءُ کوٽائڻو هو، سو پنهنجي وزير پليي ٻانڀن کي چيائين ته: وڃي اوڏ هٿ ڪري اچ ته تلاءُ کڻايون. پليو ٻانڀڻ، اوڏن کي ڳوليندي اچي رتن پال جي لڏي ۾ پهتو، ۽ کين هلڻ لاءِ چيائين. رتن پال لڏو سنڀرائي جئسنگ جي ملڪ ڏي روانو ٿيو. جَسٌمان ڪپڙن ۾ ويڙهِي سيڙهِي گڏهه تي ويٺي هئي. پليو ٻانڀڻ به سندس ڀر وٺيو پئي ويو. اوچتو ڪنهن طرح جسمان جي منهن تان پلئو کڄي ويو، ۽ پلييٖ کيس ڏسي ورتو. جسمان جو حسن ڏسي پلييٖ جو عقل چرخ ٿي ويو، ۽ دل ۾ ويچار ڪرڻ لڳو ته اهڙو حُسن ته بادشاهي محل ۾ سونهين! آخرڪار جئسنگ سان جسمان جي سونهن جي تمام گهڻي تعريف ڪيائين. جئسنگ وراڻيس ته: اي پليا! مون کي ستر راڻيون آهن، پهرين تون انهن کي ڏس. پوءِ اوڏڻ جي حسن جي ساراهه ڪر. پليو، جئسنگ جي اجازت سان محلات ۾ ويو، ۽ ستر راڻيون ڏسي موٽي آيو، ۽ چيائينس: راجا! مون توهان جون سڀ راڻيون چڱيءَ طرح ڏٺيون، انهن مان هڪڙي به اوڏڻ جي پير جهڙي ڪانهي. اتي جئسنگ جي دل ۾ اچي شيطان ويٺو، سو پلييٖ کي چيائين ته: ڪنهن به طرح مونکي اها اوڏڻ پساءِ! هن چيس ته: اهو ڪم منهنجو، پر رڳو اڄوڪو ڏينهن ترسو، سڀاڻي تلاءَ جي کوٽائي شروع ٿيندي ته اها اوڏڻ به ضرور ڪم تي ايندي، پوءِ توهان کي ڏيکاريندس.

ٻئي ڏينهن رتن پال پنهنجي راڄ سميت تلاءَ کوٽڻ جو ڪم شروع ڪيو، ته جئسنگ به پلييٖ وزير سميت اتي ويو. پلييٖ کيس ٻڌايو ته: جسمان اوڏڻ رتن پال جي زال آهي، جو شڪل جو تمام ڪوجهو آهي... مونکي پڪ آهي ته هوءَ يڪدم توکي قبول ڪندي. قصو ڪوتاهه - جئسنگ وڃي جسمان جو پاسو ورتو، ۽ کيس برغلائڻ لڳو ته: تنهنجو مڙس رتن پال ڪارو ۽ ڪوجهو آهي، ان کي ڇڏي مون وٽ هل ته آءٌ توکي پٽ راڻي ڪندس. پر جسمان کيس جواب ڏنو ته:

ڪارا ڪارا ڪيترا، ڪارا جڳ سنسار،
ڪارا بادل ڪڍج، جو مينهن وسي چوڌار،
ڪارا هاٿي ڪڍج، جي فوجانٌ جا سينگار،
ڪارا کٿوري ڪڍج، جنهن جي بوءِ ڀلي بلعار،
ڪاري ڏاڙهي ڪڍج، جا مردان دا سينگار،
ايترا ڪارا تون ڪڍين، تڏهن آءٌ ڪڍان رتن پار،
جي ڪارا جي ڪٻرا، ته به اوڏڻ اوڏ ڀتار.

 

تڏهن به هو نه مڙيو ۽ کيس لالچائڻ لڳو؛ پر جسمان سندس ڪابه ڳالهه ڪانه مڃي. جئسنگ، جسمان کي ريجهائڻ لاءِ جڏهن حيلا هلائي ٿڪو، ۽ ڪنهن به طرح ڪاميابيءَ جي اميد نه رهيس، تڏهن خيال ڪيائين ته جسمان کي زوريءَ کڻائجي. هڪڙيءَ رات پلييٖ کي سپاهين سميت روانو ڪيائين.

هوڏانهن اوڏن کي جئسنگ مان هر وقت کٽڪو هو، تنهن کان سواءِ مٿن پهرو به بيٺل هو؛ تنهنڪري ڏينهن جو تلاءُ کڻندا هئا، ۽ رات جو وري تلاءَ مان سرنگ هڻندا هئا. آخر جنهن رات پليو جسمان کي کڻڻ لاءِ اوڏن جي ٿاڪ تي آيو، انهيءَ رات ئي رتن پال، جسمان ۽ پنهنجي راڄ سميت سرنگ رستي نڪري ويو. پٺيان جسمان جي کٽ تي هڪڙو گڏهه سمهاري ويو.

پليو ٻانڀن به سهي سنڀري پنهنجا همراهه ساڻ ڪري اوڏن جي لڏي تي ڪاهي ويو، ۽ يڪدم وڃي رتن پال جي گهر کي گهيرو ڪيائين. پليو پاڻ گهر ۾ گهڙيو. کٽ تي ستل گڏهه کي سمجهيائين ته جسمان سُتي پئي آهي، سو جهڙو وڌي وڃي ان تان ڪپڙو لاٿائين، تهڙو گڏهه ٺڪاءُ ڪيس اِٽ، ڌڪ لڳڻ شرط پليو ٻانڀڻ رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ رڙيون ڪري، سڌو جئسنگ ڏانهن ڀڳو. جئسنگ سندس اهڙي حالت ڏسي کانئس پڇيو ته: پليا! توسان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي؟ جنهن تي هن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس، ۽ چيائينس ته: هاڻي هيتري بيعزتي ٿي آهي، انهيءَ ڪري ڪنهن به طرح سان جسمان کي حاصل ڪرڻو آهي، نه ته اجايو کل ٿيندي. جئسنگ پنهنجي وڏي وزير جي خراب حالت ڏسي ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو، چئي: هاڻي جنگ ڪري به جسمان حاصل ڪندس. پوءِ يڪدم لشڪر تيار ڪرائي اوڏن پٺيان ڪاهي پيو.

رتن پال پنهنجي لڏي سميت منزلون ڪندو اچي ”ڪانهيري ڪوٽ“ وٽ پهتو، جتي ڄام تماچي جي ڀائٽئي ”ڄام لاکي“ جي سرداري هئي. اوچتو گهمندي ڦرندي ڄام لاکي جي جسمان تي اک پئجي ويئي، ڏسڻ سان دل هارائي ويٺو، سو اچي سندن پاسو ورتائين، ۽ رتن پال کي سندس لڏي سميت ماني تي گهرايائين. سندس اها هيٺاهين هلت ڏسي جسمان سمجهي وئي ته لاکي جو من ميرو آهي، ۽ مونکي پنهنجو ڪرڻ ٿو گهري. سو هڪڙي ڏينهن وجهه وٺي، کيس چيائين ته: ڄام لاکا! تنهنجو پرڻو مون سان ڪنهن به حالت ۾ نٿو ٿي سگهي، ڇو جو آءٌ اڳيئي پرڻيل آَهيان.

انهيءَ تي ڄام لاکي پاڻ پليو، ۽ جَسٌمان کي دين جي ڀيڻ ڪيائين. انهيءَ وچ ۾ جئسنگ به اوڏن جي پٺيان لشڪر سميت ڪاهي آيو، پر جيئن ته اوڏ ڄام لاکي جي حد ۾ هئا، تنهنڪري لڙائي کان سواءِ چارو ڪونه هو. ڄام لاکي کي جڏهن جئسنگ جي ڪاهي اچڻ جي خبر ملي، تڏهن پاڻ به لڙائيءَ جو سانباهو ڪيائين. رتن پال اها حالت ڏسي خيال ڪيو ته هي مامرو منهن جي سِر سان آهي، ته پوءِ هيترو سارو لشڪر بيگناهه ڇو مارجي؟ منهن جيئري جسمان مون کان نه جدا ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري ٻئي ڪنهن سان شادي ڪري سگهندي؛ تنهنڪري ڇونه منهنجو ۽ جئسنگ جو مقابلو ٿئي! پوءِ ڄام لاکي کي اهو پيغام ڏنائين، جنهن وري جئسنگ کي اطلاع موڪليو. جئسنگ ڏٺو ته آءٌ جنگي جوڌو آهيان، ۽ رتن پال فقط اوڏ آهي، جنهن ڪڏهن تلوار به هٿ ۾ ڪانه کنئي هوندي؛ سو خوشيءَ سان اهو فيصلو قبول ڪيائين.

مقرر ڏينهن تي جئسنگ ۽ ڄام لاکي جا لشڪر ٻنهي پاسي اچي بيٺا. رتن پال به هٿيار پنوهار ٻڌي اچي وچ ميدان تي بيٺو. جئسنگ کي خبر ڪانه هئي ته رتن پال به ڪو راجا هو، سو بيپرواهيءَ سان مقابلي ۾ آيو؛ پر تلوار جي پهرئين وارَ ۾ خبر پئجي ويس ته رتن پال ڪو معمولي ماڻهو ڪونهي. پوءِ ته ڏاڍي خبرداريءَ سان مقابلو ڪيائين، پر نيٺ مارجي ويو. ان بعد ڄام لاکي ۽ رتن پال جي وچ ۾ هميشہ لاءِ دوستي قائم رهي.


 


*  هيءَ روايت عارب مڱڻهار، ويٺل مٺي ضلعو ٿرپارڪر، جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

[1]  ’ٻالائي‘ يا ’ٻرڙائي‘ جو ڪوٽ جهڏي لڳ پراڻ واري ريل جي پل کان ميل سوا ڏکڻ طرف هو.

[2]  هيم=سون+هيڙائو=سوداگر=سون جو سوداگر.

[3]  پار=ڪپر

[4]  آر=هن طرف جو ڪپر.

*  هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

[5]  نُهٽي جي قديم بستي، مٺي تعلقي ۾ اڀرندي ناري جي قديم ڍوري جي کاٻي (اڀرندي) طرف، هڪ ننڍيءَ ڀٽ تي نبي سر روڊ اسٽيشن کان چار ميل ڏکڻ ۽ ٽالهي اسٽيشن کان پنج ميل اوڀر طرف آهي. نهٽي جي قديم شهر جو ڀِڙو ۽ کنڊر اڃان تائين موجود آهن. اتي هڪ جهونو کوهه ”لاکي جي وانءِ“ جي نالي سان مشهور آهي.

*  هيءَ روايت لاڙ جي مختلف سگهڙن کان ٻڌي قلمبند ڪئي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org