سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اُهي ڏينهن اُهي شينهن

 

صفحو :1

اُهي ڏينهن اُهي شينهن

جلد پهريون

پير علي محمد راشدي

عرض حال

عيسوي ويهين صديءَ جو پهريون اڌ، خاصي گوڙ گهمسان ۽ ڦيرڦار جو زمانو ٿي گذريو آهي. ان زماني ۾ ٻه عالمگير جنگيون لڳيون، بادشاهين ۾ ٽاڪوڙا پيا، ڊڪٽيٽر اُڀريا ۽ ٽنگيا، ائٽم بم ڦاٽا، هند ۽ سنڌ مان فيل مست فرنگي موڪلائي ويو، هند کي سوراج ۽ سنڌ کي پاڪستان جڙيو، ملڪان ملڪ ذهني ۽ تهذيبي”مهيءَ ولوڙو“ شروع ٿيو، مڙسن سنهاريون صاف ڪرائي ڇڏيون، ستر ونديون چادريون چيري ٻاهر نڪري آيون، اڳ ڇڙا کدڙا نچندا هئا، پر ڦيري آئي، ته دولهه دريان خان  ۽ هوش محمد جا جاءِ نشين به رمبا ۽ سمبا ۾ جنقبي پيا. اهو زمانو ڪنهن پر منهنجين اکين اڳيان گذرندو رهيو آهي. آءٌ اکين ڏٺو شاهد آهيان ڪيترن واقعن ۽ ڦيرين ڦارين جو.

اڄڪلهه پراڻيءَ تاريخ جي ڳولا ۽ ترتيب ۾ وڏي دلچسپي ورتي پيئي وڃي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي جيارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ پڻ ڪوششون پيون ٿين. پر جن شين کي اهڙي ذوق شوق هوندي به وساريو پيو وڃي، سي آهن اُهي واقعا، جيڪي اسان جي پنهنجين اکين اڳيان ٿيندا رهيا آهن، ۽ جن کي قلمبند ڪري ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ وڏي تاريخي خدمت ٿئي ها. وقت گذرندو پيو وڃي، ڪاغذ ڦاٽندا ۽ شاهد مرندا پيا وڃن - ڪجهه عرصي بعد بنهه خانو ئي خالي رهجي وڃڻو آهي.

هن وقت منهنجو ارادو سنڌ جي مڪمل تاريخ مرتب ڪرڻ جو ڪو نه آهي. هن ڪتاب لکڻ مان مراد محض اها اٿم، ته پنهنجي زماني جا ڪجهه اکين ڏٺا واقعا بيان ڪريان، ڪن اهڙن ماڻهن جو ذڪر ڪريان، جن کي ڏسڻ جو وجهه مليو، ۽ ڪن اهڙين حقيقتن کي واضح ڪريان، جن جي وسيلي سنڌين جي پراڻن ۽ نون نمونن جي وچ ۾ جو فرق آهي، سو ظاهر ٿئي. وڌ ۾ وڌ هيءُ ڪچو ۽ اڻ راس ٿيل مواد آهي، جنهن کي آئندي لاءِ محفوظ رکڻ جي نيت سان قلمبند ڪري رهيو آهيان، اهو ڪم ايندڙ زماني جي مؤرخن جو ٿيندو، ته هو ان مواد کي سوهي سموهي منجهانئس ڪم وٺن. نه وري آءٌ ڪو پنهنجي دل ۽ دماغ جا سارا دفتر، پنهنجي زماني جا سارا قصا ۽ واقعا هن محدود صحبت اندر سمائي سگهان ٿو. ان لاءِ نه هي موقعو آهي، ۽ نه ايتري فرصت اٿم. منهنجي پنهنجي حياتي ائين پئي گذري آهي، جيئن واچوڙي جي وچ ۾ ڪو ڪک. نه واچوڙو ڇڏيس، نه ڪک قرار وٺي:

 واڳ پرين جي وس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي!

گهڻا قصا بنهه وسري ويل اٿم. ڪيترن قصن جا تفصيل دماغ جي ڦرهيءَ تان ميسارجي ويل آهن. ڪي ڪاغذ ناس ٿي ويا آهن، ۽ ڪي ٻين ماڻهن جي قبضي ۾ آهن. يادگيريءَ کي تازي ڪرڻ لاءِ ڪو انتظام ڪو نه رهيو آهي. سڄو بار هينئر آهي پنهنجي حافظي تي - ۽ انساني حافظو هروڀرو اهڙي شيءِ نه آهي، جنهن کان وقت جو ڪاريگر لغزش ڪرائي نه سگهي.

اڃا ٻيو هڪ مونجهارو به سامهون هو - يعني ته هيءَ ڪهاڻي ڪٿان شروع ڪري، ڪهڙي دور تي ختم ڪجي. جيڪڏهن سلسلي ۽ تاريخن جو لحاظ رکيو ٿي ويو ته تمام گهڻي محنت ڪرڻي ٿي پيئي، جنهن لاءِ نه وقت هو نه سهولتون. هن ڪتاب جي شروعات ڊسمبر 1956ع ۾ ڪيم، ۽ اڄ فيبروري 1965ع آهي. ان وچ ۾، اڌ جهان اندر رلندو ڦرندو رهيو آهيان - يورپ ۾، عرب دنيا ۾، فلپائن ۾، ويٽنام ۾، جاپان ۾، چين ۾، هانگ ڪانگ ۾. ان رولڙي هلندي، جتي ۽ جيئن فرصت پئي ملي اٿم ۽ پراڻا قصا ياد پئي پيا اٿم، ات ۽ ائين انهن کي لکندو ويو آهيان. پڙهندڙ معاف فرمائين، جيڪڏهن کين ربط ۽ سلسلو صحيح نظر نه اچي.

 

239- پسٽنجي اسٽريٽ،              علي محمد راشدي

    ڪراچي

28 - فيبروري، 1965ع

 

 

 

 

وڏيرڪي زندگيءَ جي تصوير

 

]نوٽ: جنهن زماني سان هن قصي جو تعلق آهي، سو زمانو پهرين عالمگير جنگ( 1914ع کان 1918ع) جو هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ تي ڪامورا ۽ انهن جا ڇاڙتا، وڏيرا ڇانيل هوندا هئا. قصو خيالي آهي، ۽ نالا سمورا فرضي، ڪتاب جي مهڙ ۾ هن قصي ڏيڻ جو مقصد هي آهي ته پڙهندڙن جي اکين اڳيان ان زماني جي عام حالتن جي هڪ تصوير رهي.[

(1)

انگريزن جو ڏاڍو زور هو.”جناب ڪليڪٽر صاحب” ضلعي جو حاڪم هوندو هو.“ جناب ڪمشنر صاحب بهادر مالڪ ممالڪ سنڌ”  جو ته قصو ڪرڻ کان ئي ٻاهر. سنڌ هوندي هئي بمبئي پرڳڻي جو هڪ ڏورانهون حصو، تنهن ڪري ”جناب نواب گورنر صاحب بهادر بمبئي” سال ۾ فقط هڪ ڀيرو ايندو هو، سو به شيل شڪار خاطر. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ زميندارن وٽ وڏيون ڍنڍون هونديون هيون، جيڪي گورنر ۽ ڪمشنر جي شڪار لاءِ محفوظ رکيون وينديون هيون. صاحبلوڪن جي آمد وقت زميندارن طرفان وڏا بندوبست ٿيندا هئا. اڪيچار مهمانيون ۽ بيحساب خاطريون ۽ تواضع - بلڪ انهن وڏيرن جي عيد اها هئي، ته گورنر يا ڪمشنر صاحب اچي سندن مهمان ٿئي. ان ڪري مقامي عملدارن ۽ راڄ جي ماڻهن تي سندن رعب رهندو هو. ٻيا انعام اڪرام، لقب ۽ سرڪاري رعايتون ان اپرانڌ. ان زماني ۾ ڪمشنر يا گورنر ڪنهن وڏيري تي مهربان ٿيو، ته ٻيڙائي پار: آني - ٻٽي في ايڪڙ مالڪاڻي تي هزارين ايڪڙ زمين جا بطور بخشيش جا ملندا هئا، معمولي کان معمولي ماڻهو گهڙيءَ پل ۾ وڏين ايراضين جا مالڪ بڻجي ويندا هئا، ”خان صاحبيون“ ”خان بهادريون“، درٻارين ۾ تراريون، لنگيون ۽ آفرين ناما تنهن کانسواءِ.

جناب نواب گورنر صاحب بهادر بمبئيءَ جي تشريف آوري هميشه سياري جي موسم ۾ ٿيندي هئي، پر اطلاع سانوڻ ۾ ئي اچي ويندا هئا. مثلاً، جنهن به زميندار جي ڍنڍ تي شڪار ٿيڻو هوندو هو، ان تي تعلقي مختيار ڪار صاحب جي جاري ڪيل ”روبڪاري“، حد جي تپيدار ذريعي ڪئين مهينا اڳ تعميل ٿيندي هئي، جنهن جو مضمون هوندو هو:

”مانَ وارو(خانصاحب، يا خانبهادر، يا ٺلهو وڏيرو) فلاڻو.... جيئن ته ... جناب ڪليڪٽر صاحب بهادر لاڙڪاڻي ضلعي جن جي حڪم نمبر.....مورخ..... موجب اوهان کي اطلاع ٿو ڏجي ته تاريخ ...... جو عاليجناب نواب گورنر صاحب بهادر بمبئي جن جا، اوهان جي ڍنڍ تي بدڪن جو شڪار ڪرڻ فرمائيندا، تنهن ڪري  توهان کي هر طرح جو بندوبست ۽ انتظام اڳواٽ ڪرڻ جڳائي. توهان جي سڌ لاءِ هيءَ روبڪاري جاري ڪئي ويئي.”

روبڪاريءَ جي پهچ باقاعدي صحيح ڪرائي ورتي ويندي هئي، ڄڻ ته ڪو قانوني دستاويز هو. جيڪو تپيدار اها روبڪاري کڻي ايندو هو، تنهن جو شان ته شاهاڻو هوندو هو. گهڻي گاهه داڻي جي آسري تي، سندس گهوڙو پري کان ئي هڻڪندو ايندو هو. تپيدار جي پنهنجي مٿي تي ڊبل طري سان ريشمي پڳ، بدن تي ململ جو چولو، ان مٿان الپاڪي جو ڪارو ننڍو ڪوٽ، پڻئي جي ڏهه والي ڌوٻيءَ ڌوتل سٿڻ، سيم لڳل جتي، کيسا ڪاغذن سان پر، هٿ ۾ گهڻو ڪري نيٽ جو سنهو لڪڻ، جنهن تي سيم جڙيل، توٻري ۾ نقشا، جن جا ٻوٿ ٻاهر، فائونٽين يا ”انڊي پنڊي“ قلم اڃا رائج ڪو نه ٿيا هئا، تنهن ڪري توٻري ۾ هڪ وڏي قلمدان جو انتظام به هوندو هو. قلمدان اندر مس واڻڪي، جنهن ۾ اڳڙين جو نائو وڌل، ”مسچٽي“ جي جاءِ تي واريءَ سان ڀريل دٻلي، قلم ڪانهن جا، ۽ هڪ - اڌ اسٽيل، ڪجهه پينسلون، ۽ هڪ هالا جو جنڊيءَ لٿل رنگدار رول، زير ويچار لکپڙهن يا قڪارن جي درخواستن جا ٻه - ٽي بستا به ساڳئي توٻري جي پيٽ ۾ پيل رهندا هئا.

تپيدار سان گڏ ڪوٽوار جو هجڻ بلڪل لازمي هوندو هو. ڪوٽوار جي اک، تپيدار ته ڇا، پر مختيارڪار کان به وڌ ڪرڙي هوندي هئي. ڳوٺاڻن کي ڊيڄارڻ، ڪڪڙ ڪهائڻ، گيهه مکڻ گڏ ڪرڻ، ۽ رسائيءَ جو انتظام رکڻ سندس ڪم هو. تپيدار کي ڪهڙيون جسماني بيماريون لڳل آهن، ٻوڙ ۾ گيهه وڌو وڃي يا مکڻ، ڳاڙها مرچ استعمال ٿين يا ڪارا، گوشت ڪڪڙ جو هجي يا ننڍي کير پياڪ ليلي جو، تن ڳالهين جي خبر پڻ سندس ذريعي ئي پئجي سگهندي هئي.

(2)

هينئر تپيدار صاحب جي تشريف آوري ٿي ٿئي - ان جو نظارو ڏسو ۽ احوال ٻڌو.

وڏيرو ڪکائينءَ اوطاق ۾ ويٺو آهي کٽ تي. هيٺ تڏا ۽ منجيون پيل آهن. تڏي تي ويٺل آهن عام ماڻهو، هاري ناري، نوڪر چاڪر ۽ منجين تي وڏيري جا پنهنجا غريب مائٽ يا پسگردائيءَ جا ننڍڙا کاتيدار. ڪچهري لڳي پيئي آهي. چؤطرف ڪجهه شڪاري ڪتا ڪير ۾ منهن وجهو ستا پيا آهن، ۽ ڪجهه ويڙهو ڪڪڙ پيا گند کوٽين. ايتري ۾ پري کان گهوڙي جا هڻڪار اچن ٿا. وڏيري جا ڪن کڙا ٿي وڃن ٿا - ۽ ڪچهري خاموش.

وڏيرو(نوڪر کي) - ماڪوڙا! ڀڄ ته....ڏس، ڪير آهي. ڪو هفيسر(آفيسر) ته نه آهي؟

ماڪوڙو- جئين تون، هڻڪ ته جماندار (پوليس) واري مشڪيءَ جي آهي.

وڏيرو- کبر(خبر) نه آهي، جماندار صاحب ڇو ٿو اچي. کدا (خدا) کئر (خير) ڪري!

ماڪوڙو- نه سائين، جماندار نه آهي. تپيدار صاحب، منشي کدابهڪ کان (خدابخش خان) آهي.

وڏيرو- ڊوڙ، وڃي گهوڙو وٺ!

وڏيرو- کٻڙ(ٻيو ڪامي) ڊوڙ، بنگلي مان ڪرسي کڻي اچي رک! ُبنگلي جي معنيٰ ڪچين سرن مان ٺهيل ڪوٺو، جنهن ۾ ڪاٺ جون ٻه - ٽي ڪرسيون، اُٺن جا پاکڙا، گهوڙن جا هنا،گاهه، داڻي جو اَن، ڇنل کٽون، ۽ مسافرن لاءِ رلهين جا انبار پيل آهن.‘

’خدا بخش خان لڏندو پيو اچي. کيس

ڏسي سڄي ڪچهري اٿي بيهي ٿي.‘

خدابخش خان - سلاماليڪم!

وڏيرو ۽ سڄي ڪچهري - ماليڪم سلام! ڀلي آيا، کدابهڪ کانَ! ويهو سائين ڪرسيءَ تي... اڳتي سرو... ويجها ٿي ويهو.

وڏيرو- کدابهڪ کانَ، کش آهيو؟ چڱا ڀلا، عزت آبرو، دين ايمان، روزو نماز، رزق مال... ٻيو سڀ کئر؟ الله جي مهرباني، امن امان، ڌڻيءَ جا ٿورا، توهان دوستن جون دعائون!

’ايتري ۾ ملهار خان ڪوٽوار به اچي پهچي ٿو.‘

وڏيرو (ملهار کي)  - تون کش آهين؟ چڱو ڀلو؟ ٻيو سڀ کئر؟
ملهار خان (وڏيري کي) - سائينءَ جي ِسرَبکتَ (بخت) جو کئر! سائينءَ کي دعائون پيا ڪريون.

وڏيرو - ٺاڪومل! ’واڻيو مودي، جيڪو اندر حويليءَ ۾ به اچي وڃي پيو.‘ ڀڄ، ٽڪر ٽاپ جو وڃي چئه..... هنڌ کٽ به بنگلي ۾ وجهراءِ.

ٺاڪومل (ملهار ڪوٽوار کي ٻاهر ڪڍي وڃڻ بعد) - ملهار کانَ! ڇا ڪرايون تپيدار صاحب لاءِ؟

ملهار ڪوٽار- - تبا(طبع) ٺيڪ ڪا نه ٿي رهيس، گهڻو ڪو نه ٿو کائي سگهي. ننڍڙي ليلڙي کي ڪري سير وجهاءِ. ڦوٽي جي داڳ سان ڳنڌڻ هجي، ٻه - ٽي ٻوٽيون ڪري سڳداسين ۾ به وجهراءِ. طبيب جو چوڻ اٿس ته ڪم ڪاڪتيءَ(ڪم طاقتيءَ) ڪري ڇيلي جو ميڄالو ضرور کائي، سو اهو به ڪري ترائجانءِ. چهر لاءِ جيرن بڪين جا ٽڪر به ڪري هجن. ڏندن جو مڙئي ڪچو آهي، سو مکڻ ۾ تريل نرم اُڦراٽي کان سواءِ بنهه کائي ڪو نه سگهي، پر سڻڀ ذرو سرس هجي. پر جيستائين ماني تيار ٿئي، تيسين ڪجهه سربت (شربت) ته آڻ. بيمار هو، اچڻ جهڙو ئي ڪو نه هو، پر راءِ صاحب (مختيار ڪار) زور ڪري موڪليو اٿس. لاٽ صاحب (گورنر صاحب) ٿو اچي وڏيري وٽ، شڪار لاءِ! ساري ملڪ ۾ هولچو مچي ويو آهي. راءِ صاحب ڊوڙايس ته وڃي وڏيري کي هڪدم کبر (خبر) ڏي. مڙئي سرڪاري کڦا (خفا) آهن. هڪ ٿي بلا لهي، ته ٻي ٿي اچي منهن ڪڍي. ڪاڏي وڃن ويچارا هافيسر.... مان پاڻ به چاڪ ڪو نه آهيان، پر اڪيلو ڪيئن ڇڏيانس؟ مون کي پاڻ کي ڏَس مليل آهي کنگهه ۽ بلگم (بلغم) جو. منهنجي لاءِ ڪري هڪ ”بسري“ دانگيءَ ۾ وجهراءِ  پر ڳڙ نه هجيس  - ڪٽيل سچي مصري، ۽ گيهه بدران ڳائو تازو مکڻ. ڦوٽن جا ٻه - ٽي داڻا ضرور هجنس - باديءَ جو کلل (خلل) لڳل آهي. ڇا ڪريون، پيرسنيءَ به اچي ورتو آهي. ڀائي ٺاڪومل، تون ته يار آهين، ورهين کان سڃاڻين!

’اندر ڪچهري جاري آهي‘

وڏيرو - کدابهڪ کانُ، ڪريو کبرون کئر جون؟

خدابخش خان - الله رسول کؤن پيا خير گهرون. راءِ صاحب وٽ ڪالهه ڪليڪٽر صاحب وٽان اچي حڪم پهتو... لاٽ صاحب ڊسمبر مهيني ۾ سائين جن وٽ شڪار تي اچڻ جي دعوت قبول ڪئي آهي. راءِ صاحب کي خيال ٿيو ته وڏي خفي جهڙي ڳالهه ٿي پيئي... هزارين رپيا رسائيءَ  تي خرچ ٿيندا، سڄي سنڌ اچي هت ڪڙڪندي: گورنر صاحب، گورنر صاحب جا مهمان، ڪمشنر صاحب، ان جا آڙي ڪاپ ۽ منڊم صاحب ۽ ٻيو عملو، ڪليڪٽر صاحب ۽ ان جو عملو، ڊپٽي صاحب، پوليس ڪماني -- مطلب ته سڄي سرڪار اچي هت سهڙندي. زميندارن جو به اڄڪالهه حال ڪو نه آهي. ڪي ٿورا خاندان وڃي بچيا آهن، اوهان جهڙا. مون ته راءِ صاحب کي خاطري ڏني ته ڪو فڪر نه ڪريو: ”بار کڻندا باري، ناهي ڪم ڪچن جو!“ وڏيري سائينءَ جو سر سلامت هجي ته تعلقي جي عملي کي ڪا ڪاڻ ڪا نه آهي، سمورا بار وڏيرو صاحب پاڻ کڻندو. آخر لاٽ صاحب به ته سندس مهمان ٿي ٿو اچي، ڪنهن ٻئي ڏي ته واجهائي ها! اهي آهن حال، اهي احوال. هيءَ روبڪاري آهي، تنهن تي ڪري سائين جن صحيح وجهن، يا مهر هڻن. ’وڏيرو اڻپڙهيل آهي، تنهنڪري منڊيءَ ۾ لڳل مهر هڻندو آهي.‘ وقت کان اڳ سائين جن راءِ صاحب سان ملي، صلاح مصلحت پڻ ڪن ته انتظام ڪيئن ٿيندو  - ڪهڙو سامان گهرائبو ڪم جي ونڊ ورڇ ڪيئن ٿيندي، نيٺ ننڍي ڳالهه ته نه آهي، ملڪ جو بادشاهه ٿو اچي!..... جيءُ پنهنجا حال؟

وڏيرو - ڀلي آيا، جي آيا! کدابهڪ کانَ، اسان جا حال سڀ کئر جا آهن. اسان کي پاڻ تنهن ڏينهن ڪليٽر(ڪليڪٽر) صاحب جي شيشدار (سرشتيدار) نياپو موڪليو هو - ته لاٽ صاحب هيڏي اچڻو آهي. ڀلي اچي، جي اچي! اڳئين سال به مهرباني ڪئي هئائين، هيلهه به اچي ٿو ته سڀو ڪجهه ٿي پوندو.

ڪچهريءَ جا ٻيا ماڻهو - وڏيري سائينءَ جو ته يار آهي، ايهو گورنر! پرسال ته لينڊي (گورنر جي ليڊي) به هر هر ِکلي پئي وڏيري سان ڳالهايو!

وڏيرو - لاٽ صاب ۽ لينڊي صاب ٻئي اسان جا يار آهن. ممبئيءَ (بمبئي) اچڻ جون به ٻنهي ڄڻن دعوتون ڏنيون آهن. پر اسان کي ٻاهر جو پاڻي ڀانءِ ڪو نه ٿو پئي، تنهن ڪري ڪاڏهن نڪري ڪو نه ٿا سگهون. ڪاراچيءَ(ڪراچيءَ) ڪماشنر (ڪمشنر) گهرايو، ته به ڏاڍي ڏکيائي ٿي هئم.... ادا کدابهڪ کانَ، راءِ صاحب کي کاتري (خاطري) ڏج. مڙيو ئي چڱي ٿي پوندي. سڀو ڪجهه ڪري وجهنداسين ..... ٻيو ڪلئي کير؟ کش چڱا ڀلا، ٻيو سڀ کئر؟

’وڏيرو روبڪاري وٺي، هيٺان مٿان اٿلائي، ڏسي، ويڙهي، پنهنجي صدريءَ جي اندرئين کيسي ۾ وجهي ٿو. صدريءَ جي کيسي ۾ ناس جي دٻلي، ڳاڙهو نڪ اگهڻ جو رومال، ۽ ڪجهه نوٽ به پيل آهن. صدريءَ جي ٻاهران ڏورئي جو ڊگهو چولو چڙهيل آهي.‘

(3)

’خدابخش خان بنگلي ڏانهن اُٿي وڃي ٿو، ۽ باقي

ڪچهريءَ ۾ گفتگو جو سلسلو جاري رهي ٿو.‘

اڪ (راڄ جو هڪ ماڻهو)- سائين، گذريل کميس(خميس) رات منهنجا ڍڳا لوڙهو ڀڃي ڪڍي ويا آهن. قرآن گهمائي گهمائي ٿڪجي پيو آهيان، سائين ڪا واهر ڪري.

وڏيرو- ڪو ڇڪ ڇبو؟ (شڪ شبهو)

اڪ - موٽ جا پير ته اتري ڏي ويا. شابڙاڻن جي وانڍ وٽان وڃي ريل جي بند تي چڙهيا، پوءِ پتو ڪو نه پيو.

مينهون خان (پاڙي جو ننڍو کاتيدار) - جئين تون، اهي شابڙاڻي پاڻ وڏي پاٿاري وجهو ويٺا آهن! آئي وئي چور چڪار جي دُئي لڳي پيئي آهي. نه ٿا چڱي مٺي کي منهن ڏين، ۽ نه وسيلي(قرآن) کي مڃين، سڦا(صفا) ٺڪر آهن.

رسولو (ڳوٺ جو ڪنڀار) گلان نبيءَ(غلام نبي)جون مينهون به قادوءَ شابڙاڻيءَ موٽايون، ڏيڍ سؤ ڀگ وٺي. ڏُهي ڏُهي، پڇڙان ڪري ڇڏيون هئائون. گلان نبيءَ جي ماءُ مساڦ (مصحف) کڻي وين ته به ڪو نه ليکيائون.

ڏنو (ڪمدار) - ڪهڙا آهن شابڙاڻي؟ نه سڏ صلح  ڏين، نه اٿيءَ ويٺيءَ ۾ مدارت(مدد) ڪن. چوريون ڪري ملڪ ناس ڪري ڇڏيائون. گهراماڻن جا ديرا ڀڃي ول کڻي ويا. ٽيڪومل کان اڳواٽ پئسا وٺي مکڻ ڏيڻ کون جباب(جواب) ڪڍي ڏنائون. چڀڙفقير (لنگهي) واري زال به انهن جي چرچ سان ويئي. شاهينگن رات جي ماني شابڙاڻن ۾ کاڌي. اوٽ موٽ جا پيرا وڃي سندن واهه تي چڙهيا. ناپٽ جي وانگار مهل نياپو وين ته ڪنگڻ ڪڍي ويٺا. چيائون، اسين وڏيري صالح (پاڙي جو هڪ وڏيرڙو زميندار) جو راڄ آهيون، ۽ اُٿي ويٺي ان سان ڪندا آهيون. پرسال صاحب جي ِڇڪار(شڪار) ڀيريءَ به ڇيڙ تي ڪونه آيا. ڪارو منهن اٿن، ۽ نيرا پير!

ملان مٺو (ڳوٺ جو ملو)- چڀڙ فقير سان جائي ظلم آهي. رن ته اصل کؤن گهڻن سان ئي کريل هئي، پر هرڪو پيو اتي ڪارو منهن ڪندو هو. هاڻي ته مورڳو گم ڪري ڇڏيو اٿئونس. ننڍڙا ٻچا پيا ٻاڪارينس. لولي ٿڦڻ وارو به ڪو نه اٿس!

وڏيرو - رن ڪنهن سان بد پيڇي(بد پيشي) هئي؟

ملان مٺو - سائين، هونئن ته ڏاڍي گهمندڙ هئي. پير پٽيءَ تي ڪو نه هوندو هوس. آيو ويو، واڻيو سراڻ، پيو چهنب ٻوڙيندو هو. پر اڄ تائين لوڙهو لتاڙي ڪا نه ويئي هئي، اهو انڌير هاڻي ڪيو اٿس. ڪنهن پاڙي واري جي ٽيڪ کان سواءِ اهو ڪم ڪو نه ٿيو هوندو. اوهان جا هٿ ڊگها آهن. پاڻ ڪوشش ڪندؤ ته ويچاري جو چاڙهو ٿي پوندو. چون ٿا ته سابڙي جت جي مڙيوئي گهڻي اچ - وڃ هوندي هونِ.

ڏنو ڪمدار - سابڙو به ته ڪاٽڪو آهي، انهن شابڙاڻن جو ئي رساگير!

مينهون خان - سابڙو ڪڏهن چڱو مڙس ٿيو؟ پورو پورو لوڦر(لوفر) آهي، بدوزا (بد وضع). جنهن ٿانءَ ۾ کائي، تنهن ۾ گند ڪري. وڏيري صالح جو اڳ - پوءِ پيو ڪري، تنهن ڪري هٿ ڪو نه ٿو لائيس. اڳئين چيٽ ۾ سکيري ميربحر جي ڇوڪريءَ سان ورتائونس. چڱي چڱي ها ها ٿيس. ٻٽن ڏينهن تائين پئي هسپتال ۾ پاڻ چيٺايائين. پوءِ ڪيترا ڏينهن ته لڏي وڃي اوڀارين مائٽن وٽ لڪو. هاڻي اچي وري ٻوٿ ڪڍيو اٿس.

ڏنو ڪمدار - وڏيري کي الله ڏينهن ڏئي. ٿڌو مڙس ٿي پيو آهي، نه ته ڪهڙي ڪاڪت(طاقت) آهي شابڙاڻن يا جتن کي، جو سندس راڄ جو پاڇو به اورانگهي سگهن!... الهداد کانَ مرهيائت (مرحوم الهداد خان، وڏيري جو ننڍو مري ويل ڀاءُ) جا ڏينهن به ڏٺا هئاسين. اوڙي پاڙي ۾ هر ڪو پيو ڪن هڻندو هو. وڏ وڏيرا پيا سلام ڀريندا هئا. انهيءَ ساڳيءَ چڀڙ واريءَ رن کي ٽيو ورهه لابارن جي موسوم(موسم ) ۾ ِابوءَ سان وتو هئائون. پوءِ کبر(خبر) اٿئي الهداد کانَ(خان) ڇا ڪري گذريو؟ بروقت ته ابو ڀڄي ويو هو، پوءِ دڦيدار (دفعدار) کي گهرائي، ڍڳو ڪڍ لارائي، ڇهه مهينا ٽيپ ڏياري ڇڏيائينس. مرندو مري ويو، وري ڪنهن جي ٽانڀر به نه لتاڙيائين! رن کي به گهرائي، پهريائين ته چوٽيون پٽارايائينس، پوءِ اگهاڙو ڪرائي، هٿ پير ٻڌارائي، رات جو ڏکڻئين تلاءَ جي وٽ سان ڪري اڇلارايائينس. اچي پٽيس مڇرن - دانهن تي دانهن ڪوڪ تي ڪوڪ! پوءِ به رن جي ماءَ اچي ِپير جو پلاند وڌس، تڏهن ڇڏيائينس. وري ڪنهن ڏي جو کڻي رن واجهائي به! ڄڻ ڪتيءَ ڪن وڍايا!... هاڻي ته وڏيري جي ٿڌائيءَ ڪري، انڌي جي جوءِ الله جي آمان آهي. ڇا ڪريون؟ اسين به دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون. اڃا جڏهن اُٿي!

مينهون خان - وڏيرو سائين به شينهن لڳو پيو آهي. سندس منڊو  ڪير پٽي سگهي؟ صوبيدار(پوليس صوبيدار) کي چئي ڪري، بدماڇيءَ (بدمعاشيءَ) ۾ ڏيونِ. لچ لوڦر ڀلي ڊيچار کائيندو وڃي. تنهن ڏينهن مان پاڻ ٿاڻي تي ويو هوس، گل محمد کانَ سوار ٻڌايو ته مٿائون جا حڪم اچي ويا آهن، جلد بدماڇن جون لسٽون کلنديون.

وڏيرو- ٻڌوسين ته صوبيدار نئون اچڻو هو؟

مينهون خان - ڪڏهانڪر اچي ويو آهي. مان پاڻ سلام تي ويو هوس. کانپور(خانپور) واريءَ ڦر جي جانچ ۾ گست (گشت) تي چڙهيل هو، هاڻي موٽي آيو هوندو.

وڏيرو - (ٺاڪومل سان) ٺاڪومل، تون پرينءَ ٿاڻي تي وڃجانءِ، نئين صوبيدار صاحب کي مهماني ڏيئي اچجانءِ ۽ چئجانس ته اسين به جلد سندس سلام تي اينداسين، تبا(طبع) اڄڪالهه ڪجهه کراب (خراب) آهي، سو ماڦ(معاف) ڪري. پر ٺاڪومل، منهن چڱيءَ طرح ڏجانس، مڙس مڙيوئي کهرو پيو ٻڌجي. ڏني ڪمدار کي ساڻ ورتيو وڃج. انهن لچن جا نالا به ڏيو اچجو ته ڀل هاڻي ئي بدماڇيءَ(بدمعاشي) جي قلم هيٺ رينگدا وڃن.

ٺاڪومل - مهماني ڇا ڏيونس؟

وڏيرو- جيڪا رشم (رسم) پنهنجي آهي، سا پوري ڪج.

ٺاڪومل - هزار رپيو روڪ، پنج ڳوڻيون چانور، پنج ڳوڻيون ڪڻڪ، چار ڏٻا گيهه جا، هڪ سوئا مينهن، ٻه ڇيلا.... پر گهوڙي جو ڇا ڪجي؟ وهٽ ڪهڙو ڏيونس؟ هت ته ڪو چسَ جهڙو وهٽ بيٺل ڪو نه آهي.

مينهون خان - ڪو نه ڪو وهٽ ضرور ڏبس. پنهنجو ڇان (شان) آهي. ڪم ڪاريون به پيا پون. پنهنجو وڏيرو وهٽ نه ڏيندس ته صالح کانُ (خان) ڊوڙي وڃي پنهنجو مشڪي گهوڙو اڳيان جهليندس. صالح ته جهڳي ڦرائيندي بنهه دير ڪا نه ڪري، جيئن مڙيو ئي ڪامورن اڳيان اڳ اڳيرو هجي.

وڏيرو - ته پوءِ ديهه تان مڪڙي گهوڙي گهرائي ڪري ڏجوس.

’ڪچهري برخواست ٿئي ٿي. ٻئي ڏينهن ٺاڪومل، ڏني ڪمدار سان گڏ، مهمانيءَ جو سارو سامان کڻي وڃي صوبيدار وٽ پهچندو. ڏنو، شيطاني ڪري، گهڻن ئي حقي ناحقي ماڻهن جا نالا بدمعاشن جي لسٽ ۾ لکائي ڇڏيندو. جنهن به ماني نه کارائي هوندس يا آڏو جواب ڏنو هوندس، تنهن جو نالو لسٽ ۾ هوندو، جيئن سندس ڌاڪو ساريءَ پسگردائيءَ اندر قائم ٿي وڃي. ”مهماني“ ڳڙڪائڻ کانپوءِ، صوبيدار به مرڻ جيئڻ جي ڪا نه ڪندو. ڪوڙا شاهد ۽ ڪوڙا ڀاڳيا بيهاري، لسٽ ۾ ڏنل نالن وارن سمورن ماڻهن کي 110 قلم هيٺ گرفتار ڪري، ڪورٽ اڳيان رجوع ڪري ڇڏيندو. جيڪي رجوع ٿيندا، سي به پوءِ پيا کيس کارائيندا پياريندا، ڇو ته صوبيدار جي سفارش ۽ تعلقي مختيارڪار جي تصديق کان سواءِ ته ڪنهن جو ڪچو ضامن به ٿيڻو ڪو نه هوندو. پٽ کاءُ جي ان هنگامي اندر، اَڪ جا ڏاند ۽ چڀڙ جي رن بدستور غائب رهندا.‘

(4)

وڏيري کي گورنر صاحب جي مهمان ٿي اچڻ جي روبڪاري ڇا ملي، ڄڻ چريءَ کي چڙا پيا. سڀ کان پهرين وڃي حويليءَ ۾ خبر ڪيائين. پاڻ ته پڙهيل ڪو نه هو، سو ٺاڪومل کي سڏي، روبڪاري پڙهارايائين. وڏيءَ وڏيريءَ فقط هيتري ٽيڪاٽپڻي ڪئي: ”مئا وري ڦري لٽي هليا ويندا. هن سال ته ڇوڪرن جا طوهر به ڪو نه ٿي سگهندا!“ پوءِ وڃي دالان ۾ ديڳڙن تي ويٺي. ٺاڪومل وڏيري کي همت وٺرائي. چي، ”سائين، پئسو ايندو ويندو، دشمنن جو ته منهن ڪارو ٿيندو، گهٽ ۾ گهٽ وڏيري صالح جا ته ڪنائي اونڌا ٿي ويندا!“

ٺاڪومل جي ته الله ٻڌي هئي. سارو خرچ سندس هٿان نڪرڻو هو. چئين آني جي شيءِ آڻيندو ته ڪاڳر تي چار رپيا چاڙهي ڇڏيندو.

جيستائين ناتال اچي ۽ گورنر صاحب جي تشريف آوري ٿئي، وڏيرو اها تاريخي روبڪاري هر شخص کي ڏيکاريندو رهندو. ڪاغذ ڳرڻ لڳندو ته هيٺان ڪپڙو چاڙهائيندس. غرض ته جهنگ جهر ۾، شهر بحر ۾، ريل ۽ مسافر خاني ۾، لاٽ صاحب جي آمد جو ذڪر جاري رهندو، ۽ ثبوت ۾ روبڪاري صدريءَ جي اندرئين کيسي مان نڪري پيش ٿيندي رهندي.

(5)

ڪجهه ڏينهن رکي، وڏيرو وڃي لاڙڪاڻي رسندو. اڳئين ڏينهن تي، تيل - ميٽ سان، کليل غسل ٿيندو. ساريءَ اوطاق ۾ ممڻ متو پيو هوندو. نوڪر چاڪر ڊڪندا ڊوڙندا وتندا. ”چپ ڪريو! ميان توهان کي ته سڌ ئي ڪا نه ٿي پوي....سڀاڻي سوير ڪليٽر صاحب سان ملاقات اٿس، اڄ وار پيو آلا ڪري...ڀڄ، لوٽو اڳي ڪر، کونجي کڻ، گهڙا پاڻيءَ جا وڌاءِ“- مطلب ته آيو ويو ٿرٿلي ۾ هوندو. غسل بعد، وڏيرو ساڳئي آڳر ۾ اس تي ويهي وار سڪائيندو، ۽ آئي وئي سان ڪچهري به پيو ڪندو. گفتگو جي شروع خواهه پڄاڻي انهيءَ هڪ ئي نقطي تي پئي ٿيندي: ”ڇا ڪريون، هڦيسر(آفيسر) گهر ويهڻ ئي ڪو نه ٿا ڇڏين. ممبئيءَ(بمبئي) وارو لاٽ صاحب هيلهه به ِڇڪار(شڪار) تي اچي ٿو. سڀاڻي ڪليٽر صاحب سان ملاقات آهي. مڙئي انهيءَ ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳا پيا آهيون. ٻيو مڙيو ئي سک.“

ساڳئي ڏينهن لاءِ نئون وڳو به سبرائي رکيو ويو هوندو. ڏورئي جي صدري، ململ جو ڊگهو پيراهن، ويهه وال ململ جي پڳ، ويهه وال سٿڻ، نئين سنڌي سيم لڳل موچڪي جتي ُڪجهه عرصي بعد انگريزي نموني جي بوٽ جو رواج پيو، ڇو ته ”صاحب لوڪن“ سان ملاقات وقت سنڌي جتي ٻاهر لهرائي ويندي هئي، ۽ ملاقاتيءَ کي پيرين اگهاڙين پيش ٿيڻو پوندو هو. انگريزي بوٽ جي حالت ۾ پيرين اگهاڙين اچڻ جي پابندي ڪانه هوندي هئي.‘، ۽ هٿ ۾ ڊگهو ريشمي رومال.

ٻئي ڏينهن اهو ويس ڍڪي، ٽانگي تي چڙهي، وڃي وڏيرو پهچندو ڪليڪٽر جي بنگلي تي. ملاقاتين جي ترسڻ لاءِ ٻاهر وڻن هيٺان ڪرسيون رکيل هونديون. ڪليڪٽر صاحب بهادر جي سلسلي ۾ حوالدار ۽ پٽيوالن کي اها ئي اهميت حاصل هوندي، جا تپيدار جي حالت ۾ ڪوٽوار کي. جيڪڏهن وڏيري وٽان ججهي ”سلامي” ملندي هوندن، ته کيس پري کان ايندو ڏسي ئي اڳي وڌي وڃي کيڪاريندا به ۽ ڪرسي به آڇيندا، ورنه ٿيو ڀلو - وڏيرو ڀل ڦيريون کائيندو وتي، نه ڪرسي آڇيندس ۽ نه ملاقات ئي وقت سر ڪرائيندس. اهو اختيار حوالدار کي هوندو ته ملاقاتين جي نالي جون چٽڪيون ڪهڙيءَ طرح اڳي پوءِ ڪري صاحب اڳيان رکي ۽ ملاقاتين کي واري سان اندر سڏارائي . وڏيرن لاءِ اها وڏي ڳالهه هوندي هئي ته صاحب پهريائين ڪنهن کي ٿو سڏائي، جنهن کي اڳ ۾ سڏ ٿيو، سو هفتن تائين ويٺو ان ڳالهه جو ذڪر ڪندو. ان اعزاز حاصل ڪرڻ خاطر وڏيرا حوالدارن سان ڏاڍي ”لهه وچڙ“ رکندا هئا، کين خرچيون، ساليانا، اَن گاهه هر چيز پهچائيندا هئا. ڪن صاحبلوڪن وٽ حوالدارن ۽ پٽيوالن جي گهڻي هلندي هئي. خاص طرح انهن ”صاحبلوڪن“ وٽ، جيڪي نوان آيل ۽ مقامي حالتن کان بيخبر هوندا هئا، ۽ پٽيوالن ذريعي پهتل خبرن کي معتبر ۽ غير واسطيدار سمجهندا هئا. حقيقت ۾ حوالدار کان وڌيڪ پهچ صاحب بهادر جي بٽلر جي هوندي هئي، جنهن کي وڏيرا ”بٽڙيل صاب“ سڏيندا هئا. اهو بٽلر، صاحب جو خانگي نوڪر هوندو هو، جيڪو صاحب جي بنگلي تي خرچ جو بندوبست مختيارڪارن کان  رسائي وٺڻ سان ڪندو هو، ۽ (اوائلي زماني ۾) جيڪڏهن صاحب جوان ۽ غير شادي شده هوندو ته سندس وندر لاءِ ٻيا انتظام به رکندو هو. انهن خدمتن ڪري بٽلر گويا صاحب جا ”ڪنَ“ هوندو هو. اوڀاريون لهواريون، ساريون خبرون آڻي کيس ٻڌائيندو، ۽ جنهن وڏيري سندس منهن مٺو نه ڪيو هوندو، تنهن جي پاڙ پٽي ڇڏيندو، ڪنهن زماني ۾ عام چوڻي هوندي هئي ته ”محمد دين بٽڙيل جا پٽيل سلا ساوا ٿيڻا ئي نه آهن!“ ’محمد دين، هيءُ صاحب ڪليڪٽر لاڙڪاڻي جو ناميارو بٽلر هوندو هو.‘

غرض ته حوالدار، پٽيوالن ۽ بٽڙيل جي ڪاڪ مان ڪهي، آخر وڏيرو صاحب هلي پهچندو ڪليڪٽر صاحب جي حضور ۾.

حوالدار ساڻس گڏيو ويندو. صاحب جي گلم تائين پهچائڻ بعد، وڏيري جي جتي لهرائيندو، ۽ کيس پيرين اگهاڙو اڳتي روانو ڪري پاڻ ٻاهر نڪري ويندو. وڏيري کي ايندو ڏسي، صاحب ڪاغذن ۾ منهن وجهندو، جيئن ٻه - ٽي ساعتون وڏيرو ڀل اُڀ - پيرو ميز اڳيان بيٺو هجي. ان کانپوءِ ڪندو منهن مٿي.

وڏيرو (هٿ نراڙ تي رکي، ڏاڍي آواز سان) - صاب بهادر جو سلام ٿئي!

صاحب بهادر - سلام! وڍيرا، بئٺو.

’وڏيرو ڪرسيءَ تي ويهندو. پر جيڪڏهن ”ڪرسي نشين“ هوندو ته ويهندو، ٻيءَ حالت ۾ بيٺو رهندو. ان زماني ۾ ٻن قسمن جي ڪرسي نشينيءَ جا پروانا هوندا هئا: ”ڪمشنر جي ڪرسي“، ۽ ”ڪليڪٽر جي ڪرسي“. ڪرسيءَ جي انهن پروانن کي وڏو اعزاز سمجهيو ويندو هو، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيرا هزارين رپيا خرچيندا ۽ ڏاڍي خوشامد ڪندا هئا.‘

صاحب - وڍيرا، کبر(خبر) ڪرو؟

وڏيرو - کبر کئر. سائين سر بکت (بخت) ڪا کئر پيا گهرون. ڪمين ڪارين لڳا پڙا هون. صاب جي آل اولاد کي دعا پيا ڪرون.

صاحب - ڦسل (فصل) ڪيسا هئي؟

وڏيرو - کداوند(خداوند)، ڦسل هن سال ٺيڪ نهين ٿيا. ڪجهه ماڪڙ، ڪجهه ڪوئا نخسان (نقصان) ڪيا. ٿوري پاڻي ڪي ڀي ناڦٿ هئي. نور واهه جي کاٽي پوري ڪا نه هوئي.

صاحب - چور هئي تمهاري زمينداري ۾؟

وڏيرو - (ڏڪندي) نه صاب بهادر، اسان جي زمينداري ۾ چور نهين. اسان چور ڪي برخلاڦ (برخلاف) آهيون. صاب بهادر حد جي صوبيدار سي پڇا ڳاڇا ڪري.باقي صالح وڏا پاٿاريدار هئي چوري ڪرائيم چوري کائي  اُس ڪي پاس بهوت چور رهتا هي. شابڙاڻي، آرباڻي، هموداڻي، شر، تڙت، مطلب ته وڏا وڏا ڪاٽڪو رکيا بئٺا هي. رنڍي بازي ڪي ٽونڪر ڀي اٿس. سرڪاري واهه ڪا وڻ ڀي ڪٽرائي ڳيا. صاب بهادر مالڪ...

صاحب اڇا وڍيرا اَڀي سلام!

(وڏيرو اٿي کڙو ٿئي ٿو. جا ڳالهه صاحب سان حقيقت ۾ ڪرڻي هيس، يعني گورنر جي آمد متعلق، تنهن جي صاحب طرفان ڪا پچارئي ڪا نه ٿي ٿئي.)

وڏيرو- (هلندي دانهن ڪري ٿو، ۽ کيسي مان روبڪاري ڪڍي ٿو.)- صاب بهادر جا حڪم پهچا آهي ته جناب لاٽ صاحب بهادر ڇڪار لاءِ آتا هي.

صاحب - مڪٽيارڪار صاب سي باٽ ڪرو.

(وڏيرو ٻاهر نڪتو ته پٽيوالا اچي ڪڍ پيس. ٽانگي تائين پهچندي ويهه رپيا ”سلامي“ وٺي ڇڏيائونس. بٽلر جا ڏهه رپيا تنهن اپرانڌ.)

(6)

’ان کان پوءِ وڏيرو پهتو پنهنجي تعلقي جي مختيارڪار وٽ‘

مختيارڪار - وڏيرا، گورنر صاحب جي دعوت ڪري اسان لاءِ مصيبت ڪري ڇڏيئي. هاڻي منهن به تون ئي ڏيندين!

وڏيرو - سائين، ڌڻي مالڪ آهي، اسين سائين جي جتيءَ جو جوڙ آهيون، سڀو ڪجهه ڪري وجهنداسين.

مختيارڪار(نائڪ کي) - نائڪ، وڏي منشي صاحب کي ته سڏ ڪر. منشي خدابخش کي به ڏسجانءِ.

(ٻئي اچن ٿا.)

مختيارڪار - وڏا منشي، وڏيرو اچي ويو آهي! اسان لاءِ روز نئون خفو پيدا ڪريو ويٺو آهي. هاڻي ڏني اٿس دعوت گورنر کي! اسان حد جي آفيسرن ۾ ته اک ئي ڪا نه ٿي ٻڏيس! هاڻي ويهي رٿ ڪريو، ته ان آپدا کي ڪيئن منهن ڏيون. وڏيرو اڄ ِترڪي ويو ته وري هٿ ڪو نه ايندو! ڏينهن به ٿورا وڃي بچيا آهن. سامان سڙا هاڻي ئي هٿ ڪبا، تڏهن وڃي ڪا پورت پوندي. وڏيرو محمد صالح خان به ڪالهه آيو هو. ويچاري چيو پئي ته جيڪڏهن ڪو بار مٿس به رکبو ته هڪدم پورو ڪندو. هو ته سڄي بار کڻڻ لاءِ به تيار هو، پر اسان چيو ته پهريائين پنهنجي هن وڏيري کان پاڻ پڇون، پوءِ متان دل ۾ ڪري.

وڏيرو - سائين، الله الله ڪريو، وڏيري صالح جو ڪهڙو واسطو آهي اسان جي رسائيءَ سان! سائينءَ سان اسين هر ڳالهه ۾ حاضر بيٺا آهيون. سائينءَ جي موڪل هجي ته ٺاڪومل کي به اندر سڏي وٺون، ٻاهر بيٺو هوندو.

مختيارڪار - نائڪ، ٺاڪومل کي سڏ ڪري اچ.

(ٺاڪومل اچي پاسي ۾ بيهي ٿو.)

وڏيرو- ٺاڪومل، ٻڌجانءِ مختيارڪار صاب جي ڏاڍائي چوي ٿو، لاٽ صاب جي ِڇڪار لاءِ وڏيري صالح کان به مدارت وٺون!

ٺاڪومل - رام رام، ڪير ٿيندو آهي وڏيرو صالح! ڪاڏانهن جي جنب، ڪاڏانهن جي جهرڪي! ڌڻي اسان جي وڏيري کي سلامت رکي، بر ۾ بازاريون لائي ڇڏيندو. صاحب ڪو به اونو نه ڪري. پر زمانو اچي ويجهو پيو آهي، هاڻي سامان سڙي هٿ ڪرڻ لاءِ مڙيو ئي ڪجهه هٿ پير هڻڻ گهرجي.

منشي خدابخش - باقي ڏينهن وري ڪهڙا وڃي بچيا آهن؟

وڏو منشي - ڏينهن ڪاٿي آهن؟

ٺاڪومل - منهنجي رٿا آهي ته وڏيري سائينءَ جي وڏي مودي، سيٺ ٽهڪڻداس کي به سڏ ڪرائي وٺون. ان کي اصل جي سڌ آهي. وڏي وڏيري صاحب (وڏيري جي والد) جي ڏينهن کؤن ڪيترا گورنر ۽ ڪمڇنر(ڪمشنر) هٿن مان لنگهايا اٿس.

’ٽهڪڻداس شهر جو هڪ دڪاندار آهي، ۽ ٺاڪومل جو جهٽ. ٻيئي پاڻ ۾ ملي وڏيري کي ڦريندا آهن.‘

وڏو منشي - سچ ٿو چئين، ٽهڪڻداس کي ڏني - ورتي جي گهڻي خبر پوي ٿي. چوٿون ورهيه جڏهن مان هن تعلقي ۾ هوس ۽ گورنر صاحب جي منزل ٿي هئي ته اڳ - پوءِ ۾ سيٺ ٽهڪڻداس ئي هو.

وڏيرو- هاها، هو پنهنجو ماڻهو آهي. ٺاڪومل! تون پاڻ ڊوڙ پائي وٺي اچينس.

ُٽهڪڻداس ته اڳ ۾ ئي ڪو ان لونجهه تي ڪن لايو بيٺو هو. ٺاڪومل جي پهچڻ جي دير هئي.رستي ۾ رٿ ڪندا آيا ته ڪيئن وڏيري جا ڪنَ ڪپجن. ٽهڪڻداس اهو به ظاهر ڪيو ته وڏي منشيءَ ۽ منشي خدابخش جو به حصو رکڻو آهي.

مختيارڪار- سيٺ ٽهڪڻداس، ٻڌا اٿئي پنهنجي وڏيري جا ڪم؟ هاڻي بمبئيءَ کان شڪار لاءِ لاٽ صاحب کي گهرايو اٿس! سڄي تعلقي تي پوچي گهمي ويندي. اسان ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، هاڻي پائي پوري به پاڻ ڪندو.

ٽهڪڻداس - سائين ڪو کيال نه ڪري، وڏيري جا ڪلها اڳي ئي گٺل آهن. جيڏا اُٺ، اوڏا لوڏا. ڪو چريو ته نه آهي. کانداني (خانداني) ڳالهه آهي. گونر کي وڏيرو دعوت نه ڪندو ته ٻيو ڪير ڪندو. ڪنهن جي ماءُ ويائي آهي جو سندس جتيءَ ۾ پير وجهي سگهندو! سائين جن(يعني هاڻوڪو مختيارڪارّ) پر سال هت ڪو نه هئا. ساڳيو گونر آيو هو. پوءِ وڏيرو صاحب ڇا نه ڪري گذريو؟ وڏو منشي ويٺو آهي، پڇي ڏسوس. (ٽهڪڻداس کي نئينءَ ڦرلٽ جي شوق ۾ ان ڳالهه جو خيال ئي ڪو نه رهيو ته اڳئين سال اهو هيڊ منشي انهيءَ تعلقي ۾ هوئي ڪو نه!)

اڍائن ئي گهرن واه واه پئي ڪئي. ڄڻ چؤڏس چانڊاڻ لڳي ويئي هئي. پر هڪ ڳالهه هئي - پر سال سامان سهانگو هو. جا  شي پئي گهري سين، سا پئي ملي. هن سال ڪاراچيءَ مؤن ڪوٺيءَ تان پرڀومل وارن کي ڪاڳر آيو آهي ته مال جي گهڻي ناڦت ٿي ويئي آهي. اگهه به ڳاٽي ڀڳا آهن. پر وقت سر سانباهو ڪيو ته سائين سڻائي ڪري وجهندو. ڪنهن ڳالهه ۾ منجهي ته نه بيهڻو آهي. کانداني (خانداني) ڳالهه آهي!

ٺاڪومل - اگهن کي ته پڄي پئبو. ڳالهه آهي ته مال شال ملي پوي.

وڏو منشي – ”خير خواهه“ اخبار ۾ اهڙو ئي حال لکيل هو. ڪالهه ٽپال ماستر(پوسٽ ماسٽر) پئي ڳالهه ڪئي.

وڏيرو - ٺاڪومل، تون ۽ ٽهڪڻداس ٻئي ڪاراچيءَ وڃجو. ڊڪي ڊوڙي مڙيو ئي پورت ڪجو، جيئن ڳالهه گهٽ نه ٿي پوي.

وڏو منشي - خدابخش به وڃي. هزارين منزلون گذاريون اٿس. ڀائيبندن کي اگهن پارن جي خبر پوندي، پر آفيسرن لاءِ ڪهڙو سامان گهرجي، تنهن جو پتو ته منشي خدابخش ڏيندو.

منشي خدابخش -(دل ۾ خوشي، بغل ۾ ِاٽان) وڏا منشي! مون کي نه مار. ڪراچيءَ جو پاڻي منهنجيءَ  طبع تي ڪو نه پوندو آهي. اُت اٿڻ - ويهڻ جي به تڪليف رهي ٿي. مولو مسافر خاني جي ڪاڪوسن ۾ لنگهندي پيو ڊپ ٿئي. اسين آهيون جهنگ تي هريل..... هاڻي پڇاڙيءَ ۾ ڪير وڃي ڪراچيءَ جا ڌڪا کائي.

وڏيرو - ڇڏ ڪري، يارَ کدابهڪ کانَ! مولو مساڦر کاني جي موريزن مؤن اسان کي به ڀؤ ٿيندو آهي. سرڪاري نموني تي ٺهيل آهن. پر اسين سڄو ڏينهن ڪم حاج لاهي، رات جو بگي ڀاڙي ڪري، شهر کان ٻاهر نڪري وڃي جهنگ جو کيال لاهي ايندا آهيون. اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ مڙس ته همٿ!

ٺاڪومل - انهن ڳالهين ۾ ڪاراچيءَ جو ڪارو منهن آهي. اُتانهون جا قاعدا ئي اور آهن. جڏهن وڏيري وڏي سان پهريون دڦو(دفعو) ويو هوس، ته سائينءَ ڪري ڀرم رکيو، نه ته وڏي جنجل (جنجال) ۾ وڃي ڦاٿو هوس! وڏيري سائينءَ موڪليو ته وڃي مارڪيٽ مؤن ميوات وٺي اچ. ڪمڇنر(ڪمشنر) جي آڙي ڪاف کي ڏالي ڏيڻي هيس. مارڪيٽ جي ڪم ڪار لاهڻ کان پوءِ، هڪ(پيشاب) جو کيال ٿيو. ٽوڪرا رکيم بگيءَ تي، پاڻ پاسي ٿي، مارڪيٽ جي ٻاهران اڃا ڀت کي منهن ڏيئي ويٺو مس هوس، ته پويان پوليس واري اچي چوٽيءَ کان وٺي اُڀو ڪري بيهاريو. چيائين، ڏوهه ڪيو اٿئي، هل ڦوجداريءَ تي! گهڻئي دانهن - ڪوڪ ڪيم، پر ڪجهه ڪو نه ٻڌائين. گهلي ڪري اڳ ۾ ڪيائين. ڪو پو مڙس هو. مارڪيٽ کان ٿورو ٻاهر هلياسين ته، بگل ٿيليءَ(بغل ٿيليءَ) مؤن سرڪائي هٿڪڙي ۽ جنجير(زنجير) ٻاهر ڪڍيائين. هٿڪڙي ڏسي منهنجون ته وايون ئي بتال ٿي ويون!....

منشي خدابخش – ”هڪ“ جو ڇا ٿيو؟

ٺاڪومل - کدابهڪ کانَ، ير، ”هڪ“ جون ته مالڪياڻيون ئي مري ويون! اسان کي اچي لڳي ساهه جي. پوليس واري جي پيرن تي ڪري پيس. ٽوپي لاهي ڪري اڳيان رکيمانس. چيومانس، جيءَ دان ڏي، تون حاڪم آهين ٺاهوڪو. نيٺ، کيسي ۾ جيڪي به پئسا هئا، سي ڪڍي ڪري هٿ ڪيائين، ۽ تنهن کانپوءِ چيائين ته ڀڄي وڃ. موٽي مارڪيٽ وٽ آيس ته پويان بگيءَ وارو ميوات جا ٽوڪرا کڻي گم ٿي ويو هو! هٿين خالي، پئسا ڦرائي اچي وڏيري وٽ رسيس. پنجن - چئن سون جو نکسان(نقصان) ٿي ويو. پر وڏيري کي الله بکشي(بخشي)، کلي ڪري بس ڪيائين!

ٽهڪڻداس - ڪاراچيءَ ۾ اٿڻ - ويهڻ سڀ قاعدي جو آهي.

وڏو منشي - قاعدا سڀ هنڌ ساڳيا لڳا پيا آهن. ساري ڏيهه تي راڄ مڙيو ئي انگريز جو آهي. پر هت اسان جا مختيارڪار صاحب راجا مڙس آهن. ڪنهن کي چون ئي ڪو نه. ديوان رگهومل جون جن اکيون ڏٺيون هونديون، تن کان پڇي ڏسو. تپيدار جي ديري جي ڀت تي ڇيڻن ڇنڀڻ جي ڏوهه ۾ نوران لنگهياڻيءَ کي مهينو ٽيپ ڏيئي ڇڏي هئائين. خدا پيو پناهه ڏئي، آفيسرن جون به درياهه واريون ڀڪون آهن، شل نه ڪنهن تي آئڙن!

مختيارڪار صاحب -(رگهومل جو مثال ۽ پنهنجي اختيارين جي جاگرافي وڏي منشيءَ جي واتان ٻڌي، صفا بمجي وڃي ٿو.) هاڻي قصو پورو ڪريو. اسان کي ڪانفيڊنشل رپورٽ به لکڻي پئي آهي، ۽ ڪيس به هلائڻا آهن، وڪيلن کي ٽيم تي موٽڻو آهي.

’پوءِ سمورن گڏجي ويهي سامان جي لسٽ ۽ رسائيءَ جي ايسٽيميٽ ٺاهي. ايسٽيميٽ ڇا ٺاهيائون، ڄڻ ويهي وڏيري جي کل لاٿائون. جنهن به شي جو نالو ٿي ياد آين، سا درج ٿيندي ويئي. اگهن چاڙهڻ ويل ٽهڪڻداس پنج رپيا چوي ته ٺاڪومل، وڏيري جي اعتبار ڄمائڻ خاطر، ساڍا چار رپيا لکرائي - حالانڪ شي جي اصلي قيمت هوندي مورڳو پنج آنا. ٺاڪومل جي ڪفايت شعاري ۽ وفاداري ڏسي، وڏيرو پيو مرڪي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏانهنس اکيون ڀڃي. ساڳئي وقت هي فيصلو به ٿيو ته منشي خدابخش جي قيادت هيٺ، ٽهڪڻداس ۽ ٺاڪومل جو وفد هڪدم ڪراچيءَ وڃي ۽ وڃي مال جي خريداري ڪري، جيئن ڪراچي مارڪيٽ مان مال ختم نه ٿي وڃي.‘

ذرا لسٽ به ملاحظه فرمايو:

(1) ڪار داريءَ جي خرچ لاءِ تعلقي رسائي فنڊ ۾ اڳواٽ جمع ڪرايا ويندا- رپيا پنج هزار.(کوٽ - واڌ پوري ڪرڻ لاءِ ٽهڪڻداس کي فل اختياري ڏني ويئي.)

(2) منشي خدا بخش ۽ تعلقي عملي جي ڊڪ ڊوڙ جو ڀاڙو خرچ- رپيا پندرهن سؤ.

(3) ضلعي آفيس ۽ ڊپٽي صاحب جي عملي جو ساليانو - ٻه هزار.

(4) ڪراچيءَ جو خرچ، منشي خدابخش کي - رپيا ٽي سؤ.

(5) گاهه جون گاڏيون، ڏهه.

(6) جلائو ڪاٺين جون گاڏيون، ويهه.

(7) داڻي لاءِ اَن، 25 ڳوڻيون.

(8) صاحبلوڪن جي اُٺن لاءِ راتب - ڳڙ ڏهه مڻ، ۽ گيهه پنج دٻا.

(9) چانور سڳداسي، ڏيڍ خرار.

(10) چانور سٺڙيا، ٽي خرار.

(11) ڪڻڪ، ٻه خرار.

(12)ڳائي گيهه جا ويهه سيرا دٻا، ويهه (گيهه هٿ جو هجي، جيئن گلا نه ٿي پوي.)

(13) مستي مٺائي، ٻه مڻ.

(14) مصري، هڪ ڳوڻ.

(15) کنڊ، ڏهه ڳوڻيون.

(16) گاسليٽ جا ڏٻا ٽيهه.

(17) کير لاءِ پنج مينهون، ڏهه ڳئون، ويهه ٻڪريون.

(18) ڇيلا هر روز پنج پهچندا - ۽ منزل کان پنج ڏينهن اڳ پهچڻ شروع ٿيندا.

(19) ڪوسس ٻڪريون پندرهن.

(20) سواريءَ لاءِ ڏهه ٽانگا ِڀاڙي تي ٻڌا ويندا.

(21) بيل گاڏيون ويهه، ۽ اُٺ پنجاهه، بار برداريءَ لاءِ اڳواٽ موجود رکيا ويندا.

(22) ٻه سٺا گهوڙا، مختيارڪار صاحب ۽ وڏي منشيءَ جي سواريءَ لاءِ موجود رکيا ويندا، ۽ ٻه مهري اٺ به، جي پڻ ضرورت وقت ڪتب ايندا. (سردست خبر نه آهي ته دعوت تي ايندڙ صاحبلوڪ پاڻ اٺن جي سواري ڪندا يا گهوڙن جي؟)

(23) پندرهن کن هنڌ، پنجاهه  - سٺ کٽون.

(24) تنبو ڏهه، شاميانا ٽي، گلم ويهه، غاليچا ڏهه وڏا ۽ ڏهه ننڍا.

(25) لوڻ مرچ مسالن لاءِ 500 رپيا(زعفران جو وڏي مقدار ۾ هجڻ ضروري سمجهيو ويو، ڇو ته چاشنيءَ کان سواءِ ڪم هلي ڪو نه سگهڻو هو.)

(26) ميوات، مغزيات، بسڪوٽ، ڪيڪ، شربت، شراب، چينيءَ جو سامان، ڪانٽا - ڇريون، ٽوال، صابڻ، سينٽ، وغيره (ڪافي مقدار ۾، جيئن کوٽ نه ٿئي).

(27) نئين فرنيچر جا سيٽ، ”اٿڻ ويهڻ“ لاءِ ڪمونڊ، بتين جا گولا، لالٽينون.

(28) مهمانن لاءِ ڪارتوس، وغيره.

غرض ته سڀني ملي وڏيري جي خوب حجامت ڪئي.

(7)

’مختيارڪاريءَ مان اُٿي وڏيرو پوليس ٿاڻي تي پهتو.پوليس ٿاڻي جي احاطي اندر پڪين جاين جي سامهون هڪ پڪو چبوتڙو ٺهيل هو، جنهن ۾ صوبيدار صاحب جي ڪچهري لڳندي هئي.‘

صوبيدار صاحب پاڻ کٽ تي ويهندو هو. سامهون ڪرسيون رکيل هونديون هيون، جن تي جمعدار، دفعدار ۽ وڏيرا اچي ويهندا هئا. سوار پيرين ڀر بيهندا هئا، ڇو ته کين ڪرسيءَ تي ويهڻ جو حق ڪو نه هوندو هو. ڪاٽڪو، پيري، ۽ ٻيا عام ماڻهو وچ ۾ پيل تڏي تي اچي ويهندا هئا. صبح کان شام تائين ماڻهن جي اچ - وڃ لڳي پيئي هوندي هئي. پئسي ڏوڪڙ جي ڳالهه پيدا ٿيندي هئي ته  جمعدار واسطيدار ماڻهو کي پاسي تي وٺي وڃي ساڻس ”سٽل“ ڪندو هو. جيڪا به رقم  ملندي هئي، تنهن جو وڏو حصو صوبيدار جي سپرد ڪيو ويندو هو، باقيءَ مان هيٺئين عملي جي ”شيري ميري“ ٿيندي هئي. هر ٿاڻي تي ”بالائي آمدني“ جو بندوبست هجڻ لازمي هو، ڇو ته پگهار مان عملي جي ڪنهن به ماڻهوءَ جي پورت ڪا نه ٿي ٿي. ان اپرانڌ، انسپيڪٽر، ڊپٽي سپريڊنٽ ۽ ڪمانيءَ جي گهر - خرچ ۾ به هر مهيني حصو ڏيڻو پيو ٿي. آمدني جي لحاظ سان ڪي ٿاڻا ”ڀلا“ ليکيا ويندا هئا، ڪي ”ڍلا“ ۽ ڪي ”ٺلا“. ڪمانيءَ جو ”شيٽ ڪلارڪ“، ٿاڻن جي تقسيم جو بندوبست رقمون وٺي ڪندو هو. انگريز ڪمانيءَ جو ”شيٽ ڪلارڪن“ تي خاص طرح اعتبار هوندو هو، تنهن ڪري شيٽ ڪلارڪن جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ هونديون هيون. ٿاڻن تي بالائي آمدني پيدا ڪرڻ جا ڪيئي طريقا ايجاد ڪيل هئا. ڪو ڏوهه ٿئي، ته جانچ هلندي، سارو پاڙو پنبو ڏنڀجي ويندو هو. فريادين خواهه جوابدارن (سچن خواهه شڪين) کي رقمون پيش ڪرڻيون ٿي پيون. بندوقن جي ليسنن ۽ 110 جي جوابدارن لاءِ ضامنن جي درخواستن تي، سفارش ڪرڻ تي وڏا ”ٻانڌاڻ“ ٻڌل هوندا هئا. ان کانسواءِ هڪ ٻيو موتمار هٿيار به وٽن موجود هوندو هو. مثلاً، ٻڌائون ته علائقي اندر ڪو وڏو سيٺ، شاهوڪار يا زميندار آهي، جنهن جي آسانيءَ سان ”ڀرڻ“ جو امڪان ڪو نه آهي، ته پوءِ حد جا پوليس وارا پاڻ ان جي خلاف، ڪوڙين صحين سان، ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ۽ پوليس ڪمانيءَ ڏانهن درخواستون روانيون ڪرائيندا هئا، جيڪي جانچ لاءِ وري به موٽي اچي وٽن پهچنديون هيون. انهن درخواستن ۾ لکيل هوندو هو ته فلاڻي سيٺ يا زميندار جي ڪنواريءَ نياڻيءَ ٻار ڪيرايو آهي، جنهن کي ماري گم ڪيو ويو آهي. ڪهڙو ماڻهو گهرندو ته اهڙين درخواستن جي جانچ ٿئي، سندس نياڻيءَ جو ڊاڪٽري معائنو ڪرايو وڃي ۽ ”مئل ٻار“ جي لاش هٿ ڪرڻ لاءِ سندس گهر کي کوٽيو وڃي؟ بدناميءَ  جي ان طوفان کان بچڻ خاطر، ماڻهن کي هزارين رپيا پوليس کي ڏيئي پنهنجي عزت بچائڻي ٿي پيئي.

هاڻي ٿاڻي تي اسان جي ”هيري“، يعني وڏيري جي تشريف آوريءَ جو قصو ٻڌو.

ٿاڻي جي چبوتڙي هيٺان صوبيدار کانسواءِ ڪجهه جمعدار به ويٺا آهن. ٿاڻي تي اها خبر اڳواٽ ئي پهچي وڃي ٿي ته مختيارڪاريءَ ۾ لاٽ صاحب جي منزل جي سلسلي ۾ ”رسائي خرچ“ جا وڏا پروگرام پيا رٿجن، جن جو بنيادي نڪتو وڏيرو صاحب آهي.(پوليس وارن کي ان پروگرام ۾ شامل ڪو نه ڪيو ويو هو، تنهن ڪري ساري عملي کي باهه وٺي ويئي هئي.) پري کان وڏيري کي ايندو ڏسي، پوليس وارن جي پاڻ ۾ ”ڪانا ڦوسي“ شروع ٿي وڃي ٿي.

 جمعدار عيسو خان - صوبيدار صاحب! عرض آهي. وڏيرو دائم خان پيو اچي. پوليس کي بنهه منهن ڪو نه ٿو ڏئي. سڀڪجهه پيو رِونيو وارن کي سمجهي. اهڙي ڏاند کي ڏهڻ تمام ضروري آهي.

جمعدار مڱڻ خان - صوبيدار صاحب فقط حڪم ڏئي ته مڇون پٽي ڇڏيونس. ڀلي لاٽ صاحب به پيو ڏسيس.

سوار حسو خان - لت ئي هڪ هڻئونس ته ڍونگرو ڀڄي پويس. پوليس جون اکيون ڪو نه ڏٺيون اٿس. ڳوٺ ۾ وڃونس  ته نيرن به پوري ڪانه ٿو ڪرائي! سڌو پيو ڪليٽر ۽ حضور ضلع(حضور ضلع معنيٰ ڪماني) سان ملي ۽ منجهانئن ڪم ڪڍي. حد جي پوليس عملدارن ڏانهن ته نهاري به ڪونه ٿو. مٿو ڦري ويو اٿس!

اڌل پيري - سندس راڄ ۾ ڪيترا ٽولا (چورن جا) پيا رهن. جو پيرو کڻون، سو وڃي دائم خان جي ديهه ۾ گم ٿئي. سندس ڪمدار ڏنو ته پاڻ ”ٽوڙهو چيلهه سان ٻڌيو پيو گهمي“. صوبيدار صاحب ڇڙ و آڱر رکيس ته مهٽجي وڃي.

ٿاڻي جو وڏو منشي - سندس بابت هڪ لکپڙهه به آيل آهي. پٽهنس پڙهي ٿو ڪراچيءَ مدرسي ۾. موڪل تي جڏهن ڳوٺ آيل هو ته وٽس ڪا سوراجي اخبار ايندي رهندي هئي. ڪراچي سي. آءِ. ڊي. پڇيو آهي ته اهو ڪير ڇوڪرو آهي، جيڪو سوراجي اخبارون پيو گهرائي. وڏيري کي نپوڙڻ لاءِ اها لکپڙهه بس آهي. ٿورو کرڪو ڪريوس، پاڻيهي کير لاهي پوندو.

(ايتري ۾ وڏيرو به اچي پهچي ٿو. ساڻس گڏ ٺاڪومل به آهي.)

وڏيرو - سلا ماليڪمّ بادشاهي کئر!

صوبيدار - اچو، وڏيرا صاحب! اڄ ڪيئن ڀلي پيا آهيو؟

وڏيرو - هت آيا هئاسين جو لاٽ صاحب پيو اچي، ان جي رٿا ڪرڻي هئي. سو چيوسين ته جناب صوبيدار صاحب جو به سلام ڪندا وڃون.

صوبيدار - ان سان اسان جو واسطو ڪونه آهي. پر ميان، اوهين ڪهڙا پيا ڪم ڪريو؟ ڪهڙا پٽ ڄڻيا اٿو، جيڪي سرڪار سان بغاوتون پيا ڪن؟ سڄي خاندان جو خانو تباهه ٿي ويندو! آخر اوهان ماڻهن کي ٿيو ڇا آهي؟ اوهين سمجهو ٿا ته انگريز سرڪار بلڪل مري ويئي آ هي؟

سوار حسو خان - ڳوهه کي موت کڻي ته ڍيڍن جي گهرن ۾ ڪاهي پوي!

 جمعدار مڱڻ خان - پٽ کي ”گٽ مٽ“ پڙهائي صاحبلوڪ بڻائڻو اٿس. هت پيو رُڪ رايون ڪري.

ٿاڻي جو وڏو منشي - صوبيدار صاحب، پر ”ڪانفيڊنشل“ لکپڙهن جو ذڪر واسطيدار ماڻهن سان ڪيئن پيا ڪريو؟ اها ته تمام نازڪ ڳالهه آهي. ان باري ۾ تارن جا پيا ڦهڪا پون. هڪ ته اوهان اڃا ڪو جبرو قدم ڪونه کنيو آهي ۽ ٻيو پاڻ پنهنجي منهن سان پيا جوابدارن کي آگاهه ڪريو! سڀاڻي خدانخواسته جي وڏيري جو ڇوڪرو ”روپوش“ ٿي وڃي ته جوابداري ڪنهن تي ايندي؟ اوهين مالڪ آهيو، اسين ته فقط صلاح عرض ڪنداسين. اهي بغاوتي قلمن جا ڏوهه آهن، ڪو معمولي ”خون“ يا ”ڌاڙي“ جو ڏوهه ته نه آهي! هت ڪيترا قلم لڳڻا آهن - 153 - الف، 124- الف، 120 - ب،اهي ته ضروري لڳڻا آهن. خبر نه آهي ته راءِ صاحب ٽوپڻداس(سرڪاي وڪيل) اڃا ٻيا ڪهڙا قلم ڳولي ڪڍندو.

جمعدار مڱڻ خان - اسان جي ته بابي به اهي قهري قلم ڪين ٻڌا هئا. اُڀ ڦاٽل ٿو ڏسجي! سزا گهڻي آهي؟

وڏو منشي - ڦاسي! سرڪار سان بغاوت ڪرڻ ڪو چرچو آهي!

اُڌل پيري - ها سائين، انگريز ڦيل مست آهي. توبهه، منهنجا ڌڻي، توبهه!

(اهي ڏهڪار ٻڌي، وڏيري جون ته وايون بتال ٿي ويون. نراڙ کان پيرن تائين پيو پگهر ٽميس. ڏڪي ڏڪي، وڏيءَ ڪوشش کان پوءِ، سندس ٻوٿ مان ٻه - چار اکر ٻاهر نڪتا.)

وڏيرو - پر حضور پرور، اسين ته سائين جن جي جتيءَ جا جوڙ آهيون. ابي ڏاڏي کان نوڪري ڏيندا آيا آهيون. حال ته ڪريو، اسان کؤن ڪهڙو ڏوهه ٿيو آهي؟

صوبيدار صاحب - اسين وڌيڪ ڪجهه به چوڻ لاءِ تيار نه آهيون. وڏي منشيءَ سچ چيو  آهي ته هي ڪانفيڊنشل معاملا آهن: ڇا ٿئي پيو، ڇا ٿيڻو آهي، سو ڪنهن کي به ٻڌائڻو نه آهي. اسان کي پاڻ کي ته ڦاهي تي چاڙهائڻو ڪو نه آهي. اوهان ماڻهن کي ته اڳ پوءِ جي سڌ ئي ڪا نه پئي پوي. اسان آفيسرن جون به ڪجهه ”رسپانسيبلٽيون“ آهن. ”ڪانفيڊنشل ڪارسپانڊنس“ جا به جدا جدا ”نيچر“ ٿين ٿا - ڪي ”ڊسڪلوز“ ڪرڻ جهڙا، ڪي”ٽاپ سيڪريٽ“. هي ڪو “ڊيمي آفيشل” معاملو ته ڪو نه آهي. اسان اها به ”مِسٽيڪ“ ڪئي جو ايترو ”اوپن“ ٿي پياسين. خير، ”ڊزنٽ مئٽر“! ”آل رائٽ“، هاڻي توهين وڃو. ”لاوِل ٽيڪ ِاٽس ڪورس“!

(صوبيدار صاحب جا استعمال ڪيل اهي انگريزي اکر وڏيري جو رهيل کهيل هوش به ختم ڪري ٿا ڇڏين. نيٺ، هٿي مٿي ڪري، ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍنس ٿا. ٺاڪومل جي هت به ڌڻيءَ ٻڌي. وڏيرو ۽ ٺاڪومل پاڻ ۾ سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ ٿاڻي کان پري وڃي بيهن ٿا.)

ٺاڪومل - وڏيرا، مان چوندو هوسانءِ ته نينگر کي ڪاراچيءَ نه موڪل. اها ڪا اوڏنهن جي باهه ٻريل ٿي ڏسجي. ڪهڙو ڪم کاندانن جو انگريزي پڙهڻ. تو پاڻ گهڻي انگريزي پڙهي هئي؟ وڏيرو وڏو (يعني هن وڏيري جو والد) نباب هو. جڳ پيو وٽس ڍرندو هو. مورڳو واڻڪي سنڌي به ڪا نه ايندي هيس، پوءِ به ڪم ڪيئن پئي هليو!

وڏيرو - پر نينگر ڇا ڪيو هوندو؟

ٺاڪومل - تڏهن باقي سرڪار انڌي ٿي ويئي آهي جو اجايون پئي تهمتان مڙهي؟ سائين، انهن ننڍن نينگرن کي جماني (زماني) جي ڪا به ٻيٽ ڪا نه ٿي پوي. سندس وات مان پيو اڃا کير ٽمي. اهو ساڳيو نينگر تنهن ڏينهن مون سان لاڙڪاڻي هليو هو. ٽيشن تي، نه ڪيئين هم نه تم، ٽيشن ماستر سان انگريزي ”گٽ مٽ“ ۾ جنبي ويو. بابو صاحب کان جند ڇڏائي نينگر کي گهڻو سمجهايم ته ”سائين، تنهنجو ڪهڙو ڪم جو سرڪاري ماڻهن سان پيو ِگٽ ِمٽ ڪرين؟ زبان آلو لڪڻ آهي، اکر گهٽ، اکر وڌ، پوءِ ڪا هيٺ مٿانهين ٿي پوي ته اُن کي ڪير منهن ڏيندو؟“ پر نينگر ڪو نه سمجهيو - ٻه اکر سنڌي ته چار انگريزي پيو ڳالهائي!

وڏيرو- پر صوبيدار صاحب جي ڳالهائڻ مان تو ڇا سمجهيو؟ ڳالهه ڇا آهي؟

ٺاڪومل - مان سياڻپ ڪري ڪجهه ڏوهه لکي ورتا آهن.(واڻڪي سنڌيءَ ۾ )قلم 124 - الڦ، 153 - الڦ، 120 - ب - ايهي ته ٻڌايا وڏي منشيءَ. صوبيدار صاحب ڪجهه وڌيڪ کليو، ۽ سمورا ڏوهه ٻڌائي ويٺو:ڪانڦيڊنڇنل(ڪانفيڊنشل)، رسپاٽليون (رسپانسيبلٽيون)،ڍيڪلوج (ڊسڪلوز)، ٺاڦ(ٽاپ سيڪريٽ)، ڍمي ڇل (ڊيمي آفيشل)، ِمٽڪ (مسٽيڪ) ۽ ٻيا ڪي ڏوهه تڪڙ ۾ چئي ويو، جي لکي نه سگهيس.

وڏيرو - انهن جي کبر ڪيئن پوي؟

ٺاڪومل - وڪيل کئون پڇئون . اڳواٽ ڪو وڏو وڪيل به ٻڌي ڇڏيون. سندس صلاح سان ڳالهه کي منهن ڏيون. تو - اسان کي ڪهڙي سڌ قاعدي جي؟

وڏيرو - وڪيل ڪهڙو ڪجي؟

ٺاڪومل - پهريائين پاڻ واري ديوان نيڀراج کي ڏسؤن، پوءِ جي ضرورت پئي ته شڪارپور مان مرليڌر به چاڙهي اينداسين. نيڀراج کي اڳو پوءِ ڦي ڏيئي ٻڌي اچون. ان ۾ سستائي پوندي.

(آخر وڏيري کان منظوري وٺي، ٺاڪومل، وڏيري جي نالي ٽهڪڻداس جي ڪوٺيءَ تان رقم کڻي، لاڙڪاڻي روانو ٿي وڃي ٿو. ڪجهه رقم وڪيل کي ڦي ڏئي ٿو، ڪجهه پاڻ هضم ڪري ٿو. وڪيل اها صلاح ڏئيس ٿو ته صوبيدار کي رقم ڏيئي ان کان حقيقت ورتي وڃي. ان کان بعد ئي قاعدي جا ڪتاب کولي سگهبا.)

(8)

ٻئي طرف، وڏيرو منهن مٿو پٽيندو اچي ٿو گهر پهچي، وڏي وڏيري سندس پريشان حال ڏسي وائڙي ٿي وڃي ٿي.)

وڏيري - وڏيرا، ڳالهه ته ڪر، سک ته آهي؟

وڏيرو - سک وري ڪهڙو؟ تو وارو پٽ هاڻي کان ئي منهنجي ڏاڙهي پٽائڻ جي ڪڍ پيو آهي!

وڏيري - نيٺ ٿيو ڇا آهي؟

 وڏيرو - پئي مان کي انگريزيءَ جي کبر (خبر) ته ٻڌايانءِ! چون ٿا، ڪاراچيءَ بگاوت (بغاوت) ڪئي اٿس!

وڏيري - هان؟ گباوت؟ اها ڪهڙي ندوري بلا آهي؟ نه ابي ٻڌي، نه ڏاڏي!

وڏيرو - اڙي، تنهنجي نه ابي ٻڌي نه ڏاڏي، پر منهنجي ابي ڏاڏي کي ته بگاوت کانسواءِ ٻيو ڪم ئي ڪو نه هو - ائين نه؟

وڏيري - مان ٿورو ٿي ائين چوان. مان ته ائين ڳالهه ٿي ڪريان.

وڏيرو - ويچاري ٺاڪومل سچ پئي چيو ته ڇوڪري کي ڪاراچيءَ نه موڪل. ڪهڙو ڪم اسان جو انگريزي پڙهڻ؟ اسان کي ڪا نوڪري ته ڪرڻي ڪا نه آهي. پر تون ڪو نه مڙينءَ . تو ٻڌو ته ايمڻا حجامڻ جو پٽ ويو آهي ڪاراچيءَ پڙهڻ، سو توکي به اچي آنڌ مانڌ لڳي. هاڻي پائي پوري ڪر!

وڏيري - مان ٿورو چيو هوس ته وڃي اهڙا کونام ڪري؟

وڏيرو - هاڻي ڇا ڪريون؟

وڏيري - ڇوڪرو ڪاٿي آهي؟ نپٽن آئٽن اڃا پڪڙيو ته ڪو نه اٿس؟

وڏيرو - ڪهڙي کبر! پر اڃا ته لکپڙهه صوبيدار صاب وٽ پيئي آهي.

وڏيري - انهيءَ مٺي کي ڪري لبيوس. واسري هڻونس! ٻچن کان مٿي ٽڪا ڪهڙي ڪم ايندا؟

(وڏيري ۽ وڏيريءَ جي گفتگو جي دوران ڪجهه اهم فيصلا ٿين ٿا:-

(1) ٺاڪومل جي موٽي اچڻ تي، صوبيدار کي رقم ڏيئي لکپڙهه نيڪال ڪرائجي.

(2) ڇوڪرو موڪل واري زماني ۾ جيڪو انگريزي ٽوپلو گهر ۾ ڇڏي ويو آهي، تنهن کي رات وڳڙي ۾ لڪائي گهر مان ٻاهر ڪڍي، زمين ۾پورائي ڇڏجي، جيئن گهر اندر ڪا به خطرناڪ ثابتي ڪا نه رهي.

(3) قلندر لعل شهباز، شاهه گودڙئي ۽ شهدادڪوٽ جي بزرگن جي درگاهن تي دعا گهرڻ لاءِ قرآن جا حافظ روانا ڪجن، جيڪي اُت ختمو به ڪڍن ۽ دعا به گهرن.

(4) اها ڳالهه مخفي رکي وڃي، جيئن خاندان جي ويريءَ وڏيري صالح کي خبر پئجي نه وڃي.

قصو ڪوتاهه - ان پروگرام تي عمل ٿئي ٿو. ٺاڪومل جي حوالي ٻي رقم به ڪئي وڃي ٿي، جيڪا هو صوبيدار صاحب کي پهچائي، لکپڙهه جو نيڪال ڪرائي ٿو. هوڏانهن ڇوڪري ڏي تار موڪلي، کيس گهرائي، گهر ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. سندس تعليم ختم! ان وچ ۾ جيستائين لکپڙهه نيڪال ٿئي، اوستائين وڏيري سمهاڻيءَ جي نماز کان پوءِ هميشه هيٺين مداح پڙهندي ۽ پٽ جي ڇوٽڪاري لاءِ دل ڦاڙي دعائون گهرندي رهي:

”اَگسني (اغثني) يا سيدا

رَس تون اچي مون راهه ۾!“

(9)

’ڊسمبر جو مهينو اچي ٿو. ناتال جا ڏينهن آهن. گورنر صاحب صبح جو اچي رهيو آهي. پويون مهينو سارو هلچل ۾ گذري وڃي ٿو.‘

جنهن ڍنڍ ۾ شڪار ٿيڻو هو، ان تائين وڪٽوريا گاڏين لاءِ رستا ٺهي ويا. رستن تي پلال پيا ۽ ڇڻڪار ٿيا. ڪنهن کي به انهن رستن تي پير ڏيڻ جي اجازت ڪا نه! ڍنڍ جي ڪناري تي شاميانا ۽ تنبو هنيا ويا. شاميانن ۽ تنبن ۾ قيمتي قالين وڇايا ويا ۽ نئون فرنيچر وڌو ويو. منزل واري ميدان کان ٿوري فاصلي تي ڪچيون لانڍيون اَڏايون ويون، جن مان ڪن ۾ روينيو عملو لٿو، ڪن ۾ وڏيرو پاڻ ۽ سندس ڪم ڪار ڪرڻ وارا ماڻهو، ڪن ۾ سامان جا اسٽور (چارج خدابخش خان تپيدار ۽ سندس جهٽ ٺاڪومل جي حوالي)، ۽ ڪن ۾ بورچيخانا لڳا.

پوليس جو عملو ٻين لانڍين ۾ لاٿو ويو، جي اڃا به هٽائي ٺاهيون ويون هيون. انهن جي پٺ منزل واري ميدان ڏانهن ، ۽ اَڳر جهنگ طرف. جهنگ آهي ننگ - نه ڪتو ڏسي، نه ڀونڪي. مختيارڪار جي ڪئمپ تنبن ۾. ان کان پري، ڊپٽي ڪليڪٽر جا تنبو، جن جي چوڌاري پترن جو پلويڙو ڏنل هو. ڊپٽي صاحب تازو بي. اي. پاس ڪري سڌيءَ طرح ان عهدي تي مقرر ٿي آيو هو. مسلمان هو، ۽ سو به وڏي گهر جو. عام ماڻهن سان لهه وچڙ ڪندي سندس رعب ۽ دٻدٻي کي نقصان پهچڻ جو خطرو هوندو هو، تنهن ڪري لوڪ لهوارو ۽ هي عاشق اوڀارو!

ساري رستي ۽ منزل جي چوطرف واري ميدان تي رنگا رنگ جهنڊيون ٽنگيون ويون هيون. ميدان ۾ داخل ٿيڻ واري هنڌ خوبصورت دروازو ٺهرايل هو، جنهن تي رنگين ڪاغذن کي ڪتري، ”مرحبا“ ۽ ”خوش آمديد“ جا قطعا ٺاهي لڳايا ويا هئا. (ان زماني ۾ اڃان ”زنده باد“ جي بيماري ڪا نه شروع ٿي هئي.)

کاڌي پچائڻ ۽ ”سروَ“(1) ڪرڻ لاءِ باورچين، بيرن ۽ بٽلرن جو ڊنبلو ڪراچيءَ کان گهرايل هو. کاڌو ديسي ۽ ولايتي، ٻنهي طرحن جو تيار ٿيڻو هو. کاڌي جو تفصيل ڏيڻ اجايو آهي. جو به قسم ڌيان ۾ اچي سگهيو ٿي، سو تيار ٿيڻو هو. خاص طرح، چاشني، ڪڪڙ ۽ ڇيلو پڪل، پلاءُ، ِڦڪو ٻوڙ، تريل تتر، مٺا ڪوفتا، قسما قسم ٻوڙ ۽ ڀاڄيون، حلوا، پڊنگيون، وغيره وغيره. ولايتي کاڌي جي قسمن جي خبر خدا کي.

جن ننڍين ٻيڙين ۾ سوار ٿي صاحبلوڪن کي ڍنڍ اندر داخل ٿيڻو هو، تن ۾ غاليچا ۽ گول وهاڻا رکيل هئا. ان سان گڏ سڪي ميوي سان پر پليٽون، ۽ تازي ميوي جا ٽوڪرا، جئن کڏڻي تائين پهچندي پهچندي به ڀل وات چوريندا رهن.

ڍنڍ اندر کڏ ۾ به ساڳيءَ طرح قالين، ڪرسيون، سڪو ۽ آلو ميوو، پاڻيءَ جا دٻا، ۽ ڪارتوسن جون پيتيون موجود. کڏ جي ٻاهران، جهنگ ۾، اڳينءَ رات جون ڄارن ۾ ڦاسائي جمع ڪيل بدڪون ڇپائي رکيل هونديون. ڪن ٿورن صاحبلوڪن جي بندوق پوريءَ طرح لڳندي هئي. باقي ”آلو نور، مٿي جو سور“ هوندا هئا. تنهنڪري صاحب جي بندوق ڇٽي، پکي مري يا نه مري، ”ڪاڍا“ هڪ نه هڪ پکي ڪهي آڻي سندس اڳيان رکندا هئا. ڪنهن به ”مهمان“ صاحب کي خالي هٿن موٽڻ ڪو نه ڏنو ويندو هو. نه فقط ايترو، پر جيڪڏهن ڪو صاحبلوڪ پنهنجيءَ بندوق سان پنجاهه بدڪون ڪيرائيندو، ته انهن سان پنجاهه ٻيون به شامل ڪيون وينديون، جيئن صاحب کي ”سؤ – مار“ هجڻ جو فخر حاصل ٿئي. اهڙن موقعن تي پنجن - اٺن سون پکين جو قتلام ٿيڻ معمولي ڳالهه هوندي هئي.

(10)

هاڻي، مقرر ڏينهن تي صاحبن بهادرن جي تشريف آوريءَ جو احوال ٻڌو. لاڙڪاڻي کان شڪار جي جاءِ تائين، پنجويهن - ٽيهن ميلن جي فاصلي اندر، رستي تي ٻنهي پاسن ڏانهن اڳئين ڏينهن کان وٺي پوليس جو پهرو بيهاريل هوندو. انهن رستن تان ٻي ساري آمد رفت بند. انهن ڏينهن ۾ موٽرون اڃا چالو ڪين ٿيون هيون. تنهنڪري صاحبلوڪ وڪٽوريا گاڏين تي سواري ڪندا هئا.

هينئر گورنر صاحب جي پارٽيءَ جي سواري منزل جي قريب اچي رهي آهي. وڏيرو صاحب پنهنجي ساري ڪٽنب سميت صف ٻڌيو بيٺو آهي. ڪٽنب جي معنيٰ ته ڀائر، پٽ، پوٽا، سؤٽ ۽ ماسات. صاحبلوڪن سان هٿ ملائڻو آهي. سڀني کي مري به منهن ڏيڻو آهي. پوئتي پوڻو ڪو نه آهي. مٿي تي اڇي پڳ، جسم تي ڏورئي جو پهراڻ، اُن جي اندران صدري، هيٺ پڻئي جي ويهه والي سٿڻ، ڪاري الپاڪي جو ڪوٽ، ۽ پير ۾ سليپر، اڳٺ ريشمي آهي، جنهن ۾ ڏند کوٽڻي، ڪن کوٽڻي ۽ ڪجهه ڪنجيون ٻڌل آهن، ۽ انهن جو ڇڳو پهراڻ جي هيٺان پيو لڙڪي.

گورنر گاڏيءَ مان لهي اچي وڏيري سان هٿ ملائي ٿو. وڏيري لاءِ مرڻ جي مهل آهي. پهرين نراڙ تي هٿ رکي سلام ڪري ٿو، پوءِ جهڪي سلام ڪري ٿو، ۽ آخر ۾ اوڪڙو ٿي هٿ ملائي ٿو. ڪليڪٽر صاحب گورنر کي وڏيرڪي ڪٽنب جي ٻين ڀاتين سان هٿ ملارائي ٿو. ان کانپوءِ وڏيرو گورنر صاحب جي پارٽيءَ کي وٺي شامياني هيٺ وڃي ٿو. ان وچ ۾ ڪارتوس، بندوقون ۽ ٻيو سامان کڄي وڃي ٻيڙين ۾ پوي ٿو. مهمان ورهائجي ٻيڙين ۾ پورا ٿين ٿا. هر ٻيڙي مقرر کڏ تي وڃي مهمانن کي پڄائي ٿي. پهريون فائر گورنر صاحب جي کڏ تان ٿئي ٿو، ۽ ان کانپوءِ تاڙا پکين کي تڙڻ شروع ڪن ٿا. ساريءَ ڍنڍ ۾ ٺڪا ٺڪي لڳي وڃي ٿي، ڄڻ ڀڳڙا پيا ڀڄن. تاڙا، انگ انگهاڙا، برف جهڙي ٿڌي پاڻيءَ ۾ هلي پيا پکي اُڏاريندا. وڏيرو پاڻ، ٻيڙيءَ ۾ سوار، ساريءَ ڍنڍ ۾ پيو چڪر ڪاٽيندو ۽ تاڙن تي پيو چوڪسي ڪندو. تاڙن تي سخت گارگند به پيو هلندو. صاحب هڪ پکي ڪيرائيندو، ته پکين کڻڻ وارا ٻه پکي آڻي سندس ٿيلهي ۾ وجهندا ته جيئن صاحبلوڪن جي شڪار جو انگ وڌندو وڃي.

ٻپهريءَ ۽ ٽپهريءَ جي وچ تائين پئي سٽاڪٽي هلندي. شڪار پوري ٿيڻ تي سڀ مهمان واپس شامياني ۾ ايندا. فوٽو گرافر موجود هوندو، جيڪو سڄيءَ پارٽيءَ جو فوٽو ڪڍندو. وڏيرو پاڻ به ان فوٽوءَ ۾ جلوه افروز هوندو. بعد ۾ ايندو کاڌو. صاحبلوڪ پاڻ کائين نه کائين، پر سندن اڳيان ”ست رڇيون“ آڻي موجود ڪندا.

طعام بعد، ملا ميهر اچي پنهنجي ”رباعي“ پڙهندو. گورنر صاحب جو سنڌي سمجهڻ ته هوندو محال، مگر هو بادشاهه سلامت جو نائب هو، ۽ بادشاهن جي ڪچهريءَ ۾ قصيدن جو پڙهجڻ هڪ پراڻو دستور هو.

ملا ميهر ڦتو جو يا ”مولوي“ ميهر، هڪ خاص ڪئريڪٽر هو. شعر شاعريءَ جي قانونن کان قطعاً آزاد. نه وزن جي پرواهه، نه قافيي جي پابندي. تڪون ٻڌي ڪلام تيار ڪندو هو، ۽ ڪلام جي فني ڪوتاهين کي وري پنهنجي سريلي آواز وسيلي پورو ڪري ڇڏيندو هو. سندس قصيدو هڪ سؤ شعر جو هجي يا هڪ هزار شعر جو، مگر مٿس نالو ضرور رباعي رکندو، ۽ هر رباعيءَ جي ابتدا هميشه هنن لفظن سان ئي ٿيندي:”بحمدِ خدائي چوان هيءَ رباعي –“ سنڌ اندر ڪٿي به ميلو لڳي، يا شادي ٿئي، يا ڪنهن صاحبلوڪ جي مهماني هجي، ملا ميهر بمع پنهنجيءَ ”رباعي“ جي ضرور وڃي پهچندو. ڊگهو قد، ڇڙڪ بت، ٻچي ۽ مينديءَ لڳل ڏاڙهي، گوڏن تائين مخملي ڪارو يا نيرو ڪوٽ، هٿ ۾ لڪڙ - محل نه محل، ٺڪ اچي ڪندو، “سلان واليڪم” مون جڏهن ڏٺو، تڏهن ڪروڙوڍ هو. وڏيرا ۽ صاحبلوڪ سندس قصيدا ۽ قصيدن ۾ پنهنجا نالا ۽ تعريفون ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيندا هئا، ۽ کيس جهجها انعام ڏيندا هئا. هڪ ڪمشنر ته کيس سرٽيفڪيٽ ڏنو هو، ته ”’مولوي ميهر‘ دنيا جي عظيم شاعرن مان هڪ آهي!“ مون وٽس سرٽيفڪيٽن، آفرين نامن ۽ لونگين جي سندن جو هڪ وڏو بنڊل ڏٺو، جيڪو هو هميشه پاڻ سان گڏ کڻيو وتندو هو. پڇاڙيءَ ۾ ڪو ظالم شاهينگ، سيوهڻ واري ميلي جي موقعي تي، سندس اهو سارو سرمايو چورائي ويو! مولوي صاحب ڪيترن ڏينهن تائين اخبارن ۾ اشتهار ۽ انعامن جون آڇون شايع ڪرائيندو وتيو، مگر سرٽيفڪيٽ نه ورڻا هئا سي نه وريا. پڇاڙيءَ ۾، شايد انهيءَ ئي صدمي وگهي مرحوم هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. خدا جون رحمتون هجنس، عجب انسان هو، پنهنجو مثال پاڻ هو!

”رباعي“ ختم ٿيڻ کان پوءِ، ڪتاب يا رجسٽر پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ گورنر صاحب يا سندس ”آڙي ڪاپ“ (اي. ڊي. سي) ان ڏينهن جي ڪيل شڪار جو تفصيل نوٽ فرمائيندو، ۽ ٻه - چار اکر وڏيري جي حسن انتظامي بنسبت به لکي ڇڏيندو.

پوءِ محفل برخواست - ساڳئي صبح واري شان شوڪت سان صاحب بهادر خير جو چڙهي ٿيندو روانو. پويان منزل تي جيڪو به سامان بچيل هوندو. سو مختيارڪار ۽ صوبيدار پاڻ ۾ وراهي  کڻائي وڃي گهر داخل ڪندا. وڏيري کي ڦٻي فقط شاباس!

’اهو هو ماحول، جنهن ۾ سنڌ جي وڏن خاندانن جي ان زماني اندر ٿيندي هئي پرورش.

--------


(1) Ser

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org