سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:مشهور سنڌي قصا

(سنڌ جا عشقيه داستان - 1)

 باب:

صفحو :3

متن

سنڌ جا عشقيہ داستان -1

 

موکي ۽ متارا*

چون ٿا ته جڏهن مومل وڃي ڏاگهه چڙهي، تڏهن سندس ٻانهي ناتر چيو ته هاڻي آءٌ هت ڪهڙو منهن وٺي ويهان. مون هت ڪاڪ تي ڪيئي مرد مارايا ۽ ڪونڌر ڪُهايا. هاڻ هن ڀيڻيءَ تي رت جي بوءِ پئي اچي. سو مال متاع کڻي، سنڌ جي اُڀرندي سرحد ڇڏي، الهندي جو رخ ڪيائين. آخر اچي ’گڏاپ‘ واري پٽ ۾ پهتي، جتي کيما کوڙي، ويهي رهي. اڳئين غم ٽارڻ لاءِ، هن شراب چِڪائڻ جي بٺي بنائي ۽ ميخانو مچايو، جتي پري پري کان پياڪ اچڻ لڳا، جن سان سندس اڳئين مڪر ۽ فريب جي بدران، ناتر هاڻي مهر ۽ نياز سان ملڻ لڳي، جيئن سڀ موالي سندس ميخاني تان خوش ٿي وڃن.

ڪجهه عرصي بعد، ناتر آخر هتي شادي ڪئي[1]، ۽ کيس ڌيءَ ڄائي، جنهن جو نالو رکيائين ”موکي“. ان کان پوءِ، ٻه ٻيون ڌيئون ڄايس، جن مان هڪ جو نالو ”سُونگل“ ۽ ٻيءَ جو ”سَڦوران“ رکيائين. ”موکي“ ماءُ سان گڏ انهيءَ ساڳيءَ ڀيڻيءَ تي رهي، باقي ’سونگل‘ ۽ ’سڦوران‘ پسگردائي ۾ پرڻايون وييون[2]. انهن ٽن ڀينرن جي رهائش وارن ماڳن جي ڀر وارا مڪان سندن ئي نالن سان مشهور ٿيا، جن تان پوءِ ديهن تي پڻ ساڳيا نالا پيا ۽ اڄ تائين گڏاپ واريءَ اراضيءَ ۾ ديهه موکي، ديهه سونگل، ۽ ديهه سڦوران موجود آهن[3].

”ڪؤنڪر“ واريءَ موجوده بستيءَ کان ڏکڻ اوڀر طرف، گاهه واري سائي ۽ سهڻي جُوءِ آهي، جنهن کي ”موکيءَ جو مڪان“ سڏجي ٿو. ناتر انهيءَ ماڳ تي بٺي بنائي هئي ۽ ’ڪلال خانو‘ قائم ڪيو[4]، جتي جي چِڪايل ۽ سنڌيل شراب جو ميخانو مشهور ٿيو-”وڏو دور دڪان جو، هي موکي، هُومَٽ“. ناتر اصل ئي تيرهن تالي هئي، تنهن ’موکي‘ کي به هرتالي بنائي ڇڏيو. ميخاني ۾ بُتيون آڻڻ ۽ پِياڪن کي وَٽيون پيارڻ جو ڪم، ماڻس سندس حوالي ڪيو. موکيءَ کي پڻ ماڻس فريب جي بدران سچائي ۽ خلوص جو سبق سيکاريو هو، ۽ انهيءَ ڪري مست متارا ۽ پيڙهائتا پياڪ وٽن اچڻ لڳا. هن سَري جي سُرڪ ۽ مَنڌ جي نشي جي هاڪ، پري پري تائين وڃي پهتي.

هڪڙا اَٺ يار، پيالي ڀائيوار، پڻ هن ميخاني جي هاڪ ٻڌي آيا. موکيءَ کين سنڌيل مَٽن مان سَرو پياري، اهڙو ته خوش ڪيو، جو هو پوءِ سدائين اچڻ لڳا ۽ موکي پڻ مهمانن وانگر سندن آڌرڀاءُ ڪندي هئي. اُهي اَٺ يار، ٻه سما، ٻه سومرا، ٻه چنا ۽ ٻه چهواڻ هئا:

ٻه سما، ٻه سومرا، ٻه چنا، ٻه چهواڻ،
موکيءَ گهر مهماڻ، ايندا هئا اَٺ ڄڻا.

موکيءَ جي ميخاني تي ڪيئي پياڪ پئي آيا، جن پِڪون پئي پيتيون، پر، جڏهن هي ”سَري ڌڻي“ ساماڻا، ته سندن آئي عجيب رونق لڳي ويئي. موکي هنن لاءِ پراڻن سنڌيل مَٽن مان مَنڌ پلٽيندي هئي، ۽ بُتيون ڀري، وٽين تي وٽيون کين پياريندي هئي. خود ماڻس ناتر، موکيءَ کي مت ڏني ته:

موکي متارن ڏونهه، ننڊان ڪيم نهار،
ساماڻا سَري ڌڻي، اَڇا اڱڻ ڌار،
وٽيون وارِ پيار، موکي متارن کي.

هنن ملوڪن کي هڪ جوانيءَ جو نشو، ٻيو مي جي نشو، ۽ ٽيون وري موکيءَ جا ناز ۽ انداز - سو هنن لاءِ هيءَ بٺي ۽ ميخانو سرور ۽ صحبت جا مڪان بنجي پيا. هڪ مي مخمور ڪيا ته ٻيو وري موکيءَ جي ڳالهين ڳڱاٽيا. هي جي هميشہ جا هيراڪ هئا، تن لاءِ هميشہ پراڻا مَٽ پلٽبا هئا.

هڪ ڀيري جڏهن هو آيا ته پراڻو سنڌيل سَرو هوئي ڪونه. موکي سڀ مَٽ نچويا ۽ سَٽون ڏنيون، پر تازي چِڪايل شراب کان سواءِ پيل مَنڌ جو چُڪو ئي ڪونه هو. نيٺ موکيءَ کي هڪ ڪُنڊ ۾ پيل مَٽ ياد آيو، جنهن کي ڪي ڏينهن اتي پئي ٿيا هئا ۽ ايتري ته مٿان لٽ چڙهي وئي هيس جو بي انداز! ڇو ته ان کي عرصي کان وٺي ڪنهن هٿ ئي ڪونه لاتو هو. موکي وڃي انهيءَ مَٽ جو منهن اُٿلايو. ڏٺائين ته منجهس پراڻو سنڌيل شراب پيل آهي، پر جيئن ته مَٽ سالن کان هڪ ڪنڊ پاسي پيو هو، منجهس انهيءَ عرصي ۾ هڪ شاهي نانگ، سُرڪي وڃي اندر پيو هو:

موکي سندي مَٽ ۾، سُري سَپ پيو،
ماس مٿي ئي ويو، ڪنڊا رهيا تر ۾.

ڏينهن گذرڻ سببان اِهو نانگ منڌ ۾ اندر مري ڳري ويو هو، ايتريقدر جو رڳو سندس ڪنڊو پئي تريو.

موکي اهو ڏسي موٽي آئي ته جيئن متارن کي چوي ته پراڻو سنڌيل شراب ڪونهي؛ پر وچ تي بيهي ويچار ڪيائين ته: هي پيالن جا پياڪ هميشہ جا هيراڪ آهن - جڏهن اچن ٿا ته آس رکي ٿا اچن، ۽ وڏي چاهه مان ٿا اچن. انهيءَ ڪري، جي کين چوان ته اوهان جي پيئڻ جو سَرو آهي ئي ڪونه، ته نهايت غمگين ٿيندا. آسائتن کي موٽائڻ واجب ناهي. هاڻي انهيءَ مٽ مان ئي کڻي کين پياريان، پر کين خالي نه موٽايان. سو، لاچار بُتيون ڀري آئي، ۽ اچي کين پياريائين. پهرينءَ وٽيءَ پيئڻ سان هي ڪيف سان ڪڪورجي ويا. ڀلا هڪ نهايت پراڻو پيل شراب ۽ ٻيو وري ويتر جو منجهس نانگ جو وِهه مليل، سو هن ڪڙي ۽ ڪُهني مَنڌ کين پهرينءَ وٽيءَ پيئڻ سان مست ڪري ڇڏيو ۽ ٻي طلبڻ لڳا. موکيءَ کي ته سارو مَنجهه معلوم هو، انهيءَ ڪري کين روڪيائين ته وڌيڪ نه پيو، جو هن ڪڙي ڪڪوه جو ڪيف قاتل آهي، متان اوهان جي جان کي جوکو ٿئي. پر، هي سَري جا سڪايل ۽ پيالن جا پياڪ ڪٿي ٿا مُڙن. چيائون ته: جئنداسون ته پئنداسون، مئاسون ته گهورياسون - اڄ اسان جا سر سٽ ۾ آهن، وٽيون آڻ ۽ پيار!

هن موقعي جي هڪ ڳجهارت آهي ته:

نرنان ٿا رڇ بلا ڪن،
چون ته پتڻ وارو پاڻ کي ڪينهي،
پوءِ به مقامن جي ڏينداسون.
نرنان=متارا. رڇ=بُتيون. بلا=پِيَڻ. پتڻ وارو=آهو (=اَسرو). مقامن جي=سِر.

يعني ته:

متارا ٿا بُتيون پِيَن،
        چون ته آهو اسان کي ڪونهي،
        پوءِ به سِرُ ڏينداسون.

هن ڀيري متارا مَنڌ پِي، جِي پيا ۽ موکيءَ کي آفرينون ۽ آسِيسون ڏيندي موڪلايائون، ۽ نشي ۾ چڪچور ٿي لُڏندا گِهڏندا، پنهنجي ماڳن مڪانن ڏي موٽيا:

موکيءَ سندي مٽ ۾، ڪو جو زهر ذرو،
پيئندي تن پوشيدن کي، پئڙو ڪونه ڀرو،
ٿئڙن ڪيف ڳرو، تڏ گهوٽ گِهڏي گهر آئيا.
                                -

موکيءَ سندي مٽ ۾، ڪارو ڪِريو ڪر،
ماس تنهن جو مٿي رهيو، ڪنڊا رهيس تر،
نشا جهلي نر، گهوٽ گِهڏي گهر آئيا.

هي اَٺئي ساٿي، مست متارا، دير ۾ دير ته به ڇهين ڇهين مهيني ضرور موکيءَ جي ميخاني تي ايندا هئا، پر ڪو جو سبب ٿيو جو هن ڀيري هنن کي وٿي پئجي وئي ۽ ڇهين مهيني جي بدران هنن کي ٻارهن مهينا وچان پئجي ويا. پورين ٻارهين مهينين، هڪ ڏينهن اوچتو، هي به اچي ميخاني تي سهڙيا:

گهوٽ به گِهڏي گهر، ٻئي ماهه ٻارهين آئيا.
اڳ ڇهين ماهه اچن، اڄ ٻئي لڱ ٻارهين آئيا،
ڪڙا ڪاٽيٖ جهليا، نشا نادانن،
حيلو هزارين نه هلي، ڪل نه پئي تن،
مانِجهي متارن، ڏنل سِر سَٽ ۾.

جڏهن متارا آيا ته موکي کين کيڪاريو ۽ سندن مرحبا ڪئي. بُتيون ڀري آئي ۽ اچي پَٽن ۾ پلٽيائين. هنن تري واريون آخري پِڪون به پيتيون، پر اڳينءَ سُرڪيءَ وارو ساءُ ڪٿي! موکيءَ کي چيائون ته: ٻيو ڪو مَنڌ آڻ. موکي وڃي ٻيو مَٽ اُپٽيو ۽ بُتي ڀري اچي پيالن ۾ پلٽيائين. هنن مانجهين وري هن مَنڌ مان پِڪ پيتي، پر اڳين سُرڪيءَ وارو ساءُ ڪٿي! موکيءَ کي چيائون ته: ٻيو ڪڪوه آڻ. موکي وري وڃي ٻيو نئون مَٽ اُپٽيو، ۽ بُتي ڀري اچي مانجهين آڏو مَنڌ پلٽيائين، پر هي جي اڳئين ڪڙي ڪيف ڪڪوريا هئا، تن کي ڪٿان ٿو هيءُ تازو سنڌيل سَرو سيبائي. موکيءَ کي گهُوري چيائون ته:

موکي! متارن کي، ڪا پَروڪِي پيار،
وٽيون ڏيئي وارِ، موکي! متارن کي.

 

اي موکي! اسان مانجهين کي اها ساڳي پَروڪِي سُرڪ پيار، اهو مهنديون منڌ آڻ، باقي هي موٽائي کڻ، هتان هاڻي ذرو به ڪين چکنداسون.

موکي ويچاري گهڻوئي راز لڪايو، پر هاڻي لاچار ٿي پئي، بهانا ڪري نوان نوان مَٽ کوليائين، پر هنن مستن کي ڪابه تسلي ڪانه ٿي. اتي ويچاريءَ کي سچي ڪرڻي پئي، ته اڳيون سَرو جو اوهان پيتو هو، سو هڪ ته سالن جو سنڌيل هو ۽ ٻيو ته ان ۾ سَپن جو ساڙ گڏيل هو. اهو ڪڙو قاتل به جيڪر هجي ته کڻي اوهان جي گُهر پوري ڪريان، پر اهو وِهه ئي اسان وِتائي ڇڏيو. هاڻي آڻيان سو ڪٿان آڻيان! اي متارا!

پَر جو پيتوئان، سو هئو سَپن ساڙ،
انهيءَ لڄ مران، جو اڻ - هوندو اَئين گهرو.

 

هي ’سَري ڌڻي‘ نئين سر ساماڻا هئا ۽ سَري جي سرڪ جا سيڪڙو هئا، پر سِرن جي سٽ ڏيڻ واري منزل تي اڃان ڪين پهتا هئا. هي مڙس ملوڪ هئا پر اڃان مي پياڪ هئا، زهر پياڪ ڪين بنيا هئا. هنن جو ٻڌو ته اڳوڻي مَنڌ ۾ ڪارن نانگن جو زهر مليل هو، ۽ نه رڳو اهو، پر نانگ ان ۾ سڙي ڀُڪاڀورا ٿي ويا هئا، تڏهن چيائون ته: ”مار! اسان سڀني زهر پيتو!“ بس انهيءَ ’مار‘ واري ڇرڪ مڙسن جي ڇاتي ڇني ڇڏي!

پروڪو پَرو، ڏنو موکيءَ متارن کي،
تنهن ٻارهين ماهه ٻُڌائيو ته هو سَپاڻو سَرو،
ڳالهاءُ هونِ ڳرو، پر ساهه ڏنائون سٽ ۾.

 

انهي سپ واري ڊپ مڙس نهوڙي نيا!
ڪڙي ڪين ڪيونِ، ويڻ موکيءَ جي ماريا.

 

کين سيراپ وڪوڙي ويو، ۽ انهيءَ هيبت ۾ مڙسن جا هيانٌوَ ڦسي پيا! انهيءَ دهشت ۾ سندن دليون ٽٽي پيون ۽ انهيءَ پِڙيءَ تي مڙس پورا ٿي ويا! موکيءَ جي ڳالهه سڻي اُتي جو اُتي ساهه ڏنائون:

نڪي جوان جنگ ۾ ماريا، نڪي ماريا سور ٻَري،
تن لئي رُئان ڪئن ڪري، جو ويڻ موکيءَ جي ماريا!

 

انهيءَ ڏينهن کان اهو مثال مشهور ٿيو ته ”سپ نه ماري، سپ جو ڊپ ماري.“

ويچاري موکيءَ جو هيءُ لقاءُ ڏٺو سو نهايت پيشيمان ٿي. ڪن ڀانيو ته هن شراب جي بدران زهر ڏيئي مڙس ماريا آهن - ناتر جي نِڪار ڌيءَ کان ڀلا ڪهڙي چڱائي ٿيندي!

موکي چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات،
ڏيئي وِهه وٽيون وات، موکي متارا ماريا.

 

ڪن ڊوڙي وڃي ماڻس کي ٻڌايو ته: موکي متارن کي شراب ۾ زهر ڏيئي پورو ڪري ڇڏيو. ماڻس آئي ته اچي ڏٺائين ته مڙس مئا پيا آهن، ۽ موکي انهيءَ ڀيڻي بيٺي آهي:

ڏنا ماءُ موکيءَ کي ڀونڊا ٻئي ڀيرٖيٖ،
ڪو جو شڪ شراب ۾، وڌوءِ ڪميڻي! ڪيرٖيٖ،

هاڻي دائم تو دٖيرٖي، ڪونه ايندو ڪڏهين*.

 

هن حادثي ۾ موکي جي ماءُ کي ميخاني جي ويراني ٿي نظر آئي، هي اَٺ ملوڪ ائين مري ويا ته هاڻي اڳتي لاءِ ٻيو ڪوبه پياڪ ڪونه ايندو. انهيءَ ڪري موکي سان ڪري گذاريائين. پر آڏو موکي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي ته، متارن کي خالي موٽائڻ واجب نه ڄاتم، تڏهن انهي سپ سڙيل مٽ مان کين پياريم:

”مون ڀانيو ڀؤ ڪونهي، هو پين مر اچي.“

 

بيخبريءَ ۾، هنن ملوڪن وٽين تي وٽيون پيتيون ۽ ڪيف ۾ ڪڪورجي ويا. نشي سان نينهن هون ۽ ڪنهن به ڇيهي کان ڪين ڇرڪيا، انهيءَ ڪري وار به ونگو نه ٿين ۽ ڪيف ۾ ڪڪورجي روانا ٿيا. هينئر جڏهن ٻيهر آيا ته ٻئي سر مَنڌ جي وٽي چکندي موٽايائون ۽ ساڳئي اڳئين سَري جي طلب ڪيائون. جڏهن ڪنهن حيلي بهاني نه سَرچيا، ته لاچار ساڻن سچي ڪيم. جڏهن ڳالهه ٻڌائون ته نشي جي نينهن واري خيال کان هٽي، جان جي جوکي تي سوچيائون. جڏهن نينهن لٿن، ته ڊپ وڪوڙين ته متان مري پَئون. پوءِ انهيءَ شڪ ماريا: سپ نه ماريا، پر سپ جي ڊپ ماريا. منهنجو انهيءَ ۾ ڪوبه ڏوهه ڪونهي، جو ساڻن پنهنجي دل جو دليل وڙهيو.

اِهو ٻڌي، ماڻس کڻي چپ ڪئي، پر ڄاتائين ٿي ته عام پئندڙ انهيءَ مام کي ڪين پروڙيندا ۽ هنن ملوڪن جي موت جي خبر ٻڌي، هن ميخاني تي ڪڏهن ڪين ايندا. بس ائين ئي ٿيو. عام خبر هُلي وئي ته موکي وِهه - گاڏئون شراب پياري، متارا ماري ڇڏيا؛ هاڻي متان ڪو ڀلجي انهي ڀيڻيءَ وڃي:

موکي سندي مَٽ ۾، ڪو جو سپ سُرڻو،
تنهن جا ڪنڊا ڪنڌيءَ رهيا، وِهه ٿي وِروڻو،
چڻائي چُوڻو، موکيءَ متارا ماريا.
                                ---

موکيءَ سندي مَٽ ۾، سُري سَپ پيو،
نسورٖين نانگيٖن جو، ڳري ڳاڙو پيو،
موکيءَ قهر ڪيو، متارن مارڻ سان.
                               
---

موکيءَ سندي مَٽ ۾، هئا قاتل ۽ ڪورا،
سڄا نانگ سڙي ويا، ڀُڪا ئي ڀورا،
موکي ڏي مورا، هي موکي متارا ماريا.

 

اها ڳالهه هُلي ته پيئندڙن اچڻ به بند ڪيو. سَري چِڪائڻ وارن ڪم ڇڏي ڏنو. بٺي بيهي وئي. ميخانو سڃو ٿي ويو. موکي ۽ ماڻس عام عتاب هيٺ اچي ويون، ۽ اڪيلي سر باقي حياتي جا ڏينهن پورا ڪيائون:

موکي مُئي، مَٽ جهُريا، وهائو ويا،
لٿو ڪوڏ ڪلار جو، ڪاتن ڪَس ڪيا،
تڪيا، ’تماچي‘ چئي، پَسو پٽ پيا،
سامهان سور ٿيا، موکيءَ متارن جا.

 

چون ٿا ته متارا مئا ته کين هڪ بُٺي (ننڍي ٽڪري) تي دفن ڪيائون. پوءِ موکي مُئي ۽ کيس پڻ انهي ماڳ تي دفن ڪيائون. مقامي روايت موجب متارا توڙي موکي، ’ڪؤنڪر‘ وارين ٻن بُٺين (ننڍين ٽڪرين) تي مدفون ٿيا. اتي هڪ ڪُهنو قبرستان موجود آهي ۽ ڪن جي خيال ۾ اهو موکي ۽ متارن جو مقام آهي[5].

موکي مَٺو نه گُهريو، وِهه نه وهاٽيا،
سُرڪي، ’سليمان‘ چئي، اتهين ٿي آٽيا،
جي ڳالهين ڳڱاٽيا، تن جون بَٺي پاسي بُٺيون.

--��--

 

 

روايت [1]*

 

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾ ڪلالن جو هڪڙو پاڙو رهندو هو. سندن شراب جي هاڪ هرهنڌ هئي. تنهنڪري پري پري جا ماڻهو وٽن شراب جي شوق ۾ ڇڪجي ايندا هئا. انهن جي اڳواڻ کي سڪي پني هڪڙي سدا ملوڪ ڌيءَ ڄائي هئي، جنهن جو نالو ”موکي“ رکيائين. موکي ننڍي هوندي کان نهايت سهڻي ۽ سلڇڻي هئي، جنهنڪري هرڪو پيو اکين ۾ جايون ڏيندو هوس.

جڏهن موکي وڏي ٿي، تڏهن خدا جي قدرت سان سندس پيءُ گذاري ويو، جنهنڪري پيءُ جو سمورو ڪاروبار موکي پنهنجي سر پاڻ هلائڻ لڳي. سندن شراب جي واکاڻ ته اڳي ئي هئي، پر موکي جي اچڻ کان پوءِ، جيئن پوءِ تيئن ڪاروبار وڌندو ويو، ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ موکي ۽ موکيءَ جي شراب جي هاڪ هنڌين ماڳين هُلي وئي. پري پري کان شراب جا شوقين ڪَهي ڪَهي اچي وٽيون پيئندا هئا.

انهي زماني ۾ سِريٖ ۾ ست جوان رهندا هئا، جي هڪٻئي ۾ يار هئا. کين ”متارا“ ڪري سڏيندا هئا. اهي ست ئي جوان پنهنجن ڀلن گهوڙن تي چڙهي، ملڪ پيا وؤڙيندا هئا. سندن گذران ڦر ۽ چوري تي هو. هڪڙي ڏينهن هنن جي ڪنن تي موکي جي شراب جي هاڪ پئي، چيئون ته، ادا، هلنداسون. پوءِ ته کڻي گهوڙا سنجيائون، مينهن واءُ ڪندا اچي موکي جي ملڪ پهتا. موکي هنن ستن جوانن جي ڏاڍي آجيان ڪئي، کين نهايت سٺو شراب پياري، خوش ڪري روانو ڪيو. پوءِ هر ڇهين مهيني موکي وٽ ايندا هئا، ۽ شراب جون وٽيون پي، مست ٿي هليا ويندا هئا، ۽ وڃي ملڪ وؤڙيندا هئا.

هڪڙي ڀيري، دستور موجب متارا، موکيءَ وٽ آيا، قدرت خدا جي اُنهيءَ ڏينهن هن وٽ ڪو پراڻو شراب بچيو ڪونه هو. پهرين ته خيال ڪيائين ته کين نئون شراب پياريان، پر پوءِ ويچار ڪيائين ته، جوان ڪڏهن ڪڏهن ٿا اچن، تنهن ڪري کين چُڪي اهڙي پيارجي، جو ڀيرو نه ڀڃن. سو هڪڙو ڪو ايامن جو پراڻو مَٽ وڃي اُپٽائين. ڏسي ته مَٽ ۾ سپ مئو پيو آهي. پهرين ته خيال ڪيائين ته اتان شراب نه ڏيان، ٻيا مَٽ کوليائين، پر کيس اُها ڳالهه ڪانه نظر آئي، نيٺ اُنهيءَ مَٽ مان بُتيون ڀري متارن آڏو رکيائين. پهرين وٽيءَ سان مڙس نشي ۾ الوٽ ٿي ويا ... پوءِ ته وٽين مٿان وٽيون اوتيندا ويا. هڪڙو پراڻو شراب، ٻيو منجهس نانگ جو زهر، سو همراهن کي اصل رڱي ڇڏيائين. سندس اکيون ٽانڊن کي به شهه ڏئي بيٺيون هيون. پِي، پُر ٿي گهوڙن تي چڙهيا، جيڏانهن ويا تيڏانهن تباهي مچائي ڏنائون. همراه اصل هوش کان نڪتا پئي گهميا.

نيٺ هڪ سال گذرڻ بعد، هي وري موکي وٽ آيا. موکي هميشہ وانگر سندن آجيان ڪئي ۽ سندن آڏو شراب آڻي رکيو... هڪڙي هڪڙي سُرڪ ڀري چيائون ته: اسان کي اُهو شراب پيار جيڪو اڳئين ڀيري پياريو هوءِ ... هاڻي اُهو شراب اچي ڪٿان. تڏهن به موکي ڪيترا مَٽ اُپٽيا، پر اُنهن ۾ اُهو ڪيف ۽ سُرور ڪٿي! جنهن هنن همراهن کي مست ڪري ڇڏيو هو. هنن جي اهائي دانهن پئي پوي ته، اڳي جهڙو شراب پيار. نيٺ لاچار ٿي هنن کي ٻڌايائين ته: ’اُهو شراب هاڻي ڪٿان ايندو ... اهو ته وري ٺهندو ئي ڪونه،‘ پڇيائونس ته: ڇو؟ تنهن تي هن کين نانگ واري حقيقت ڪري ٻڌائي. اها ٻڌڻ سان همراهن جا وات ڦاٽي ويا، چي: اسان نانگ جي زهر وارو شراب پيتو هو! پوءِ هڪٻئي پٺيان ائين ڏڪندا، زهر جي ڊپ کان ڪري پيا، ۽ اُتي جو اُتي مري ويا. اهو حال ڏسي موکي حيران ٿي وئي ... ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچيس. ههڙا ڪونڌر جوان مرندي ڏسي هن جو مغز خراب ٿي پيو، اُتي ئي جو اُتي پاڻ کي ماري ڇڏيائين.

 

 

--��--

 

روايت [2]*

 

ڳالهه ڪندا آهن ته ’برهمڻ آباد‘ شهر ۾، ’موکي‘ نالي هڪ سهڻي عورت هئي، جنهن جا مائٽ ڪلاڙڪو ڌنڌو ڪندا هئا. جڏهن موکي جا مائٽ گُذر ڪري ويا، تڏهن موکي به مائٽاڻو ڌنڌو اختيار ڪيو.

ٿوريئي وقت ۾، موکي جي سونهن ۽ شراب جي هاڪ، ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويئي. پري پري جا سوداگر ۽ امير، مسافريون ڪري ڪَهِي هن وٽ ايندا هئا، ۽ موکي جي محبت ۾ پاڻ لُٽائي واپس هليا ويندا هئا. هن جو شراب به ڏاڍو سٺو هو، تنهن کان سواءِ، مسافرن جي آرام جو سمورو بندوبست ٿيل هو. جڏهن به ڪو امير يا سوداگر وٽس ايندو هو، ته پاڻ کي وڌيڪ سينگاري، انهن جي خدمت چاڪري ڪندي هئي. هن جي خوش خُلقي ۽ ناز نخري تي هزارين قافلا لُٽجڻ لڳا.

هڪڙي ڀيري، سياري جي مند ۾ موکي وٽ ڪي وڏا سوداگر اچي لٿا. موکي به پاڻ کي وڌيڪ سينگاريو. گهڻائي هار، گل ڦل ۽ تيل سُرما ڪري، انهن سوداگرن جي چاڪري ڪيائين. آخر انهن موکي کان شراب گهريو. موکي جيئن ئي مَٽن مان شراب ڪڍڻ لڳي، تيئن ڇا ڏسي ته مَٽ ۾ هڪ ڪارو نانگ مُئو پيو آهي! پر اها ڳالهه دل ۾ لڪائي، موکي اهو شراب اچي مهمانن جي آڏو رکيو. سوداگر شراب پيئڻ لڳا. خدا جي قدرت جو نانگ جي اثر ڪري، شراب ۾ ڏاڍي لذت پيدا ٿي پئي. سوداگر هر هر شراب جي گُهر ڪندا رهيا، ۽ وٽين مٿان وٽيون اوتيندا ويا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهي ساداگر پنهنجي وطن ڏانهن روانا ٿي ويا.

سال کن گذرڻ کان پوءِ اهي ساڳيا سوداگر، تمام گهڻيون سوکڙيون پاکڙيون کڻي، قافلي سميت اچي موکي جا مهمان ٿيا. موکي به ساڳي طرح هار سينگار ڪري، اچي سوداگرن وٽ ويٺي. سوداگرن يڪدم شراب گهريو، ۽ موکي يڪدم شراب آڻي حاضر ڪيو. سوداگرن ڍڪ ڍڪ ڀري کڻي وٽيون ڇڏيون. چيائون ته هي شراب به عمدو آهي، پر گذريل سال واري شراب جهڙو مزو الاجي ڇو نٿو اچي؟ تنهن تي موکي نانگ واري ساري حقيقت بيان ڪري ٻڌائي. سوداگرن کي خوف وٺي ويو ۽ رڙ ڪري چيائون ته هان! اسان کي زهر گڏيل شراب پياريو هئي. ائين چوندي سمورن سوداگرن جو خوف وچان ساهه نڪري ويو.

ماڻهن ۾ اچي ڳالهه هلي، ته موکي سوداگرن کي زهر ڏيئي ماريو آهي. ان کان پوءِ هن جي دڪان تي ڪوبه ماڻهو ڪونه آيو. موکي کي تمام ڳڻتي وٺي ويئي، انهيءَ ڳڻتي ڪندي بيمار ٿي پيئي ۽ جلدي ئي مري ويئي.

 

 

روايت [3]*

 

رتن سنگ نالي هڪڙو ٺڪر، جو تمام ظالم راجپوت هو. ”ڪوئنٌرلَ“ نالي ڳوٺ[6] جو رهاڪو هو. جيئن ته رتن سنگ شاهوڪار به هو، تنهنڪري ڪوبه ڪُڇي ڪونه سگهندو هو.

انهيءَ وقت ۾ ڪنهن ڀرواري ڳوٺ ۾ ڀيل رهندا هئا، جن ۾ ”موکي“ نالي هڪڙي ڇوڪري هوندي هئي، جا سونهن سوڀيا ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هئي. موکيءَ جي سونهن جي خبر جڏهن رتن سنگ کي پيئي، تڏهن هو موکيءَ کي ڏسڻ لاءِ سندس ڳوٺ ويو. رتن سنگ موکيءَ جي سونهن ڏسي مٿس مستانو ٿي پيو. انهيءَ ئي مهل موکيءَ کي کڻي پنهنجي ڳوٺ آيو، ۽ ساڻس زوريءَ شادي ڪيائين. ڀيل غريب ۽ نيچ قوم مان هئا، تنهنڪري ماٺ ۾ رهيا، ۽ وڌيڪ ڪجهه به ڪري نه سگهيا.

ٿوري گهڻي ڏينهن، موکيءَ کي رتن سنگ مان هڪڙي ڌيءَ ڄائِي، تنهن کان پوءِ رتن سنگ مري ويو ۽ موکيءَ کي سندس ڪافي ملڪيت هٿ آئي. موکي ڪجهه وقت انهيءَ ملڪيت کي اُڏائيندري رهي، پر آخر کاڌي کوهه به کٽيو وڃن، سو ملڪيت جو خاتمو ٿيڻ لڳو. ان وقت سندس ڌيءَ به اچي وڏي ٿي، جا سونهن سوڀيا ۾ ماءُ کان به ٻه رتيون ڪثر هئي.

موکي ٺَڪرن کي پنهنجي ڌيءَ جي سڱ وٺڻ لاءِ چيو، مگر ٺَڪرن سڱ وٺڻ کان انڪار ڪيو ته، ’تون نيچ قوم مان آهين، تنهنڪري تنهنجي ڌيءَ نه وٺنداسين.‘ آخر موکي لاچار ٿي، ملڪ ۾ اها ڳالهه هُلائي ته ’مان هڪ وڏ گهراڻي جي ڌيءَ آهيان، ۽ منهنجو مڙس رتن سنگ سوڍو، جاگيردار ۽ ڪيترن ڳوٺن جو سردار هو، جو هن وقت فوت ٿي چڪو آهي. مونکي انهيءَ رتن سنگ مان هڪ ڌيءَ آهي، جنهن جي سونهن جي برابري انسان ته ڇڏيو، پر پريون به نٿيون ڪري سگهن. آءٌ پنهنجي ڌيءَ جو سڱ، ان کي ڏينديس، جو وڏيءَ عزت آبرو جو مالڪ هجي.‘ انهيءَ خبر هڻي وڃي هنڌ ڪيو - ڪيترا نوجوان مسافريون ڪري، ڪشالا ڪڍي، اچي موکيءَ جا مهمان ٿيندا هئا.

موکيءَ جي ملڪيت انهيءَ وقت ختم ٿي چڪي هئي. ملڪيت هٿ ڪرڻ لاءِ موکيءَ ڇا ڪيو جو شراب ۾ زهر ملائي، آيل نوجوان مهمانن کي ڏيندي هئي، جي اهو زهر وارو شراب پِي اُتي ئي ساهه ڏيندا هئا، ۽ موکي انهن نوجوانن جو مال ملڪيت هٿ ڪندي هئي. اهو دستور ڪيترو وقت جاري رهيو. نيٺ ٻه راجپوت جوان، اتر سنڌ کان ڪاهي اچي موکيءَ وٽ منزل انداز ٿيا. اهي ٻيئي جوان سهڻا قداور ۽ وڏي آبروءَ جا مالڪ هئا. هنن کي ڏسندي ئي موکيءَ خيال ڪيو ته هنن مان هڪڙي کي پنهنجيءَ ڌيءَ جو سڱ ڏيان. انهيءَ خيال سان هنن کي ڪيترو وقت پاڻ وٽ رهايائين، پر پوءِ سندن سونهن ڏسي، اهو فيصلو ڪري نه سگهي ته ڪنهن کي سڱ ڏجي. آخر هنن کي چيائين ته ’چئن مهينن کان پوءِ اچجو ته اوهان مان هڪ کي پنهنجيءَ ڌيءَ جو سڱ ڏينديس.‘ ڏنل انجام تي ٻيئي نوجوان اچي وٽس حاضر ٿيا.

دستور موجب هنن کي عمدو شراب ڏنائين. شراب پيئڻ شرط، ٻيئي سهڻا جوان اتي جو اتي تڙڦي تڙڦي مري ويا. موکيءَ کي جڏهن اها سُڌ پيئي، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس. نوڪرن چاڪرن کان پڇا ڪيائين ته اهو ڪم ڪنهن ڪيو آهي. سڀني چيو ته ”اها غلطي اسان کان نه ٿي آهي.“ آخر موکي خود انهيءَ شراب جي مٽ کي ڏسڻ ويئي؛ ڏسڻ شرط هن جون وايون ولڙيون ٿي ويون. ڏٺائين ته هڪ وڏو نانگ ان مٽ ۾ مئو پيو آهي، جنهن جي زهر جو اثر انهيءَ شراب ۾ ٿيو آهي. انهن نوجوانن جي موت جو موکيءَ تي ايڏو اثر ٿيو، جو هوءَ جلدئي مري ويئي. پوءِ سندس ڌيءَ هڪ ٻئي ٺَڪر سان شادي ڪئي ۽ ان کي اتي پاڻ وٽ رهايائين. انهن جو اولاد اڄ به ”موکا ٺڪر“ سڏيو وڃي ٿو؛ ۽ جنهن ٽُڪري ۾ ”موکا ٺڪر“ آباد آهن، ان کي ”موکيءَ جو ٽڪرو“ سڏيو وڃي ٿو.

 

 

--��--


*  هن ڳالهه جو مدار ڪوهستان، ڪراچي ۽ ملير طرف جي روايتن تي آهي؛ جي اسان کي انهي طرف جي سگهڙن کان مليون. انهن روايتن تي گهري غور بعد هن قصي جي هيءَ حڪايت اسان مرتب ڪئي آهي. هن ڳالهه جون ٻه اڻپوريون روايتون مليون جي هن بعد ڏنيون ويون آهن. (ن.ب).

[1]  هڪ مقامي روايت موجب، هيبت نالي گڊي سان شادي ڪيائين. هيبت گڊي جو ڳوٺ اڄ تائين ملير کان ڇهه ڪوهه کن اولهه طرف، ”ديهه موکي“ ۾ موجود آهي. پر جيئن ته هيبت گڊو ۽ سندس ڳوٺ هن پوئين ويجهي دور جا آهن ۽ ’موکي ۽ متارن‘ جو قصو اڳ آهي، انهيءَ ڪري موکيءَ جي هيبت سان شاديءَ واري روايت ضعيف آهي.

[2]  ساڪري طرف جي روايتن موجب موکي، سؤنگل، تهمينگ ۽ سڦوران چارئي مير مزار ڪرمتيءَ جون گڊيون هيون، جو هن ملڪ جو مالڪ هو.

[3]  سؤنگل ۽ سڦوران ديهن واري اراضي کيرٿري گبولن جي آهي.

[4]  ٻِي مشهور مقامي روايت موجب ’موکيءَ جو ميخانو‘ ۽ ’متارن جو ماڳ‘، شاهه بلاول نُورانيءَ واري لَڪ کان اوڀر طرف هو، جتي اڃان تائين هڪ ٽڪري، ’موکي ۽ متارن‘ جي ٽڪري، سڏجي ٿي.

*  هڪ روايت موجب: ”هاڻي دائم تو ديري، ڪين ايندا ڪڏهين.“

[5]  گڏاپ کان ٽي ميل کن ڏکڻ - اولهه، ’اڱاراڻي گڊن‘ جي ڳوٺ جي ڏکڻ ۾، ٻه ڀٽون (يا ننڍيون ٽڪريون) آهن جن مان چون ٿا ته الهندي طرف واري ’موکي جي ڀٽ‘ آهي. متارن جو مقام روايت موجب، گڏاپ کان 3 ميل کن پري ديهه ناڙا ٿر ۾، ’ناڙا ٿر جبل‘ جي منهن ۾ آهي.

*  هي روايت حيدرآباد شهر مان ممتاز مرزا کان ملي، جنهن نوي ورهين جي پيرسن مائي کان ٻڌي قلمبند ڪئي.

*  هيءَ روايت وچولي (تعلقي شهدادپور) مان ”ظفر“ بلوچ کان ملي.

*  هيءَ روايت ٿرپارڪر، (تعلقي ڏيپلي) مان محمد صديق جوڻيجي کان ملي، جنهن محمد رحمون، ويٺل ڳوٺ ڳالهائو، تعلقي ڏيپلي کان ٻڌي، قلمبند ڪئي.

[6]  اهو ڳوٺ ضلعي ٿرپارڪر، تعلقي ڏيپلي ۾ اڃا تائين آباد آهي. جهوني ۽ وڏي ڳوٺ هئڻ سبب، ڏيپلي تعلقي جو هڪ تپو به ”ڪوئنرل“ تپي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org