سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:مشهور سنڌي قصا

(سنڌ جا عشقيه داستان - 1)

 باب:

صفحو :2

سنڌ راڻي جي قبر تي هيٺيون ڪتبو لڳل آهي:

                                تاريخ وصالش بود از پنجم رمضان

                                زير آنکہ درين ماه نجات ست رحمان

                                        حروف تاريخ بود پنجم رمضان سنه 1204هه“

مير باگي خان کي وفات بعد سندس وڏن جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو. اهو مقام ٽنڊي باگي تعلقي ۾، شهر پنگريي کان ڏکڻ طرف ديهه ’ڌُٻڻي‘ ۾ آهي، ۽ ’ڌُٻڻي وارن قبن‘ جي نالي سان سڏجي ٿو، جتي مير وليي خان ۽ مير مرزه خان جا قبا ۽ قبرون ڪتبن ساڻ موجود آهن. مير وليي خان واري قبي جي اولهه طرف ٻن ڪريل قبن جا آثار موجود آهن، جن مان هڪ غالباً مير باگي خان جو آهي.

افسانن جو اُسرڻ

هنن داستانن جي تاريخي پس منظر جي تجزيي ۽ اندروني ساخت ۽ سٽاء جي مطالعي مان، فن-قصه خواني جي ارتقاء تي ڪافي روشني پوي ٿي.

”موکي ۽ متارا“، ”مري ۽ مڱ ٿر“، ”ڦل وڌوئو ۽ ڀوري“ اهي ٽيئي داستان، سنڌ جي آڳاٽي تاريخ ۽ تمدن جا يادگار آهن. قديم ايران جو مغان ۽ ميخاني جو تخيل، ”موکي ۽ متارن“ جي افساني جو بنيادي باب آهي. ”مري ۽ مـڱ ٿر“ ڪوهستان جي بدوي زندگيءَ جو يادگار آهي، ۽ ”ڦل وڌوئو ۽ ڀوري“ ڪوٽ ڏجي جي آڳاٽي تاريخ جو نشان آهي. ”اڍو ڪِهر ۽ هوٿل پري“، ”لاکو ڦلاڻي“، ۽ ”بوبنا ۽ جراڙ“، سنڌ جي سمن جي قبائلي طاقت جي عروج واري دور جا داستان آهن.

’اڍي ڪهر‘ جو پٽ ڄام جکرو وڏو سخي ساماڻو، جنهن ڏيهن کي ڏان ڏنا. انهيءَ ڪري عوام ۾ سندس شخصيت بابت مقالون مشهور ٿيون. عوام جي تخيل موجب، جکري جهڙي جوان جو ڪنهن رواجي ماءُ پيٽان ڄمڻ ناممڪن هو، البت اهڙو سخي سردار ڪنهن پريءَ پيٽان پيدا ٿيو هوندو. انهيءَ ڪري هوٿل کي پدمڻي ۽ پري تصور ڪري، ڄام اُڍي سان سندس شاديءَ جو سمان رچيو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح هي افسانو اُسريو. ڄام لاکو پنهنجي وقت جو وڏو سورهيه سردار هو، جنهن جي ڪارنامن ۽ ڪاميابين جي سنڌ توڙي ڪڇ ۾ هاڪ هُلي ويئي. اهڙي سورهيه سردار کي جڏهن راءِ کنگهار مارايو ته ويتر انهيءَ واقعي جي هنڌين ماڳين پچار پئجي وئي. اهڙيءَ طرح عوام ۾ ڄام لاکي جون پچارون شروع ٿيون، ۽ سندس بهادريءَ جا ڪارناما توڙي ”مهر راڻي“ سان سندس شادي، ۽ ”اوڏڻ“ سان سندس عشق ۽ محبت جا داستان مشهور ٿيڻ لڳا.

’دولهه دريا خان ۽ همون راٺوڙ‘ جو داستان، ٺٽي جي سمن ڄامن جي تاريخي دور جي پيداوار آهي. دريا خان جي ڪارنامن ۽ ڪاميابين ۽ آخر ۾ ارغوني لشڪر سان سندس مقابلي ۽ شهادت، عوام جي دلين تي وڏو اثر وڌو ۽ دريا خان بابت ملڪ ۾ مقالون مشهور ٿيون. همون راٺوڙ سان سندس ڌوم ڌام سان شادي انهن مقالن جو مکيه باب بنيو، ۽ دريا خان جي ننڍپڻ جون ڳالهيون ۽ وڏي هوندي وزير ۽ سپهه سالار جي حيثيت ۾ سندس بهادريءَ جون حڪايتون، سندس شاديءَ واري واقعي سميت افسانا ٿي اُسريا.

انهن ٽنهي داستانن جي تاريخي پس منظر جو مطالعو ڏيکاري ٿو ته ڪيئن ڪي تاريخي يا نيم تاريخي واقعا، مکيه ڪردارن جي مقبوليت سببان، عوام جي اختراعي تخيل لاءِ عام مقبول افسانن جو سامان پيدا ڪن ٿا. ائين چئجي ته عام مقبوليت سببان ڪي تاريخي واقعا، عوام جي تخيل ۾ حڪايتون بنجي انگورجن ٿا، ۽ وقت گذرڻ سان پيشه ور قصه-خوانن جي ذريعي دلچسپ داستانن جي صورت ۾ وڌي وڻ ٿين ٿا.

فن قصه خواني جو عروج

هنن داستانن جي اندروني ساخت ۽ سٽاء، سنڌيءَ ۾ قصه-خواني جي عروج جي ساک ڀري ٿي. لوڪ ڪهاڻين جي پنجين ڪتاب جي مقدمي ۾ اسان واضح ڪيو آهي ته ابتدائي دور ۾ ڪيئن گهر ۾ ٻارن جي وندر لاءِ ڏاڏين ۽ نانين، مائرن ۽ ڀينرن ننڍڙين آکاڻين کي دلچسپ بنائڻ خاطر ڪي دلچسپ گفتا ۽ موزون فقرا استعمال ڪيا. ان بعد ڳالهيون ۽ ڪهاڻيون عام ڪچهرين ۾ وڏن جي وندر ۽ ورونهه خاطر بيان ٿيڻ لڳيون، ۽ پيشه ور ڀانن ۽ ڀَٽن، منگتن ۽ مڱڻهارن، انهن کي دلچسپ بنائڻ خاطر نظميه فقرا يا ڳاهون استعمال ڪيون. فن قصه - خواني جو ٽيون دور هنن نيم تاريخي داستانن جي عام مقبوليت سان شروع ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح اول ننڍيون نيم تاريخي ڳالهيون ۽ ننڍيون خيالي ڪهاڻيون ۽ ننڍا عشقيه داستان عام ڪچهرين ۾ ڳاهن جي چاشني سان بيان ٿيڻ لڳا. ان بعد فن قصه – خواني جو ٽيون دور شروع ٿيو ۽ وڏا جنگي داستان ۽ عشقيه قصا ڳاهن ۽ بيتن سان وڏن عام مجموعن آڏو ڳائجڻ شروع ٿيا. عالباً ”دودو چنيسر“ جو رزميہ داستان سڀ کان اول عام مقبول ٿيو، ۽ ان کي ڀٽن ۽ ڀانن، سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڳايو. اهڙيءَ طرح ٻيا عشقيه قصا ۽ داستان پڻ مقامي طور ڳائجڻ لڳا. هن ٽئين دور ۾ فن قصه - خواني عروج تي پهتو، ڇاڪاڻ ته پيشه ور قصه - خوانن انهن قصن ۽ داستانن کي محض موثر نموني ۾ بيان ڪرڻ جي بدران هاڻي انهن کي باقاعدي ڳائڻ شروع ڪيو. شان سان قصي جي شروعات ڪرڻ، قصي جي ڪن خاص ڀاڱن کي موثر لفظن، گفتن، پهاڪن ۽ مثالن سان نثر ۾ ورجائڻ، ۽ قصي جي ڪن مخصوص ٽاڻن ۽ اُهڃاڻن بابت ڳاهن ۽ بيتن کي، گڏجي سُر سان سازن جي وڄت تي ڳائڻ، هن فن قصه - خواني جا خصوصي پهلو بنيا. دلو، ٿالهي، يڪتارو ۽ ڍولڪ ساز طور استعمال ڪيا ويا. هن پوئين ويجهڙي دور ۾ ڪن ڀٽن ۽ مڱڻهارن، هارمونيم ۽ ننڍي دُهل تي قصن کي ڳائڻ جو رواج وڌو[1]. دودي چنيسر جو رزميه داستان اڄ ڏينهن تائين عام طور ڳائجي پيو، پر ڪي سُڄاڻ سگهڙ، ڀٽ ۽ مڱڻهار، ڪن عشقيہ داستانن - مثلاً ڦل وڌوئو ۽ ڀوري، بوبنا ۽ جراڙ ۽ دولهه دريا خان ۽ همون راٺوڙ - کي پڻ اڄ ڏينهن تائين ڀريل مجلسن ۾ سازن تي ڳائين ٿا.

مواد جي ترتيب

پهريائين ڪوشش ڪري هرهڪ داستان جي روايتن کي مختلف سگهڙن وٽان ٻڌي قلمبند ڪيو ويو. ان بعد انهن روايتن کي ڀيٽيو ويو، ۽ جن جي سٽاء ساڳي هئي، تن کي هڪ مستقل روايت جي صورت ۾ قائم ڪيو ويو ۽ جزوي اختلافن کي هيٺ حاشيي ۾ نروار ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هرهڪ داستان جون هڪ کان زياده مستقل روايتون ڏنيون ويون آهن، ۽ منڍ ۾ مهاڳ طور انهن جي وضاحت ڪئي ويئي آهي. زياده معتبر يا عام مشهور روايت کي اڳ ۾ رکيو ويو آهي، ۽ ان بعد ٻين باقي روايتن کي انهن جي اهميت ۽ افاديت جي مدنظر سلسليوار هڪٻئي جي پويان ڏنو ويو آهي. خود هنن اٺن داستانن کي پڻ تاريخي لحاظ سان مرتب ڪيو ويو آهي: مثلاً ’موکي ۽ متارن‘ جي داستان ۾ ايراني تمدن جو ’مغان ۽ ميخاني‘ وارو قديم تخيل سمايل آهي، ۽ انهيءَ ڪري ان کي مُنڍ ۾ رکيو ويو آهي، اهڙيءَ طرح ’مير باگو ۽ سنڌ راڻي‘ وارو داستان سڀ کان پوئين تاريخي دور جو آهي ۽ انهيءَ ڪري ان کي سڀ کان آخر ۾ رکيو ويو آهي. البته وچ وارا ڪي داستان، جي سمن جي دور سان تعلق رکن ٿا، يا ’ڦل وڌوئي ۽ ڀوري‘ جو داستان، جو ’اونچل ڪوٽ‘ سان وابسته آهي، انهن جي بلڪل صحيح تاريخي دورن بابت ڪا يقيني راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي. في الحال نسب نامن جي ڪن اُهڃاڻن جي بناء تي، اندازي موجب انهن کي سلسليوار مرتب ڪيو ويو آهي.

هنن داستانن جي ادبي، افسانوي ۽ تاريخي اهميت محسوس ڪندي، گذريل سترهن سالن کان وٺي اسان انهن بابت تحقيق پئي ڪئي آهي، ۽ پنهنجي ذاتي ذوق سببان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ وؤڙي، مختلف سگهڙن ۽ راوين کان انهن قصن بابت روايتن کي سهيڙڻ ۽ انهن جي جغرافيائي اهڃاڻن توڙي تاريخي ٽاڻن ۽ ٽڪاڻن کي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. انهيءَ ڪري گهڻي حد تائين، هن ڪتاب جي تحقيق ۽ تڪميل انهيءَ ذاتي ڪوشش ۽ ڪاوش جو نتيجو آهي. ’لوڪ ادب تجويز‘ هيٺ پڻ ڪن سڄاڻ ڪارڪنن وٽان، هنن قصن جون مختلف روايتون دستياب ٿيون، جن جي ڀيٽڻ سان ڪن ٽاڻن ۽ اُهڃاڻن جي وڌيڪ وضاحت ٿي. متن ۾ هر داستان جي شروع ۾ مهاڳ طور اسان ان جي مختلف روايتن تي تحقيقي نظر ڪئي آهي، ۽ پڻ ان بعد حاشين ۾ ڪن خاص اُهڃاڻن تي روشني وڌي آهي. اهڙيءَ طرح موجوده ماخذن ۽ روايتن جي روشنيءَ ۾ هيءُ مواد ڪافي تحقيق ۽ تنقيد سان شايع ٿي رهيو آهي.

- ن . ب .


 


[1]  اهو رواج خصوصاً مسو ڀرڳڙي لڳ ويٺل ڀٽن، عنايت ڀٽ جي اڳواڻيءَ هيٺ وڌو. عنايت ڀٽ اندازاً 30-35 سال اڳ 65 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org