سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:مشهور سنڌي قصا

(سنڌ جا عشقيه داستان - 1)

 باب:

صفحو :8



 

بيان ڀوريءَ جي ماءُ جو هڪ ڌوتي کي گهرائڻ، جنهن ڌوتيءَ جو بادشاهه کي راڻيءَ کان جدائي ڪرڻ بابت.

 

149-  نار نڀاڳي جا ٿئي، تنهن کي لڳي تير تفنگ،
ڏائڻ هيڪڙي ڏيهه ۾ هئي سورهئين دل سنگ،
مشر ساري ملڪ ۾ هئي نڀاڳي بي ننگ،
ڀوريءَ ساڻ ڀتار جو، زود وجهي ڏي زنگ،
وير وني ور پاڻ ۾، دل وڏاندر دنگ،
منگڻو هجئي منگ، ته قيمت ڏيانءِ ڪيتري.

 

150-   قيمت ڏيندينءَ ڪيتري، ڪنديس وس وڏا آءٌ وڙ،
مون ۾ آهن ڪيترا حرفت لک هنر،
ڇانگون ڇني ڌار ڪريان، وهندا واهڙ جر،
جادو ساڻ جدا ڪريان، توڙي ناري هجي نر،
دل مٿي دفتر، آهن مون وٽ ڪامڻ ڪيترا.

 

151-   ڪامڻ ڪري ڪيترا، تنهن کي پلي آپ الله،
راجا رس رهاڻ لئي، جنگ جوڙائي جاءِ،
مير اچو مجلس ۾ هو ڪندو نيڪ نياء،
مخفي ماڙيءَ منجهه رکي هئي ديد دري داناء،
تخت مٿي تنهن ڪاپڙي هئي پوندي نرت نگاه،
هئي پرده پوش پناهه، راجا راڻي روءِ بروءِ.

 

152-   راجا راڻي روءِ بروءِ، هئا هر هميشہ هنڌ،
مم آئي محلات ۾ ڦيري ڌوتي فند،

مائي! لک مبارڪون، توکي راڻي روءِ پسند،
مليو مڻيادار تو فائق کئون فرزند،
جيئرو هوئيٖ جهان ۾ جڙيو جاني جند،
پسين اُميدون پٽ جون، دار دنيا دلبند،
دلئون دعائون ٿي ڪريان، حرف پڙهيو الحمد،
مونکي سائين جو سوگند، دم نه وسرين دل تان.

 

153-   دم نه وسرين دل تان، ڪيائين ڀوريءَ ساڻ بيان،
آءٌ اوهان جي آهيان، دائي اڳ دربان،
پيءُ پرڻائي مون ڇڏيو، ٿيس ملڪ ڌارئين مهمان،
راتو ڏيهان روح ۾، ڪونج وسرين ٿي ڪانه،
هجين سدا سرخروءِ جيئري منجهه جهان،
هاڻي مون سين حال جي، ڪر مٺي بات بيان،
ڪهڙي تنهنجي ڪانڌ جي سونهن صفت سلطان،
پاند پُرياتو پاتشاهه، ڪٿ رهندڙ ماڳ مڪان،
صحبت سک سلوڪ سان، تنهنجو مهت سڃاڻي مان،
توسين رس رهاڻ ۾ آهي پير پوري فرمان،
مونکي هن مذڪور جو آهي ورد وڏو ارمان،
جند جيئي تو جوان، مون پير وڏا آهن پوڄيا.

 

154-   پير وڏا تو پوڄيا، ٿي تن جي نيڪ نظر،
”محمد“ مون کي مير مليو آهي وڙ وڏاندر ور،
آءٌ سونهان ٿي سونهن ۾ دائي تنهن جي در،
پرس ڀَلائي پاڻ ٿو، ننگ سڃاڻي نر،
شاهه منهنجي شان کي ٿو پاري پوري پر،
راجا روز رهاڻ ۾ هو گڏ گذاري گهر،
آهي دل گهريو دلبر، پارس پوري لکڻين.

 

155-   جو پارس پوري لکڻين، تنهن جو وٺنديس آءٌ امتحان،
ڪپڙا ڪوٽ قلعي ۾ خاص رکيل هئا خان،
پاتا پاڻ پليت مٿي تي، سڀ کڻي سِر جان،
جامو جند جثي تي، پڳ، ڳچيءَ پهران،
ڪارڻ شڪ شيطان ڪيا، سڀ سحر وارا سامان،
ڀاڪر پائي ڀوريءَ کي ڏنيون منهن مٺيون مروان،
وڏا ناٿ نياز ڪيا، طرحين طرحين جا تان،
راجا رنگ رتول مان، تِت دانا پيو ڪو ڌيان،
ڪير منهنجي محلات ۾ ڪو اور آيو انسان،
ٿيس اول وڏو ارمان، ته ڪهڙو ڪوڪٽ ڪوٽ ۾.

 

156-   ڪهڙو ڪوڪٽ ڪوٽ ۾، خان ٿيو هو خيال،
ڪير آيو ڪو آدمي، ڌاريو منجهه ديوال،
ماري تنهن موذي کي ڪريان پيش وڍي پائمال،
تنهن کان اڳ نڪري زود مٽٖي ويئي زال،

ماڳ نهاري ماڙيون، پيو راهه مٿي رومال،
سهي سمجهي پاڻ ٿو، خان کڻيو هي خيال،
ڪير ڇڏي ويو ڪوٽ ۾، ڌاريو دز دلال،
مٽجي رخ ”محمد“ چئي، ٿيس ڳاڙهو سرخ گلال،
سمجهي سالڪ ڳالهه، داناء رکي دل ۾.

 

157-   داناء رکي دل ۾، خبر خاطر خان،
مون کي هن مذڪور جي، ڪل پوي ٿي ڪانه،
هرگز انهي ڳالهه جو وٺان عاقل ٿي امتحان،
ڪوڙي سچي ڳالهڙي ٿيندي پڌري منجهه مڪان،
ڪين لڪندو ڪڏهين، دز ڌاريو درميان،
آهي تڪڙ ڪم شيطان، ڪن داناءَ دريافت دل جي.

 

158-   ڪن دريافت دل ۾، البت ساڻ عقل،
ظاهر نه ڪيائين زبان سين باب اها بلڪل،
جهڙي تهڙي جان ۾ قابو ڪيائين ڪل،
ڀڳو ڀيڙو ڪين ٿئي، ڪڏهن اُت امل،
منهن مٺيون ڪري ڳالهڙيون، دل ۾ خيال خلل،
اها ڳالهه اصل، رکن وير وجود ۾.

 

159-   رکن وير وجود ۾، البت ڳالهه اندر،
پاڻ نه ڪيائين پڌرو، ظاهر زنگ زهر،
ستو سيج بندن تي، ٿي ڀيڙو ڀوريءَ ڀر،
ڀيڄ ڀني هئي راتڙي، آڌي وقت اَسُر،
لچي آئي لڪ ڪري ڌوتي لنگهي در،
کريل پاسي کٽ جي ڪي ڀوري سان سُرڀُر،
مونکي آهيس موڪليو، اڄ ڏيڻ خاص خبر،
ڪيو ڪالهه انجام هئئي، سو ٿيڙو وقت گذر،
معاف مڙيائي ڪر، راڻي رس تون ڪينڪي.

 

160-  راڻي رس تون ڪينڪي، ڪيئي بري بات اهاء،
مائي! وڃ تون ماٺ ڪري، پلئي آپ الله،
ڪير ڪميني آهيين، وڃ رهزن وٺي راهه،
آءٌ سڃاڻا ڪين ٿي، جنّ پري آهين ڇا،
مفت منهنجي محلات ۾، واتئون وڙ نه وڃاءِ،
جاڳي جاني ننڊ مان، شڪ پوي ڪو شاهه،
ٿئي پردي پوش پناهه، وڃ رن روازڻ نڪري.

 

161-   مائي! مون سين ڇو وڙهين، آءٌ وريو وڃان ٿي هاڻ،
مون تي اصل ايترو، ڪم ڪرڻ هو ڄاڻ،
”محمد“ توکي من لڳو، هي آندو مون اهڃاڻ،
توکي وڻي وَر جِي ويجهي رس رهاڻ،
تون سُتينءَ سيڄ وڇاڻ، هُن کي سيءَ سڪايو.

 

162-  هن کي سيءَ سڪائيو، ڪيائين ظاهر منجهه زبان،
ٽپي اٿيو ”ٽالپر“ چئي، جوش منجهارا جوان،
”محمد“ ماري هن کي، ڪريان تحت ثريٰ طوفان،
ترس نه ڀانئيان تِر جو، هن ظالم ماري زيان،
”لا حول ولا قوة الا با الله“ ڪيئين دل دريافت ڌيان،
خواري ٿيندي خلق ۾، سڀ سڻندو جڳ جهان،
منع ڪل ڪتابن ۾، آهي ماڻهو مارڻ جان،
اهو ڪم اجائيو، هوڏ رکن حيوان،
هاڻي گهرجي گام کان، نڪرڻ نيڪ نڌان،
رهڻ هتي راتڙي، سر جو خوف گمان،
کٽَ خوشي ٿي خان، ڪيو ڦل فراقي پاڻ کي.

 

163-  ڦل فراقي ٿي پيو، دونهان درد دکن،
خبر انهن کي آڳ جي، جيءَ تي جن ٻرن،
ٻين ٻوليون وات جون، چرچي جيئن چون،
سانڍي سڀئي سور ڪي راول روح رکن،
ٻاهر ٻولي هيڪڙي، ڪنهن سان ڪين ڪڇن،
مثل ڪم ڪنڀار جي، پختا ٿي پچن،
پنهنجيءَ مام مرن، درس دلاور دل ۾.

 

164-  درس دلاور دل ۾، ساڍين ڳالهه سچار،
ڇڏي دعويٰ دور ٿيو، پليو ڦل پيار،
اُٿي آڌيءَ رات جو، جوان کنيا جنسار،
مرليون، مالهائون، ڪيوٽيون، نانگ پنڊيون نروار،
چاڙهي ڳِيٽيون چنگ جون، سوريئين تند ستار،
گڏيو غوغاء غم جو پيو اُڏري عرش بخار،
جِت ڪٿ سُڄي سور جي، باري برهه پڪار،
سُتي سنگتين سور جي، ڪن پيئي ڪوڪار،
ڪهڙو جاڳيو جوان کي، درد دلي درٻار،
ڇو وڄايائين چنگ کي، خيال رکي خونخوار،
اتي ان دم آئيا، جوان سڀئي جهونجهار،
پيئي دوست ڪهڙي درڪار، ’وڌو‘ وڄائي چنگ کي.

 

165-   وڌو وڄائي چنگ کي، وقت مٿان اڌ رات،
ڪاوڙ ڪري ڪيئن ڇڏيئي، مير پنهنجي محلات،
سڀ سلامي آدمي، گام اوچل گجرات،
ڪانه عدولي ڪڏهين، ڀوري تنهنجي بات،
سڀئي باب برادري، ننگ ڇڏيائين نيات،
واريئين ٻولي وات، هئي مير مڃيندڙ تنهنجي.

 

166-  هئي مڃيندڙ منهنجي،  مون آپ رکيس آر،
سدا صحبت ٿي ڏنم، پرتئون پاڻ پيار،

راتو روز رهاڻ کان، دم نه ٿيڙس ڌار،
اڄ قسمت واڳون واريون، آهي مولٖي هٿ مهار،
ساعت سالون ڀانئيان، هڪ رات رهڻ لاچار،
اڄ نه وڻي ٿي نار، ”محمد“ منهنجي من کي.

 

167-  ”محمد“ منهنجي من کي، ڀوريءَ سندي باس،
وسهو ويهڻ هت مون، ڪين قبولي قياس،
موٽي هلڻ ملڪ تي، خان گهڻي اٿم خاص،
جنهن هجي اوچل ڪوٽ اداس، ميان موڪل تنهن ڏيان.

 

168-  ميان موڪل ٿو ڏئين، خوشيءَ منجهان خان،
پرڻايئي پريت سان، مرد ڏئي لک مانَ،
سڀڪو پنهنجيءَ پر ۾ آهي ريت پوري پهلوان،
سر صدقو آهي لڄ جو، ننگ ڇڏين نادان،
گهوٽ توهِي سان گڏ رهياسون، ڪارڻ جيءُ جوان،
وطن خويش وساريا، پنهنجا ملڪ مڪان،
اڄ موٽي مهربان، حاڪم! حرفي ٿو ڪرين.

 

169-  حرف اوهان تي ٿو رکان، آهيو سنگتي سڀ سچار،
مون کي مڙئي معاف ڪجا، هي حرفن لک هزار،
آيس جنهن انجام تي، ڪيم پورو قول قرار،
وري هاڻ وطن تي دوست ٿيم درڪار،
رهيا پنهنجي راڄ جا آهن بيحد بار ميار،
موٽي هلڻ ملڪ تي، سا پڻ ميخ ترار،
ڪهڙا ڪريون ويهي پاڻ ۾، ادا اڄ آچار،
واتئون وڃن ڪيترا کاڄي لک خرار،
نڪئون پوي نه هيڪڙو، ڪڻو منجهه ڪپار،
سون هجي توڙي سڦرو، ڪو هڻي ڪڇ ڪَٽار،
اوچل تان اعتبار، مون پليو پنهنجي روح جو.

 

170-  مون پليو پنهنجي روح جو، ڪئي وات وراڻي ڦل،
سڀئي سٺ سوار ٿيا، حاڪم ساڻ هڪل،
موٽي نه ويا ماڳ تي، ”محمد“ مير محل،
ٻول ٻڌائون سندرا، وڄيا بين بگل،
رٺا راءِ رهاڻ کان، ٿيا کٽا خان اوچل،
ٻنيون، شهر، شغل، ڪِي ڦُل ڦِٽاڻي تنهن جي.

 

ڦل جو ڀوريءَ کان ڪاوڙ جي نڪرڻ. ڀوريءَ ۽ ٻين سهيلين جو ميڙ منٿ ڪرڻ.

 

171-   سٺ سهيليون آئيون، ڀوريءَ جي درٻار،
ڪري ڀت پرڻائيا، تو ڏيئي ڏاج هزار،
وڃن ڪل وطن تي، ٿيا سنڀري سڀ سوار،
اسان گهڻا تن سان، ڪيا وس وڏا ويچار،
نادر وڃن ننگ جي ڇنيو مير مهار،
مڃن مورهين ڪين ٿا، پاند پِيرن جا پار،
دِليون دشمن ٿيندن ڏسون مرد ساڳيا مختيار،
هٿئون پنهنجي تو هاج ڪئي، تون سڀني جي سردار،
جيئن وڻئي تيئن تن کي، واڳ وٺي وڃ وار،
ڀوري! توتي بار، آهي مڙيائي ”محمد“ چئي.

 

172-  مڙيائي ”محمد“ چئي، ڀوريءَ سُئو بيان،
اديون! اوهان جي ڳالهه جو، مون کي ورد وڏو ارمان،
مون سان گڏ مڙن کي ننگ پيو نقصان،
وريو وڃن ٿا پوئتي خلق کلايو خان،
سرتيون! سمجهن ڪين ٿا شاهه پنهنجو شان،
وين پنهنجا وسري اڳ ڪيل احسان،
آهن ملڪ اهڙي انسان، ڪنهن ريت رُساڻي راڄ جا.

 

173-  ريت رُساڻي راڄ جا، تن جي مڙ ڪريو مصلحت،
سڀڪا پنهنجي ڪانڌ کي ڪا ڪريو ميڙ منٿ،
رکي ناز نياز ۾، پئي پيرين پايو هٿ،
ڪهڙي اسان جي پئي هٿان، هاج ڪچي حرڪت،
ڪياسون صدقي سر مٿان، مال مڏيون ملڪيت،
روئجو راڻيون رت، پائي پاند ڳچيءَ ۾.

 

174-  پائي پاند ڳچيءَ ۾، آيون ميڙ ڪري وٽ مير،
ڪيا ڪارا ڪپڙا ڪامڻين، نيڻ وهايئون نير،
اچي ويٺيون ويجهڙيون، پاند پاتائون پِير،
ميان! مناسب ڪين ٿئي، هيڏي هوڏ همير،
اسان ڪچي ڪانه ڪئي، توڙان اصل تقصير،
مرد اُهي مهمير، جي پؤڻيون ڪن نه پڌريون.

 

175-   پؤڻيون ڪن نه پڌريون، داناءُ دلاور،
ڪڏهن اوهان سان ڪانه ڪئي، پؤڻي ڳالهه پڌر،
اسين ڏوراهين ڏيهه جا، گام ڇڏياسون گهر،
وطن ويڙهه وساريا، بنيا شغل شهر،
موٽي هن مذڪور جي، خاص نه هئي خبر،
جيڪس اوهان جي روح ۾، دغا دل اندر،
ٻاهر ٻولي هنجهه جي، اندر ڪانگ ڪثر،
او زور پويئي زر، جو وڃائيندڙ وڙ جو.

 

176-  وڃائيندڙ وڙ جو، تنهن جي ڪهڙي ڪريو ٿا ڳالهه،
اسان اوهان جا سڀ رکيا، شان برابر شال،
هردم هُيون سين حاضري، حڪم مڃيو هر حال،
پرتئون پورا پيار جا، خان اوهان تي خيال،
صدقي ڪياسون سِر تان، ڪل مڏيون ملڪيت مال،
وات وراڻي ڪانه ڏني، منهن چڙهي مير مقال،
سرهي رس رهاڻ ۾، چڱي رکيسون چال،
اوهين ڏوراهين ڏيهه جا، آهيو ڪوڙا قول ڪلال،
نه ته مهري ڇا مجال، جا ڪري مقابلو مرد سين.

 

177-  مقابلا مردن سين، عورتون اڳيئي ڪن،
لڪل نه آهيان لوڪ ۾، آهي سُڌ سڀن،
ليلان ڪهڙي لڄ رکي، مرد سندي ماڻهن،
ويئي وڇاڻي کان اٿيو، ننڊ پڙهيو نيڻن،
وڙ وڃايئين ور جو، پنهنجو شان شهن،
ڍولي تنهن جا هئا ڍڪيا، ڏٺا عيب اکين،
قدر نه سڃاتئين ڪانڌ جو، مٽيئين هار هٿن،
مومل جي مذڪور جا، ٿا هر هنڌ هل سُڄن،
ستي هئي سيتل سان، پائي پيچ پکن،
ڪين رکيائين ڪانڌ جو دل مٿي درسن،
ڪيا ڪشالا ڪاڪ تي، سر سوڌا سوڍن،
ڪيو قيد همير هو، قابو منجهه ڪوٽن،
سانگو لاهيو سر جو، هو ويندو روز وٽن،
مومل ڪين اجاريا، گهوٽ سندا اي گن،
پوءِ ڪهڙي قول ڪجن، عورت تي اعتبار جا.

 

178-  عورت تي اعتبار، ڪانڌ ڪري ٿو ڪونه ڪو،
هو سڃاڻن پاڻ کي، ڪن ننگي نر نهار،
هڪ ليلان ساري ملڪ ۾، ڪيو خود کي خلق خوار،
واٽ وڃائي هيڪڙي، ٿيون حرفن هيٺ هزار،

سڀڪا پائي پنهنجي، جوڙ جوڙي جنسار،
رازق درجا روحن کي، ڏاج ڏنا ڏاتار،
ناحق راڻيٖ هئي رکي مومل تي ميار،
ستي سومل ساڻ هئي، دغا رکي دستار،
مڪر ساڻس هو ڪيو، دوست ڪرڻ لئي ڌار،
مرد نه هو سو مينڌرو، ٿيو ڪانئر منجهه قطار،
موٽي وريو سو پوئتي، ڪيئين اوڏو نه اعتبار،
صحي سمجهيائين ڪين ٿي، مرد ستل يا نار،
ڀُليو پاڻ ڀتار، ڪارو ڪيائين ڪامڻي.

 

179-  ڪارو ڪيائين ڪامڻي، راءِ نه هو راڻو،
واٽئون وريو پوئتي، ڪانئر ٿيو ڪاڻو،
صحي سمجهي ڪين ٿي، ور ڏيئي وڇاڻو،
ستي سومل ساڻ هئي يا سامي ساڳياڻو،
ناحق رکيئين نار تي بَدي بهتانو،
ڪوڙيون سچيون ڪُل کان ڪندو پرور پڇاڻو،
تون ستينءَ سيج بندن ڪيئي ڳجهه ٻجهه ڳالهاڻو،
هي مڙئي ”محمد“ چئي، آهي اکين اهڃاڻو،
سَهَوَ پئي پاڻئون، وري ڪرين مد مقابلا.

 

180-  ميان! مقابلن جا ڪن وير وڏا ويچار،
ٿي سياڻا سپرين، دل دريافت ڌار،

پَلئيٖ جنهن جي پاپ ٿئي، موت تنهين کي مار،
ميڙي ڪاٺيون مڏ ڪر، مچ متارو ٻار،
ور! ويهان ٿي وچ ۾، سوريو سڏ ستار،
سچي منهنجي سيل ٿي، تان جر ٿيندم جالار،
ڪچي مون کان ڪانڌ پئي، تان ٿينديس ڦُل ڦلهيار،
مئي پڄاڻان ”محمد“ چئي، توتي ناهي مرد ميار،
پهرين ڏيئي پيار، پوءِ ڪانڌ نه ڪجن ايتريون.

 

181-   ڪوڙا قسم ڪيترا، لافون هڻن لک،
ڪين ايندي تن ڪڏهن، پير پوڄيندي پڪ،
کير کڻائي پئي کري، ماٽيءَ ڪري مک،
طلب نه رکي طعام جي، هجي ڏينهن ڏهن جي بک،
ويهه ڀاڱا آهي وِک، جيڪس جوُٺي جوءِ کون.

 

182-  جُوٺيون جويون جي ٿين، سي ڪامڻ آهن ڪين،
ڀڃن حق       حلال جو، سي نار ٿين نابين،
ڪاڻياريون ٿين ڪانڌ سين، دار دنيا دارين،
ويچاريون وَرن ري، مير مثل مسڪين،
راڻي هجي راڄ جي، گهوٽ بنان غمگين،
ڀريون بار ڀرين، هُون اوڇِي عادت عورتون.

 

183-  اوڇِي عادت عورتون، رکن خيال خراب،
جنهن چيرائي چم مان، ڏيئي انگ عذاب،
تنهن جي ٿي پڻ ڪينڪي، ويئي ڏيئي جوءِ جواب،
اصل رکن روح ۾، ڏاڍا ديد دولاب،
واپس ويندي ور کان، نه رکندي ننگ نباب،
ظاهر رخ گلاب، اندر ونڪ اڱار جي.

 

184-  اندر ونڪ اڱار جي، مون چوين ٿو مير!
مارو ماڻهو ملڪ ۾، هُئي مارئي منجهه ملير،
عمر آڻي ان کي، ڪيو قابو ڪوٽ همير،
تنهن کي ميڙ منٿ لاءِ، ويا ورچي وير وزير،
ڪين قبوليا ڪامڻي، ڪوٽ، قلعو، جاگير،
”محمد“ پنهنجي موت جا، ڪل لاٿا سانگ سرير،
خوف وڌائين خون جو، ڪري دڙڪن ساڻ دلگير،
مڃ منٿ، تون ماٺ ڪر، کنڊ پياريئين کير،
سڀ سلامي سومريون، ٿين تابع منجهه تقرير،
نيڻ وهائي نير، مارو ميرا ڪيئن ڪريان.

 

185-   ٻي سڻ سسئي جي ڳالهڙي، ننگ واري هئي نار،
جيڪس ان جو جت سان، قلم لکيو ڪلتار،
اصل آريءَ ڄام سين، واحد ڪيو وهنوار،
راتو روز رهاڻ ۾، دم نه ٿيا ٿي ڌار،
سسئي ساڻ سلوڪ جا، ڪيا ڪيچي قول قرار،
وٺي تنهن کان ور ويا، ننگ ڇني نروار،
ستي جاڳي صبوح ٿي، پئي پنهونءَ جي پار،
محل ماڙيون بنگلا، درد لڳس ديدار،
ڪارا ڏونگر ڪاف جا، واٽ وڻيس وڻڪار،
ڪندي ڪوڪون ڪاف ۾، ٻول ٻُڌا ٻڪرار،
اچي پهتس اوچتو، دورنگو دز ڌنار،
پئي پيشيمان ۾، منهن ڏٺي مردار،
پاڪ منهنجي پت رکج، دعا پنيائين درٻار،
ٿي ڌرتي تنهن دم ڌار، جاءِ ملي هئي جوءِ کي.

 

186-  جاءِ ملي هئي جوءِ کي، بيشڪ ڳالهه بحال،
سي صدقو آهي لڄ جو، صدقو سِر جو مال،
مهري توڙي مرد هجي، ٿئي ڪوڙو قول ڪلال،
شرع شڪ حرام ڪيو، توڙي صورت واري سال،
مون حاضر ڏنا حال، سو رنج رهي ويو روح ۾.

 

187-  رنج رهي ويو روح ۾، سوين سور اندر،
وسهين مون کي وِهه ٿيو، هاڻ گذارڻ گهر،
ڀوري توکي ڀانئيان، آءٌ مثل نانگ نظر،
راڻي! تنهنجي روح ۾، پيو قلبي ڪس ڪٽر،
بابُو پنهنجي بات کان، سامي ڪن نه صبر،
پائي پير رقيب ۾، چڙهيو نقري مٿي نر،
هٿ وڌائين واڳ ۾، وڃ نه مون کان ور،
”محمد“ ماري مئيءَ جو، خان کڻيو وڃ سِر،
پڙهي ختمون خوش ٿي، ڪر روح راضي دلبر،
جيئڻ جوڳي تو سواءِ هت ٿيندم هاڻ حشر،
ڪين ڪميڻي پاڻ کان، هي جيئري جدائي ڪر،
ڪاتي تنهنجي قرب جي، لڳي جوڳي منجهه جگر،
هڪ خاوند آهي خبر، ٻي مٿي آهي مون رسِي.

 

188-  مٿي آهي مون رسي، هوت هيئين ۾ هاءِ،
جاڳي تنهنجي جيءَ ۾، برهه برابر باهه،
سامي سُجهي ڪانه ٿي، راڻا! ٻي ڪا راهه،
پرور منهنجو پيدا ڪيو آهي سڄڻ توسين ساهه،
اصل اڙيو ارواح، هاڻي جيئان ڪيئن جهان ۾.

 

189-  جيئان ڪيئن جهان ۾، نيڻ وهائين نار،
”محمد“ مٺا سڏ ڪري، سڻ جانب جيءَ جيار،
وڃ نه ويڙهو مون ڇڏي، تون بغدي اٺ بيهار،
گهوٽ! نه گهرجي هيئن ڪرڻ، ڀڙ ڀڃڻ قول قرار،
جيئري ڇڏڻ جهٽ، وڏي اٿئي ماڻهن منجهه ميار،
سڄڻ سر قبول پوي، هوت هڻي هٿ ٺار،
ٿي سرهو تون سردار، هي مُئي ماريئي تان ڇا ٿيو!

 

190-  مئي ماريئي تان ڇا ٿيو، جيئري هونديس جانٌ،
تنهنجو من اندر ۾، آهي لڳو ڪان ڪمان،
پرين پنهنجي پيش کان، ٿي ساعت ڪين سهان،
راجا رت روئان، سواءِ تنهنجي سپرين!

 

191-   سواءِ تنهنجي سپرين! اکين کي اونداهه،
وڃ نه ور ولهيءَ جا، ڪر ڀلائي ڪاءِ،
منهنجي مداين ڏي، رک نه نيڪ نگاهه،
مون تي مير ملڪ جي، خلقت ڪين کلاءِ،
جانب ٿي نه جداءِ، راڻا! رتي هيڪڙي.

 

192-  راڻا! رتي هيڪڙي، تون پرين پاڻ سڃاڻ،
مون ۾ عيب اپار ٿيا، کوٽ خلافت کاڻ،
تون ڀڙ ڀَلائي پنهنجو، رک ولهي وٽ وٿاڻ،
راجا مون رهاڻ، ڪري پوري ڪانه ڪئي.

 

193-  ڪري پوري ڪانه ڪئي، سڻ محبت جو مذڪور،
تخت ڇڏيو ٿو تون وڃين، دلبر ڪنهن دستور،
سَٺا مون کان ڪين ٿين، ساجن تنهنجا سور،
روئي رت وڃائيان نرت نماڻي نُور،
چهڪن ڪئي آهيان چور، ڏکن ڏيل ڪنبائيا.

 

194-  ڏکن ڏيل ڪنبائيا، دردن وڌا دام،
سوين سور سرير ۾، ٿيا جوڳي تو لئي جام،
وِسهين مونکي وِهه ٿيو، گهوٽ بنان هي گام،
منهنجو اڄ ”محمد“ چئي، ڦُل ڦٽو آرام،
ٿي جهڙا ڪيم ڪلام، تهڙا آڏا آيم منهن ۾.

 

195-   آڏا آيم منهن ۾، جي ڪيم ور ٿي وڏايون،
هئم هميشہ حاضري، لک در مٿي دايون،
رکيائون منهنجي روح جون، ٿي راز گهڻيون رايون،
گهڻا تاب تنهين تي، ڪيم ڀڙ ٿي بڙايون،
سي مڙئي ”محمد“ چئي، موٽي مون آيون،
اهي آر ارڏايون، ويم سڀيئي وسري.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org